آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سڀاش چندر بوس

قمر ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ سڀاش چندر بوس جي جيوڻي/سوانح حيات لکي ھڪ وڏو ڪم ڪيو آھي. بنگال ڄائو سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر رھيو ۽ آزادي ھند تحريڪ جو اھم اڳواڻ، ھيو. سڀاش چندر بوس ھندستان جي آزاديءَ لاءِ نہ رڳو جلاوطني کي منھن ڏنو پر ھن گوريلا جنگ ۾ پڻ حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيائين. ان سلسلي ۾ ھن پير پاڳاري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انگريزن خلاف ويڙھہ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ھن جرمني ۽ جپان ۾ رھي جنگي حڪمت عملي سکي ۽ تحريڪ کي چوٽ چاڙھيو. پاڻ انڊين نيشنل ڪانگريس جي مختلف عھدن تي رهيو ۽ ڪلڪتي جو ميئر بہ ٿيو.

  • 4.5/5.0
  • 98
  • 19
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قمر ڀٽي
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Subhash Chandar Boss

4

26 جنوري آزاديءَ جو ڏينھن آيو تہ سڀاش پنھنجي ساٿين سان گڏ اهو جيل اندر ملھايو. ان ڏينھن هنن جيل اندر وارڊ مٿان ترنگو قومي جهنڊو کوڙِي ڇڏيو. جهنڊو ڪيئن آيو؟ ڪٿان آندو ويو؟ ۽ ڪنھن آندو؟ جيل انتظاميہ وارا مونجهاري ۾ پئجي ويا. ڏاڍي جاچ جوچ هلي پرکڙڪ بہ نہ پئي، جهنڊو ڦڙڪندو رهيو. تنھن کان پوءِ جيل اندر هڪ ٻيو واقعو ٿيو، مڇوا بازار بم ڪيس جي جوابدار بنا سبب ٻڌائڻ جي سپرنٽيڊنٽ جيل پنھنجي ملازمن عملدارن ۽ پٺاڻ قيدين (مقدمن) کي وٺي اچي مارڪٽ ڪئي. سڀاش ۽ سندس ساٿين اعتراض واريو، جنھن تي هنن درنده صفت ڪامورن سياسي قيدين کي بہ نہ بخشيو، انھن تي بہ تشدد ڪيو. ايتري قدر جو سڀاش ٽي ڪلاڪ بيھوش ٿي ڪري پيو ۽ کيس بخار چڙهي ويو. پوءِ ان زيادتي جي باري ۾ بنگال ڪائونسل ۾ سوال پڇيا ويا ۽ تحقيقات ڪميٽي جي گهر ڪئي وئي پر حڪومت جاچ ڪرڻ کان انڪار ڪيو نٽائي ۽ لنوائي وئي.
دراصل جيلن ۾ قيدين سان آفيسرن طرفان ناروا هلت ۽ بدسلوڪي جي باري ۾ جيڪڏهن ڪنھن بہ سياسي قيدي تي ٿيل ظلم بابت جيل انتظاميہ وٽ اخلاقن جائز احتجاج ڪري، ان قيدي جي پٺ ڀرائي ڪئي تہ جيل وارن ان کي پنھنجي معاملي ۾ مداخلت سمجهي، ان مسئلي کي پنھنجي عزت ۽ انا جو مسئلو بڻائيندا، ويتر ڪاوڙجي ويندا آهن.
ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن اهڙين ڳالھين تي قيدين ۽ جيل انتطاميه جي پاڻ ۾ چپڪلش بہ ٿي پوندي آهي ۽ هڪ ٻئي تي اُڀا ٿي ويندا آهن.
بھرحال سياسي قيدي جيلن ۾ اچڻ ڪري عام قيدين تان سختي ۽ ظلم جهڪو ٿيو آهي.
جنھن بہ جيل تي ڪو سياسي قيدي جهليل هوندو آهي تہ جيل وارا هروڀرو ڪنھن قيدي کي تنگ ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن. سڀاش چندر بوس ٻار بہ ناهن. ماڻھن جي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ انگريز سرڪار سان اٽڪندو رهيو پر قيد ۾ بہ انھن تي ٿيندڙ هر ظلم ۽ زيادتي خلاف جيل وارن سان وڙهندو هو.
23 سيپٽمبر 1930ع تي سڀاش جيل مان آزاد ٿيو. آزاد ٿيڻ سان ئي وري سياسي سرگرمين ۾ ڪاهي پيو، هن جي ميدان ۾ اچڻ ڪري حڪومت پريشان ٿيڻ لڳي.
18 جنوري 1931ع ۾ سڀاش بابو جيئن مالده کان برهامپور اچي رهيو هو. تيئن حڪومت کيس اڳتي وڌڻ ۽ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ 144 قلم تحت نوٽيس ڏنو. هن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ٽيھر گرفتار ڪيو ويو، قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ ڪري ٺھہ پھہ هن کي سزا ڏئي جيل موڪليو ويو.
26 جنوري هندستان جي تاريخ ۾ بيمثال قربانين جو ڏينھن آهي، جنھن ڏينھن تي سوين جوڌن جوانن، جونجهارن، پوليس جي تشدد ۽ لٺين جو نشانو ٿي، پنھنجي جان تي گهاءُ ۽ زخم سٺا ۽ هزارين جيلن ۾ ٻوساٽيا ويا. ان ڏينھن ملھائڻ تي بندش هوندي بہ ڪلڪتي ۾ شاهي سرگس ڪڍيا ويا ٻہ سرگسون ڪارپوريشن جي جڳھہ وٽان آيون. هڪڙي سڀاش جي سربراهي ۾ ۽ ٻي عورتن جي اڳواڻي ۾، ٻئي وڏيون سرگسون هيون، پوليس جلوس ۽ سرگسن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو، پر ستياگرن پوليس جي هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ اڳتي وڌيا، هڪدم گهوڙِسوار پوليس وارن ۽ سارجنٽن مٿن لٺين جو وسڪارو ۽ ڦھڪو لاهي ڏنو. سڀاش ۽ سندس ساٿي زخمي ٿي پيا.
اٽڪل پنجاھہ ماڻھو ڪلڪتي جي ميدان تي گهائجي پيا. سڀاش کي زخمي حالت ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو. هن کي ڇھہ مھينا سخت پورهيي سان قيد جي سزا ڏني وئي. اهڙي طرح 1929ع کان 1931ع تائين هُو ٽي دفعا جيل ۾ ويو. 1931ع ۾ هو گانڌي اِر ون ٺاھہ کان پوءِ آزاد ٿيو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ سڀاش ان ٺاھہ تي ناراضپو ڏيکاريو.
هن ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽي تان بہ ان ٺاھہ تي اعتراض طور استعيفا ڏئي ڇڏي. 1931ع ۾ ڪراچي ۾ ڪانگريس جو اجلاس سردار پٽيل جي صدارت ۾ ٿيو. جتي بہ هن ان ٺاھہ کي ننديندي زبردست مخالفت ڪئي.
ڪراچي ڪانفرنس وقت هن آل انڊيا نوجوان ڪانفرنس ۽ راڄ نيتي قيدين جي ڪانفرس جي صدارت ڪئي، جتي هن اهو اعلان ڪيو تہ “مھاتما گانڌي وائسراءِ سان صلح ڪري، هڪ راڄ نيتي ڪم فھمي ڪري ڏيکاري آهي.
سڀاش فيبروري 1936ع ۾ آئرلينڊ ويو. جتي ڊي وليرا سان مليو. اتي ئي رهندي، هن پنھنجو ڪتاب ”هندستان آزاديءَ جي يڌ“ لکيو. جن ۾ 1920ع کان 1934ع تائين هندستان جي آزاديءَ جي جنگ جو دل اٿاريندڙ لفظن ۾ ذڪر ڪيل ۽ آزاديءَ جو ڏس ڏنل هو. ان ڪتاب جي هندستان ۾ اچڻ تي بندش پئجي وئي پر يورپ ۾ ڪتاب هٿو هٿ کپي ويو.
1936ع ۾ سڀاش هندستان پھتو. ان دفعي بہ کيس گرفتار ڪيو ويو. ان موقعي تي فيض پور ۾ ڪانگريس جو اجلاس پنڊت جواهر لال نھرو جي صدارت هيٺ ٿيڻو هو.
جواهر لال نھرو سندس گرفتاري تي اعتراض ۽ احتجاج طور 10 مئي جو ڏينھن ”سڀاش ڊي“ مقرر ڪيو، جڏهن سڄي ملڪ ۾ گرفتاري تي اعتراض ورتو ويو. ان ڏينھن هند اسيمبليءَ ۽ ڪلڪتي ڪارپوريشن جو اجلاس بہ احتجاج طور محمل ڪيا ويا. مارچ 1937ع تائين هو 18، 18 جي ريگيوليشن 3 هيٺ نظربند رهيو. لاهور جي ڪانگريس کان پوءِ گانڌيءَ جي لوڻ جو قانون ٽوڙڻ جي هلچل شروع ڪئي. سڀاش بابو بہ ان ۾ ڀرپور بھرو ورتو، پر ان تي ڪيس ۽ مقدمو ڪونہ هلايو ويو نہ ڪنھن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. پر سڀاش اڻڄاتل مدي تائين قيد ڪيو ويو.
صلح کان پوءِ سڀاش جيل کان ٻاهر آيو گانڌيجي شرطن موجب گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. ان جي ناڪامي ڪري مھاتما گانڌي هندستان ۾ ايندي ئي گرفتار ٿي ويو. پر ان اچڻ مھل صلاح ڏني تہ تحريڪ بند ڪئي وڃي.
سڀاش بابو انھيءَ صلاح جي سخت مخالفت ڪئي ۽ آخر تائين هچل بند ڪرڻ خلاف رهيو.
1936ع تي ڪراچي ۾ نوجوان سڀا جو اجلاس ٿيو. ان جو صدر سڀاش چندر هو. هن اتي هڪ زبردست ۽ شاندار تقرير ڪئي. جنھن کي حڪومت برداشت نہ ڪيو ۽ سڀاش کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي. هن کي گرفتار ڪري عليپور جيل موڪليو ويو ۽ پوءِ سڊني جيل ۾ رکيو ويس. جتي هن جي صحت خراب رهندي هئي، هن جي آزاديءَ لاءِ عام ماڻھن ميٽنگون جلسا ڪري، حڪومت کي تارون ڪيو، پر گورنمينٽ کيس آزاد ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئي.
سڊني جيل تي سندس ساٿين، همدردن، مداحن ۽ ٻين پرستارن جا هشام ۽ هجوم ملاقات ڪرڻ ۽ کيس ڏسڻ ايندا هئا. حڪومت تنگ ٿي پئي. کيس سڊني جيل تان بدلي ڪري لکنئو جيل موڪليو ويو.
سڀاش بابو جيل مان آزاد ٿيڻ بعد سوئيزرلينڊ، روم، آئرلينڊ، فرانس ۽ جرمني وغيرہ ملڪن جو دورو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. ٽن سالن تائين انھن ملڪن ۾ رهيو ۽ انھن جي رهبرن ۽ اڳواڻن، مسوليني ۽ ڊي وليرا سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڪيترن هنڌن تي تقريرون ڪيون ۽ ليڪچر ڏنائين. هي پنھنجو علاج بہ ڪرائيندو رهيو. جڏهن تندرست ٿيو تہ ڀارت اچڻ جي خواهش ڏيکاريائين پر حڪومت کيس اچڻ جي موڪل نہ ڏني. انھيءَ ڪري ٽن سالن تائين پرڏيھہ ۾ رهيو.
سڀاش ٻاهرين ملڪن ۾ آزاديءَ جي تعليم سان گڏ ويڙھہ جي ٽريننگ بہ وٺي رهيو هو. ان وقت سندس والد جان ڪي ناٿ بوس بيمار ٿي پيو. والد جي خواهش ۽ خيال ٿيو تہ مرڻ وقت سڀاش چندر جو آخري درشن ڪري وڃان پر حڪومت قطعي تيار نہ هئي. جي تيار ٿي تہ انھيءَ شرط تي تہ سڀاش بابو پيءُ جو منھن ڏسي، وري ملڪ مان واپس هليو ويندو. پر نہ چاهيندي پيءُ جي هميشہ وڇوڙي ۽ منھن ڏسڻ لاءِ هن اهي شرط منظور ڪيا. ليڪن سڀاش والد جو منھن ڏسي نہ سگهيو. اها خواهش سيني ۾ سانڍي بيمار پيءُ هن جي هندستان پھچڻ کان اڳ گذاري ويو. هيءَ پيءُ جي مئي پڄاڻان هتي پھتو.
سڀاش کي هڪ مھينو ڀارت ۾ رهي وري يورپ وڃڻو پيو. 1936ع ۾ ان . کي آل انڊيا ڪانگريس گهر ڪئي تہ سڀاش بابو تان پابندي هٽائي، کيس هندستان اچڻ ڏنو وڃي. پر حڪومت اهو منظور نہ ڪيو ۽ سڀاش کي هندستان اينديئي گرفتار ڪيو ويو. اٽڪل ڏيڍ سال سڀاش جيل ۾ رهيو.
آخر زبردست احتجاج ۽ ايجيٽيشن کان پوءِ مارچ 1937ع ۾ کيس آزاد ڪيو ويو.
آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪجهہہ وقت هندستان ۾ رهيو. پر وري صحت خراب ٿيڻ ڪري ڊاڪٽرن جي صلاح سان يورپ هليو ويو.
هُو لنڊن ويو. جتي زندگي هن کي ڏاڍي وڻندڙ لڳي. اتي جي آزاد فضا ڏسي، هن پنھنجي ڏيھہ ڏانھن نگاھہ وڍي، غلامي ۽ آزاديءَ ۾ وڏو فرق ڏٺائين. هن ڏٺو تہ گورا ماڻھو جيڪي هندستان ۾ پاڻ کي حاڪم ليکيندا ۽ سمجهندا آهن سي اتي هوٽلن اندر سندس خدمت ڪندي نہ ٿي ڍاپيا. هنن شدت سان محسوس ڪيو تہ لنڊن ۾ انگريز هندستان سان هندستانين سان ورتاءُ ڪندي پاڻ کي حاڪم نٿا سمجهن، رڳو هندستان ۾ ئي هو انھن کي غلام ڪري ٿا ليکن.
لنڊن ۾ سندس اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. ايندي ئي پنھنجي پھرين تقرير هن انگريز سياستدانن کي صاف ٻڌائيندي چيو تہ: “زوريءَ فيڊريشن کي ڀارت تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ ڪانگريس ان جي سختي سان مخالفت ڪندي، ان نيت ارادي ۽ اسڪيم کي مٽيءَ ۾ ملايو ويندو. ”
1938ع ۾ هريپور جي سالياني اجلاس جي صدارت لاءِ جد اجدا نالا پيش ڪيا ويا. پر ٻين اميدوارن سڀاش جي ملڪي خدمت ۽ قربانين کي نطر ۾ رکي پنھنجا نالا واپس ورتا ۽ سڀاش چندر بوس بابو بنا مقابلي صدر چونڊيو ويو. ان وقت سڀاش بابو يورپ ۾ هو. هن کي تار ڪري اطلاع ڪيو ويو تہ هو هڪدم هندستان موتي اچي.
18 جنوري 1938ع تي ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پڌرو ڪيو تہ هري پور ڪانفرنس ۾ هُو پرڌان شري سڀاش چندر بوس کي چونڊريو ويو آهي. هن جي صدر چونڊجڻ تي نوجوان طبقي ۾ خوشي جي لھر ڊوڙي ويئي. ڪانگريس جي نرم ۽ گرم طبقن جي ملاپ خاطر ئي هن کي صدر چونڊن لازمي سمجهيو ويو.