6
سڀاش چندر بوس کي ايمبولنس موٽر ۾ پنڊال ۾ آندو ويو.
سڀ کان پھريان گذريل سان جي جنرل سيڪريٽريءَ پنھنجي رپورٽ پيش ڪئي، ان کانپوءِ پنڊٽ گوبند ولڀ پڻ هڪ ٺھراءُ پيش ڪيو. جنھن ۾ پريزيڊنٽ کي درخواست ڪئي وئي هئي تہ هلندڙ سال جي ورڪنگ ڪميٽي مھاتما گانڌيءَ جي مرضي مطابق چونڊي وڃي. اهو ٺھراءُ گهڻائي سان پاس ٿيو. ان وقت سڀاش جي حالت گهڻي بگڙجي چڪي هئي. ڊاڪٽرن کيس جبلپور جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي صلاح ڏني.
پر ان بھادر ۽ بي لوث انسان بيماريءَ جي پرواھہ نہ ڪندي پنھنجي جدوجھد ۽ جستجو جاري رکي، نيٺ مجبورن پنڊت جواهر لعل نھرو کي سمجهائڻ لاءِ سڀاش چندر بوس کي وڃڻو پيو. پر ان کي بہ اهيو چئي ڏنائين تہ: ”مان جبلپور اسپتال وڃڻ لاءِ ڪونہ آيو آهيان، اجلاس ختم ٿيڻ کان اڳ ڪنھن بہ جڳھہ تي وڃڻ کان مرڻ بھتر ٿو سمجهان. ”
هي بيباڪ انسان سخت بيمار هجڻ جي باوجود بہ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ڪاروائي هلائڻ آيو. پر ناچاڪيءَ ڪري مولانا آزاد ڪاروائي هلائيندو رهيو.
هن جي صدارتي سرگس بہ سندس تصوير سان ڪڍي ويئي، ايتري قدر جو تريپو ر ڪانگريس ۾ پنڊت گووند ولڀ پانٽ يوپي واري رٿ ۽ تجويز پيش ڪئي تہ ڪانگريس جو صدر مھاتما گانڌيءَ جي منظوري سان ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي. اهو ٺھراءُ اڪثريت سان پاس ڪيو ڇو تہ گهڻائي گانڌيءَ واري ميمبرن جي هئي. سڀاش جهموري اصولن کي مدنظراهو فيصلو قبوليو. ان بعد هن گانڌيجي کان ورڪنگ ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ صلاح گهري پر گانڌيجي، انڪار ڪري حيرت جي ڳالھہ اها رهي تہ پنڊت پانٽ اهو ٺھراءُ پيش ڪيو ان کان اڳ گانڌي جي، کان پچيو صلاح بہ ورتي هئائين تريپور ۾ سڀاش جي صدارتي تقرير جا سندس بيماري سبب مولانا آزاد ڪلام پڙهي سا تمام ننڍي ۾ ننڍي تقرير هئي پر ان تقرير ۾ سڀاش زور ڀريو هو تہ هي وقت آهي جو برٽش سرڪار جي اڳيان اسين پنھنجي قومي گهر ۽ طلب آخري نامي جي صورت ۾ رکون اسان کي مقرر وقت اندر برطانيہ کان ڪو جواب نہ اچي يا ڪو تسلي جھڙو جواب نہ ملي تہ پوءِ اسين وڏي پيماني تي قانون ٽوڙ تحريڪ يا عام سيتا گرھہ ڪريون، برٽش سرڪار هينئر جنگ جو ڏکئي وقت ۾ عام سيتا گرھہ جھڙي چڪري جو مقابلو گهڻو وقت ڪري نہ سگهندي ۽ مجبور ٿي هندستان جو مطالبو قبول ڪندي.
اسان جي قومي اتھاس ۾ هن کان وڌيڪ ٻيو اهم موقعو آزاديءَ ڏانھن وک وڌائڻ لاءِ ڪڏهن ملندو. خاص ڪري جڏهن اندروني حالتون اسان جي فائدي ۾ آهن. اسان کي نا اميدي ڇڏي آس ۽ اميد رکڻ کپي. جي اسين پنھنجا اختلاف پاسيرا رکي ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي قومي جنگ ۾ ٽپي پونداسون تہ پوءِ برطانيہ سلطنت شاهي تي اسان جو حملو اجهل ٿي پوندو. ڇا اسان کي ايتري راڄ نيتي دورانديشي ايندي جو هن اهم موقعي جو فائدو وٺنداسون. ڪن موقعو هٿن مان وڃائينداسون جو قومن جي زندگي ۾ ڪڏهن ورلي اچي ٿو.
ڪيترن ڏينھن کان پوءِ سڀاش جي صحت م ڪوبہ فرق ڪو نہ پيو ان حالت ۾ بہ هن قصي ٺاهڻ جي ڪوشش جاري رکي ۽ پڻ اڻٿڪ جدوجھد ڪئي پرکڙ تيل ڪو نہ نڪتو.
ان طرح سڀاش مو نجهارن ۽ شديد اختلافن کي ڏسي وسيع تر قومي مفاد جي ڪري ڪانگريس جي صدارتي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جيڪا اکين تي رکي منظور ڪئي وئي.
ڪجهہہ طبعيت درست ۽ تندرست ٿيڻ کان پوءِ هو سڄي هندستان جي دوري تي نڪتو، هزارين ماڻھن کيس ٻڌو ۽ مرحبا ڪئي.
ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ جي ان سلوڪ کان پوءِ سڀاش بابو فارورڊ بلاڪ قائم ڪيو ۽ ڪانگريس صوبائي ڪميٽين کي راضپي کان سواءِ سيتا گرھہ جي ورڪ جي خلاف 9 جولاءِ اعتراض جو ڏينھن ڪري ملھايو. ان ڏوھہ جي ڪري ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ ان کي ٽن سالن لاءِ پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. جڏهن اهو فيصلو سڀاش چندر بوس کي ٻڌايو ويو تہ ان رڳو هي چيو: ”ڇا رڳو ايترو ئي“ هن ان قدم تي گهٻرايو ڪونہ سڀاش هڪ پڌرائي ۾ چيو تہ ”آءٌ ڪانگريس کان ٻاهر بہ ڪانگريس ۽ هندستان جي اهڙي ئي شيوا (خدمت) ڪندو رهندس. جھڙي طرح مھاتما گانڌي ڪانگريس جو چئن آنن وارو ميمبر نہ هوندي بہ ان لاءِ ڪري ٿو.
بنگال ڪميٽي سڀاش کي ڪڍڻ واري فيصلي کي ڪو نہ مڃيو، انھيءَ ڪري ڪميٽي کي بہ برطرف ڪيو ويو. ان وقت کان وٺي 1945ع تائين بنگال ۾ ٻہ ڪانگريس ڪميٽيون هلنديون آيون.
رام ڳڙھہ ۾ جڏهن هي ڪانگريس جو اجلاس ٿي رهيو هو. ان وقت يورپ ۾ لڙائي وڏي زور سان هلي رهي هئي، گهڻن ماڻھن جو خيال هو تہ ڪٿي ڪانگريس ۽ حڪومت وچ ۾ صلح نہ ٿي پوي. سڀاس چندر بوس ان وقت ٺاھہ جي مخالفن ۾ هڪ ”اينٽي ڪمپورومائيز ڪانفرنس“ ڪوٺائي جنھن ۾ ڪانگريس کان گهر ۽ مطالبو ڪيو ويو تہ هو هن وقت سامراجي سرڪار سان ڪو بہ صلح نہ ڪري ڪنھن بہ قسم جو واسطو نہ رکي، حڪومت سان واسطا ۽ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏي. ڪلڪتي ۾ بيلڪ هول راها ڪوٺي جنھن ۾ سراج الدوله انگريز قيدين کي رکيو هو (ڪارو کڏو) جي ڪوڙي حادثي جو يادگار ٺھيل هو. اهو سڄي هندستان لاءِ بدنامي جو باعث هو. گهڻائي ڀيرا ان يادگار کي مٽائڻ جي گهر ڪئي وئي پر جيئن تہ ان هلچل جو پويان ڪنھن مضبوط طاقت جو هٿ ڪو نہ هو. انھيءَ ڪري نتيجي خاطر خواھہ ڪونہ نڪتو.
سڀاش بابو ان يادگار کي مٽائڻ لاءِ پڪو پھہ ڪيو. گورنمينٽ کي چيلينج ۽ چتاءُ ڏنو تہ يادگار کي هڪدم کڻايو ۽ ڊاٿو وڃي، حڪومت ان کي فورن گرفتار ڪيو. هن جي ٻڌجڻ ڪري هلچل کي ويتر هٿي ملي ويئي. آخر سرڪار گوڏا کوڙي جهڪي وئي، مجبورن ان يادگار کي اتان کنيو ويو.
ان کان پوءِ سيتا گرھہ کي اتان بند ڪيو ويو. پر سڀاش کي آزاد نہ ڪيو ويو هو، بنا دريافت نظربند رهيو. هن جي آزاديءَ لاءِ ڪلڪتي جي ميڙن، جلسن ۽ ميٽنگن ڪلڪتي جي ڪارپوريشن گهر ڪئي، هائوس آف ڪامنس ۾ بہ سندس آزاديءَ لاءِ مطالبو ڪيو ويو. ان هوندي بہ کيس نہ ڇڏيو ويو. جلد ئي سيپٽمبر 1946ع ڌاري هن تي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ تحت ٻہ ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ هڪ تقرير ڪرڻ ڪري داخل ڪيا ويا. هڪڙو فارورڊ بلاڪ اخبار ۾ ليک لکڻ ڪري ۽هڪ تقرير ڪرڻ ڪري داخل ڪيا ويا جا نظر بنديءَ کان اڳ ڪئي هئائين.
نومبر 1940ع ۾ جيل اندر هن راڄ نيتي قيدين سان همدردي ڏيکارڻ خاطر بک هڙتال ڪئي. ان ڪري سخت بيمار ٿي پيو، ايتري قدر جو جيل اندر ئي ڪيس هلايو ويس، پر اتي بہ حاضر رهڻ جھڙو نہ هو. ان حالت ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. جيل ۾ رهڻ ڪري ڪيترن ئي ماڻھن کي ذهني طرح تيار ڪري، انگريز سامراج خلاف تيار ڪندو، شعور ڏيندو رهيو. موجودہ پير صاحب پاڳاري جي والد پير سائين صبغت ﷲ شاھہ ڪنھن اوائلي ڪيس جي پاداش ۾ ڏھہ سال جيلن ۾ رهيو.
اهو ڪيس ذاتي نوعيت جو هو. تڏهن جيل دوران سڀاش چندر بوس جھڙن انقلابي ذهن رکندڙ سياسي قيدين جي خيال جو اثر قبوليو هئائون، جن ۾ غيرن، ڌارين جي حڪومت کان نفرت ۽ ڌڪار بنيادي نقطو بڻيل هئي.
جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پير صاحب پاڳاري اجتمائي ايثار ۽ قرباني لاءِ ڌارين کان آزاديءَ لاءِ پنھنجي جماعت کي نئين سر منظم ۽ مضبوط ڪري، متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو.
انھن مان ڪيترن ئي بھادر ۽ سرفروشن چڱي تعداد کي ”حر“ تنظيم ۾ شامل ڪري مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ڪيو. جيئن انگريز سرڪار جا تڏا پٽڻ لاءِ اهي ڪم اچي سگهن.
پير سائين، سڀاش کان ڪافي متاثر ٿيو. جيلن ۾ پنھنجي زندگيءَ کي قومي آزاديءَ لاءِ وقف ڪري، اجتمائي مفاد لاءِ جدوجھد ڪرڻ جو خيال ۽ پڪو پھہ ڪيائين.
آزاد ٿيڻ کان پوءِ هن جو گهڻو وقت ايڪانت ۽ اڪيلائي ۾ گذرندو هو. ايتري قدر جو هن پنھنجي مٽن مائٽن سان بہ ملڻ بند ڪري ڇڏيو. ان وچ ۾ هُو گيتا ۽ ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو. آهستي آهستي هن جو شوق ايترو وڌي ويو جو هن پنھنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪنھن شخص کي بہ اندر اچڻ جي اجازت نہ ڏني، کائڻ پيئڻ جو سامان دروازي اڳيان رکيو ويندو هو. جنھن کي هو چپ چاپ کڻندو هو، ڪم آندي کان پوءِ خالي ٿانون ٻاهر رکي ڇڏيندو هو.
26 جنوري تي سڄي هندستان ۾ آزاديءَ جو ڏينھن ملھايو ويندو آهي. ان ڏينھن تي هندستان اها خبر ٻڌي حيران ٿيو تہ سڀاش بابو اوچتو گم ٿي ويو آهي، ان جي غائب ٿيڻ تي ماڻھن گهڻيون ئي ڳالھيون ٺاهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ چوٻُول ٿيڻ کان پوءِ سنسني ۽ سانت ڇائنجي وئي. ڪن ماڻھن جو خيال هو تہ ڪنھن ڌارئي ملڪ ڀڄي ويو آهي. ڪن جو خيال هو تہ هُو گردش واري زندگيءَ مان ڪڪ ٿي، گوشه نشيني اختيار ڪئي اٿائين.
آل انڊيا فارورّڊ بلاڪ جي عارضي صدر سردار دول سنگهہ چوڻ لڳو تہ: ”سڀاش چندر بوس تي ان ڳالھہ تي تمام گهڻو صدمو رسيو هو تہ موجودہ نازڪ وقت ۾ ڪانگريس رهنمائي ۽ قيادت ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آهي. هن ۾ قيادت بري طرح ناڪام وئي آهي ۽ هو محسوس ڪري رهيو هو تہ: صرف موجودہ نازڪ وقت ۾ سياسي ئي ڀارت کي هن غلاميءَ مان آزاد ڪرائي سگهن ٿا. سڀاش جي اوچتي غائب ٿي وڃڻ ڪري ڪيتريون ئي ڳالھيون ڦھليون ۽ افواھہ اٿيا، گانڌيجي تہ تار رستي سندس بابت پڇا ڪئي ۽ ٻين اڳواڻن بہ جاچ جاري رکي.
هُو 1941ع، 26 جنوري تي غائب ٿي ويو. جنھن ڏينھن گم ٿيو. تنھن جي ٻي ڏينھن تي سندس ڪيس جي شنوائي رکيل هئي، ڪورٽ ۾ حاضر نہ رهڻ ڪري، مئجسٽريٽ سندس حاضر ڪرڻ لاءِ وارنٽ ڪڍيو. هڪ تلاشي جو سرچ وارنٽ بہ سندس جڳھہ لاءِ ڪڍيو ويو. جتي پوليس خوب ڳولا ڪئي ڪو بہ ڪاغذ پٽ هٿ نہ آيو. ٿورن ڏينھن بعد سندس مليڪت جي ضبطگيءَ جو حڪم ڪيو ويو.
سڀاش جي گهر وارن جو چوڻ هو تہ 16 جنوري تي پنھنجي ڪمري ۾ پنھنجي دوستن ۽ گهر ڀاتين سان هليو هو رات جو ٻي بجي تائين سندس ڳالھيون هليون. جڏهن سڀاش جي ڪمري مان اٿيا تڏهن هُن کين چيو تہ اسان جي آخري ملاقات آهي.
مسٽر اربندو بوس سڀاش جو ڀائٽيو جيڪو سندس خدمت گذاري ۽ شيوا ۾ رهندو هو. ان ظاهر ڪيو تہ 16 جنوري کان سڀاش خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي هئي. سڀاش پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪيو هو. پڙدي پٺيان ويھي چيتي جي کل (مرگهہ شال) تي ويھي ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو.
ايتري قدر هن کي جيڪو ڪجهہہ کپندو هو تہ ڪمري ٻاهران چٽڪي ۾ لکي رکندو هو ۽ گهنٽي وڄائيندو هو پر ڪنھن کي پاڻ سان ڳالھائڻ نہ ڏيندو هو.
26 تاريخ تي مون مقرر وقت تي ڏٺو تہ اڳئين ڏينھن جي سانجهي کان وٺي کاڌي جون شيون ۽ پاڻي اتي رکيو هو ۽ هن انھن کي هٿ بہ نہ لاٿو هو.
مون کي ڳڻتي، چنتا وٺي وئي، مون گهرڀاتين کي ٻڌايو چٺي لکي پردي پٺيان اڇلائي وئي تہ بہ ڪو جواب نہ مليو. جنھن بعد اندر ڏٺو ويو تہ هوئي ڪونہ، اهڙِي طرح هن جو پتو ڪونہ پيو. ان وچ ۾ ڪيترائي افواھہ اٿيا تہ هندستان کان ٻاهر ڪنھن قومي ڪم سانگي ويل آهي. پر دراصل سڀاش جي خواهش ۽ خيال هو تہ هو روس، جرمني ۽ جپان سان هندستان جي آزاديءَ جون ڳالھيون ڪري، انھيءَ خيال سان هن پھرئين ڪلڪتي ۾ ماڻھن سان گڏجڻ ڇڏي ڏنو ۽ عام طور اهو مشھور ڪيو ويو تہ هُو بيمار آهي، ان عرصي ۾ هن ڏاڙهي ۽ شھپر وڌائي ڇڏيا تہ جيئن سفر ۾ ڪو بہ ماڻھو سڃاڻي نہ سگهي. ان کان پوءِ هُو دهلي آيو ۽ دهلي مان فرنٽيئر ميل ۾ چڙهي پشاور ويو، دهلي ريلوي اسٽيشن تي هن کي ڪنھن ڪونہ سڃاتو، پشاور ۾ ٻہ ٽي ڏينھن آرام ڪري، اتان هڪ ملسلمان موٽر ڊائيور سان گڏجي ڪلينر جي پاسپورٽ تي ڪابل پھتو. ڪابل ۾ هو سڀ کان اڳ هڪ سراءِ ۾ لٿو. اتي پوليس سندس چوڪسي ڪري کيس ڏاڍو تنگ ڪيو. پوليس کي چپ ڪرڻ لاءِ هن کين ڏوڪڙ ڏئي وات بند ڪيو. شل نہ پوليس کي ڏسي هن لاءِ اهي ڏنل ڏوڪڙ ڏچو ٿي ويا. پوليس جو هڪڙو جمعدار پيو تہ ٻئي کي پئي موڪليائين، ٻيو ويندو هو تہ ٽئين کي موڪليندو هو ڄڻ تہ سندن هٿن ۾ شڪار ڦاٿو. پوليس ڏوڪڙن تي ايئن ايندي هئي. جيئن بگو چوزو کانگهاري تي، ان سراءِ ۾ چار پنج ڏينھن آرام ڪرڻ کان پوءِ ڪابل جي هڪ هندو سوداگر جنھن جو نالو رام داس هو، جي گهر هليو ويو. ان سوداگر کي سڀاش سان صلاحو هئڻ ڪري پوءِ ڪافي وقت جيل ۾ ڪاٽڻو پيو.
سڀاش ڪابل ۾ روس جي سفير سان مليو تہ کيس ماسڪو موڪلڻ جو بندوبست ڪري. ان صاف انڪار ڪيو ۽ پڙ ڪڍي بيھي رهيو پوءِ هُو وري اٽليءَ جي سفير سان مليو. جنھن کيس چيو تہ جيستائين جرمني ۽ اٽليءَ جي حڪومت کان نہ پڇندو. تيسيتائين سندس لاءِ موڪلڻ يا نہ موڪلڻ لاءِ ڪجهہہ نہ ٿو ڪري سگهي. تقريبن سڀاش پنٽيھہ ڏينھن لالا رامداس جي گهر ۾ روپوش ٿي لڪل آهي، ايتري ۾ اٽلي جرمني کان جواب آيو تہ اٽلي جي پاسپورٽ ۾ سفير جي آفيس ۾ هڪ اسسٽنٽ (ماڻھو) ڪري جو اڳ ۾ ڪلڪتي جي سفارتخاني ۾ هو ۽ سباش کي سڃاڻيندو هو. پھرين ماسڪو ويا ۽ اتان پوءِ برلن ۽ جرمني. جرمني گورنمينٽ جي انتظار هيٺ هوائي جھاز جي رستي جپان پھتو. پاسپورٽ ۾ هن جو نالو ”ڪاراٽائين“ هو.
26 جنوري 1941ع تي هي خبر منظرعام تي پھتي تہ سڀاش هندستان مان رپوش ٿي، سال کن سندس رپوشي جي خبر معمو بڻجي وئي. مارچ 1942ع ۾ سڀاش اوچتو برلن ريڊيو تان تقرير ڪئي. جنھن سڀني ماڻھن جو توجھہ ڇڪايو ۽ پتو پين تہ سباش ڪٿان ڪر کنيو آهي، هن تقرير ۾ انگريز سامراج کان هندستان آزاد ڪرڻ لاءِ اعلان ڪيو. ايتري ۾ جاپان بہ هندستان ۾ انگريز تسلط جي خلاف زور شور سان پروپيگنڊه ڪئي. انھيءَ پروپيگنڊه جي لھر هندستاني عوام ۾ آزاديءَ ۽ عزت جي جانبدار خلش پيدا ڪر ي ڇڏي. جاپان جي انھن دعوائن عوام ۾ اهو ثابت ڪري ڇڏيو تہ جاپان، هندستان جي آزاديءَ ۽ ايشيا جي سلامتيءَ ۽ استحڪام لاءِ مصروف عمل آهي. ماڻھن جو خيال هو تہ جپان جو، ملايا، سنگاپور، انڊونيشيا تي قبضو ڪري هندستان طرف وڌي رهيو آهي، انگريز جي طاقت ختم ٿي چڪي آهي. جپان جي فتح سان هندستان جي تحريڪ آزاديءَ کي هٿي ملندي. ايتري قدر جو گانڌيجي بہ محسوس ڪري ورتو تہ هاڻي اتحاد جنگ جيتي نہ سگهندا، جاپان ۽ جرمني کي فتح نصيب ٿيندي.
سڀاش جو ڪلڪتي کان برلن پھچڻ، جنھن ۾ هن هڪ مسلمان جي روپ ۾ ڏاڙهي رکي پشاور پھتو ۽ پشاور کان ٿيندو افغانستان کانپوءِ جرمني هليو ويو. پوءِ سندس جرمني ڏي ڊرامائي انداز ۾ فرار ٿيڻ ڪري مھاتما گانڌي کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو. حالانڪہ گانڌي پھريان بوس جي ڪافي سرگرمين جي ڪري مخالف هو، پوءِ سندس خيال بدلجي ويا ۽ کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو ايتري قدر جو سڀاش جي تعريف ڪري ڪڏهن ڪڏهن سندس جنگ متعلق خيالن جو حامي ٿي پوندو هو.
سڀاش مزاجن جنگجو هو. 1928ع ۾ جڏهن ڪلڪتي ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو اجلاس ٿي رهيو هو تہ هن پنھنجي هم خيال سياسي ڪارڪنن جي مدد سان بارودي رضاڪارن جو هڪ دستو منظم ۽ متحد ڪيو ۽ ان تي آفيسرن جو باقائدي تقرر ڪيو. رضاڪارن کي بوٽ، پٽي جو جي او سي (جنرل ڪمانڊنگ آفيس) مقرر ڪيو ويو. پر اهو راز ڪجهہہ وقت کان پوءِ فاش ٿي پيو. هنئين جو سڀاش جي نالي تي ڪنھن شھر مان ٽيلگرام آيو. جنھن جي او، سي، جي يونٽن سان ڌڪي رهيو هو. پوسٽ وارن ٽيليگرام اصلي جي او سي کي فورٽ ۾ پھچائي ڏنو.
جي او سي صاحب تار پڙهي ڍڪرجي ويو. گهڻي جاچ جوچ ڪئي وئي. ان انڪشاف کان پوءِ حڪمران طبقي جي هلچل مچي وئي ۽ انگريزن انگريزي اخبارن ۾ بوس جي ان جرئت مندانہ قدم تي ڪافي ڇوھہ ڇنڊيا ۽ تبصرا ڪيا.
گانڌيجي کي سڀاش جا اهڙا ڪم خطرناڪ لڳندا هئا. ڪلڪتي جي مشھور انگريز درزي ”وائٽ دي ليڊلا“ جي هٿن سبيل فوجي وردي ۽ وزني بوٽن جا ڌڌڪا، کيس اڻوڻندڙ ۽ ڀانءَ نہ پوندا هئا. انھن کان هراسان رهندو هو. ڪانگريس جي ڀريل اجلاس ۾ سڀاش جي روشن خيالي جي خيالن جي سرڪش ۽ بغاوت قرار ڏنائين.
هن جي چرپر ۽ تحريڪ تي وڏي چوڪي رهندي هئي. هن جو هندستان مان نڪرڻ قدم قدم سي آءِ ڊي جي پاسباني ۽ نگران جي باوجود 15 جنوري 1941ع جي صبح جو تنگ پاجامو، شيرواني ۽ گول ٽوپي مٿي تي ڪري اطمينان سان گهر جي ڪنھن دروازي کان نڪري آيو. هن سفيد پوش مولانا کي ڪير نہ سڃاڻي سگهيو.
سندس گهر کان ٿوري فاصلي تي ڪار بيٺي هئي. پاڻ ان ۾ ويٺو، ڪار هڪدم رستي تي ڊوڙڻ شروع ڪيو.
ڪلڪتي کان چاليھہ ميل پري هڪ غير معروف اسٽيشن تان گاڏيءَ ۾ چڙهيو. هي مولوي نمارو پوش ضياءُ الدين جي نالي ۾ گاڏي جي سيڪنڊ ڪلاس ڪمپارٽمنٽ اندر داخل ٿي، تسبيع سورڻ لڳو. هتي تسبيع سوريندي ورد پڙهندي ۽ چپن کي اهڙيءَ طرح سان چورڻ لڳو جو ڪنھن بہ همسفر مسافر کي هن جي عبادت ۽ رياضت ۾ مداخلت ڪرڻ جي همٿ نہ ٿي سگهي. هن جو مراقبو پشاور کان پھريان ختم ٿي نہ سگهيو.
19 جنوري تي هو پشاور پھچي ويو. جتي سندس دوست انتظار ۾ هئا، افغانستان ۽ ڀارت جي سرحد تي زبردست پھرو هو. هڪ قبائلي سردار جي اثر رسوخ تي سرحد پار ٿيو.
سڀاش هڪ سفارتي آفيسر ڊاڪٽر ويلر جي رهبري ۾ افغانستان جي سرحد پار ڪري روس ۾ داخل ٿي ويا ۽ اتان بذريعي ريل گاڏي ماسڪو پھتو. جتي هن لاءِ هڪ جرمن جھاز بيٺو هو، رات جو ماسڪو جي ڪنھن گم نام هوٽل ۾ گذاري. 28 مارچ تي برلن پھچي ويا. جرمني پھچڻ تي هن جلد ئي هٽلر سان ملاقات ڪئي. سڀاش چندر بوس هٽلر سان جرمني جي مختلف شھرن ۾ آباد هندستانن باشندن ۽ هندستان جنگي قيدين تي مشتمل هڪ فوج ٺاهڻ جي امڪان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سڀاش غير معمولي تنطيمي صلاحيت جو ماڻھو هو. هن پنھنجي ذاتي ڪوشش ۽ محنت سان فرسٽ بٽالين آف فري انڊِين ليجن ان جرمني جي ڪامياب تنظيم هئي. برلن ۾ مقيم جپاني سفير کي هن درخواست ڪئي تہ حڪومت جاپان ۾ مشرقي ايشيا ۾ انڊين انڊپينڊنس ليگ کي ان بنياد تي ” انڊين نيشنل آرمي “ جي تنظيم ڪرڻ جي اجازت ڏئي.
ان معقول تجويز کي جاپاني سفيرگريٽ ٽو جو بيجا قرار ڏئي طنز سان ٺڪرائي ڇڏيو تہ برطانيہ جاپان جو دشمن آهي، ان ڪري غلام هندستان بہ برطانيہ جو ماتحت هجڻ ڪري جاپان جو دشمن آهي. ان لاءِ غير ۽ ڌارئي ملڪ کي پنھنجي مقدس سرزمين تي ڪنھن بہ قسم جي فوجي سرگرمي جي اجازت نہ ڏينداسون. ٺٺول تلخ هئي پر راش بھاري بوس پنھنجو آخري ڳجهو اثر هلايو. جاپان جي ڪنھن بااثر شخصيت جي سفارش تي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان طرح انڊين نيشنل آرمي جي اجازت ملي وئي. راش بھاري بوس ان زير تنظيم فوج جو صدر ۽ ڪئپٽن موهن سنگهہ جنرل ڪامنڊنگ آفيسر مقرر ٿيو ۽ سڀاش چندر کي جنرل نو رينڪ مليو.
جڏهن سڀاش محسوس ڪيو تہ جرمني جي نسبت ۾ هو جاپان ۾ رهي ڪري هندستان جي آزادي لاءِ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهندو تہ جيئن جاپان پھچي ويو، جاپان هندستان تي حملي وقت جيڪي هندستاني سپاهي گرفتار ڪيا هئا. سڀاش انھن کي هٿ ڪري قومي فوج ٺاهي ورتي.
سڀاش جو ماتر ڀومي سان ڪيل وچن مشھور آهي تہ:.
اي مادر وطن! تنھنجي ناموس جي لاءِ،
قرباني ۽ خلوص جا جهنڊا ڦڙڪائيندس.
عزم ۽ وفا جي ٻرندس شمع کڻي،
محڪومين جي دورجي ظلميت مٽائيندس.
روشن ڪندم تنھنجي ڪھاڻي کي هتي مان،
۽ تنھنجي عظمت جا حسين گيت ڳائيندس.
منھنجي رڳن ۾ تنھنجو رت آروان دوران،
رڳ رڳ تي تنھنجو ساز ترنم بڻائيندس.
جڏهن غيرن جي چپن تي نالو تنھنجو ايندو،
پنھنجي عقيدت جا خزانہ لٽائيندس.
جپانين، جرمنين، ۽ روسين کي مان،
پنھنجي تخليقات جي رو وهائيندس.
سڀ ڪنڌ جهڪائيندا، منھنجي مڃتاآڏو،
اهڙي حڪمت ڏاهپ سان قدم کڻندس.
تنھنجي لاءِ ڇاهي اي مادر وطن!
هن عزم اٽل کي رنگين بڻائيندس.
وٺندم تنھنجي خاطرآزادي يا نجات،
يا جيئرو هتي واپس ڪڏهن بہ نہ ايندس.
سڀاش برصغير جي محڪوم ماڻھن سان ڪيل واعدي ۽ وچن تي عمل ڪندي، انھن جي نجات، ڇوٽڪاري، عزت ۽ آزاديءَ لاءِ هندي فوج کي منظم، متحد ۽ متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو.
ڀارت جي قومي تحريڪ ۽ عوامي هلچل جي تحريڪ ۾ آزاد هند فوج جي ابتدا ۽ شروعات هڪ نئين ۽ انقلابي شيءِ هئي. اهو پھريون ئي ڀيرو هو جنھن آزاديءَ لاءِ ٻاهر وڃي فوج تيار ڪري، انگريزن (ڌارئي) سان وڙهڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا.
دراصل دنيا جي تاريخ ۾ غلام محڪوم ۽ مظلوم ملڪن جي آزاديءَ لاءِ خاص ۽ نج فوجون تيار ڪيون ويون آهن. محب وطن ماڻھن تي مشتمل جانثارن سرفروشن ۽ جونجهارن جون مضبوط فوجون ٺاهي، غلام ملڪن کي آزاد ڪرڻ لاءِ پرڏيھي ڦورن، لٽيرن ۽ غاصبن جا ٿڏا پٽرايا ويا آهن.
في الحال پنھنجي پيرن تي بيھي قوت، طاقت، جذبي ۽ جرئت سان وطن جي وارثن پنھنجي ويرين سان وڪوڙيل ۽ گهيريل غلام وطن کي آزاد ۽ آجي ڪرڻ لاءِ پنھنجي وس ۽ وت آهر وڙهندا آهن. ان نجات واري ويڙھہ ۾ ٻين کان جڏهن ضرورت پئي آهي، تڏهن اخلاقي، مالي ۽ فوجي مدد ورتي وئي آهي.
1815ع ۾ جڏهن دنيا ڪانگريس ۾ روس، آسٽريليا، انگلينڊ، فرانس، سوئيڊن، اسپين ۽ پورچوگال جي بادشاهن پولينڊ کي چوٿون ڀيرو ويڙهايو تہ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو پولينڊ ۾ انقلابي هلچل شروع ٿي. پولينڊ جو بادشاھہ، الينگريزينڊر انقلابي تحريڪ جو مخالف نہ هو ۽ اتي جي دستور ۾ ڪنھن حد تائين جهموريت هئي. ان ڪري انقلابي چرپر ۽ هلچل تمام تيزي سان ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پکڙجي ويئي. انقلايبن کي پنھنجي جدوجھد ۽ جستجو ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ٿي. پر جڏهن پولينڊ جي بادشاھہ ان انقلابي تحريڪ جي مخالفت ڪئي تہ انقلابين کي وڏي مشڪلات ۽ دقت سان منھن ڏيڻُ پيو. نڪولس جي تخت کان پوءِ بادشاھہ ۽ انقلابين جي وچ ۾ سخت ڇڪ ڇڪان ۽ڪشمڪش هلي. ٻنھي جي وچ ۾ ڏينھون ڏينھن تُرشي ۽ تلخي وڌندي وئي.
1830ع ۾ جڏهن نڪولس پولينڊ جي فوج کي فرانسسي انقلاب دٻائڻ لاءِ موڪليو تہ انقلابي کليو کلايو بغاوت شروع ڪئي. پنھنجي باقاعدي حڪومت قائم ڪئي. پولينڊ جي پارليامينٽ ان کي قومي بعاوت ڪوٺيو ۽ قرار ڏنو. هڪ عيوضيءَ جي ذريعي ٻين کان مدد جي درخواست ڪئي. پر ان قوت سامراجي سوئرن جي هُو هوا ۽ زور هو، ان ڪري اها درخواست قبول نہ پئي ۽ پولينڊ جا اهي انقلابي روسي ساموادين جي خلاف يارهن مھينن تائين اڪيلا وڙهندا رهيا، کاڌي ۽ اوزار جي ڪمي جي ڪري ڪامياب نہ ٿيا.
1939ع جي ٻي مھاڀاري جنگ ۾ جن ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجي محڪوم ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ٻين ملڪن ۾ وڃي فوج تيار ڪئي. ان وسيلي پنھنجي مظلوم ۽ غلام ملڪ کي محڪومي جي لعنت کان آزاد ڪرڻ جي باقاعدي لڙائي ڪئي. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم جنرل ڊيگال جو آهي، فرانس جي ڌارين جي شڪست کان پوءِ جنرل ڊيگال انگلستان هليو ويو. ” اتي وڃي هن هڪ وڏي پلٽڻ ۽ مھاڀاري فوج تيار ڪئي اتحادين جي مدد سان فرانس کي جرمني جي غلاميءَ کان آزاديءَ ڏياري. اهڙي طرح يونان، پولينڊ، زيڪو سلويڪا، يوگو سلاويا، بہ پنھنجي آزاديءَ جي لاءِ فوجون تيار ڪيون.
جهڙي طرح غلام ملڪن پنھنجي عوام ۽ وطن کي آزاد ڪرڻ لاءِ قومي فوجون تيار ڪيون. اهڙي طرح ڀارت جي آزاديءَ لاءِ بہ ”آزاد هند فوج“ جي نالي سان هندستان کان ٻاهر قومي فوج تيار ڪئي وئي. جنھن جو باني ۽ اڳواڻ ملڪ جو مشھور بي ڊپو ليڊر سڀاش چندر بوس هو.
جن ماڻھن کي سڀاش جو قرب ۽ اعتمادحاصل هو. جن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو. انھن کي خبر هئي تہ جپان وڃڻ کان اڳ ئي سڀاش چندر بوس جي دل ۽ دماغ ۾ هڪ قومي فوج ٺاهڻ جو خيال موجود هو. جڏهن ڪانگريس جو صدر ٿيو هو تہ هُو زيڪوسلاويڪا ويو هو ۽ اتي هن قومپرستن سان ڪچھريون ۽ گڏجاڻيون ڪيون هيون. انھن کان هن کي معلوم ٿيو هو تہ انھن ڪيئن ٻئي ملڪ ۾ پنھنجي قومي فوج تيار ڪئي ۽ ان جي ذريعي غلام وطن کي آزاد ڪرايو.
هوُ اٽلي ۽ جرمني ۾ هندستاني فوج جي قيدين سان مليو. انھن کي پنھنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ يادگيري ۽ جذبو ڏياريائين. هن جو هندستان مان نڪري وڃڻ وقت هن آڏو هڪ مھان ۽ عاليشان مقصد هو.
اهوئي مقدس جيڪو هن کي زيڪوسلويڪا جي قوم پرستن ٻڌايو هو. 1943ع ۾ مشرقي ايشيا جي عيوضين جي هڪ ڪانفرنس سنگاپور ۾ ڪوٺائي وئي. جنھن ۾ راش بھاري بوس اعلان ڪيو تہ هيئنر ان جي جڳھہ تي سڀاش چندر انھيءَ هلچل جي رهنمائي ۽ رهبري ڪندو.
جولاءِ 1943ع تي سڀاش چندر بوس سنگاپور پھتو. 4 جولاءِ تي اڳوڻن جي ڪانفرنس ۾ راش بھاري بوس صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ۽ سڀاش صدارت جو عھدو سنڀاليو.
سڀاش بابو اچڻ ڪري آزاد هند ليگ ۽ آزاد هند فوج جي ڪايا پلٽجي وئي. 5جولاءِ تي آزاد هند فوج جو مظاهرو ٿيو. ان فوج جي مشھوري سڄي دنيا ۾ ڪئي وئي. سڀاش چندر بوس اُن مظاهري وقت پيغام ڏيندي چيو تہ ”هن وهندڙ ندي جي ٻنھي پاسي هن گهاٽن جهنگن کان پري، انھن بلند پھاڙن جي اوٽ ۾ اسان جو پيارو وطن آهي. اهو وطن جنھن تي فرشتا بہ عاشق ٿي لھي اچن ٿا. اهو وطن جنھن جي شاخ خاڪ ۾ رام ۽ ڪرشن مليل آهن. انھيءَ خاڪ مان اسان ۽ توهان جنم ورتو آهي. انھيءَ تي اسين پليا آهيون. ان مادر وطن جي محبت اسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. اڄ اسان آسمان جي هيڏانھن هوڏانھن ڦري رهيا آهيون .
ياد رکو ! اسان کي هڪ دفعو وري پنھنجي وطن ۾ واپس هلڻو آهي.
ٻڌو! ٻڌو! هوا جي لھرن ۾ اها صدا پڪاريندي اچي رهي آهي، اسان جو وطن اسان کي سڏي ۽ پڪاري رهيو آهي، اسان جي پنھنجي سلطنت دهلي اسان جي آجيان پنھنجون اکيون وڇائي رهي آهي. ٻڌو! ٻڌو! وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌو، گنگا ۽ جمنا ڪنارن تان چاليھہ ڪروڙ آواز گڏجي اسان کي پڪار ي رهيا آهن. . . !
چاليھہ ڪروڙ انسانن جي استقبال لاءِ ڌڙڪي رهي آهي اسي ڪروڙ ٻانھون اسان لاءِ گل ورسائڻ لاءِ آتيون آهن. رت، رت کي پڪاري رهيو آهي. هينئر اسان وقت خراب نٿا ڪري سگهون. اسان جا هٿيار هينئر مياڻ ۾ رهي نٿا سگهن. سامھون پٿر جا پھاڙ اسان جي وطن ۾ بيٺا آهن. اڳتي وڌو. ان رستي تان هلي پھاڙن کي پار ڪيو. ان پار هلي آسمان کان بہ پنھنجي آزاديءَ ڇنڻي آهي.
قدرت توهان جي مدد ڪندي، پر قدرت ان جي مدد ٿي ڪري، جن جي ساھہ ۾ طوفان ٿئي ٿو. جن جي ٻانھن ۾ طاقت ٿئي ٿي، دشمن جي قطارن کي چيري پنھنجي وطن پھچڻو آهي. ”آزادي يا موت“ يا تہ اسان پنھنجو ٽرنگو جهنڊو جهولائيندا دهليءَ جو قلعو فتح ڪنداسون. يا وڙهندي وڙهندي پنھنجي جان ڏينداسون، دهلي جو قلعو فتح جو رستو آيا تہ اسان دهلي ۾ داخل ٿينداسيون. دهليءَ ۾ اسان جا لاشا لال لھوءَ ۾ ٻڏل هوندا. شام جو لڏندڙ هوا جا جهولا انھيءَ ڳالھہ جا شاهد هوندا تہ آزاديءَ جي لاءِ اسين موت جي قيمت ڏيڻ لاءِ ڪڏهن پٺتي ڪونہ هٽيا آهيون.
ٻڌي رهيا آهيو ٻڌو! پنھنجو رت رهيو آهي پڪاري تہ هن پار دهلي آهي، هن پار دهلي آهي. . . دهلي آهي.
ان جلسي ۾ تقرير ڪندي عظيم ليڊر چيو تہ ”هر قوم ۽ هر فوج جو هڪ نعرو هوندو آهي. جنھن مان ان جي منزل مقصود جو پتو پوي ٿو. جرمني جو نعرو هوندو هو (سنگاپور هلو) تہ ان وانگر اسان جو بہ نعرو آهي ”دهلي هلو“ اهو نعرو ان وقت تائين بلندا ڪندا رهجو. جيسيتائين ڌارين جي غلامي کان آزادي نہ ملي.
رنگون ۾ جوبلي هال آهي اتي هزارين هندستاني پنھنجي محبوب رهنما سڀاش جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ويٺا هئا ۽ ٻيا گڏ ٿيندا پئي ويا.