5
هريپورا ڪانگريس جي اجلاس ۾ پنھنجي صدارتي تقرير ۾ سڀاش هندستان اڳيان جيڪي مکيہ ۽ اهم مسئلا هئا. تن تي کُلئي دل ڳالھايو ۽ روشني وڌي. هن يورپ جي جنگ ڏانھن ڌيان ڇڪائيندي، ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ جنگ جو موقعي جو فائدو وٺي، هندستان کي برٽش سلطنت شاهي کان آزاديءَ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي.
آزاد هندستان جو برٽن سان ڪھڙو رشتو ۽ ناتو رهي. تنھن جو ذڪر ڪندي چيائين تہ: ”آزاد ٿيڻ بعد ئي اسين برٽن ڏانھن پنھنجي ايندڙ ۽ آئيندہ لاڳاپن جو فيصلو ڪنھن عھدنامي ذريعي ڪري سگهنداسون. جو ٻئي ڌريون رضا خوشي سان صحيح ڪنديون ۽ پوءِ ان جو گهڻو مدار انگريزن جي ئي رخ تي رهندو.
آئرلينڊ جو پريزيڊينٽ ڊي وليرا هن سولا تي رويو ۽ رخ مونکي پسند آهي، هن وانگر مان بہ چوندس تہ اسان جي انگريزن سان ڪا بہ دشمني ڪانھي. اسان برطانيہ حڪومت سان لڙي رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا تہ اسان آئيندہ لاڳاپن جوڙڻ لاءِ اسان کي مڪمل آزادي رهي.
آزاديءَ وٺڻ بعد ڪانگريس جو درجو ڪھڙو رهي، تنھن بابت چيائين تہ “هندستان ڌارئي راڄ کان آزاد ٿيندو. تنھن بابت ڪانگريس ڪو سميتي ڪونہ ويندي، جيتوڻيڪ ڪانگريس آزاديءَ کان پوءِ بہ وڏي مان وڏي پارٽي ٿي رهندي، جا ملڪ جو ڪاروبار هلائيندي. جنھن سال سڀاش پريزيڊنت ٿيو. تنھن ۾ هن خاص ڳالھہ اها ڪئي جو ملڪ جو هنري واڌاري لاءِ هڪ نيشنل پلاننگ ڪاميٽي ٺاهي، جنھن جو چيئرمين پنڊت جواهر لال نھرو کي ڪيو ويو. جيئن تہ اتي انھيءَ سال ڪانگريس عھدا قبوليا هئا ۽ ڪانگريسن جون ستن پرڳڻن ۾ راڄ هلي رهيو هو. تنھنڪري اها هنري واڌاري جي هلچل ۾ ڪانگريس چڱو سھڪار ۽ ساٿ ڏنو ڪانگريس ڪا بہ خاص هلچل يا چڪري ان سال ڪا نہ هلائي.
سڀاش بابو بہ ڪانگريس وزارتن جي ڪم کي پسند ڪيو، ايتري قدر جو اٺين پرپڳڻي آسامّ بہ سندس ڪوشش سان ڪانگريس ڪوئليشن وزارت ٺھي.
سڀاش سنڌ ۾ بہ ڪانگريس ڪوئليشن وزارت کڙي ڪرڻ جي فائدي ۾ هو. ان ڏس ۾ هو ڪجهہہ ڪري نہ سگهيو.
هُو جڏهن وطن آيو تہ هن جو زبردست استقبال ڪيو ويو. گانڌي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ دوستن واڌايون ڏنيون.
آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جو اجلاس 12 فيبروي 1938ع ۾ شروع ٿيو. پنڊت جواهر لال نھرو گذريل سال جي ڪاروائي پڙهي. حالتن تي مختصر روشني وڌي ۽ سڀاش بابو کي درخواست ڪئي تہ صدارت جي ڪرسي سنڀالي، نعرن جي گونج ۾ سڀاش چندر صدارت جي ڪرسي تي ويٺو. بھترين نموني سان صدارت جا فرائض سرانجام ڏنائين ۽ شاندار تقرير ڪيائين.
ڪانگريس جو 56هون اجلاس ترپور ۾ ڪوٺايو ويو. صدارت جي اميدواري لاءِ ٽن ڄڻن جا نالا آيا.
1. مولانا ابو الڪلام آزاد
2. ڊاڪٽر پتابي سيتا رام
3. سڀاش چندر بوس بابو
ڀارت جي نوجوانن جي اها خواهش ۽ خيال هو تہ سڀاش بابو کي وري صدر ڪيو وڃي پر ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ ان لاءِ تيار نہ هئي. مولانا آزاد صحت خراب هئڻ ڪري ايڏو بار کڻڻ قبول نہ ڪيو.
گانڌيجي ڊاڪٽر پتاجي سيتارام کي ان عھدي لاءِ نامزد ڪيو.
ان وقت معمول هوندو هو تہ ڪانگريس جي صدارت لاءِ لائق ۽ حقدار اهو هوندو ۽ ان جي حصي ۾ صدارت ايندي هئي. جنھن کي گانڌي نامزد ڪندو هو. اهو رواج ۽ رسم بيڪار ۽ فرسودہ آهي تہ ڪو بہ ليڊر پنھنجي مرضي مڙهي. غير جهموري طريقو اختيار ڪري پنھنجا ماڻھو چونڊرائي ان کان پنھنجا جھڙا تھڙا فيصلا مڃرائي.
ائين ڪرڻ سان پارٽي ۾ انتشار ۽ گروھہ بندي کي هٿي ملندي آهي، جيڪا اڳتي هلي تنظيم يا تحريڪ لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. سڀاش چندر بوس ان پراڻي رسم ۽ طريقي جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون. مھاتما گانڌيءَ جي طرفان سيتارام جي نامزدگي جي باوجود سڀاش اعلان ڪيو تہ: “آءٌ پارٽي جي صدارتي چونڊ اليڪشن، لڙندس گانڌيجي ڪانگريس جو مالڪ ناهي. اهو فيصلو صوبائي ڪميٽين ۽ عوام کي ڪرڻو آهي تہ صدر ڪير ٿيندو؟”
بوس جي انھي فيصلي جهموريت پرست ڪانگريس جي حلقي ۾ هلچل مچائي ڇڏي. هن کي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن کي اپيل ۽ التجا ڪئي وئي. اليڪشن تان هٿ کڻي پنھنجو نالو واپس وٺي، ليڪن هُو پنھنجي فيصلي تي اٽل رهيو. پنھنجي اصولي ڳالھہ تان چسيو ۽ چريو نہ، هن چيو تہ: مون پنھنجي آزمودي ۽ عقل سان ڏٺو آهي تہ ڪانگريس جو صدر گهڻو ڪري ورڪنگ ڪميٽي ۽ گانڌيجي هٿ ۾ وٺي ٿو رهي. آءٌ جهوني دستور کي ٽوڙي ڪانگريس ۾ نئين ريت رکڻ لاءِ اليڪشن ۾ بيھان ٿو، عام خيال اهو تہ جنھن ۾ گانڌيجي مرضي ۽ همدردي نہ هوندي! جنھن کي گانڌيجي حمايت حاصل نہ هجي، اهو ڪھڙي حالت ۾ بہ ڪانگريس جو صدر نہ ٿو ٿي سگهي. ليڪن سڀاش اهو طلسم ٽوڙي ڇڏيو، هن مڙسي سان مقابلو ڪيو ۽ سيتارام کي شڪست فاش ڏئي ٻيھر ڪانگريس جو صدر مقرر ٿيو.
هنن جي اليڪشن کان پوءِ مھاتما گانڌيءَ فورن اعلان ڪيو تہ: ”آئون تسليم ڪيان ٿو تہ اها شڪست پتاجي سيتارام جي نہ پر منھنجي آهي. “
بوس تي اعلان جو ڪوئي اثر نہ پيو، نہ ئي هن نوٽيس ورتو.
ان ڪاميابي تي سڀاش ڪنھن بہ خوشي جو اظھار نہ ڪيو. بلڪہ نھايت ئي زور دار لفظن م چيو تہ: ”هي موقعو خوشي ڪرڻ جو تہ ڪونھي پر ان جي بدران پنھنجي دلين جو امتحان وٺڻ ۽ آئيندي جي لاءِ تياري ڪرڻ جو آهي. اسان جي چونڊ جي نتيجي کي صبر ۽ تحمل سان ڏسڻ ۽ ويچارڻ گهرجي، مون کي سڀاڻي جو فڪر ۽ ڳڻتي آهي. “
اهو ئي عملي ڪم انھن ماڻھن جو ٿيڻ گهرجي، جن مون کي ووٽ ڏنو آهي ايئن نہ آهي مان اها ڳالھہ صاف ڪرڻ ٿو چاهيان تہ ڪانگريس پھرين وانگر بلڪل هڪ آهي. ڪانگريس ۾ اختلاف اچي سگهن ٿا پر جيسيتائين حڪومت سان لڙائي جو خيال آهي. ان ۾ سڀ هڪ آهيون.
هندستانن جي نوجوانن سوچڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو تہ ”عدم تشدد“ خاص حالتن ۾ درست ٿي سگهي ٿو. ليڪن عدم تشدد جي تحريڪ کي خاص حالتن ۾ پستول جي گولي ــــــ بم جي ڌماڪن جي ضرورت آهي، آزادي ليٽڻ، بک هرتال ڪرڻ، بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ ڌرڻو هڻي نعرن هڻڻ ۽ ٻاهريون مال خريد نہ ڪرڻ (PICKETING) سان حاصل نہ ٿيندي آهي.
پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ”رائيفل جي ٽريگر“ کي ڇھڻ ۽ لبلبي، دٻائڻ جي ضرورت آهي. آزادي گهرڻ سان ملندي آهي، آزادي کسي وٺبي آهي.
مھاتما گانڌي واقعي هڪ عظيم انسان آهي، پر پنھنجي قربانين سان پنھنجي ملڪ کي هڪ وڏي انقلاب لاءِ تيار ڪيو. پر اسان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ پھچي چڪا آهيون. جتي مھاتما گانڌيجي قيادت نہ پر ڀڳت سنگهہ، سڀاش چندر بوس، تلڪ، ۽گوش جھڙن پرجوش، بي باڪ ۽ بھادر نوجوانن جي هٿن ۾ اڳواڻي ڏسڻ چاهيون ٿا. گوش جو چوڻ هو تہ: ”ملڪ جو ڪو بہ انقلاب پسند نوجوان ان فلسفي جو حامي ناهي، نہ ئي ٿي سگهي ٿو، اسان ان ڳالھہ تي عقيدو رکون ٿا تہ سسي گده جا يا عدم تشدد ذّريعي ڪا ئي قوم آزاد نٿي ڪري سگهجي. حصول آزاديءَ لاءِ قوت بازو جي ضرورت آهي.
آزادي پني نہ ويندي آهي بلڪ وڙهي وٺبي آهي. آزاديءَ لاءِ خون ۾ وهنجڻو ۽گولين سان کيڏڻو پوندو آهي.
سڀاش چندر پھريون دفعو گانڌيجي راضپي ۽ مرضي سان 1937ع ۾ ڪانگريس جو صدر بنجي ويو. ليڪن 1938ع ۾ ڪانگريس جي عام ميمبرن جي متفق راءِ کان پوءِ چونڊجڻ جي باوجود ان کي مجبورن مستعفي ٿيڻو پيو. انڪري تہ گانڌيجي خاص تعاون ۽ اشتراڪ ڪرڻ لاءِ تيار نہ هو. حالانڪہ سڀاش ڪانگريس جو صدر ۽ گانڌي ڪانگريس جو چئين آني جو بہ ميمبر نہ هو.
پھريان گانڌيجي، جواهر لعل نھرو جي ڀيٽ ۾ سڀا ش چندر جي پٺي ٺپي، بنا ڪنھن شڪ جي ان کي ڪانگريس جو صدر بڻايو. ليڪن سڄي سال جي تجربي مان هن کي اندازو ٿيو تہ جھڙي طرح جواهر لعل نھرو گانڌيءَ جي نياز مندي ڪندي جهڪي وڃي ٿو. بوس نٿو جهڪي جواهر لعل نھرو پنھنجي مڃيل ۽ معروف سياسي عقيدن تان مھاتما گانڌي خاطر لچڪ پيدا ڪري ٿو. ليڪن بوس پنھنجي ڪنھن بہ خيال ۽ نظرئي ۾ گانڌي خاطر ذرو بہ لچڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. . . نتيجي ۾ گانڌيجي، بوس کان منھن موڙي ويو.
هڪڙي اديب ۽ ان وقت جي ليڊر لکيو آهي تہ ڪانگريس جي اجلاس جي موقعي تي گانڌيجي، ان ۾ شرڪت نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيئن هن جي عدم شرڪت جي ڪري ڪانگريس جو اجلاس (سيشن) ڪمي محسوس ڪري ۽ بي مزي ٿئي، ماڻھو سمجهن تہ ڪانگريس گانڌيءَ جي مرحون منت کان محروم ٿي وئي آهي، ليڪن بوس ان جي ڪا پرواھہ نہ ڪئي، تياريون ٿينديون رهيون. اجلاس شروع ٿي ويو گانڌيجي، ڏٺو تہ اهو داءُ بہ ناڪام ويو تہ هو پنھنجي شھر راج ڪوٽ پھتو، ۽ ننڍي راجا جي هڪ مبينا واعدي خلافي تي احتجاج ڪندي بک هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيائين.
اصل مقصد هو تہ سموري هندستان ۾ هلچل هُو هوا مچي وڃي، عوام بوس ۽ ڪانگريس جي اجلاس کان توجھہ ۽ هٽائي ڇڏي. ليڪن ان جي باوجود ڪانگريس جو اجلاس نھايت ڪاميابي سان پورو ٿيو.
وائسراءِ مداخلت ڪري چيف جسٽس آف انڊيا سرماوس گائد کي ثالرن بڻائي بک هڙتال ٽوڙائي. ليڪن بوس ان واقعي کان ذرو بہ متاثر نہ ٿيو.
معمول ۽ اصول اهو هو تہ صدر ڪانگريس پنھنجي ورڪنگ ڪميٽي خود نامزد ڪندو.
ليڪن بوس لاءِ اهو مسئلو وڏو نازڪ ٿي ويو. جيڪڏهن ورڪنگ ڪميٽي نون ميمبرن تي مشتمل ٿئي ٿي تہ پراڻا ميمبر ڪڍيا وڃن ٿا تہ ماڻھو چوندا بوس کي گانڌي سان مڃيل ليڊرس سان اختلاف ۽ اڻبڻت آهي. جيڪڏهن ورڪنگ ڪميٽي تي پراڻا ميمبر کنيا وڃن ها تہ گانڌيءَ جي اثر هئڻ ڪري سندس چوڻ تي قدم، قدم تي رڪاوٽون وجهڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڏين ها.
آخر بوس عوام جي اعتماد ۽ اعتبار کي ڌچڪو نہ رسائڻ خاطر فيصلو ڪيو تہ پراڻن ميمبرن کي خارج نہ ڪيو وڃي.
تنھنڪري هن پنھنجي نئين ورڪنگ ڪميٽي ۾ جواهر لعل نھرو، سردار پٽيل، مولانا آزاد، ڪرپلاڻي، راجندر پرشاد کي نامزد ڪيو.
گانڌيجي خالص سياستدان هو. هن جي چوڻ ۽ اشاري تي ورڪنگ ڪميٽي مستعفيٰ ٿي وئي. صورتحال هيئي تہ بوس ڪانگريس جو صدر هو. ليڪن ڪانگريس جا تمام پرڻا ليڊر ۽ چوٽيءَ جا اڳواڻ ان سان لاتعلقي ۽ عدم تعاون ڪري رهيا هئا. انھن حالتن ۾ بوس محسوس ڪيو تہ هو ڪم نٿا ڪري سگهن، پاڻ ذهني پريشان ٿيڻ لڳو.
سردار ولڀ پٽيل جي وڏي ڀاءُ ٺل ڀائي پٽيل صابق صدر مرڪزي اسيمبلي بوس کان تمام گهڻو متاثر هو.
22 آڪٽوبر 1933ع ٿي. ان جو انتقال آمريڪا ۾ ٿيو. ان وقت بوس بہ اتي موجود هو. سندس لاش هندستان موڪلرايو ولڀ ڀائي پٽيل مرڻ مھل وصعيت ۾ تمام جائيداد ۽ املاڪ ملڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ان جو ٽرسٽي بوس کي بنايائين ۽ وصيت ڪري ويو هو تہ ٻاهرين ملڪن مان هندستان بابت پرچار ۽ پروپيگنڊه ڪرڻ لاءِ سندس ملڪيت سڀاش کي ملڻ گهرجي. ليڪن سردار ولڀ ڀائي پٽيل ان وصيت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بمبئي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايائين. استدعا ڪيائين تہ کيس ٽرسٽي بنايو وڃي.
سڀاش ۽ ٻين اڳواڻن جا اختلاف ۽ صدارتي گوڙ هلندا رهيا، ڪانگريس ڪميٽي جي 12 ميمبرن اعتراض طور ورڪنگ ڪميٽِي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. جنھن وقت تار جي ذريعي اها استعيفا پھتي. ان وقت سڀاش بابو سخت بيمار هيو. ايتري قدر جو پنھنجي بستري ۽ کٽ تان بہ اٿي ويھي نہ ٿي سگهيو. سڀاش طبعيت ۾ ڪجهہہ بھتر ٿيو، انھن جي استعيفي قبول ڪري ڊاڪٽرن جي هدايت جي پرواھہ نہ ڪندي سڄي ڪم کي پاڻ نظر مان ڪڍڻ لڳو.
ترپور اجلاس ۾ باقي هڪ هفتو وڃي بچيو هو. پاڻ ۾ ڪنھن ٺاھہ، صلح ۽ سمجهوتي ڪرڻ جو ڪو بہ اهڃاڻ، سگهه ۽ اميد نظر ڪا نہ پئي آيس. ان وقت گانڌيجي، مرڻ تائين بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي وقت ۾ سڀاش بابُو جي خاموش ويھڻ جو سوال ئي پيدا نہ پئي ٿيو.