شاعري

ڪلام بشير (ماستر قادر بخش ”بشير“ جو ڪلام)

ماستر قادر بخش ”بشير“ نھايت ماٺيڻو، سادہ دل، کل مک ۽ سچو انسان هو. وٽس ڪيترائي پڙهيل پري پري کان پھچي، علم جي اُڃ اُجهائيندا هئا. سندس ڪلام جهجهي انداز ۾ آهي؛ جنھن ۾ رنگيني، دلڪشي ۽ اثر انگيزي گهڻي نظر اچي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس شاعري، سوانح، ادبي پسمنظر ۽ سندس شاعريءَ جو جائزو پيش ڪيو ويو آھي. پاڻ غزل ۽ نظم تمام سٺا چيا اٿس. خاص ڪري سندس طويل نظم اعليٰ پايي جا آهن. اهڙيءَ طرح غزل بہ عشقيہ انداز ۾ چيا اٿس. مزاحيہ ڪلام، وطني حب جا ترانا ۽ هن بي بقا دنيا لاءِ مرثيا پڻ مختلف عنوان سان رقمطراز ڪيا اٿس. 

  • 5.0/5.0
  • 84
  • 17
  • 4 ڏينهن اڳ
  • 1
Title Cover of book Kalam e Bashir
سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪلاسيڪل سنڌي شاعر ماستر قادر بخش ”بشير“ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪلام بشير“ اوھان اڳيان حاضر آھي. ھن مجموعي جو مرتب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي آھي.
ماستر قادر بخش ”بشير“ نھايت ماٺيڻو، سادہ دل، کل مک ۽ سچو انسان هو. وٽس ڪيترائي پڙهيل پري پري کان پھچي، علم جي اُڃ اُجهائيندا هئا. سندس ڪلام جهجهي انداز ۾ آهي؛ جنھن ۾ رنگيني، دلڪشي ۽ اثر انگيزي گهڻي نظر اچي ٿي. ھن ڪتاب ۾ سندس شاعري، سوانح، ادبي پسمنظر ۽ سندس شاعريءَ جو جائزو پيش ڪيو ويو آھي. پاڻ غزل ۽ نظم تمام سٺا چيا اٿس. خاص ڪري سندس طويل نظم اعليٰ پايي جا آهن. اهڙيءَ طرح غزل بہ عشقيہ انداز ۾ چيا اٿس. مزاحيہ ڪلام، وطني حب جا ترانا ۽ هن بي بقا دنيا لاءِ مرثيا پڻ مختلف عنوان سان رقمطراز ڪيا اٿس. 
ھي ڪتاب 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

 

نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.  

 

سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

ڪتاب ۾ ٽِڪليون