سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ زيب نظاماڻيءَ جي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو ”ھلو ھلون اسڪول“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ زيب نظاماڻيءَ انتھائي سھڻي انداز ۾ سنڌي سٻاجهڙن ٻارڙن لاءِ وندر ورونھن تي مشتمل معياري، معلوماتي، دلچسپ ۽ نصيحت ڀريا نظم لکي ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ ۾ ٻارن جي تربيت لاءِ ھر رنگ موجود آھي، جنھن ذريعي ٻار جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪرڻ آسان ٿي پوي ٿي. ڪتاب ۾ شاعريءَ سان گڏ اسڪيچ ۽ تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو جون 2013ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو نومبر 2016ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2018ع ۾سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.