شاعري

ڇُلڪيا نيڻ ڪٽورا

هـيءُ سـنڌ جي ناليواري شاعر مرحوم آثم ناٿن شاهيءَ جو چوٿون شعري مجموعو آهي، جنھن ۾ نظم، آزاد نظم، غزل ۽ هائيڪا شامل آهن. آثم ناٿن شاھي جي شاعريءَ ۾ ٻھراڙيءَ جي ماحول، رسم و رواج، حالات و واقعات سميت پيار ۽ محبت جا دل لڀائيندڙ عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا. ڪتاب جو مھاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي، جنھن ۾ هُو لکي ٿو تہ: ”هن ڪتاب جي شاعريءَ ۾ ڪو ورجاءُ نظر نہ ايندو، شاعريءَ جو آواز بنھہ نيارو، لھجا نوان، انداز الڳ، نوان نوان موضوع، ڪيترائي بحر، وزن ۽ سٽاءَ ڏسڻ ۾ ايندا. جديد شاعريءَ واري ريس ۽ هڪجھڙائي بلڪل ڪا نہ آهي.“ 

Title Cover of book Chhulkya Nein Katora

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامور شاعر آثم ناٿن شاھيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڇُلڪيا نيڻ ڪٽورا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. 
هـيءُ سـنڌ جي ناليواري شاعر مرحوم آثم ناٿن شاهيءَ جو چوٿون شعري مجموعو آهي، جنھن ۾ نظم، آزاد نظم، غزل ۽ هائيڪا شامل آهن. آثم ناٿن شاھي جي شاعريءَ ۾ ٻھراڙيءَ جي ماحول، رسم و رواج، حالات و واقعات سميت پيار ۽ محبت جا دل لڀائيندڙ عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا. ڪتاب جو مھاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي، جنھن ۾ هُو لکي ٿو تہ: ”هن ڪتاب جي شاعريءَ ۾ ڪو ورجاءُ نظر نہ ايندو، شاعريءَ جو آواز بنھہ نيارو، لھجا نوان، انداز الڳ، نوان نوان موضوع، ڪيترائي بحر، وزن ۽ سٽاءَ ڏسڻ ۾ ايندا. جديد شاعريءَ واري ريس ۽ هڪجھڙائي بلڪل ڪا نہ آهي.“ 
ھي ڪتاب 2006ع ۾سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.