ڪھاڻيون

ڪَلجُڳ جا رنگ

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جون ڪھاڻيون آهن تہ مختصر، پوءِ بہ هر ڪھاڻي موضوع جي لحاظ کان نہ رڳو ڪئنواس رکي ٿي پر ان کي گهمائي ڦيرائي، پس منظر ۽ پيش منظر ڏيئي، منظر نگاري ڪري، ڪردارن کان ڊائلاگ بازي ڪرائي، انهن کي طويل ڪھاڻي جي زمري ۾ بہ آڻي سگهيو پئي، پر هن مني ڪهاڻي (Flash Fiction) ذريعي جيڪا ڳالهه ٻڌائڻ ٿي گهري، اُها ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ جيڪو پيغام ڏيڻ گهريو، اُهو ڏيئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽڙ غلام نبي سڌايي جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ احساس جي اُڏار بہ پنهنجي جوڀن تي نظر ٿي اچي، جيڪا ليکڪ جي اندر جي ڪنئرائپ ۾ اڌمن جي اظھار جو خوبصورت نمونو آهي.
Title Cover of book ڪَلجُڳ جا رنگ

هڪ گُل

“ڪميل پٽ، ڏهه ٿي چڪا آهن پر ماسي ڪم واري اڃا ڪو نه پهتي آهي، ڀر واري گهر مان جهاتي پائي اچ متان اتي آئي هجي.”
هن جي پريشاني ۽ ڳالهائڻ جي تيزي ڏسي، مڙس کيس چيڙائيندي چيو:
“خالده ! چئبو ته ماسي کان سواءِ تون اڌوري آهين نه ؟”
“توهان ڪمال ٿا ڪريو، ڏسو نٿا گهر جو ڪيڏو ڪم آهي، ٿانءُ ڀانڊا، پوچو صفائي پر ها، اڄ آچر آهي، ماسي کي ڪپڙا به ڌوئڻا هئا، ڪپڙن جا به ڍڳ لڳي ويا آهن.” پريشاني ۾ هوءَ نراڙ تي هٿ رکي ويهي رهي.
“تون گهٻراءِ نه، ماسي نه آئي ته سڀ ڀاتي گڏجي ٿا ڪم ڪري وٺون.” مڙس آٿت ڏيندي چيس.
ايتري ۾ ڇوڪرو موٽي آيو ۽ چيائينس:
“ماسي اتي به ڪو نه آئي آهي.”
اهو ٻڌي هن ڀانڊا وغيره سهيڙي گهر جي ڪم کي سنڀالي ورتو.
ماسي لڳاتار ٽي ڏهاڙا پڌري ڪو نه ٿي، چوٿين ڏينهن ڏاڍي خاموش خاموش گهر ۾ آئي- هن جي چهري مان ايئن ٿي لڳو ڄڻ گهڻن ڏينهن جي بيمار هجي، اچڻ سان هوءَ ڪم ۾ جنبي ويئي هئي- نيٺ خالده پڇيس:
“ماسي ! خير ته هيو- ڏاڍا ڏينهن لاتئي.”
ماسي وراڻيو:
“امان! اسان غريبن جا ڪهڙا حال ٿي پڇين، منهنجو سڪيلڌو پوٽو، دست الٽين جي بيماري ۾ وٺجي ويو، رات جو وڳڙو ڪاڏي وڃون گهر ۾ پيل ڦَڪي سُتي سان بلو ڪيو سي، هڙخالي هئي، ڊاڪٽر ڏي وڃي نه پئي سگهياسي .”
خالده چيس:
“ماسي! هيڏانهن اچين ها، اسان تنهنجي واهر ڪريون ها. توکي ته اڳواٽ ئي چيل آهي ته ڏکيءَ سکيءَ ۾ مدد گهرندي ڪر.”
“ننڍڙي صبح جو انتظار ئي ڪو نه ڪيو. رات جي پيٽ ۾ بي رحم موت هن کي پنهنجي چنبن ۾ کڻي هليو ويو ۽ اسان ڏسندا رهجي وياسي.”
“ها ماسي! موت جو فرشتو ڏاڍو ڪٺور ۽ پنهنجي مرضي وارو آهي- هن جي اڳيان ڪنهن جو چارو نٿو چلي وڻيس ته ڪچا پٽي، وڻيس ته پڪا.”
ماسي روئيندي چيو:
“فرشتو، خدا کان ته ڏاڍو ناهي!! اسان جي اڱڻ ۾ ته صرف هڪ گُل ڦٽيو هو جيڪو پنهنجو رنگ بکيرڻ کان اڳ ۾ ئي بي رنگ ٿي ويو...! آخر ڇو؟
خدا غريب جو ناهي ڇا؟؟؟!!

