ڪتاب جو نالو: سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 25 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 3325 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 877 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ليکڪ پاران
  • مهاڳ
  • سئو اديبن جي الف_ب وار ترتيب

  • آغا سليم
  • امر جليل
  • احمد ملاح (مولوي)
  • اياز قادري
  • ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
  • الطاف شيخ
  • ابراهيم ”منشي“
  • اِمداد حُسيني
  • اُستاد بخاري
  • شيخ محمد ابراهيم ”خليل“
  • ادل سومرو (ڊاڪٽر)
  • انور بلوچ
  • ايشور چندر
  • ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي
  • تنوير عباسي (ڊاڪٽر)
  • تاجل بيوس
  • تاج جويو
  • پير حسام الدين راشدي
  • پير علي محمد راشدي
  • پرمانند ميوا رام
  • پوپٽي هيرا ننداڻي
  • پرويز
  • جي - ايم - سيد
  • جمال ابڙو
  • جمال ابڙو
  • ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
  • حيدر بخش جتوئي
  • حميد سنڌي
  • خاڪي جويو
  • خيرالنساءِ جعفري
  • ڊاڪٽر درشهوار سيد
  • رسول بخش پليجو
  • رشيد ڀٽي
  • ســراج
  • سوڀو گيانچنداڻي
  • سُندري اُتمچنداڻي
  • محمد سومار شيخ
  • ”ساقي“ سجاولي
  • سحر امداد
  • سرويچ سجاولي
  • شيخ اياز
  • شمشير الحيدري
  • شريڪانت ”صدف“
  • طارق اشرف
  • ظفر حسن
  • علي احمد بروهي
  • عبدالقادر جوڻيجو
  • عبدالواحد آريسر
  • ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
  • علي بابا
  • عبدالواحد سنڌي
  • ع . ق . شيخ
  • عبدالحئي پليجو
  • عثمان علي انصاري
  • هز هائنس مير علي نواز ”ناز“
  • عبدالغفور الستي
  • عبدالغفار ”تبسم“
  • عبدالحق عالماڻي
  • غلام مصطفى قاسمي
  • غلام محمد گرامي
  • غلام نبي مغل
  • غلام رباني آگرو
  • ڊاڪٽر غلام علي الانا
  • غلام حسين رنگريز
  • ڊاڪٽر فهميده حسين
  • فضل احمد بچاڻي
  • فقير محمد لاشاري
  • قمر شهباز
  • قاضي فيض محمد
  • ڪيرت ٻاٻاڻي
  • گوبند مالهي
  • گرداس واڌواڻي
  • لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
  • ليکراج عزيز
  • مخدوم طالب المولى
  • ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
  • مرزا قليچ بيگ
  • محمد ابراهيم جويو
  • محمد عثمان ڏيپلائي
  • ماهتاب محبوب
  • مولائي شيدائي
  • منگهارام ملڪاڻي
  • موتي پرڪاش
  • موهن ڪلپنا
  • محمد خان مجيدي
  • ملڪ آگاڻي
  • نارايڻ شيام
  • ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
  • نجم عباسي
  • نسيم احمد کرل
  • نورالهدى شاهه
  • نورالدين سرڪي
  • نادر بيگ مرزا
  • نياز همايوني
  • نصير مرزا
  • ”وفا“ ناٿن شاهي
  • ولي رام ولڀ
  • هري موٽواڻي ”سنڌي“
  • هري دلگير
  • ذوالفقار راشدي
  • ذوالفقار سيال
  • مددي ڪتاب ۽ رسالا
  • يـوسـف سـنـڌي (ليکڪ جو پروفائيل)

  • ارپنا

    پنهنجي ٻن نياڻين
    پارس
    امرتا
    ۽
    چئن پُٽن
    شهزاد علي
    وشال يوسف
    منظر جان
    ۽
    دارا شڪوهه عرف ثمير علي
    ۽ سندن
    امڙ
    نسيم
    جي نالي

    يوسف سنڌي
    2011/04/30


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.

    ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ليکڪ پاران

    سنڌي ادب جون گهڻيون ئي تاريخون، پنهنجي پنهنجي نموني لکيون ويون آهن، پر پوءِ به اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪونهي ته ان جي مختلف پهلوئن تي اڃا به گهڻي لکڻ جي گهرج آهي، تنهن کانسواءِ ٻي جيڪا ڳالهه مون ڏٺي آهي ته اهي ادبي تاريخون هڪ مخصوص دور کان شروع ٿي. هڪ مخصوص دور تي اچي ختم ٿيو وڃن ۽ جڏهن انهن جا نوان ڇاپا ڇپجن ٿا ته انهن ۾ سواءِ ڪجهه نالن جي واڌاري جي باقي ڳالهه مڙيئي ساڳئي رهي ٿي.
    ڪافي سال اڳ مون سنڌي ليکڪن جو هڪ سوانحي سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن جا ڪجهه مضمون اخبارن ۽ ڪن رسالن ۾ ڇپيا ۽ دوستن ڪافي پسند ڪيا. پوءِ 2004ع ۾ انهن مان 43 سوانحي مضمون ”سنڌي ادب جا سرچشما“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. دوستن پاران سٺي موٽ ملڻ تي منهنجي لکڻ جو اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ ايئن ٻيو ڀاڱو به تيار ٿي ويو.
    ڪجهه وقت کان پوءِ اڳ ڇپيل ڪتاب ۾ آيل سوانحي مضمونن ۽ نون لکيل مضمونن کي ’الف بي وار‘ ترتيب ڏيئي، هن ڪتاب جو مسودو تيار ڪيم ۽ اڳ لکيل مضمونن ۾ پڻ واڌارا ڪري مسودو سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئر پرسن ڊاڪٽر فهميده حسين کي ان گذارش سان ڏنم ته جي اٿارٽي ڇپرائي ته خوشي ٿيندم، پر ڊاڪٽر صاحبه اهو عذر ڏيئي پڙهي واپس ڪيو ته اٿارٽي هن قسم جي ڪتابن کي ڇپرائي نٿي سگهي، اسين هاڻ فقط ٻولي بابت ئي ڪتاب ڇپينداسين، البته اها مهرباني ڪيائين جو ڪتاب بابت پنهنجي راءِ لکي ڏنائين، جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي اٿم.
    هڪ ڏينهن هن ڪتاب جو ذڪر ثقافت کاتي جي سيڪريٽري جناب شمس جعفراڻيءَ سان ٿيو، جنهن هڪدم حامي ڀري ۽ مون کي منهنجي ئي نگرانيءَ ۾ ڪمپوز ڪرائي ڏيڻ لاءِ چيائين. ڪمپوزنگ دوران ڪجهه منهنجي سُستي ۽ ڪجهه ٻين سرگرمين سبب دير ٿي ويئي، تيسين شمس جعفراڻي صاحب رٽائر ڪري هليو ويو ۽ ثقافت کاتي جي تعليم کاتي مان ڊيپوٽيشن تي آيل ڊائريڪٽر، کاتي جي وزير صاحبه جي اڳيان منهنجو اهڙو ته خطرناڪ نقشو پيش ڪرڻ شروع ڪيو، جو مون وڌيڪ کين چوڻ مناسب نه سمجهيو. ايئن هن ڪتاب ۾ دير پوندي رهي.
    نيٺ هڪ ڏينهن هن ڪتاب جو ذڪر پنهنجي مهربان دوست آغا نور محمد پٺاڻ سان ڪيم. هو اُن مهل ته خاموش رهيو، پر هڪ ڏينهن مون کي فون ڪري چيائين: ”اوهان کي ڪو خط پهتو؟“
    ”نه...“ وراڻيم.
    ”اوهين پڇا ڪريو، مون اڪادمي ادبيات جي چيئرمين کي هن اهم ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ لکيو هو، هن ان لاءِ ڪجهه گرانٽ منظور ڪئي آهي، چيڪ جلدي اوهان کي پهچي ويندو.“
    آئون آغا صاحب جي ان خاموش محبت جو ڪهڙن لفظن ۾ ٿورو ادا ڪيان... سندس ئي ڪوششن سبب هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    يوسف سنڌي
    2011/03/18
    Cell: 0301-3640468


    مهاڳ

    آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن. هن ڪتاب جي جيڪا ڳالهه سڀ کان اهم ۽ ساراهه جوڳي آهي، سان اها ته هن ۾ انهن سمورن ليکڪن جا نالا الف. ب وار ترتيب سان ڏنا ويا آهن، اهو ئي اڄڪلهه جي جديد تحقيق جو گهربل انداز آهي. ٻي صورت ۾ وڏي ننڍي، سينيئر جونيئر جي بحث ۾ اصل ڳالهه ئي پٺتي رهجيو وڃي. اهو به ممڪن آهي ته ڪي نالا رهجي به ويا هجن، پر هن ڪتاب جي ليکڪ يوسف سنڌيءَ پاران پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جن جن سنڌي ٻوليءَ۽ ادب تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي، انهن کي هن پهرئين جلد ۾ شامل ڪيو وڃي. ان کان پوءِ ٻئي جلد ۾ اهڙي ڪا کوٽ پوري ڪري سگهجي ٿي.
    ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌي ادب کي دنيا جي ادب ۾ عموماً ۽ ننڍي کنڊ جي ادب ۾ خصوصاً هڪ جوڳي جاءِ وٺي ڏيارڻ ۾ جن ليکڪن جو گهڻو ڪردار رهيو، هيءُ ڪتاب انهن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل آهي، جن ۾ سندن لکڻين جو به مختصر احوال ڄاڻايل آهي. انهن مان ڪي نقاد ۽ محقق آهن، ڪي ڪهاڻيڪار ته ڪي شاعر جڏهن ته ڪي آل رائونڊر (گهڻ رخا) ليکڪ به آهن. انهن هر طرح سان سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي ڪشادو ڪيو ۽ ان کي مالامال ڪيو. سچ ته انهن کي جس هجي، گڏوگڏ هن ڪتاب جي خالق کي به جس هجي، جنهن ادبي تاريخ جي هن اهم پهلوءَ کي محفوظ ڪيو آهي.
    ادب ۾ ڪنهن به خطي جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ ۽ سماجي شعور جو عظيم ۽ لطيف انداز ۾ اظهار هوندو آهي. انهيءَ جي مختلف دؤرن ۾ موجود ادبي تحريڪن، فڪري ڌارائن، فني قدرن ۽ تخليقي محرڪن کي قلمبند ڪري هر دوءَر جا سرجڻهار پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. سندن حياتيءَ ۽ علمي ادبي ڪاوشن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي هر پڙهندڙ کي خواهش به هوندي آهي. سندن فن ۽ شخصيتن، فني، موضوعاتي توڙي نظرياتي لاڙن ۽ وابستگي جي مختصر پر جامع معلومات ادب جي شاگردن کي کين سمجهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. ان لحاظ کان هي ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو ۽ سوانحي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو آهي.
    هنن تحريرن کي پڙهڻ کان پوءِ، ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ليکڪن جي باري ۾ ڄاڻڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته بظاهر فني لحاظ کان نثر ۽ نظم ادب جا ٻه جدا جدا اظهار جا طريقا آهن، پر اظهار جي معنويت توڙِي احساس جي گهرائيءَ جي حوالي سان انهن ۾ ڪو گهڻو فرق ڪو نه ڪري سگهبو، خاص ڪري تخليقي صنفن ۾ صرف ڳالهه ڪرڻ جي ڍنگ ۽ لفظن جي چونڊ جو فرق هجي ٿو. يعني ٻوليءَ جو ورتاءُ (Treatment) ٻنهي جو مختلف هجي ٿو. مشهور انگريز نقاد ”پي گري“ موجب نظم لفظن جي بنيادي معنائن سان گڏ پاسائتيون توڙِي مددي معنائون (Subsidiary Meanings) پڻ هونديون آهن. اسان جي هنن نثر نگارن توڙِي شاعرن پنهنجي لکڻين ذريعي نه صرف خود ادب جي واڌاري ۽ ڄاڻ جي ميدان ۾ وسعت مهيا ڪئي، پرهنن سنڌي ٻوليءَ کي به شاهوڪار ڪيو، وسعت بخشي ۽ نواڻ آندي.
    هن ڪتاب لکڻ تي آءٌ محترم يوسف سنڌيءَ کي پڻ انهيءَ ساڳئي سٿ ۾ شمار ڪريان ٿي، جن سنڌي ٻوليءَ کي ايڪيهين صديءَ ۾ مانائتو ڪيو آهي.

    ڊاڪٽر فهميده حسين


    سئو اديبن جي الف_ب وار ترتيب

    آغا سليم

    سنڌي ڪهاڻي توڙِي ناول کي جن ليکڪن بنهه نئين ۽ منفرد اسلوب ۾، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو. انهن ليکڪن مّان آغا سليم جو نالو مٿانهين حيثيت رکي ٿو. ڪهاڻي ۽ ناول کانسواءِ آغا سليم ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن، تحقيق ۽ ترجمي جي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو.

    سوانح
    آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين ۽ 1948ع کان حيدرآباد ۾ رهڻ جي ڪري ميٽرڪ حيدرآباد مان ۽ انٽرميڊيٽ لاهور ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي سلسلي ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) ۾ نوڪري اختيار ڪيائين. جتي پروگرام مينيجر کان ترقي ڪندو، مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي رهندي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين.

    ادبي اوسر
    آغا سليم جي وڏي ڀاءُ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هوندو هو. هو ڪتاب وٺي ايندو هو ۽ آغا سليم جي لاءِ ٻاراڻا ڪتاب به آڻيندو هو، جيڪو هو پڙهندو هو، انهن ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور معنى خيز هوندا هئا. ”ان زماني ۾ مون کي انگريزي ته صفا ڪونه ايندي هئي پر مان ڏاڍو Fascinate ٿيندو هئس ۽ سمجهندو هئس ته ڪتابن ۾ وڏي ڪا دنيا سمايل آهي، جنهن جو تت هي ڪلرفل ٽائيٽل آهن. اها شڪارپور جي زماني جي ڳالهه آهي. مون تڏهن سوچيو ته مان دنيا گهمندس. مان ڏاڍا ڪتاب پڙهندس، جيئن ٿورو شعور ٿيو ته ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿيس. شڪارپور ۾ هڪ مشهور پبلشر هوندو هو ”پوڪرداس“ ان جو ڍڪ بازار ۾ دڪان به هو، مون کي جيڪا به خرچي ملندي هئي، ان جا اتان ڪتاب خريد ڪندو هوس .“ انهن ڏينهن کي ياد ڪندي آغا سليم هڪ انٽرويو ۾ چيو.
    پوءِ جڏهن هو حيدرآباد آيو ته اتي به ڪتابن پڙهڻ جو سلسلو جاري رکيائين. انهن ڏينهن هو ڪرشن چندر کان گهڻو متاثر هوندو هو، ”ان وقت مون کي خبر نه هئي ته ترقي پسندي ڇا آهي، باقي جيڪي ترقي پسند رائيٽر هئا، جن ۾ ڪرشنچندر هو، ابراهيم جليس، جنهن جو مشهور ڪتاب ”چاليس ڪروڙ بکاري“ هو. ان وقت سڄي هندستان جي آبادي چاليهه ڪروڙ هئي. ڪرشنچندر مو ن کي ڏاڍو وڻندو هو، جنهن انقلاب کي ڏاڍو رومَانٽڪ ڪيو. ادب سان منهنجو شوق هو. اديب منهنجي لاءِ ڏاڍيون پراسرار شخصيتون هوندا هئا.“
    تنهن کانپوءِ تنوير عباسيءَ ۽ سراج سان بطور ڪاليج فيلو ملاقات ۽ دوستي ٿيس. انهن جي رنگ ۾ رڱجي هن 1952ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پهرين ڪهاڻي جيڪا هن لکي، تنهن جو نالو ”آهه! اي ظالم سماج“ هئي، جيڪا هالا مان نڪرندڙ ”فردوس“ رسالي ۾ ڇپي.
    آغا سليم پهرين ”آغا شاهين“ جي نالي سان لکندو هو. اهو دور ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي جو عبوري دور هو. انهي دور جو ذڪر ڪندي آغا سليم پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌي ڪهاڻي تي هڪ نظر“ ۾ لکي ٿو:
    ”اهو دور اسان جي ڪهاڻين جو عبوري دور آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جي موضوعن سان گڏ ٽيڪنڪ ۾ به نوان تجربا ڪيا ويا. ع ق شيخ، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، بشير مورياڻي، رباني، سراج، رشيد ڀٽي، رشيد آخوند، ثميره زرين، خواجا سليم، ابن حيات پنهور، ابن الياس سومرو، اياز قادري، مراد علي مرزا، نجم عباسي سڀني گڏجي پنهنجو رت ست ڏيئي، سنڌي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌايو. سندن ڪهاڻين جا موضوع گهڻو ڪري عام ماڻهن جا ڏک ۽ سک، انسان جو انسان تي ظلم ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ هئا.“

    آغا سليم جون ڪهاڻيون
    آغا سليم جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”چنڊ جا تمنائي“ 1964ع ۾ ڇپيو. جنهن سنڌي ڪهاڻي تي پنهنجا مستقل اثر ڇڏيا. آغا سليم جي ڪهاڻين ۾ رومانس سان گڏ، لفظن جي بيهڪ ۽ مقصد جي اپٽار به ڪيل هوندي هئي. سندس ڪهاڻين جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو، ”هن افسانه نگاري (ڪهاڻي توڙي ناول) ۾ هڪ نئين نفسياتي رخ ’شعوري رو‘کي اهميت ڏني آهي. ان ۾ فنڪار ڪنهن خاص واقعي تي زور ڏيڻ بدران صرف ڪردارن جي ذهن ۽ شعور جون تصويرون پڙهندڙن جي آڏو آڻڻ چاهيندو آهي. آغا سليم ان واٽ تي مضبوطيءَ سان پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان هن جي هڪ آزموديگار فنڪار ۽ پختي قلمي قوت رکندڙ اديب هجڻ جي ثابتي ملي ٿي.
    آغا سليم جا هيستائين ڪيترائي ڪهاڻين جامجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ (1) لذت گناهه، (2) ڌرتي روشن آهي (1985ع) (3) درد جو شهر شامل آهن.

    آغا سليم جا ناول
    آغا سليم اهڙو تخليقڪار آهي، جنهن ڪهاڻيءَ سان گڏ ناول جي صنف تي به طبع آزمائي ڪئي. آغا سليم جو پهريون ناوليٽ 1960ع ۾ ”روشنيءَ جي تلاش“ جي نالي سان ڇپيو، تنهن کانپوءِ (1) اڻ پورو انسان (1977ع) (2) اونداهي ڌرتي روشن هٿ (1978ع) (3) همه اوست (1985ع) شايع ٿيا. جن مان پوين ٻن جا اردو ترجما به ڇپجي چڪا آهن.
    بقول نصير مرزا ”انهن ناولن جا ڪردار سارنگ، سنڌو، شاهه عنايت وغيره... هنن ناولن جا اهي ڪرداري مهان چهرا آهن، جيڪي اتهاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا. انهن کي آغا صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي، اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ، اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انهن کي ڏينهن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته اهي سڀ ناول محض اتهاس کي ئي ريپريزنٽ ڪونه ٿا ڪن، پر انهن جي سڃاڻپ، هي موجودهه يگ به آهي. ۽ هن يگ جي ذهني جذباتي ڇڪتاڻ ۽ قومي مسئلن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح بيان به ڪري ٿا ڏيکارين. بيان به اهڙي ريت ڪن ٿا جو اهي واقعا ڪالهه جا ئي نه، اڄ جا به محسوس ٿين ٿا“. بقول آغا سليم”مان پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اتهاس کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
    انهن ناولن جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ”روشني جي تلاش، اونداهي ڌرتي روشن هٿ ۽ اڻپورو انسان ٽيئي ناول ان ريت سلسليوار شايع ٿيل آهن، پر ٽنهي ۾ تلازم خيال، زندگي بابت ويچار ۽ تشبيهن ۾ ڪن ڪن هنڌن مشابهت پاتي وڃي ٿي. آغا سليم جي ٽن ناولن ۾ فن جي ارتقا، دراصل سندس ذهن جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿو. هن انساني زندگي، تاريخ ۽ تهذيب جي شعور کي تخليقي فن ۾ اظهار ڪيو آهي. ان ڪري هوهڪ مهذب اديب جو درجو رکي ٿو. هن زندگي جي مقصديت، ان مان پيدا ٿيندڙ بيزاري، فرد جي تنهائي جي محروميءَ جي شديد احساس کي افسانوي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
    آغا سليم جي ناولن جي باري ۾ عام طور تي اهو پڻ چيو ويندو آهي. ته هن درد جا رشتا، عبدالله حسين جي ناول ”ندي“ ۽ اونداهي ڌرتيءَ روشن هٿ، قرة العين حيدر جي ناول ”آگ کا دريا“ کان متاثر ٿي لکيا آهن. انهي جو جواب ڏيندي آغا سليم هڪ انٽرويو ۾ چيو:
    ”منهنجي ڪهاڻي ”درد جا رشتا“ ۽ عبدالله حسين جي ناولٽ يا ڊگهي ڪهاڻي ”ندي“ ۾ ڪنهن به قسم جي هڪجهڙائي ڪونهي....... ها باقي مون پنهنجو ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ قرة العين حيدر جي ناول کان متاثر ٿي لکيو. پر مون قرة العين جي رڳي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي. هونءَ ڏٺو وڃي ته قرة العين جي اها ٽيڪنڪ به هن جي پنهنجي ناهي. ان ساڳئي ٽيڪنڪ سان ’ورجينا وولف‘ ناول لکيو هو، جنهن جي پکيڙ ٽن دورن تائين هئي. وري ”هر من هيس“ ’سڌارٿ‘ ناول لکيو، جنهن کان متاثر ٿي قرة العين حيدر ”آگ ڪا دريا“ ۽ عبدالله حسين ”ندي“ ناوليٽ لکيو. منهنجو قرة العين کان متاثر ٿيڻ ائين ئي آهي، جيئن مولوي همايوني جي نعتيه ڪلام ”تنهنجي زلف جي بند جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو“ کان متاثر ٿي شيخ اياز غزل لکيو، ”تون چئه ته ڪڇان، تون چئه لڇان پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان، تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي، اعلان هزارين مان نه رڳو.“
    آغا سليم جو ناول ”همه اوست“ جيڪو شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. اهو پڻ گهڻو مقبول ويو.

    بحيثيت شاعر
    آغا سليم هڪ سٺي نثر نويس هئڻ سان گڏ سٺو شاعر پڻ آهي. 1978ع ۾ جڏهن هو نارا جيل حيدرآباد ۾ هو ته نصير مرزا چواڻي، ”تڏهن سندس شاعري جيل جون سلاخون ڏسي هن جي اندر مان پکي وانگر ڀڙڪو ڏنو“ ۽ ٻيو سبب اهو ته شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو ڪندي، سندس شاعري ڏانهن لاڙو ٿيو. سندس اهڙي شعر جو مجموعو ”پن ڇڻ ۽ چنڊ“ 1986ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ غزل، نظم ۽ بيت شامل آهن. نموني طور سندس هڪ بيت حاضر آهي.
    جئن سو تارو صبح جو، موکي تنهنجو نانءُ،
    تنهنجي مڌ ۽ موهه سان، جرڪي منهنجو هانءُ،
    ڳايان اڄ ڪي آنءُ، گيت ڪي آڌرڀاءُ جا.

    شاهه جي شعر جو ترجمو
    مٿين صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ کانسواءِ آغاسليم، شاهه جي رسالي جو اردو ۽ پوءِ انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو. پهرين ڪجهه ترجمو ڪيائين ۽ پوءِ سڄو شاهه جو رسالو منظوم بيتن ۾، ائين پوءِ وري سر وار انگريزي ۾ ترجمو ڪيو اٿائين. جنهن جا ٽي ڪتاب (2003ع) Melody of Clouds, Wine and venom (4003) ۽ Melodies of Shah Abdul Latif Bhittai (2007) ڇپيل آهن. اهڙن بيتن مان هڪ جو ترجمو نموني طور ڏجي ٿو:
    هوندو هَڏ مَ سنڌِ، لاءِ پياڪن پنهنجو،
    پُوڄ پيارج پهيڙا، ويندا وٺيو ڪنڌ،
    ته هٿ تنهنجي هنڌ، مون کي ڪو مان لهي.
    Don’t hide the pitchers of wine from the Drinkers,
    Offer them plenty of wine, they will go silently
    Thus the fame of your tavern will spread all over.
    ميِ نوشون کو مت ترسا اور ميِ کو ڪردي عام
    جام پر جام پلا تو جائين، جهومتي گام بگام
    مئخاني کا نام، موکهي! هو مِي نوشون مين.
    ڪهاڻين، ناولن، شاعري ۽ شاهه جي شعر جي ترجمي کانسواءِ آغا سليم شيخ اياز جي شاعري جو ترجمو Songs of Freedom جي نالي سان ڪيو آهي. تنهن کانسواءِ آغا سليم ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما پڻ لکيا آهن. سندس ٻي ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي جي ڪم ۾ (1) ”پٺاڻ“ (تحقيق) (2) جهولي لال (سفرنامو) ۽ (3) بابا فريد جا دوها (ترجمو 1990ع)، هوءَ جا لال لطيف چئي (2009ع)، صدين جون صدائون، سچل سچ هي سارا (سچل سرمست جي چونڊ ڪلام جو اردو ترجمو 2010ع) ۽ ڊراما ڪتاب ڇپيل آهن.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ آغا سليم رٽائرڊمينٽ کانپوءِ پهرين روزاني اخبار جاڳو جو ايڊيٽر ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ جو پڻ ايڊيٽر ٿيو. انهي صحافتي عرصي دوران آغا سليم جا لکيل ايڊيٽوريل تجزيا ۽ ڪالم پڻ وڏي اهميت وارا آهن.
    ائين آغا سليم کي سنڌي ادب جو آل رائونڊر ليکڪ چئي سگهجي ٿو، جنهن هڪئي وقت ڪهاڻي، ناول، ڊراما، شاعري، تحقيق، ترجمي ۽ صحافتي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي.
    ------------------------------------------------------------------
    آغا سليم جو انٽرويو (ماهوار پرک)، جولاءِ ۽ آگسٽ. 2001ع.
    ايضاً.
    آغا سليم. (ماهوار نئين زندگي)، آڪٽوبر 1963ع.
    عرساڻي شمس الدين، (آزادي کانپوءِ سنڌي افساني جي اوسر). سنڌالاجي 1982ع
    نصير مرزا، (خيمي ۾ شام). 2001ع.
    عرساڻي شمس الدين، (آزادي کانپوءِ سنڌي افساني جي اوسر). سنڌالاجي 1982ع.


    امر جليل

    ”مون کي لکڻ جو شوق نه ٿيو هو، مون لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هئي ۽ ڪندو رهيو آهيان. جيڪڏهن لکڻ طرف لاڙو نه ڪريان ها ته هوند ٻوساٽجي مري وڃان ها.“ اُهي لفظ سنڌ جي سدا بهار ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ڪالم نويس ۽ ناول نگار امر جليل جا آهي. امداد حسيني جي لفظن ۾ ته ”امر ادب ۾ فيشن طور نه آيو هو.“ امرجليل سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ٽين پيڙهيءَ سان تعلق رکي ٿو. انهيءَ کان اڳ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نادر بيگ مرزا، گوبند مالهي، آسانند مامتوراءِ، شيخ اياز، امر لعل هنڱوراڻي اچي وڃن ٿا، جيڪي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ڪهاڻي جي ميدان ۾ موجود هئا. ٻي پيڙهيءَ ۾ جمال ابڙو، رباني، ابن حيات پنهور، شيخ حفيظ، اياز قادري، سراج جا نالا اچي وڃن ٿا. ٽين پيڙهيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ امر جليل، قمر شهباز، ماهتاب محبوب، حميد سنڌي. عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي مغل، طارق اشرف، پرويز ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن اٿا. اهو سٺ وارو ڏهاڪو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب تي ويرين جا وار جاري هئا. ۽ امر جليل انهيءَ دور جي پيداوار آهي.

    سوانح
    عبدالجليل ولد عبدالغني قاضي 8 نومبر 1936ع تي روهڙي ضلع سکر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شروعاتي تعليم روهڙيءَ ۾ حاصل ڪيائين. ميٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول، ڪراچي مان، بي اي گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه مان. ايم – اي 1942ع (تاريخ) سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي (ٽيليويزن پروگرام پراڊڪشن) جي ڊگري فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. امر جليل ڪيترن ئي عهدن تي رهيو. جهڙوڪ: ريجنل مئنيجر پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي علامه اقبال يونيورسٽي وغيره شامل آهن.
    ڪاليج وارن ڏينهن ۾ پڙهڻ جي دوران امر جليل کي ڪرڪيٽ جو جنون جي حد تائين شوق هوندو هو. پاڻ ڪرڪيٽ کي پنهنجو پهريون عشق قرار ٿو ڏي. ڪرڪيٽ جي انهيءَ شوق جي ڪري امر جليل اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي، گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه ۽ فيڪلٽيز ڪراچي يونيورسٽي طرفان کيڏندي پاڪستان جي گڏيل يونيورسٽين جي لاءِ وڪيٽ ڪيپنگ جو رڪارڊ قائم ڪيو.

    ادبي سفر
    نوابشاهه گورنمينٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ جي دوران امر جليل جي دوستي قمر شهباز سان ٿي. قمر شهباز جي دوستي جي ڪري امرجليل، نوابشاهه جي ڪيترن ئي اديبن سان مليو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويو. انهيءَ دور جو ذڪر ڪندي امر جليل لکي ٿو:
    ”قمر سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويندو هوس. تعجب ۽ تپرس وچان ڪهاڻيون ۽ شاعري ٻڌندو هوس. تنقيد تي حيران ٿيندو هوس. مون پنهنجي وجود ۾ غير معمولي هلچل جا اهڃاڻ محسوس ڪري ورتا.“
    بي – اي ڪري امر جليل ڪراچي موٽي آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم – اي ايڪنامڪس ۾ داخلا ورتائين. قمر شهباز به ايم – اي انگريزي ۾ داخلا ورتي. ”تڏهن مون پابنديءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ اڳتي هلي محسوس ڪيو ته لکڻ منهنجي ضرورت آهي. مون پنهنجو پهريون عشق، دستبردار ٿيڻ کان سواءِ، ادب تان قربان ڪري ڇڏيو“. امر جليل لکيو.
    امر جليل ”قمر“ جي نالي سان ملندڙ جلندڙ اُچار وارو نالو ”امر“ اختيار ڪيو. ان کان اڳ امر جليل ”جليل پريمي“ جي نالي سان لکندو هو. ون يونٽ ٺهيو ته سنڌ جو الڳ وجود ختم ڪيو ويو ۽ سنڌ سراپا احتجاج بنجي ويئي. انهن ڏينهن جي ڪٿا بيان ڪندي امر جليل لکي ٿو:
    ”سموري سنڌ ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پيئي آهي. ماڻهو ميدان تي نڪري آيا آهن. جلسا ٿي رهيا آهن. جلوس نڪري رهيا آهن. احتجاج جا علم بلند ٿي رهيا آهن. آڪٽوبر 1956ع جي ڪا شام آهي. موني بازار، اسٽيشن روڊ جي چوء واٽي تي نوابشاهه جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ٿيڻو هو، جلسي لاءِ قمر شهباز قومي ترانو لکيو آهي، ”وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو، يابچايو سنڌ کي يا سورما شهيد ٿيو.“ مون قومي گيت لائوڊ اسپيڪر تي ڳايو. وٺ پڪڙ ٿي قمر ۽ مان ڪراچي هليا آياسين ۽ گم ٿي وياسين.“
    انهن ڏينهن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ ۽ ڪجهه ٻيا رسالا نڪرندا هئا. پر انهن ۾ ان وقت رباني، شيخ حفيظ، سراج، رشيد، آخوند ،ثميره زرين ۽ ٻيا ڇانيل هئا. تنهن ڪري امر ۽ قمر هندستان جي سنڌي رسالن ڪونج، نئين دنيا، پرهه ڦٽي ۽ ٻين ۾ لکڻ شروع ڪيو. انهي سان گڏ، هنن ٻنهي ڪراچي جي هفتيوار ”آزاد“ ۾ نجمه شيرين جي نالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ هٽي جي خلاف جنگ جي شروعات ڪئي.
    اڳتي هلي طارق اشرف جي ”سهڻي“ ۽ حميد سنڌي جي ”روح رهاڻ“ جو ساٿ حاصل ٿين.
    امر جليل جي پهرين ڪهاڻي ”اِندرا“ 1956ع ۾ رسالي ”ادا“ نوابشاهه ۾ ڇپي. هن پهريون اسٽيج ڊرامون ”انسان“ لکيو، جيڪو نيشنل ٿيٽرس ڪراچي ۾ 1963ع ۾ اسٽيج ٿيو. سندس ريڊيو لاءِ لکيل پهريون ڊرامون ”درياءُ توتي دانهن“ هو، جيڪو 1967ع ۾ حيدرآباد اسٽيشن تان نشر ٿيو. ٽيليويزن تان سندس پهريون ڊرامون ”ماءُ“ ڪراچي سينٽر تان 1967ع ۾ ٽيلي ڪاسٽ ٿيو. امر جليل پهرين فلم، جنهن جا ڊائيلاگ لکيا اها ”نوري ڄام تماچي“ هئي. جيڪا 1968ع ۾ رليز ٿي. سندس پهريون اخباري ڪالم ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي جي 4 مئي 1982ع جي اشاعت ۾ ڇپيو. سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”دل جي دنيا“ 1969ع ۾ ڇپيو .جنهن تي کيس سنڌالاجي طرفان1970ع ۾ پهريون انعام مليو. ۽ 1971ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ ادبي انعام ڏنس. امر جليل 1962ع ۾ ”ڪونج“ رسالي بمبئي طرفان ڪرايل ”هند-سنڌ“ ڪهاڻي چٽا ڀيٽيءَ ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. ”روح رهاڻ“ رسالي طرفان 1965ع ۾ کيس ”ادبي انعام“ ڏنو ويو. ”بادل“ رسالي جي عوامي ايوارڊ جي چٽاڀيٽي ۾ 1967ع ۾ بهترين افسانه نگار لاءِ کيس سڀني کان وڌيڪ ووٽ مليا. مهراڻ آرٽ اڪيڊمي پاران کيس 1982ع جو بهترين، ڪالم نويس ايوارڊ، فلم ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ لاءِ مليو. 1983ع ۾ کيس پاڪستان ٽيليويزن سندس ڊرامي ”ماءُ“ لاءِ ”رول آف آنر“ جو اعزاز ڏنس، 2000ع ۾ کيس ”لطيف ايوارڊ“ ۽ 2009ع ۾ کيس سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ”لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو، تنهن کانسواءِ کيس ٻيا به ڪيترائي ڏيهي ۽ پرڏيهي ايوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن.
    امر جليل تي 1955ع ۾ ون يونٽ خلاف شاگرد تحريڪ ۾ بهرو وٺڻ تي گرفتاري جا وارنٽ نڪتا. 1968ع ۾ سندس ڪهاڻي ”هڪ لاش ۽ راتين جو رولاڪ“ تي بندش پئي ۽ ”روح رهاڻ“ رسالي جو سالنامو بندش هيٺ آيو. 1971 ع ۾ سندس ڪتاب ”جڏهن مان نه هوندس“ تي انڪوائري هلي، پر انڪوائري جي نتيجي اچڻ کان اڳ يحيى خان جي فوجي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. 1973ع ۾ ’سهڻي‘ ۾ شايع ٿيل سندس ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ سبب ڊي-پي-آر تحت وارنٽ نڪتس. اڳتي هلي. سهڻي جي انهيءَ پرچي تي بندش وڌي ويئي ۽ طارق اشرف کي جيل ۾ وڌو ويو.
    امر جليل نه رڳو هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار رهيو آهي، پر هو هڪ مشهور ڪالم نويس پڻ آهي. سندس سنڌي، اردو ۽ انگريزي جي روزانين اخبارن ۽ هفتيوار رسالن ۾ لکيل ڪالمن جي پڙهندڙن جو هڪ وسيع حلقو آهي. سندس انهن ڪالمن جو تعداد هزارن ۾ آهي.
    امر جليل پنهنجو پهريون اردو ڪالم ”ڪڇ سچ، ڪڇ جهوٽ“ جي نالي سان ”هفتيوار الفتح“ ڪراچي ۾ 1974ع ۾ لکيو. اڳتي هلي سنڌي ۾ ”سڀ ڪوڙ“ ۽ اردو ۾ ”سڀ جهوٽ“ جي نالي سان سنڌي ۽ اردو جي ڪيترين ئي اخبارن جهڙوڪ: هلال پاڪستان، عبرت، ڪاوش، خبرون ۽ خبرين (اردو) ۽ جنگ (اردو) ۾ لکيا. انگريزي ۾ روزاني ڊان ۾ هفتيوار ڪالم ”Mystic Notes“ جي نالي سان لکندو هو.
    امر جليل جي ڪهاڻين ۽ ڪالمن جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: دل جي دنيا (ڪهاڻيون)، جڏهن مان نه هوندس (ڪهاڻيون)، رني ڪوٽ جو خزانو(ڪهاڻيون)، تاريخ جو ڪفن (ڪهاڻيون)، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو (ڪهاڻيون)، ٽيون وجود (ڪهاڻيون)، سنڌو منهنجي ساهه ۾ (ڪالم)، تنهنجون منهنجون ڳالهيون (ڪالم)، راهون جداجدا (ڪهاڻيون)، هن ڄار ۾ (ڪهاڻيون)، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ (ناول)، جيجل منهنجي ماءُ (ڪالم 2008ع) امر جليل جون اوائِلي ڪهاڻيون (2009ع)، ”چنڊ وسامي پيو“ (ڪهاڻيون 2009ع)، ادب ۽ سياست (ڪالم) 2010ع، اندرا (2010ع)، سرد لاش جو سفر (ڪهاڻيون، 2010ع)، لهندڙ سج جي لام (2010ع) ۽ چرٻٽ ۽ چيني جون ڪهاڻيون (2011ع) شامل آهن. امر جليل، سنڌي ٻولي جو هڪ گهڻو پڙهجندڙ ۽ مقبول ليکڪ هئڻ سان گڏ ڪافي تڪراري پڻ رهيو آهي. سندس ڪهاڻين تي وقت بوقت گوڙ مچندو رهيو ۽ ڪافي الزام پڻ لڳس. سندس ڪهاڻين تي گهڻو ڪري ٻن قسمن جا الزام لڳندا رهيا آهن. هڪ ته فحش آهن ۽ ٻيو ته اسلام، پاڪستان ۽ قومي يڪجهتي جي خلاف آهن.
    انهن الزامن جي جواب ۾ امر جليل چوي ٿو:
    ”ادب تي ان قسم جا غير معياري ليبل فقط ڏتڙيل ۽ ذهني طرح فاقه ڪش معاشرن ۾ لڳايا ويندا آهن، جي ليکڪن جي پوليس وارن هٿان تذليل ڪرائي ويندي آهي. ڪابه ڪهاڻي نه ڪنهن جي حق ۾ هوندي آهي ۽ نه ڪنهن جي خلاف، ڪهاڻي پنهنجي نوعيت ۾ لفظن جو آئينو هوندي آهي، جنهن ۾ معاشرو، پنهنجي شڪل ڏسي وٺندو آهي. جهڙي شڪل هوندي تهڙو عڪس آئيني ۾ نظر ايندو. اُن ۾ آئيني جو ڏوهه نه آهي. مان مڃان ٿو ته ڪجهه آئينا ڪانويڪس قسم جا هوندا آهن، جن ۾ شڪليون وت کان وڏيون ۽ وڌيڪ بدنما نظر اينديون آهن. ڳالهه اصل ۾ هن ريت آهي ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ليکڪن کي، خاص طرح تخليقي ادب جي ليکڪن کي، نهايت بدمعاش ۽ تخريبڪار سمجهيو ويندو آهي. معاشري ۾ سڌارو آڻڻ جي بدران ليکڪن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. کين ڇا لکڻ گهرجي ۽ ڇا نه لکڻ گهرجي، ان جي باري ۾ هدايتون جاري ڪيون وينديون آهن. ان کان وڌيڪ مضحڪه خيز صورتحال جو تصور ڪري نه ٿو سگهجي.“
    امر جليل جي فن ۽ شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مرحوم طارق اشرف 1973ع ۾ سهڻي جو هڪ ضخيم ”امر جليل نمبر“ ڪڍيو، جيڪو نه رڳو امر جليل جي فن ۽ شخصيت جي حوالي سان، پر سنڌي ادب ۾ جيئرن ليکڪن تي نمبر ڪڍڻ جي هڪ نئين روايت هئي.
    انهي نمبر ۾ امر جليل جي ڪهاڻين، شخصيت تي سنڌي ٻولي جي ڪيترن ئي سرموڙ ليکڪن جا مضمون شامل آهن.
    امر جليل جي ڪهاڻين جا اردو، انگريزي، ۽ پنجابي ٻولين سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو پنجابي ترجمو ”امر ڪهانيان“ جي نالي سان ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو مجموعو Love, Longing & Death, (Mystic Stories) 2007ع ۾ ڇپيو.


    احمد ملاح (مولوي)

    نه رڳو لاڙ، پر سڄي سنڌ پنهنجي هن مايه ناز فرزند تي سدائين ناز ڪَندي رهندي، جنهن پنهنجي شعرن ذريعي پير پرستي، قبر پرستي ۽ ٻين مشرڪانه بدعتن خلاف سخت تنقيد ۽ ويڙهه ڪئي، پر پنهنجي ڪلام ذريعي مئل دلين کي جاڳايو ۽ منجهن روحاني روح ڦوڪيو ۽ توحيد پرستي جي تبليغ ڪئي.

    سوانح
    مولوي احمد ملاح 1877ع ڌاري بدين تعلقي جي ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو ”نانگيو ملاح“هو. سندس پيءُ هڪ مسڪين ماڻهو هو، تنهن ڪري کيس ننڍپڻ ۾ ئي مال چارڻ جي ڪم سان لڳايائين. مال چاريندي کيس علم جو شوق اچي ٿيو ۽ مال کي ڇڏي وڃي پڙهڻ ويٺو، جنهن جو ذڪر پنهنجي منظوم سوانح حيات ۾ هيئن ڪيو اٿائين.
    ڍور چاريندي اچي ويو، اوچتو مونکي خيال،
    علم ري انسان کي ڪجهه ناهي، عزت احترام،
    علم ري انسان جو، حيوان وانگر حال بد،
    وهٽ ڦرجن ۽ ويامن، ٻيءَ نه ڪيان ڪو قيام.

    تعليم و تدريس
    پهريائين ٻهڊميءَ جي مدرسي ۾ حافظ حاجي عبدالله مينڌري وٽ قرآن شريف پڙهيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڀڳڙاميمڻ، تعلقي بدين ۾ مولوي محمد هاشم ڪڇيءَ وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائون. تنهن کان پوءِ ٽوها، بدين، سجاول، گهڙو ۽ نانگو شاهه جي مدرسن ۾ پڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم پرايائين. تنهن کان سواءِ شاهه قادريءَ جي درگاهه تي مولوي محمد اڪرم وٽ پڻ ڳچ ڏينهن پڙهيو ۽ عربي ادب جو مطالعو ڪيائين. سندس دستاربندي گهڙو ڳوٺ ۾ ٿي، جتي مولوي خير محمد مگسي علم جي فيض کي جاري رکيو پي آيو.
    مولوي احمد ملاح تعليم ختم ڪري، پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي ۾ موٽي آيو. گولي منڌري جي ڳوٺ ۾ مڪتب ۾ استاد مقرر ٿيو. اُتان پوءِ ”لاکو پير“ ڪنڊو ۽ ٻهڊميءَ ۾ عربي فارسي ۽ سنڌي جي تعليم ڏيندو رهيو. آخر بدين ۾ ”مدرسھ مظهرالعلوم“ جي بنياد وڌائين ۽ ان جو منتظم ٿي رهيو. ان سان گڏ معلمي جا فرائض پڻ سرانجام ڏيندو رهيو.
    1942ع ۾ وهابي ۽ سني جماعتن جي وچ ۾ مناظرا ٿيڻ لڳا، تنهن ڪري درگاهه شاهه قادري جي سجاده نشين پير عالي شاهه کي مدرسي جو ڪنجيون ڏيئي پاڻ هليو ويو. جيتوڻيڪ مولوي صاحب جي دلي همدردي وهابين سان هئي، پر بحثن ۾ حصو وٺڻ نقصانڪار سمجهيائين، پنهنجي مذهبي عقيدي بابت. کانئس سوال پڇندڙن کي هيئن جواب ڏنو اٿائين:
    احد ۽ احمد سان آرام مون،
    مڃو دل منجهان دين اسلام مون،
    گلن مثل گفتا، ڪندو گام مون،
    پروڙج پڙهي پر، پڇين نام مون،
    ته الحمد مان ڪڍ اکر لام مون،
    ڀلا ڪر ڀلو، دين اسلام جو.
    بعد ۾ مولوي صاحب ”مدرسي مظهر العلوم“ کي ڇڏي ، غريب آباد بدين ۾ زمين جو ٽڪر وٺي پهريائين مدرسي جو بنياد رکيائين ۽ سال ٻن کان پوءِ مسجد جوڙايائين. اهو مدرسو ۽ مسجد اڄ به ”مولوي احمد ملاح“ جي نالي سان قائم آهي.
    انهي مدرسي ۽ مسجد قائم ڪرڻ جو سبب اهو هو ته انهي وقت لاڙ جي علائقي ۾ مذهبي مناظرا زورن تي هئا، پر مولوي صاحب شروع کان ئي اجاين بحثن مباحثن کان پري رهندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس نظر ۾ انهن بحثن مان ڪو فائدو ٿيڻ ۽ سٺو نتيجو نڪرڻ جو امڪان نه هو. پاڻ سڄي عمر انهيءَ تعميري نقطه نظر تي قائم رهيا ۽ پاڻ کي غير ضروري مذهبي بحثن ۽ مناظرن ۾ نه اُلجهايائون.
    ”مولوي صاحب فارسي، عربي، اردو، سرائيڪي ۽ سنڌيءَ ۾ مهارت رکندو هو. سنڌي ۾ هڪ بهترين شاعر هو. سندس سنڌي شاعري ٻوليءَ، لغت جي ڄاڻ ۽ ٻين انيڪ خوبين سان ڀريل آهي.“

    سياست
    درس و تدريس، شعر و شاعري ۽ تصنيف تاليف کان سواءِ مولوي صاحب سياست ۾ پڻ حصو وٺندو هو. پهرين مهاڀاري جنگ سبب جڏهن ترڪن تي ظلم و جبر جا پهاڙ ڪيرايا ويا، تڏهن برصغير ۾ ترڪن ۽ خليفي جي حمايت ۾ ”تحريڪ خلافت“ شروع ٿي. مولوي احمد ملاح ”خلافت تحريڪ“ توڙي قطع تعلقات تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجن جوشيلن شعرن سبب انگريزن خلاف نفرت جي باهه ٻارڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. سندس انهيءَ دور جو شعر غيرت، حيرت ۽ جذبي جهاد سان سرشار آهي.
    مولوي صاحب جي جوشيلن شعرن ۽ باغيانه خيالن جي پرچار جي سلسلي ۾ انگريز سرڪار کيس جيل ۾ وجهي ڇڏيو، جيل موڪلڻ کان اڳ مٿس هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ مٿس ڪوڙا شاهد بيهاري کيس سزا ٻڌائي ويئي. قيد ۾ به کيس ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون، انهيءَ قيد خاني ۾ ٿيل سلوڪ جو پڻ هڪ شعر ۾ مختصر ذڪر ڪيو اٿس.
    سخائون وٺ ڪري سرڪار، سياسي لوڪ سان سگهڙي،
    متان تنهنجو مسافر، منهن نه ٿئي هن ملڪ ڏي موٽي!
    اڙي قرآن تان قيدي ٿيل، ڪهڙا ڪرين ٿو غم،
    سگهي پاپن سبب پٽبي، انهن ڄامن جي ڄاموٽي.
    مولوي احمد ملاح، مير غلام علي خان ٽالپور جو دوست هو ۽ چونڊن جي زماني ۾ مولوي صاحب جي مدد لاءِ هرڪو اُميدوار ڪوشش ڪندو هو.

    لنواريءَ وارو فتنو
    لنواري شريف ۾ خواجه زمان جا درگاهه آهي، جتي چون ٿا ته نقلي حج ٿيندو هو. مولوي احمد ملاح انهيءَ بدعت جي خاتمي لاءِ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ 1938 ع ۾ مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولوي خير محمد نظاماڻي، مولانا عبدالحق رباني ۽ ٻين هزارين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ ٻيو ڀيرو جيل ويو. نيٺ سرڪار انهيءَ تحريڪ کان مجبور ٿي 6 ذوالحج کان 13 ذوالحج تائين لنواري شريف جي پنجن ميلن جي دائري اندر 144 قلم لڳائي، هر قسم جي ميڙ، گڏجاڻي ۽جلسي جلوس تي پابندي لڳائي ڇڏي. مولوي صاحب انهيءَ تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ هو ۽ پنهنجي شعرن ذريعي انهيءَ بدعت جي خاتمي لاءِ خوب پرچار پڻ ڪيائين.
    مولوي صاحب جي انهيءَ پرچار ايترو ته اثر ڪيو، جو اُن وقت سنڌ جو ڪهنه مشق صحافي م-ع-ڏيپلائي پڻ کانئس گهڻو متاثر ٿيو ۽ مولوي صاحب جو هڪ ڪتاب ”هيڪڙائي حق“ ’اداره اسلاميھ الاشاعت حيدرآباد‘ مان هڪٻئي پويان ٻه ڀيرا ڇاپي پڌرو ڪيو. ڏيپلائي صاحب ڪتاب جي تعارف ۾ لکي ٿو:
    ”هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪلام گڏ ڪيل آهن، جي مسلمانن کي پيري مريديءَ جي چڪر مان ڪڍي توحيد جي رستي تي لڳائن ٿا ۽ سندن دلين ۾ حق تعالى جي هيڪڙائي جو يقين نقش ڪن ٿا.“

    سڀاءُ ۽ سيرت
    مولوي احمد ملاح سادو سودو ۽ سٻاجهو انسان هو. قدرت طرفان اعلى ظرفي ۽ بلند حوصلو ورثي ۾ مليو هئس. هو دوستن جو دوست ۽ يارن جو يار هو. وڏو عالم ۽ بي نظير شاعر هو. توحيد جو مبلغ بنجي حياتي گذاريائين. درگاهن تي ٿيندڙ مشرڪانه ريتن ۽ رسمن جي خلاف جهاد ڪيائين، جنهن ڪري پيرن ۽ مرشدن جو طبقو سندس دشمن بنجي پيو ۽ گهڻيون ئي تڪليفون سٺائين. قدرت پاران کيس نهايت حساس دل ملي هئي، جنهن ڪري ڪنهن تي به ٿيندڙ ظلم ۽ واقعي تي شعر سندس اندر مان اُڀري ايندو هو. سندس اهڙا واقعاتي ۽ تاريخي شعر پڻ تمام گهڻا آهن. جن ۾ ويهين صديءَ جي ثقافت. تاريخ، سماجي توڙي مذهبي قدرن جو ڪافي ذخيرو گڏ ٿيل آهي.

    تصنيف ۽ تاليف
    مولوي احمد ملاح ٻين معرڪن کان سواءِ تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جي ڪم ۾ پڻ چاهه وٺندو هو. نثر ۽ نظم ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. انهن مان ڪي ڪتاب هي آهن. (1) معرفت الاالله، (2) گلزار احمد، (3) گلشن احمد، (4) هيڪڙائي حق، (5) فتح لنواري، (6)شرڪ چٽ، (7)بياض احمد، (8)پيغام احمد، (9)ديوان احمد ۽ (10)نورالقرآن.
    پويون ڪتاب قرآن پاڪ جو منظوم سنڌي ترجمو آهي.

    قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو نورالقرآن
    مولوي احمد ملاح جو سڀ کان وڏو ڪارنامو خداجي ڪلام ”قرآن پاڪ“ جو سنڌي بيتن ۾ ترجمو آهي. اهو ترجمو پاڪ انتهائي باريڪ بيني، عرق ريزيءَ ۽ محنت سان ڪيائين. اهو ساهه سڌير، دلپذير ۽ عظيم ڪم پاڻ پنهنجي پوئين عمر ۾ ۽ ڏهه سال رات ڏينهن جي محنت بعد پورو ڪيائين، جنهن جو ذڪر پنهنجي منظوم سوانح عمريءَ ۾ هيئن ڪيو اٿس:
    پنجونجاهه کان پوءِ پيم پهه ترجمي سنڌيءَ سندو
    عمر پوري پنجهٺ ۾ ترجمو ٿيڙو تمام.
    سندس قرآن پاڪ جو اهو دلپذير ترجمو هڪ اهم ڪارنامون آهي. تاريخي روايت آهي ته قرآن پاڪ جو دنيا ۾ پهريون ترجمون 270هه (883ع ۾) ”سنڌيءَ ٻولي“ ۾ ٿيو هو ۽ اها به حقيقت آهي ته قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو به سنڌيءَ ۾ ٿيو آهي.
    هيٺ سندس انهي ترجمي مان نموني طور ڪن سورتن جو اصل قرآن سميت ترجمو درج ڪجي ٿو:
    سورة الاخلاص
    بسم الله
    قُل هُوَ اللهُ اَحَدۡ اَللهُ الۡصَّمَدۡ
    لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ وَلَمۡ يَکُنۡ لَهُ کُفۡواً اَحَدۡ.

    ترجمو
    اول نام الله جو، برڪت بيشمار،
    سو ڏيهن ڏاتار، سو سٻاجهو سڀين پرين،
    چئبو آهي، حق اهو، ته الله آهي هيڪڙو،
    الله بي احتياج سو، نه ڪنهن سان سڱ سهو،
    نه ڄائين، نه ڄائو ڪونهيس ڪيڙ ڪهو،
    جنهن جيڏو، جنهن جهِو، هر گز ناهي هيڪڙو.

    سورة الفلق
    ٻول، ته ٻيلي ٿو وٺان، صبح جو سائين،
    ڪنان خرابي خلق جي، جيڪي جوڙيائين،
    پڻ رولاڪن کان رات جي، جڏهن ڇمن تي ڇائين،
    ڳنڍيون ڦوڪيندڙن جي، سوڻيان سدائين،
    ۽ جڏهن بُڇان ڀائين، تنهن بڇڙي جي به بُڇان کان.

    سورة لهب
    هٿ ٻيئ ابو لهب جا، چُڪن، به چُڪي پاڻ،
    جو ميڙيائين، ڪِ مال سندس. ڪجهه نه ڇڏايس ڪاڻ،
    اُلون واري آڳ ۾، آيو رهيو ڄاڻ،
    ۽ پڻ عورت اُن جي، قابو ڪاٺين ساڻ،
    اٿس اُت اهڃان، ڪنڌ ۾ رسو ڪاٻاڙ جو.


    وفات
    آخري عمر ۾ مولوي صاحب گهڻو ڪري بيمار گذاريندو هو ۽ پڇاڙيءَ جا ٻه سال صاحب فراش رهيو ۽ بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ بيماريءَ سان منهن ڏيندي 19جولاءِ 1969ع تي وفات ڪيائين. وفات وقت سندس عمر لڳ ڀڳ سئو سالن جي هئي. مولوي احمد ملاح جي شخصيت ۽ ڪم تي تاج جويي هڪ ڪتاب ”موحد شاعر“ ترتيب ڏنو، جيڪو ماڻڪ موتي تنظيم پاران ڇپايو ويو آهي.
    آڻ ”احمد“ چئي وري، آگا! وطن ۾ او عجيب،
    جيءَ ڇڄي ساجن سونهارا،دوست ٻئي ڪنهن ديس ويا.


    اياز قادري

    سنڌي ادب جي تاريخ، خاص ڪري نثر جي تاريخ ڏيڍ سئو سال کن پراڻي آهي. انهي سان گڏ سنڌي ڪهاڻي جي عمر به اهائي ڳڻي سگهجي ٿي. اوائلي ڪهاڻيڪارن ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو اچي ٿو ۽ مرزا قليچ بيگ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون طبعزاد ناول ”زينت“ لکيو. انهيءَ کان پوءِ جي افسانه نگارن ۾ نادر بيگ مرزا ۽ ٻين جا نالا اچن ٿا. اياز قادري کي به جديد افسانه نگارن جي پهرين فهرست ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. موهن ڪلپنا چواڻي: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ نئين ڪهاڻيءَ جو باني اياز قادري آهي.“

    سوانح
    اياز حسين قادري. 19جنوري 1927ع تي ميان جي ڳڙهي قادري پاڙي ۾ جنم ورتو. سندس والد غلام سرور فقير، تعليم کاتي ۾ آفيسر ۽ غزل جو سٺو شاعر پڻ هو. تنهن کان سواءِ هن جون صحافت ۾ پڻ ڪافي خدمتون هيون. هن هڪ هفتيوار اخبار ”الحقيقت“ به ڪڍي هئي. سندس نانو حاجي زوار حڪيم فقير ميان علي محمد قادري، پڻ غزل جو استاد شاعر ۽ سنڌي شاعريءَ جي پهرينءَ رسالي ”گلدسته“ جو ايڊيٽر هو. سندس ڪتاب ”ديوان قادري“ سنڌي ادب جو اُملهه سرمايو آهي: قادري خاندان جون سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنل آهن، جيڪا هڪ ڌار مضمون جي تقاضا ٿي ڪري. ايئن اياز قادري هڪ علمي ۽ ادبي ماحول ۾ اک کولي.
    اياز قادري اڃا ننڍو، پنجن ورهين جوئي هو، جو سندس والد راهه رباني وٺي ويو.
    اياز قادري سنڌ جي انهن اعلى پايه جي ڪهاڻيڪارن مان هو، جن ڪهاڻيءَ کي سماجي حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان اهم موڙ ڏنو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مقصدي ادب کي هٿي ڏيارڻ ۾ اياز قادري هڪ اهم نالو آهي. سندس ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعو ”بلو دادا“ جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. ٻولي، توڙي بلاغت ۽ سلاست جي حوالي سان اعلى پايي جو ڪتاب آهي. اڳتي هلي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن اياز قادري جي ڪهاڻي ”بلودادا“ کان متاثر ٿي، ساڳئي طرز تي ڪهاڻيون لکيون ، جيئن جمال ابڙي جي ”پشو پاشا“ ۽ غلام ربانيءَ جي ”شيدو ڌاڙيل“.
    اياز قادري بنيادي طرح شاعر هو ۽ غزل جي صنف تي کيس وڏو عبور حاصل هو. سندس پي-ايڇ-ڊي جي ٿيسز ”سنڌي غزل جي اوسر“ جيڪا ٻن جلدن ۾ شايع ٿيل آهي. انهيءَ ۾ هن غزل جي حوالي سان نهايت تفصيل سان بحث ڪيو آهي. انهيءَ ۾ هن غزل سميت هر هڪ صنف، ان جي گهاڙيٽن ۽ اهميت جو وچور شامل ڪيو آهي. شاعري جي حوالي سان اهڙو تاريخي ۽تحقيقي ڪم ڪنهن ٻي سنڌي اديب جو نظر نه ٿو اچي. اهو ڪتاب جڏهن 1984ع ۾ ڇپيو ته انهي جي زبردست واکاڻ ڪئي ويئي. ڪتاب جي مُنڍ ۾ ”ناشر طرفان“ ۾ مهتاب اڪبر راشدي ڪتاب جي اهميت بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿي:
    ”اياز قادريءَ بلاشبھ هن ٿيسز لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ’سنڌي غزل جي اوسر‘۾ جيڪي مواد آيل آهي، سو اڳتي هلي، انهيءَ ميدان ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ وڏي رهنمائي جو باعث ٿيندو.“
    ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ سنڌي غزل جي تواريخ ابتدا کان وٺي جديد دور تائين قلمبند ڪئي ويئي آهي ۽ انهن ادارن، مشاعرن، ادبي ڪانفرنسن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سنڌي غزل جا مختلف دور قائم ڪري، انهن جو ان وقت جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي لاڙن جي روشنيءَ ۾، نئين انداز ۽ نئين سوچ سان تجزيو بيان ڪيو آهي. ۽ هر دور جي نمائنده شاعرن جي حياتي جو احوال، ڪلام جو نمونو ۽ ڪلام تي تبصرو ڏنو آهي .حقيقت ۾ ”سنڌي غزل جي اوسر“ سنڌي شاعري ۽ ادب جي اوسر ۾ اُملهه واڌارو آهي.
    اياز قادريءَ اهو پي-ايڇ-ڊي مقالو علامه غلام مصطفى قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکيو.
    اياز قادري جي عمر جو گهڻو حصو ڪراچي ۾ گذريو. 1949ع ۾ ايس-ايم-لياري هاءِ اسڪول چاڪيواڙي ۾ ماستر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين ۽ 1987ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو چيئرمين جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين. ان کان پوءِ ”شاهه عبدالطيف چيئر“ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر ايڊوائيزر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

    شاهه لطيف جو ترجمو
    ڊاڪٽر اياز قادري سنڌ جي سرتاج شاعر عبدالطيف ڀٽائي جو پڻ وڏو پارکو هو. هن شاهه جي شاعري جي سڀني پهلوئن تي قلم کنيو، تحقيقي مقالا لکيائين ۽ شاهه جي پيغام کي عام ڪيائين. سندس ڪيترائي مقالا ۽ مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. ”مون مطالع سپرين“ شاهه جي ڪلام تي تحقيقي مقالن جو ئي ڳٽڪو آهي، تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر اياز قادريءَ شاهه جي رسالي جو نثري اردو ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو ٽن جلدن ۾ شايع ٿيو، جنهن جي اعتراف طور اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعر افتخار عارف لکيو:
    ”اياز قادري جي ڪوشش جي ڪري اردو ٻوليءَ وارن لاءِ شاهه لطيف جي عارفاڻي پيغام کي سمجهڻ لاءِ راهه هموار ٿي.“

    سنڌي ادبي سنگت جو ٻانيڪار
    ڊاڪٽر اياز قادري جي ٻي وڏي سڃاڻپ اها آهي ته 17 آڪٽوبر 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نئين سر تنظيم ڪاري کان پوءِ انهيءَ جو پهريون سيڪريٽري جنرل چونڊيو. انهي حوالي سان پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر اياز قادري 1954ع ۾ ”جمعيت الشعرا سنڌ“ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو.

    صحافتي خدمتون
    اياز قادري هفتيوار ”نوجوان“ ڪراچي، 1948ع، هفتيوار ”ناخدا“ ڪراچي 1955ع، سنڌ مسلم ڪاليج مئگزين 1955ع، هفتيوار ”الحقيقت“ لاڙڪاڻو 65-1964ع جوايڊيٽر ۽ سنڌ ڪواٽرلي (انگريزي، ڪراچي) جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.

    ڪتاب
    مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ ”مٽيءَ لڌو مان“ (سوانح-تحقيق) 1970ع، ”عشقيه داستان“ 1985ع، پرين جون ڪهاڻيون (لوڪ ادب1981ع) مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (ٽي ڀاڱا-ترجمو) پڻ ڇپيل آهن.
    ڊاڪٽر اياز قادري 71سالن جي عمر ۾ 15ڊسمبر1997ع تي وفات ڪئي. کيس لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دفنايو ويو.
    تازو قادري قلم قبيلي پاران سندس شاعريءَ جو مجموعو اڳوڻين توڙي بعد ۾ لکيل ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو شايع ڪيو ويو آهي.


    ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

    ٻولي، سماجي اڀياس ۽ تنقيد جي ميدان ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو شمار تمام مٿانهون آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ”علم تنقيد“ ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو نالو ادب جي دنيا جي وڏن نالن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. سندس علمي تحقيقي ۽ تنقيدي راءِ جي سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.

    سوانح
    الهداد ٻوهيي، 8 آگسٽ 1934ع تي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ گونگاري، تعلقي قمبر ۾ محترم محمد علي ٻوهيي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ اڃا مهيني جو هو جو سندس امڙ گذاري ويئي. تنهن ڪري الهداد ماءُ جي محبت کان محروم رهي زندگي گذاري. سندس پيءُ هڪ هاري هو، تنهن ڪري ننڍي هوندي کيس به پنهنجي پيءُ سان ٻني ٻاري جي ڪم ۾ هٿُ ونڊائڻو پوندو هو. کيس ڇهن سالن جي عمر ۾ ”مُلا مڪتب“ ۾ پڙهڻ جي لاءِ ويهاريو ويو. اهو اسڪول سندس گهر جي ڀرسان هو. تنهن کان پوءِ انگريزي تعليم وڳڻ، ۽ مئٽرڪ لاڙڪاڻي پائلٽ هاءِ اسڪول مان 1953ع ۾ ڪيائين. مئٽرڪ کان پوءِ ٻه سال ”سروري ڪاليج، هالا“ ۾ پڙهيو ۽ اتان انٽر پاس ڪيائين. 1958ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انگريزي استاد طور مقرر ٿيو. 1967ع ۾ سترهين گريڊ ۾ ڪمپرهينسو هاءِ اسڪول جو پرنسپال، پوءِ ريجنل ايجوڪيشن سينٽر خيرپور ۾ چيف انسٽرڪٽر جي عهدي تي رهيو. 1979ع ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولس، لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ پوءِ 1993ع ۾ ڊائريڪٽر اسڪولس ميرپور خاص مقرر ٿيو، جتي پنهنجي وفات تائين رهيو.

    ادبي سفر
    الهداد ٻوهيي پنهنجي ادبي زندگيءَ جي ابتدا، شاعريءَ کان ڪئي. سندس شاعراڻو تخلص ”عاصم“ هو. سندس پهريون نظم ڪا مريڊ حيدر بخش جتوئي جي اخبار ”هاري حقدار“ ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪندي الهداد ٻوهيو هڪ هنڌ لکي ٿو:
    ”منهنجي پهريون نظم قاضي عبدالغفار ”هاري حقدار“ کي ڏياري موڪليو. هڪ ڏينهن اخبار مون کي هٿ ۾ ڏنائين، مون کي اهو ڪونه ٻڌايو هئائين ته ڪو هن نظم اخبار ۾ موڪليو آهي. هن اها شرارت ڪئي. هي اهو زمانو هو، جڏهن مان پنجون يا ڇهون درجو پڙهندو هئس. ان زماني ۾ ست درجا هوندا هئا. اهو سن 50-1949ع هوندو.“
    اڳتي هلي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي لسانيات سان دلچسپي پيدا ٿي ۽ پاڻ مختلف اخبارن ۾ مضمون لکڻ لڳو. اهڙوئي هڪ مضمون ماهوار نئين زندگي ۾ ڇپيو، جنهن جو ايڊيٽر ”شمشير الحيدري“ هو. ان مضمون جو عنوان هو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“. دوستن کي اهو عنوان بيحد وڻيو ۽ کيس همٿايائون ته هو انهيءَ موضوع تي پي-ايڇ-ڊي ڪري ۽ کيس اهو به معلوم ٿيو ته انهيءَ موضوع تي سڄي ايشيا ۾ ٿيسز لکڻ وارو اڪيلو هوئي هو. اڳتي هلي پاڻ انهيءَ موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪيائين. تنهن کان سواءِ پاڻ انهي موضوع تي سنڌي ۽ انگريزي ۾ پڻ گهڻو ڪجهه لکيائين. سندس انهيءَ مقالي جو گائيڊ ڊاڪٽر غلام علي الانا هو . سندس اها پي ايڇ ڊي ٿيسز سنڌالاجي طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪي آهي.
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو مطالعو ۽ مشاهدو تمام وسيع هو ۽ پاڻ ڪيترائي معلوماتي ۽ مطالعاتي ڪتاب پڻ لکيائين. تنهن کان سواءِ پاڻ ڪيترن ئي فرضي نالن سان پڻ مضمون ۽ مقالا لکيائين. گڏوگڏ ڪهاڻيون، سوانح حيات، ڪتابن جا مهاڳ، اخباري مضمون، پڻ سندس قلمي پورهئي ۾ شامل آهن. سندس ڪيترائي مضمون ماهوار ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيل آهن، جيڪي پنهجي جاءِ تي الڳ الڳ ڪتاب پڻ آهن، جيڪي گڏ ڪري ڇپائڻ سان سنڌي ادب ۾ بهترين ڪتابن جو واڌارو ٿيندو.
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو هڪ روشن خيال، بردبار، حقيقت پسند، ۽ ترقي پسند مفڪر هو. سندس سڄو قلمي پورهيو سنڌي سماج جي روشن خيال ۽ فڪري پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ وارو هو. سندس ڀيٽ يورپ جي انهن عالمن ۽ فاضلن سان ڪري ٿي سگهجي، جن يورپ کي روشن خيال ۽ مهذب بنائڻ لاءِ قلمي جنگ ڪئي، ڊاڪٽر ٻوهيي پڻ سنڌي سماج جي اونداهن پهلوئن کي جديد انداز سان اُجاگر ڪيو۽ سائنسي انداز ۾ ادبي، تحقيقي ۽ فڪري لاڙا ڏنا. سندس شمار سنڌ جي حقيقي ۽ روشن خيال اديبن ۽ مفڪرن ۾ ڪري سگهجي ٿو.
    الهداد ٻوهيي جو گهڻو ڌيان تنقيد جي علمي ۽ نظرياتي روين طرف هو. هن سنڌي ادب ۾ تنقيد کي علمي شعبي جي حيثيت سان متعارف ڪرايو. هن ”سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ جا اصول“ ۽ ”شعر جي اڀياس جا نوان طريقا“ مقالا لکي شاعري جي قدرن، معيار ۽ ٻولي جو اڀياس پيش ڪيو. سندس خواب هڪ روشن خيال، وڏيرڪي سماج کان آزاد سماج ۽ سنڌ جو خواب هو.
    ادب کان سواٰءِ، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جون تعليمي ميدان ۾ پڻ وڏيون خدمتون آهن. هن ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن ميرپور خاص ڊويزن جي حيثيت ۾ ٿر جي ڏورانهن علائقن ۾ ”تعليمي ورڪرن“ سان گڏجي هڪ انقلاب جي شروعات ڪيائين ۽ سندس انتقال به هڪ اهڙي ئي سيمينار ۾ ٽنڊي آدم ۾ 16جولاءِ 1994ع تي صدارتي تقرير ڪندي ٿيو.
    جناب الهداد ٻوهيي جا ڪتاب سنڌي ادب، تنقيد ۽ عمرانيات جي موضوعن تي اهم جاءِ والارين ٿا. اهي هيٺينءَ ريت آهن:
    سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج (1978ع)، تنقيدون (1980ع)، علم تحقيق، ادب جا فڪري محرڪ، دي ٽيلس ٽيولڊ (انگريزي ڪهاڻيون) ايجوڪيشن ايلسز اينڊ آئيڊياز (انگريزي)، ڪتب خانو، سماجي تبديليءَ جي رٿابندي، سنئون سڌو رستو، چونڊي ڪڻو (شاعري) ٻولي ۽ ٻولي جي تعليم، ارسطو کان روسو تائين، تعليم اور معاشرتي تقاضي (اردو)، ٻوهيي جون تحريرون (ڀاڱو-1 مرتب ناز سنائي) سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (2008ع). تنهن کانسواءِ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي خذمتن تي ماهوار ”ادب“ آڪٽوبر 1997ع (مرتب: يوسف سنڌي) خاص نمبر پڻ شايع ڪيو ويو.


    الطاف شيخ

    سنڌي ادب ۾، سفرنامي جي صنف ۾ الطاف شيخ جو نالو مٿاهين حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ پهريون سفرنامون مرزاقليچ بيگ جو ”ڏاڙهياڙي جبل سير“ چيو وڃي ٿو، پر سنڌي ادب ۾ انهيءَ صنف کي صحيح معنى ۾ اوج تي الطاف شيخ رسايو.

    جنم ۽ تعليم
    الطاف شيخ، 14 نومبر 1944ع تي هالا ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو گل محمد شيخ هو. شروعاتي تعليم هالا جي اسڪول مان ورتائين، جتي کيس نهايت ئي قابل ۽ محنتي اُستادن پڙهايو. پرائمري تعليم بعد هالا جي مخدوم غلام حيدر اسڪول ۾ پڙهيو. هالا مان ٽي درجا انگريزي جا پڙهڻ بعد ڪيڊٽ ڪاليج ۾ آيو، جتي پنج سال رهي مئٽرڪ ۽ انٽر پاس ڪيائين. جتان انٽر بعد مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ کان پهرينءَ ۽ اڪيلي شاگرد جي حيثيت سان چٽگانگ (بنگلاديش) ويو، جيڪو اُن وقت اوڀر پاڪستان هو. مئرين انجنيئر ٿيڻ بعد ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سويڊن) مان ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن (انجنيئرنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. 1968ڳ کان وٺي هيستائين دنيا جي سمنڊن تي جهاز هلايا اٿائين. تنهن کان سواءِ ڪجهه ڪناري جون نوڪريون به ڪيائين. جهڙوڪ:شپ يارڊ يا بندرگاهه ۾ انجنيئر ٿي ڪم ڪرڻ يا ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل جو چيف انجنيئر ٿيڻ. تنهن کان سواءِ مختلف هنڌن تي پڙهائڻ جوڪم پڻ ڪندو رهيو. انهي ۾ سڀ کان وڏو عرصو ملائيشيا ۽ جپان ۾ گذاريائين.

    تصنيف ۽ تاليف
    پنهنجي لکڻ جي حَوالي سان، ملندڙ اُتساهه جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ الطاف شيخ ٻڌايو:
    ”ڪاليج جي مخزن ۾ سنڌي سيڪشن ڪڍڻو هو. سنڌي لکڻ وارا گهٽ هئا. مون ۽ منهنجي ڪلاس ميٽن پنهنجي ۽ ٻين پاران لکي سنڌي سيڪشن مڪمل ڪرڻ ٿي چاهيو، نه ته اهو خوف رهيو ٿي ته ماڻهو کلندا ته سنڌ ۾ ڪاليج ٿي ڪري به سنڌي سيڪشن ڪونهي. پوءِ اڳتي هلي بنگال مان دل چاهيو ته پنهنجي ديس جي ماڻهن کي بنگال جي سرزمين جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌايان.“
    انهيءَ جذبي تحت الطاف شيخ لکڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ ڪهاڻين ۽ افسانن کي سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪي هو ڇپجڻ جي لاءِ هو مختلف اخبارن ۽ رسالن کي موڪليندو هو. سندس اهي ليک روزاني ”عبرت“ ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيندا هئا ۽ اڳتي هلي الطاف شيخ لکڻ پنهنجو معمول بنائي ڇڏيو ۽ هينئر سندس پنجاهه کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپيل آهن، انهن مان ڪيترن ڪتابن جا ته چار چار ۽ پنج پنج ڇاپا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
    الطاف شيخ جي ڪتابن کي بنيادي طور تي ٽن قسمن ۾ ورهائجي سگهجي ٿو.
    (1) اهي ڪتاب جيڪي باقاعده سفرناما آهن ۽ انهن ۾ مختلف ملڪن جي حال احوال، سير سپاٽي، ۽ سامونڊي زندگي وغيره جو ذڪر ڪيل آهي.
    (2) اهي ڪتاب جيڪي پاڻ ترجمو ڪيائين. انهن ۾ ناول، ڪهاڻي ۽ مهم جوئي جهڙا موضوع شامل آهن. انهن کي سفرنامن ۾ ڳڻي نٿو سگهجي. انهي حساب سان الطاف شيخ هڪ سٺو مترجم پڻ آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي ٻاهرين ادب مان ترجمو ڪري مالا مال ڪيو آهي. سندس اهڙن ڪتابن ۾ ”اناميڪا“ (ڪهاڻيون)، ”خدا ڏي خط“ (ڪهاڻيون)، ”موج نه سهي مڪڙي (مهم جوئي)، ”لنڊن تائين لفٽ“(ڪهاڻيون)، ”ٻارن جون آکاڻيون“ (ڪهاڻيون)، ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ (ناول)، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“ (ڪهاڻيون)، ”ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“، ”سوزي سان پيار“ وغيره شامل آهن.
    (3) اُهي ڪتاب جيڪي مرتب ڪيل اٿس، جهڙوڪ: بهترين سفرناما، جنهن ۾ آغا سليم ۽ ٻين ليکڪن جي سفرنامن کي سهيڙيو اٿائين، يا ”الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان“ جنهن ۾ سندس مطالعي هيٺ آيل ڪتابن وغيره مان ڪوٽيشن ڏنل آهن. اهڙن ٻين ڪتابن ۾ ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ (جنهن ۾ پهاڪا ڪيل آهن) Proverbs of Far Easter شامل آهن.
    ائين، الطاف شيخ جي باري ۾ اها ڳالهه چٽي هئڻ گهرجي ته هو نه رڳو بهترين سَفرناما لکندڙ آهي، پر هڪ سٺو مترجم ۽ سهيڙڪار به آهي.

    الطاف شيخ جا ڪتاب
    الطاف شيخ جا هيستائين پنجاهه کان به مٿي ڪتاب ڇپيل آهن. انهن مان ڪي ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيا اٿس، جن جو ترجمو پڻ پاڻ ڪيو اٿائين. الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب ”اناميڪا“ ڇپيو هو. جيڪو ترجمو ڪيل ڪهاڻين تي مشتمل هو. الطاف جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي:
    ”اناميڪا“،”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“،”پيار جي گهٽ“، ”وايون وڻجارن جون“،”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“،”سمنڊ جي سيوين“،”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”ڪويت ڪنارا“، ”بندر ديسان ديس“،”جاني ته جهاز ۾“، ”جپان جن جي جيءَ سان“،”ڳالهيون تنهن جپان جون“،”خدا ڏي خط“،”جپان رس“،”سانباهو سمونڊ جو“،”موج نه سهي مڪڙي“،”الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان“، ”بهترين سفرناما“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”ٻارن جون آکاڻيون“، ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ (اهو ڪتاب مس سدا بهار چنبيلي جي نالي سان پڻ ڇپيل آهي)، ”مڪلي کان ملاڪا تائين“، ”سنگاپور ويندي ويندي“، ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“،”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”دنگيءَ منجهه درياهه“، ”ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“،”جت جَر وهي ٿو جال“، ”انڊلٺ“، ”ڳالهيون آهن ڳچ“، ”اي جرني ٽو ٿائلينڊ“،”سوزي سان پيار“،”Proverbs of Far East“،”او هريا جي عميق ڏي“،”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“، ”ملير کان مالمو“، ”جت برف پئي ٿي جام“،”ڪراچي کان ڪوپن هيگن“، ”ارائونڊ دي ورلڊ“، ”رٺي آهي گهوٽ سان“،”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“، ”اي روڊ ٽو مدينھ“،”هيلنسڪي جي حسينا“،”سنگاپور ٿو سڏ ڪري“، ”آل ابائوٽ سنگاپور“،”ڀلي پارتان ڀيرو“،”بوتلن جوسفر“،”ملائيشيا منهنجي من ۾“،”ملائيشيا 12سالن کان پوءِ“،”سمندر ڪي دِن، سمندر ڪي راتين“ (اردو)، ”ملائيشيا ڪي دِن“، ”يورپ ڪي دِن“ (اردو) ايران ڏي اُڏام.
    الطاف شيخ جي انهن ادبي ڪاوشن کي هر سطح تي پسند ڪيو ۽ کيس ساراهيو ويو آهي ۽ سندس خدمتن جي مڃتا ڪئي ويئي آهي. انهي سلسلي ۾ مدد علي سنڌي روزاني هلال پاڪستان جي 26جنوري 1991ع جي اشاعت ۾ ”هڪ تاثر“ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو آهي:
    ”سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف تي جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته مؤرخ جو قلم يقيناً الطاف جي نانءُ تي اچي بيهي رهندو. ڇاڪاڻ ته الطاف شيخ ئي اهو اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن جي سفرنامن سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو خزانو ڏنو.“
    الطاف شيخ جي سفرنامن نه رڳو سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر سفري ادب جي پڙهندڙن ۾ پڻ واڌارو ڪيو. انهي سلسلي ۾ علي احمد بروهي جي لفظن ۾:
    ”الطاف شيخ سفرنامو لکي، پنهنجي ملڪي ماڻهن کي ديس پرديس جي ماڻهن سان روشناس ڪرائي ٿو ته جيئن سندس ملڪي ماڻهن ۾ مسافري ڪرڻ ۽ ملڪ گهمڻ جو شوق پيدا ٿئي. هونئن به هيرن جو قدر کاڻ ۾ ٿورو ئي ٿيندا آهي، جتي هو ڍڳ ۽ ڍيريون ٿي پيل هوندا آهن.“
    الطاف شيخ جو تخليقي سفر جاري و ساري آهي.


    ابراهيم ”منشي“

    سنڌ جي جن وطن دوستن ۽ عوام دوست شاعرن، پنهنجي شعرن جي ذريعي ”عطائي“ ٿي دردر وڃي، قوم کي جاڳايو ۽ منجهن قومي شعور پيدا ڪيو، پنهنجي شعري صدائن جي ذريعي جهر جهنگ جوالا پيدا ڪيا، منشي ابراهيم به انهن ”عطائي شاعرن“ مان هڪ آهي.

    سوانح
    محمد ابراهيم ولد محمد اسحاق سومرو، 15جنوري1934ع تي، حيدرآباد ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ”جنهاڻ سومرو“ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ محمد اسحاق پنهنجي وقت جو ”صفت“جو سٺو شاعربه ليکيو ويندو هو. پاڻ مولودي پڻ هوندو هو. عربي ۽ پارسي جو سٺو ڄاڻو هو. ابراهيم منشي تعليم پنج درجا سنڌي ورتي. کيس پڙهڻ جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ ٻاراڻي درجي کان چوٿين درجي تائين سدائين پهريون نمبر ايندو هو.
    منشي ابراهيم جو والد 1945ع ۾ سلهه جي بيماري وگهي گذاري ويو. انهيءَ وقت منشي ابراهيم جي عمر يارهن سال هئي.
    والد صاحب جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ”منشي ابراهيم“ پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻارنهن سالن جي عمر ۾ هڪ گڏهه وٺي، ان تي واپار شروع ڪيائين، ”ٻني جي مياڻ“ کان پلا کڻي ڳوٺن ۾ کپائڻ، ۽ سياري جي مند ۾ ”ڪپور“ تان ”خواجن“ کان ڳڙ سودي گهر گهر کپائڻ ۽ مختلف قسمن جو سامان گجر، بصر وغيره وڪڻي گذرسفر شروع ڪيائين.
    انهيءَ رواجي ماحول ۾ پاڻ عشقيه نموني جي شاعري ۽ ڪافيون ڪلام ٺاهڻ لڳو. پاڻ مرادو ڳائڻ، مولودين سان مولود پڙهڻ، اهو شغل به ڪيائين. منشي شاعري جي اها شروعات 1949ع کان ڪئي .
    ”منشي ابراهيم“ جو ڳوٺ جنهاڻ، ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن جي وچ تي سرحدي ۽ ٻيلي جي ڪنڌي تي آهي. منشي وارا ”مارو“ماڻهو هئا. مال جهجهو هئڻ ڪري، سندن اُٿي ويٺي ٻيلي سان گهڻي هوندي هئي، هاڻ ته مولچند، ٻيلو وڍجي پوٺو ٿي ويو آهي، نه ته ڪو وقت مولچند ٻيلو، ڪچو توڙي پڪو، مست ٻيلو هو. پنج مڙس ڪُهي، ويڙهه ۾ ورائي ڇڏ ته سئو سال سماءُ نه پوي.
    انهي وقت ٻيلي ۾ مال جي چوري به عام هوندي هئي. انهي دوران منشي ابراهيم هڪ مينهن ورتي، جيڪا پوءِ چوري ٿي ويئي. کيس انهيءَ چوريءَ جي خبر پئي ته گهڻي وڙول ۽ پڇا ڳاڇا ڪيائين، پر ڪو کر پير نه مليس. ائين منشي ابراهيم به گڏهه وڪڻي، سنگتي ساٿي هٿ ڪري، جوابي ڪاروائي طور آسپاس چوريون ڪرڻ لڳو. پاڻ اها ڪار ساندهه پنج سال ڪيائين.
    ”ائين ڪو نه هو ته ڪو منهنجو ڪو روزگار چوريءَ تي هو. ڌنڌو ٻيو به ڪندا هئاسين، ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ۽ ٻيا به ٿورا ٿورا ڪم پيا ڪندا هئاسين، پرڪاٽڪوئن سان لين دين هلندي رهي. پوءِ ته سائين ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس. ڏاڍو مڙس، اڇي ڪهاڙي، بوسڪيءَ جو پٽڪو، مڙس ڪاٽڪو، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي، اڻويهه سال عمر، ڦوهه جواني، انهيءَ وچ ۾ عشق به پيئي ڪياسين. سوپاريون، سنيها، انجام، راتيون، ڪهاڙي، ڊپ، پنڌ، ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون عجيب ڪيفيتون، ياريون باشيون، هڪ احساس منهنجي وجود کي ايترو ته جنجهوڙيو، جو آئون وري ڪڏهن ڪنهن جي ڪَک کي ويجهو نه ٿيس.“
    منشي پنهنجي ڪٿا ٻڌائيندي چوي ٿو.
    جيئن جيئن شعور وڌندو ويس، تيئن سوچ ۽ لوچ عجيب پاسا بدلايا. انساني حالتن، طبقاتي ڇڪتاڻن ڏاڍ ۽ اڻ برابريءَ، ظلم ۽ تشدد، هاري زمينداري حساب ڪتاب، لچاين، بدمعاشين، ٺڳين تي ويهي سوچيندو هو ته اهي ڇو آهن.اهي سوچ جي پيڙائون کيس سمهڻ ئي نه ڏينديون هيون.
    نتيجي ۾ سندس اندر جو شاعر ڪر موڙي اُٿيو ۽ پنهنجون پيڙائون پني تي لاهڻ شروع ڪيائين ۽ سندس اها شاعري سنڌ ۾ جوالا مکي بنجي ويئي. محمد ابراهيم جويي چواڻي:
    ”هن ڏوٿي، هن عطائي، هن درياءَ دل، راڳي شاعر، پنهنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين سان جون جهوليون ڀريون آهن، جهولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاهيون آهن. بشرطيڪ هن جي اها ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنهنجون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آهي، پنهنجي ماروئن ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ قرباني ۽ ڪم جي صدا ٻڌون.“
    اڳتي هلي ”روح رهاڻ“ رسالي سنڌ جي نئين ٽهيءَ ۾ 1962ع کان جاڳرتا پيدا ڪئي. بسنت هال ۾ ٿيندڙ ”جشن روح رهاڻ“ انهي سلسلي جي اهم ڪڙي آهي. انهي سلسلي ۾ منشي لکيو:
    ”مون کي به انهيءَ جي خوشبوءَ اگهور ستل ننڊ مان جنجهوڙي، اُٿاري، ڪا تعجب جهڙي ڳالهه ٻُڌائي ۽ منهنجي ڏات مون وٽ نئين روپ ۾ اچڻ لڳي. جنهن مون کي قومي احساس ڏياريو. 1967ع کان مون کي مجبور ڪيو ويو ته قومي فرض جو رهيل قرض توکي لاهڻو آهي. منهنجي نس نس ۾ اڳي ئي طبقاتي گهٽ وڌائي ٻارڻ ٻاريو بيٺي هئي ۽ ويتر قومي فرض شامل ٿيڻ سان نئين واٽ کلي.“
    منشي ابراهيم جي اها ڪيل شاعري سنڌ جي قومي انقلابي ۽ طبقاتي تحريڪ جو هڪ اهم باب آهي، منشي نظم، بيت، وائي ۽ غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي. انهيءَ شاعري جي نتيجي ۾ وقت جي حڪمرانن کيس ”ڊفينس رولس پاڪستان“ (DPR) يعني پاڪستان سان غداري جي الزام ۾ ٻين محب وطنن سان کڻي جيل ۾ وڌو.
    منشي جو اهو قيد جو عرصو ايڪيتاليهه مهينا هليو. منشيءَ جي اهڙي قومي انقلابي شاعري جا چارمجموعا ڇپيل آهن. جن جا نالا: ”وڳهه جا وريام“،”گوندر ويندا گذري“،”ڌرتي دين ڌرم“،”ڌونئري ڏينهن ڌاڙا“.(انهن ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا).
    مٿين ڪتابن کان سواءِ منشي جي ٻي به ڪيتري ئي اڻ ڇپيل شاعري موجود آهي.
    منشي محمد ابراهيم 31 جولاءِ 2003ع تي وفات ڪئي، کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ”جنهاڻ“ ۾ دفنايو ويو.


    اِمداد حُسيني

    سنڌي شاعريءَ جو دامن سدائين مالا مال رهيو آهي، ڀٽائي کان وٺي اياز تائين، يا ڀٽائي کان اڳ، ۽ اياز کان پوءِ سنڌي شاعري پنهنجي فڪري جوهر ۾، سدائين مالا مال رهي آهي. امداد حسيني به انهيءَ ئي مالها جو هڪ موتي آهي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾، اياز جو مقام پنهنجي جاءِ تي، پر امداد حسيني جي ڇاپ گهري نظر ٿي اچي.

    سوانح
    امداد حسيني جو پورو نالو سيد امداد علي شاهه آهي. هو 10مارچ 1940ع تي ٽکڙ ضلع حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو سيد فضل محمد شاهه آهي. امداد حسيني جو ڏاڏو سيد اسدالله شاهه ’فدا‘ پنهنجي دور جو وڏو عالم هو ۽ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪندو هو ۽ انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ حيدرآباد شهر جو قاضي هو. امداد حسيني جو جنم ڀومي ٽکڙ، سنڌي ادب ۾ هڪ مڪتبھ فڪر جي حيثيت رکي ٿي ۽ ٽکڙ سنڌي ادب کي ڪيترائي نالير! ۽ ڪهنھ مشق شاعر ڏنا آهن.
    امداد حسيني پنهنجي ابتدائي تعليم ڳوٺ جي کٿاب ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ هن وڌيڪ تعليم حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان ايم-اي آنرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ امداد مختلف علمي ۽ ادبي ادارن، جهڙوڪ: سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ نوڪري ڪئي. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ پرائمريءَ کان انٽر تائين جي نصاب مرتب ڪرڻ، ايڊٽ ڪرڻ، سبق ۽ نظمن لکڻ جو ڪم امداد لڳاتار پنجويهن سالن تائين ڪيو. انهي وچ ۾ ٻه ڀيرا 1977ع کان 1979ع ۽ 1991ع کان 1992ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ علمي ۽ ادبي پرچي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽريءَ جون ذميداريون نهايت خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيون. امداد حسيني جي ايڊيٽري جي دوران ”مهراڻ“ جي پرچن جو معيار نهايت بلند پائي جو آهي.

    ادبي اوسر
    امداد حسيني شعر لکڻ جي شروعات ٻارهن سالن جي عمر کان ڪئي. جڏهن هو پنهنجي هڪ دوست تاج ٽکڙائي سان خط و ڪتابت ڪندو هو، جنهن ۾ هڪٻئي کي شعر به لکي موڪليندا هئا. پر امداد کي اها شعر جي سُتي پنهنجي گهر مان ئي ملي. ڇاڪاڻ ته امداد جو ڏاڏو اسدالله شاهه ’فدا‘ پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ شاعر هو. هن 1906ع ۾ ”بُهارِ اخلاق“ جي نالي سان هڪ رسالو پڻ جاري ڪيو هو. جنهن جو ايڊيٽر پاڻ ئي هوندو هو. رسالي ۾ ’طرح مصرح‘ پڻ ڏني ويندي هئي ۽ ان ريت ان ۾ طرحي غزل ڇپيا هئا. اهو رسالو سنڌي ادب جي ’سالها سال‘ خدمت ڪندو رهيو. نوجوان سادات غلام مرتضى سنائي (جي-ايم-سيد) کي علم ۽ ادب ۽ سياست جي واٽ جو سونهون ڪندڙ اسدالله شاهه ’فدا‘ هو. سندس عاليشان لئبرري پڻ هئي.
    امداد جي ڏاڏي جو ننڍو ڀاءُ سيد حافظ شاهه پڻ نهايت پرسوز ۽ سريلو شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنهن ماسات سعيد ٽکڙائي جي صحبت مان به گهڻو پرايو. امداد جي شروعاتي شاعري پنهنجي ڳوٺ جي شيدياڻين ۽ مڱڻهار ڳائڻين ڳائي. ائين امداد جي شاعري جي شروعات ”سريلي شاعري“ (Lyrical Poetry) سان ٿي.
    امداد حسيني 1960ع واري عرصي ۾ بيحد خوبصورت، منفرد ۽ جديد رنگ ۾ رچيل نظم ۽ غزل چيا. 1962ع ڌاري امداد جونظم ”التجا“ ’مارئي‘ رسالي ۾ ڇپيو، جنهن جي ايڊيٽر زينت عبدالله چنا‘ هئي. 1963ع ڌاري ’روح رهاڻ‘ ۾ امداد جي شاعري گهڻو ڌيان ڇڪرايو. بقول حميد سنڌي: ”1963ع وارن پرچن (روح رهاڻ جي) ۾ امداد حسيني جا نظم نئين سماجي فڪر کي کنيو بيٺا هئا،“ ان ئي عرصي ۾ امداد ”روح رهاڻ“ ۾ ساٿي ايڊيٽر پڻ ٿي رهيو.
    امداد حسيني جي شاعري جو پهريون مجموعو ’امداد آهه رول‘ 1976ع ۾ ڇپيو. ان ڪتاب جي نالي جي حوالي سان امداد هڪ هنڌ لکيو:
    ”منهنجي هڪ غزل امداد آهي رول، تون موتي ائين نه رول، کڻي رشيد ڀٽي مون کي چوندو هو؛ ”امداد آهي رول“ ۽ پوءِ مون ڪتاب جو نالو به اهوئي رکي ڇڏيو.“
    انهيءَ پهرين مجموعي جي حوالي سان سحر امداد ”هوا جي سامهون“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿي:
    ”امداد جوپهريون مجموعو ”امداد آهه رول“ مون ئي ترتيب ڏنو هو. رولاڪيءَ جو فلسفو آڏو رکي. ”رولاڪي“ اِن اسينس آف، تلاش؛جستجو، سرگرداني، ويهي نه ووڙڻ. مون امداد جي ئي هڪ مشهور غزل جي سٽ مان مجموعي لاءِ نالو ”امداد آهي رول“ چونڊيو هو.“
    امداد حسيني جو ٻيو شعري مجموعو ”هوا جي سامهون“2000ع ۾ ڇپيو. هن مجموعي ۾ امداد جا نظم، غزل، گيت، آزاد نظم، وايون، ترائيل، ٽيڙو، دوها، بيت وغيره ڇپيل آهن. هن ڪتاب جو طويل مهاڳ، امداد جي گهر واري سحر امداد لکيو آهي، هوءَ لکي ٿي:
    ”امداد پنهنجي احساسن جي تُز ۽ گهري اظهار لاءِ سُڏڪي مان سڏڪيل ۽ اُلڪي مان اُلڪيل جون صورتون استعمال ٿو ڪري، جيڪي عام مروج ناهن. ائين شاعرپنهنجي احساسن جي سهڻي ۽ سُريلي اظهار لاءِ لفظن کي ڪيئن نه تخليقي سطح تي استعمال ڪري ٿو.۽ پنهنجو هڪ منفرد ڊڪشن ٺاهي ٿو، جيڪو اڳتي هلي هن جي سڃاڻپ ٿو بنجي. ان ريت شاعر ٻوليءَ جي لفظن ۽ معنائن کي وسعت ۽ سونهن عطا ڪري ٿو.“
    ”شهر“ امداد حسنيءَ جو مشهور ۽ طويل نظم آهي، جيڪو پهرين ”سهڻي“ ۽ پوءِ ڌار ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپيو. اهو نظم اسي واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد جي لساني فسادن جي پس منظر ۾ لکيو ويو، جيڪو انهي ڪربناڪ دور جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن اڳوڻي ”آزاد سنڌ“ جي گاڌيءَ جو هنڌ رت ۾ وهنجيل ۽ اصل ڌرتيءَ ڌڻين جي لاءِ اوپرو بنجندو پي ويو؛ ڪيڏو نه ڪرب آهه هنن سٽن ۾:
    هي منهنجو شهر آهه يا دشمن جو شهر آ
    آهن هي ڪيرلوڪ نقابن جي پوئتان
    قرآن ٿن هٿن ۾ ڪڇن ۾ ڇرا اٿن
    ڪوسي لهوءَ جي پياس چپن تي کڻيو گهمن
    ۽ رات ڏينهن ٻُوٿ مٿان ٻٽ هڻيون گهمن
    ٻولي به منهنجي ڪانه ٿا ڳالهاءِ هو سگهن
    لولي به منهنجي ڪانه ٿا ورناءِ هو سگهن
    ماڻو ڪري رسان ته نه پرچاءِ هو سگهن
    ڄڀ تي ڄڀيون، اُماڙ اکين ۾ کڻيو رلن
    واڇن کي تازو گرم لهو ٿا هڻيو رلن
    مارين ٿا ڦرين ٿا ۽ ٽهڪ ڏين ٿا.
    نظم جي پڇاڙي انهي ڳالهه جي نشاندهي ٿي ڪري ته حيدرآباد کان سواءِ سنڌ، سنڌي قوم جو وجود اڻپورو آهي ۽ حيدرآباد دل جي حيثيت ٿي والاري:
    اي حيدرآباد شهر اي نيرون ڪوٽ شهر
    توکان سواءِ آهه چپن ۾ صدا ڪٿي
    توکان سواءِ آهه هٿن ۾ دعا ڪٿي
    توکان سواءِ شراب ۾ آهن نشا ڪٿي
    توکان سواءِ حسن ۾ آهي ادا ڪٿي
    توکان سواءِ عشق ۾ آهي وفا ڪٿي
    اي حيدرآباد شهر اي نيرون ڪوٽ شهر.
    امداد حسينيءَ، شاعريءَ سان گڏوگڏ نثري ادب کي ’سانول‘ جي نالي سان ڪيتريون ڪهاڻيون ڏنيون آهن. ”سو ڳالهه پي ڪيم....“ جي نالي سان امداد حسينيءَ جو ڪالم ڳچ عرصو پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائيندو رهيو. تنهن کان سواءِ هن مضمون ۽ تحقيقي مضمون پڻ لکيا آهن، جن جي ادب ۾ الڳ اهميت آهي. امداد ريڊيو لاءِ ڊراما، گيتن ڀريون ڪهاڻيون، گيت ۽ ٽي وي لاءِ هن ڪيترائي ڊراما ۽ سيريل ”زنجيرون“ جي نالي سان لکيا آهن. ٽن سنڌي فلمن ”ڌرتي لال ڪنوار“، ”حاضر سائين“ ۽ ”سهڻا سائين“ لاءِ گيت پڻ امداد حسينيءَ لکيا آهن.
    امداد حسينيءَ مشهور سنڌي رزميھ ”دودو چنيسر“ ۽ مرزاقليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو اردو ترجمو پڻ ڪيو، جيڪي ترتيبوار ’لوڪ ورثه اسلام آباد“ ۽”اڪيڊمي آف ليٽرس“ پاران ڇپرايا ويا. امداد حسينيءَ بابا فريد جي شاعري ۽ مادو لعل حسين جي شاعريءَ جون پڻ سنڌي ترجمو ڪيو.
    امداد حسيني ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ ۽ ”سنڌي ڪتابن جو ڪئٽلاگ“ پڻ مرتب ڪيا، جيڪي ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ ڇپرايا.
    امداد حسينيءَ ”سهڻي“ ۾ نون شاعرن جو ڀاڱو مرتب ڪرڻ کانسواءِ عبرت مئگزين جو ايڊيٽر ۽ ”ڪونج“ جي هڪ پرچي جو ”ساٿي ايڊيٽر“ پڻ رهيو.
    مٿين ڇپيل ڪتابن کان سواءِ امداد حسيني جي اَڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ڪهاڻين، مقالن، ڊرامن جا مجموعا ۽ شاعريءَ جا ٽي مجموعا ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن.
    امداد حسينيءَ کي آگسٽ 2002ع ۾ صدارتي تمغو براءِ ”حسين ڪارڪردگي“ پڻ ڏنو ويو.


    اُستاد بخاري

    محمد ابراهيم جويي، ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ جي ٽه ڪتابائين رٿا جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته:
    ”شاعر، سچا شاعر ’تاريخ جا فرشتا“ سڏيا ويا آهن. تاريخ، بني نوع انسان جي، ۽ پڻ قومن جي، ۽ فرشتا انهي ڪري، جو هو فڪر ۽ جذبي جي پرورش ڪن ٿا ۽ ان طرح سڄيءَ انساني زندگيءَ ۾ پڻ قومي زندگيءَ کي معنى ۽ معيار بخشين ٿا. سڄي سچائي، سڄي بُلندي، سڄي اُملائپ، انساني تمدن ۽ قومي تهذيب جي، انهن کان ملي ٿي، ۽ هوئي اِن سڀ جا ضامن پڻ آهن.“
    مٿينءَ معيار تي، جيڪڏهن اُستاد بخاري جي شاعري جي پرک ڪبي ته مايوسي ڏسڻي نه پوندي، جيئن اُستاد بخاري خود چوي ٿو:
    ”شاعر هڪ اهو به آهي، جو پنهنجي قوم، بلڪ سڄي انسان ذات جي زبان بڻجي، امن جو آواز اُٿاري ،ظلم سان جنگ جوٽي-جيڪي اُڌما اندر ۾ اچنس سي اوتي، پر جي (اڳ پوءِ جاچي) کڻي روڪي ته رڪجي نه سگهجنس. آخر اُٻاءُ ڪيو اوڳاڇيو ويهي.“

    سوانح
    سيد احمد شاهه بخاري ولد حاجن شاهه 16جنوري1930ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو، ضلع دادوءَ ۾ جنم ورتو. اڳتي هلي اُستاد بخاري طور مشهور ٿيو.
    اُستاد بخاري پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ ورتي. 1924ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1947ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1961ع کان 1963ع واري عرصي ۾ خانگي طور مئٽرڪ ۽ انٽر ۽ بي-اي جا امتحان پاس ڪيائين. 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم-اي (سنڌي) ۾ ڪيائين. 1963ع کان 1966ع تائين سيڪنڊري اسڪولن ۾ انگريزي استاد ٿي رهيو. آڪٽوبر 1966ع کان ليڪچرار بنجي ويو.

    ادبي سفر
    اُستاد بخاريءَ شاعري جي شروعات 1942ع کان ڪئي. پاڻ اُن وقت پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. اسڪول ۾ پڙهڻ جي دوران ٻين ٻارن سان گڏ قومي ترانو پڙهندو هو. سندس آواز ۾ مٺاڻ هئي. پاڻ ان وقت جي مشهور شاعرن جا ڪلام ڳائيندو هو. اسڪول جي بند ٿيڻ وقت يا مانيءَ جي موڪل مهل اسڪول جا استاد کائنس ڪونه ڪو ڪلام ضرور ٻڌندا هئا. ائين کيس شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيو. پاڻ 1947ع ۾ جڏهن پرائمري استاد مقرر ٿيو ته پنهنجو تخلص به ”استاد“ رکيائين ۽ پوءِ استاد بخاري جي نالي سان مشهور ٿيو.
    جيئن مٿي چيو ويو ته استاد بخاري شاگردي واري دور کان شاعري جي ابتدا ڪئي، پر کيس علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ 51-1950ع کان حصي وٺڻ جو موقعو مليو. 1950ع کان باقاعده مختلف مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. ”انجمن آفتاب ادب“،”بزم طالب المولى“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ پاران ڪوٺـايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏ ريڊيو ۽ ٽي-وي تي مشاعرن ياصوفي بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ ويندو هو.
    شروعاتي دور ۾ استاد بخاري فقط غزل ۽ ڪافيون لکندو هو، جيڪي اڪثر ٽه ماهي”مهراڻ“ ۾ شايع ٿينديون هيون. ان وقت مولانا غلام محمد گرامي ”مهراڻ“ وسيلي اصلاح ۽ تربيت ۽ شاعري جي اشاعت جي پڻ حوصلي افزائي ڪندو هو. پوءِ هوريان هوريان سندس شاعري ۾ پختگي ايندي ويئي ۽ استاد شعر جي مختلف صنفن جهڙوڪ:نظم، وائي، بيت، ڏوهيڙو، قطعه، رباعي، ٽيڙو، آزاد نظم، ترائيل، سانيٽ ۽ هائيڪو وغيره تي پڻ ڪامياب طبع آزمائي ڪئي.
    استاد بخاري سونهن، سچ، پيار جو شاعر آهي. هن جي شاعري جو رنگ عوامي، ٻولي سادي ۽ ڳوٺاڻي، تشبيهن ۽ استعارن سان ڀرپور آهي، تنهن کان سواءِ استاد جي شاعري ۾ نواڻ ۽ فڪري جدت پڻ آهي. اُستاد جي ڪيل قومي شاعريءَ جو رنگ ئي پنهنجو آهي. حقيقت ۾ اُستاد جي شاعري هڪئي وقت پيار جي پچار ۽ وقت جي پڪار آهي، جيئن هڪ هنڌ لکيو اٿس: ”حقيقت ۾ ’وقت جي پڪار‘ ۽ ’پرين جي پچار‘ منهنجي شاعراڻي دل جا ٻه پاسا آهن.“

    تعليمي ۽ علمي سرگرميون
    اُستاد بخاري پنهنجي نوڪري وارو سڄو عرصو، جتي به رهيو، اتي تعليمي مذاڪرا، ڪانفرنسون، ڊبيٽون ڪرائيندو رهيو، جن ۾ کيس وقت جي ناميارن استادن ۽ تعليمي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪرڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ جوموقعو مليو.
    پاڻ نه رڳو مٿيون سرگرميون ڪيائين، پر مختلف هنڌن تي شاگردن جي سکيا واسطي به ڪوششون ڪندو رهيو. انهي جو ذڪر ڪندي پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿس:
    ”ٽريننگ پوري ڪرڻ کان پوءِ آئون جنهن به اسڪول ۾ ويس ته ڪتابي ڪورس کان سواءِ اتي ادبي، علمي انجمنون ٺاهي نه رڳو اسڪول جي شاگردن، پر ڳوٺ يا شهر جي تعليم يافته طبقي جي مدد سان تحريري، تقريري ۽ مطالعاتي سرڪلون ٺاهيندو رهيس.“
    1966ع کان ليڪچرار ٿيڻ ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻه، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ دادو جي ڪاليجن ۾ رهيو، جتي پڻ نوجوانن سان ميل جول ۽ علمي ماحول پيدا ڪيائين. هر ڪاليج ۾ ادبي ۽ ڊيٽنگ سوسائٽيون سنڀاري شاگردن ۾ مضمون نگاري، بحث مباحثي، ڊرامن لکڻ ۽ اداڪاريءَ جي جذبن اُڀارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. 1968ع ۾ نوابشاهه ڪاليج ۾ ”ڪاليج مئگزين“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
    تنهن کان سواءِ اُستاد بخاريءَ کي سنڌ گريجوئيٽس جي پليٽ فارم تان علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ سان گڏ، ’سگا‘ جي تعليمي پروگرام ۾ پڻ کنيو ويو.

    اُستاد جا ڪتاب
    اُستاد بخاري جو پهريون ڪتاب 1971ع ۾ ”گيت اسانجا، جيت اسانجي“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس شاعريءَ جون مختلف صنفون شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ اُستاد بخاري لکي ٿو:
    ”مان مطئمن آهيان. ڇو ته جيڪي به لکيو اٿم، سو هڪ ته پنهنجي پياري زبان ۾ ، ٻيو ساڻيهه جي سڪار، عالم جي آبادي ۽ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ لکيو اٿم.“
    اُستاد بخاريءَ جا سندس زندگي ۾ ڪي ٿورائي ڪتاب ڇپجي سگهيا. انهن ۾ مٿينءَ ڪتاب کان سواءِ: ”هي گيت گلابي ٻارن جا“ (ٻارن جي عالمي سال جي سلسلي ۾ 1980ع)، ٻاراڻا ٻول (1981ع ۾ وزارت تعليم، حڪومت پاڪستان پاران ڇپرايو ويو.)، اوتون جوتون (1983ع)، ڪو ڪڻ يا ڪلياڻ (1986ع) شامل آهن.
    پر اُستاد حقيقي معنى ۾ پڙهندڙن جي اڳيان ڪتابي صورت ۾ پنهنجي وفات کان پوءِ آيو. پاڻ 9-آڪٽوبر 1992ع تي ڪينسر وگهي رحلت ڪيائين. ائين، سندس زندگي ۾ جن پبلشرن کيس ڪتابن جا مسودا نهايت بي دردي سان واپس ڪيا، تن ڊوڙي وڃي سندس ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪيا. ائين اُستاد پنهنجي وفات کان پوءِ پبلشرن لاءِ ”هاٽ ڪيڪ“ ثابت ٿيو. هيستائين سندس ڪيترائي مجموعا ڇپجي چڪا آهن ۽ استاد بخاري کي بي پناهه پذيرائي ملندي رهي آهي. انهي جو واحد سبب استاد بخاري جي شاعري جو عوامي رنگ آهي.
    اُستاد جا مٿين ڪتابن کان سواءِ هيٺيان شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آهن:
    ”ولولو ۽ ووڪ“، ”گلدستي ۾ گيت“، ”زندگي –زندگي“، ”ڌرتي سر تي“، ”ميلا ملهالا“، ”ماندي ٿي نه مارئي“، ”وطن ۽ ويساهه“، ”پير نه هٽن پوئتي“، ”گهڙيا سي چڙهيا“، ”هي گجرا، هي گولا“، ”هڙ ئي هيج وطن جا“، ”ڳائي پيو جاڳائي پيو“، ”تڙ تڙ تيڏيان ڳالهيان“، ”ڌوڙ دل جي درد جي“، ”لهر لهر دريا“، ”بخاري جا قطعه“، ”سوچون؛ ڀڻڪا، واڪا“، ”نه ڪم نبريو-نه غم نبريو“، ”لهري لهري ۾ لالاڻ“ وغيره.


    شيخ محمد ابراهيم ”خليل“

    سنڌي ادب جا ڪي نالا اهڙا به آهن، جن جون علمي ۽ ادبي ڪاوشون اهم حيثيت رکن ٿيون، پر انهن کي گروّهي سياست ۽ فڪري اختلاف جي ڪري نه رڳو وساريو ٿو وڃي، پر انهن جي علمي خدمتن ۽حيثيت کان اک ٻوٽ پڻ ڪئي ٿي وڃي. شيخ محمد ابراهيم خليل جي سلسلي ۾ به ائين چئجي ته ڪو واڌاءُ نه ٿيندو.

    سوانح
    شيخ محمد ابراهيم، 24 ڊسمبر 1900ع تي ڪراچي جي رام باغ گاڏي کاتي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو شيخ محمد يوسف هو. شيخ محمد ابراهيم شروعاتي تعليم سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ حاصل ڪئي، جتي هن مولوي محمد عثمان نورنگزاده کوراهيءَ وٽ قرآن شريف، فقه ۽ سنڌي جي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. جيڪو وڏو عالم ۽ فاضل هو. هن ميٽرڪ جو امتحان 1917ع ۾ ”نولراءِ هيرانند اڪيڊميءَ“ مان پاس ڪيو. تنهن کانپوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيو. جتان پهريون سال پاس ڪري مير مراد علي ٽالپر اسڪالرشپ حاصل ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ بمبئي ويو، جتي سائنس پڙهيو ۽ ”گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج“ مان ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ بعد پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو. تعليم دوران ڳجهين بيمارين، چمڙي ۽ اکين جي بيماري جي پڻ سکيا ورتائين. 1924ع ۾ هو واپس سنڌ آيو ۽ 1925ع ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم پنهنجي ذاتي ڪيلنڪ کولي، جيڪا 1928ع تائين هلي.هو 1928ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ۽ مختلف عهدن تي رهندو 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آف هيلٿ جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين.
    بمبئي ۾ پڙهڻ جي دوران شيخ محمد ابراهيم ڪجهه وقت سياست ۾ پڻ حصو ورتو.

    ادبي اوسر
    شيخ محمد ابراهيم کي ننڍي هوندي کان ئي ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوندو هو. هن 1914ع کان شاعري شروع ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هن جو هڪ شعر ان وقت جي هڪ اخبار ۾ ڇپيو، جيڪو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي نظر مان گذريو، جنهن نه رڳو سندس همت افزائي ڪئي، پر هن کيس فن شاعري، علم عروض وغيره جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي ۽ سندس شعر جي اصلاح پڻ ڪندو هو. پهرين پاڻ ”غافل“ تخلص جي نالي سان شاعري ڪندو هو، پر پوءِ حڪيم فتح محمد جي اصرار تي غافل تخلص بدلائي ”خليل“ رکيائين.
    شيخ ابراهيم، پنهنجي اردو ڪلام جي اصلاح ”ميان عبدالله فضا دکني“ کان وٺندو هو، جيڪو داغ دهلوي جو شاگرد هو ۽ ان وقت پاڻ هڪ غزل جو ديوان ”ديوان غافل“ جي نالي سان مڪمل ڪيائين. شاعريءَ ڏانهن پنهنجي رغبت جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”بمبئي ۾ شاگرديءَ واري عرصي ۾ منهنجي زندگي ۾ هڪ اهڙو حادثو پيش آيو، جنهن منهنجي حياتي ۾ وڏو ڦيرو آندو ۽ شاعري ڏانهن رغبت پيدا ٿي پئي“.
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صحبت ۾ رهي هن علم عروض تي ايتري ته دسترس حاصل ڪئي، جو فن شاعري تي ”رهنمائي شاعري“ ڪتاب لکي ورتائين. خليل عروضي شاعري ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي ۽ سندس فني شعري ڄاڻ کي مدنظر رکندي 1950ع ۾ ”يارهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ ۾ کيس ”تاج الشعراءَ“ جو لقب ڏنو ويو.
    ورهاڱي کانپوءِ جڏهن جديد ۽ ترقي پسند خيالن وارو ادب سرجڻ شروع ٿيو ته هڪ ڌر پنهنجي خيالن جو حوالي سان ”رجعت پسند“ سڏجڻ لڳي، جنهن ۾ ڊاڪٽر ابراهيم خليل، رشيد احمد لاشاري، سردار علي شاهه ”ذاڪر“ ۽ ٻيا شامل هئا، جن جو مُکي مورچو روزاني ”مهراڻ“ اخبار هئي، جنهن جو مرحوم سردار علي شاهه ”ذاڪر“ ايڊيٽر هوندو هو. ٻي ڌر نون خيالن ۽ ادب براءِ زندگي جي قائل هئي، جيڪا ترقي پسند سڏجڻ لڳي، جنهن ۾ شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام محمد گرامي وغيره شامل هئا. ٻنهي ڌرين جي اها فڪري ۽ نظرياتي قلمي جنگ وڏي عرصي تائين جاري رهي. انهيءَ ۾ شيخ محمد ابراهيم خليل ”رجعت پسند“ ڌر جو مُکي اڳواڻ هو.
    ڊاڪٽر ابراهيم خليل شاعري کانسواءِ افسانن ۽ تنقيد جي صنف تي به سٺي طبع آزمائي ڪئي ۽ انهن ۾ پاڻ مو کيو. بمبئي واري زماني ۾ سٺو رانديگر هئڻ جي ڪري، گهڻن ماڻهن سان واقفيت ٿيس.جن منجهس فلمن جي آکاڻي، پلاٽن ۽ مڪالمن جي لکڻ جو شوق ڏسي کيس لکڻ تي اُڀاريو ۽ گهڻي حوصلي افزائي ڪيائونس. انهي وقت کيس نالي ۽ شهرت حاصل ڪرڻ جو ڪڏهن به خيال نه ٿيو. ”ڪيتريون ئي آکاڻيون ۽ پلاٽ لکي اوڻي پوڻي وڪڻي ڇڏيم ۽ اهو خيال ئي ڪونه ڪيم ته انهن ڪهاڻين تي منهنجو نالو ضرور اچڻ گهرجي. منهنجي انهي سادگي جو ڪيترائي ماڻهو فائدو وٺي ويا.“
    اڳتي هلي، جڏهن پاڻ گدوء جي پاڳل خاني جو سپرنٽيڊنٽ مقرر ٿيو. عادت موجب کيس هر مريض جي ڪيس جي ڳوڙهي مطالعي ۽ انهن مريضن جي حالتن کيس انهي ڳالهه تي اُڀاريو ته انهن جي عبرتناڪ حالتن کي افسانن جي روپ ۾ پيش ڪري.
    ”اهو ڏسي مون کي اوچتو خيال آيو ڇو نه مرڪزي ڳالهه ساڳئي رکي ان کي افسانوي رنگ ڏيئي ڪهاڻي ٺاهي وٺجي. ڳالهيون سچيون هيون، پر انهن ۾ مرچ مصالحو گڏي افسانه تيار ڪيا ويا آهن. انهن افسانن ٺاهڻ ۾ ننڍپڻ جي ڪتابن جو مطالعو ڏاڍو ڪم آيم، بلڪه انهيءَ مطالعي همراهي ڪئي آهي جو تيلين مان ٿنڀ ٺهي ويا آهن.“
    خليل جي لکيل اهڙين ڪهاڻين جا ٽي ڀاڱا، ”عبرت ڪدهه“ جي نالي سان شايع ٿيا. اڳتي هلي 2002ع ۾ انهن ٽنهي ڀاڱن کي گڏي ڇپايو ويو.
    ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو پهريون ڪتاب نثر ۾ ”حج بيت الله جي تاريخ“ 1931ع ۾ شايع ٿيو.
    ٻيو ڪتاب ”رهنمائي شاعري“ جي نالي سان لکيائين، جنهن جو پهريون ڀاڱو 1932ع ۾ ٻيو 1933ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو 1948ع ۾ ڇپيو. انهي جو چوٿون ڀاڱون به لکيائين، پر اهو ڇپجي نه سگهيو. اهي چارئي جلد هن نهايت محنت ۽ عرق ريزي سان لکيا.

    تصنيفات خليل
    شيخ ابراهيم، نظم ۽ نثر ۾ ڪافي ڪتاب لکيا آهن، جن جو وچور هن ريت آهي:

    نثر ۾
    (1) حج بيت الله جي تاريخ (2) رهنمائي شاعري، (3) عيوب سخن، (4) سنڌي مثنوي جي ارتقا(5) فن رباعي ۽ رباعي گو شاعر (6) شاعرن ۽ اديبن تي مقالا (7)ادب ۽ تنقيد (8)بلبل سنڌ (9) اقبال (10)سنڌ جو قديم ۽ جديد شعر (11) عبرت ڪده (12)پنهنجا افسانا (13)پراوا افسانا (14) اسلامي افسانا (15) تاريخي افسانا.

    شعر ۾
    (1)ڪليات خليل (2) ديوان خليل (3) رباعيات خليل (4) گلزار خليل (5) اثيرا خليل (6)انتخاب خليل (7) نعتن جو مجموعو (8) اردو ڪلام جو مجموعو.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ هن جا ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن.

    ادبي ادارن سان وابستگي
    ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ”جميعت الشعراءِ سنڌ“ جو 1924ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ انهيءَ جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. 1939ع کان وٺي 1957ع تائين هو انهيءَ جو صدر ٿي رهيو. 1929ع ۾ محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين اديبن جي ڪوششن سان، ”سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي“ قائم ٿي، جنهن جو نائب صدر شيخ ابراهيم خليل کي مقرر ڪيو ويو.
    تنهن کانسواءِ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪميٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. خليل جي ادبي خدمتن جو حاجي محمود خادم پنهنجي ننڍڙي تصنيف ”اسان جون ناچيز خدمتون“ ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر ابراهيم خليل 18نومبر 1982ع تي وفات ڪئي.


    ادل سومرو (ڊاڪٽر)

    ادل سومري جي پهرين سڃاڻپ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان آهي، پرهن وڏن لاءِ پڻ لکيو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي تنظيمي ۽تحريڪي سرگرمين ۾ نه رڳو حصو ورتو، پر سنڌي ادبي سنگت تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي اٿس.

    سوانح
    عبدالڪريم سومرو، جيڪو ادبي دنيا ۾ ادل سومري جي نالي سان مشهور آهي. 15آگسٽ 1955ع تي سکر جي هڪ پورهيت محمد صالح سومري جي گهر ۾ جنم ورتو، جيڪو اجرڪ جو نهايت سٺو ڪاريگر هو. ادل سومري پرائمري تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران ڪجهه عرصو پرائمري استاد پڻ رهيو. ادل سومري ايم اي اقتصاديات 1977ع ۾، ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن 1979ع ۾ ڪئي. هو 1979ع کان 1981ع تائين وومين ڊويزنل ميل، سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ايڪانامڪ انويسٽيگير رهيو. 1981ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ليڪچرار چونڊيو ويو. اڄڪلهه شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ چيئرمين هئڻ سان گڏ، شيخ اياز چيئر ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.

    ادبي اوسر
    ادل سومري 1968ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هڪ ٻاراڻو نظم ماءُ بنا ٻار (يتيم ٻار) لکيو. اهو نظم ادل سومري مامتا کان محروم ٻار جي ڪيفيت جي حوالي سان لکيو هو، جيڪو ”هلال پاڪستان“ ۾ ڇپيو. انهيءَ نظم جي حوالي سان ادل سومري لکي ٿو، ”ان وقت مون کي صنفن جي ڄاڻ نه هئي. بس هڪڙا داخلي احساس هئا، انهن کي پني تي اُتاري ويٺس“.
    اڳتي هلي حالتن ادل سومري جي اندر ۾ موجود تخليقڪار کي ماحول جوڙي ڏنو. رشيد ڀٽي سندس پاڙيسري هو، جنهن کيس گهڻو همٿايو ۽ رشيد ڀٽيءَ جي معرفت سڀني ناليوارن اديبن سان ملاقات ٿيس. سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، ڪامريڊ برڪت آزاد جهڙن اديبن جي همت افزائي سندس تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
    اهڙي همت افزائي ۽ ادبي ماحول کانسواءِ ادل سومرو ”مير معصوم شاهه لئبريري“ ۾ لڳاتار ڪتابن پڙهڻ جي لاءِ ويندو رهيو، جتي هو لڳاتار شاعري ۽ لوڪ ادب جو مطالعو ڪندو رهيو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي ادل سومري هڪ انٽرويو ۾ چيو:
    ”ڪتابن سان اهڙي دوستي قائم ٿي جو بي اي جي تعليم تائين، لائبريري تقريبن ڏهاڙي ويندو هوس. ان عرصي ۾ شيڪسپيئر، ٽينيسن، وليم بليڪ، ڪيٽس، بائرن، آڊن ۽ ٻين جي انگريزي شاعري پڙهڻ جو موقعو مليو. ان لائبريري لاءِ ڪتابن جي چونڊ شيخ اياز ڪئي هئي، تنهنڪري دنيا جو چونڊ ادب اُتي موجود هو.“
    ان لائبريري مان ڪتابن جي مطالعي ادل سومري کي گهڻو اُتساهيو. ادل سومري کي شاعري سان گڏ چترڪاريءَ سان به محبت هئي. 1976ع ڌاري پاڻ وليم بليڪ جو شعري مجموعو (Songs Of Innocence) (معصوميت جا گيت) لائبريري ۾ پڙهيائين. اهو سڄو شعري ڪتاب وليم بليڪ پنهنجن هٿن سان لکيو هو ۽ هر گيت سان گڏ اسڪيچ به هن پاڻ ٺاهيو هو. ادل سومري جي دل ۾ به خواهش پيدا ٿي ته هو به اهڙو ڪتاب تيار ڪري. ”روز ٽڙن رابيل“ ادل سومري جي انهيءَ خواهش جو پورائو هو، جنهن ۾ سندس هٿ اکرن سان لکيل گيت ۽ نظمن سان گڏ، اسڪيج پڻ پاڻ ٺاهيا هئائين. اهو ڪتاب 1977ع ۾ شايع ٿيو. پوءِ ادل سومري جا ٻيا به ٻارن لاءِ ڪيترائي ڪتاب ڇپيا.
    سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
    ادل سومري جي ذهني ۽ ادبي اوسر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن جو وڏو ڪردار آهي. اڳتي هلي کيس 1992ع ۾ پهريون ڀيرو ۽ 2000ع ۾ ٻيو ڀيرو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. 1992ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي باڊي جي ٻين عهديدارن منٺار سولنگي، غلام نبي ناشاد ۽ نعيم شيخ جي سهڪار سان ادل سومري ”سنگت“ ڪهاڻي نمبر(1991ع) ”سنگت“ شاعري نمبر (1992ع) سنگت ڪارڪردگي نمبر (1993ع) ڪتاب شايع ڪرايا ۽ تنوير عباسي جي زباني ”سنڌي شاعريءَ جون صنفون“ عنوان سان ليڪچر جي ڪيسٽ جاري ڪئي. ٻئي ڀيري نڪور ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪهاڻيون“ (2002ع) ترتيت ڏئي ڇپايو. جنهن ۾ نون توڙي پراڻن ڪهاڻيڪارن جون نڪور ڪهاڻيون شامل هيون.
    سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان ادل سومري ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري (1999) ۾ حاصل ڪئي. انهي حوالي سان ادل سومري هڪ انٽرويو ۾ چيو.
    ”سنگت جي تاريخ ۽ڪردار تي ڊاڪٽريٽ ڪرڻ جو جذبو، سائين تنوير عباسي بيدار ڪيو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن وقت سر سنگت جي تاريخ کي نه سهيڙيو ويو ته اڳتي هلي ان جي رڪارڊ محفوظ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي“.
    ادل سومري اها پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نگراني ۾ لکي، اها ڪل چوڏهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ادبي سنگت جي وجود ۾ اچڻ جي سببن کان وٺي، ترقي پسند تحريڪ جي پسمنظر، سنڌي ادبي سنگت جي ٺهڻ، شاخن جي ڪارڪردگي ۽تعارف، سنگت جي مونوگرام، ادبي سنگت جو ڪتابن جي اشاعت ۾ حصو. سنگت جي مرڪزي اجلاس ۾ پاس ڪيل ٺهرائن جو جائزو، ادبي سنگت پاران ڪوٺايل اهم پروگرامن جو جائزو، سنڌي ادبي سنگت جو شاعري، ڪهاڻي تنقيد ۽ ترجمن جي اوسر ۾ ڪردار، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان پيدا ٿيل اختلافي مامرا، سنڌي ادبي سنگت جي مجموعي ڪردار جو جائزو ورتو ويو آهي. (اها ٿيسز اڃا اڻ ڇپيل آهي، تنهن ڪري ان بابت ڪا راءِ ڏيئي نٿي سگهجي).

    شاعري
    ادل سومري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي شاعري کان ڪئي. پوءِ وڏن لاءِ نظم توڙي نثر ۾ لکيائين. ادل سومرو باقاعده 1971ع کان ڇپجڻ شروع ٿيو. شاعري کانسواءِ سندس نثر ۾ ٻن سون کان به وڌيڪ مضمون، مقالا ۽ ڪجهه ڪهاڻيون پڻ ڇپيل آهن. ادل سومري جي اهڙن مضمونن جو هڪ مجموعو ”اسين مسافر پيار جا“ 1991ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ خاڪا ۽ مضمون ڏنل آهن. ادل سومري جي شاعري جو پهريون مجموعو ”وليون وڻ ڦلارئا“ 1984ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو شعري مجموعو ”سمنڊ جاڳي ٿو“، 1994ع ۾ شايع ٿيو جنهن جو مهاڳ عظيم شاعر ”شيخ اياز“ لکيو، جنهن ۾ هو لکي ٿو:
    ”ادل سومري، جڏهن شاعري جي شروعات ڪئي ته ان وقت ڪوبه چڱو شاعر ڪنهن استاد کان باقاعده شعر جي تربيت نه وٺندو هو، پر پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي زور تي لکندو هو ۽ ادل سومري به ائين ڪيو. هن سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو استاد بڻايو ۽اڄ هن جي شاعري ۾ جيڪو رنگ آهي، ان ۾ ادبي سنگت جو حصو آهي. شاعر جي حيثيت ۾ به هو نئين دور جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر وجهي چڪو آهي. سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهن. ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چڪي آهي. ادل سومري نئين ٽهي جو اهوشاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي، شعري روايات جا سارا زنجير ٽوڙِي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو ترنم پنهنجي اندر جي آواز مان اُڀاريو آهي.“

    ادل سومري جا ڪتاب
    ادل سومري جي لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

    ٻارن لاءِ
    روز ٽڙن رابيل (1977)، چنڊ پشم گولو (شاعري 1979) آچر جا احوال (ڪهاڻيون 1979ع) پتلين جو تماشو (شاعري 1983ع) جيتن جي ڪانفرنس (ڪهاڻيون 1984ع) پوپٽ جهڙا گيت (شاعري 1986ع) نئين دور جا نوان سبق (طنزيا سبق 1990ع) مٽي جا رانديڪا (شاعري) رنگبرنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ ترتيب ڏنل شاعري).

    وڏن لاءِ
    وليون وڻ ڦلارئا (چونڊ شاعري -1982ع) اسين مسافر پيار جا (خاڪا –مضمون 1991ع) سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري-1984ع) وساري نه ڇڏجو (شاعري 2004ع)، س ديس مسافر منهنجو ڙي (ترتيب ڏنل: شيخ اياز چيئرلطيف يونيورسٽي پاران 2002ع) سماجي اڀياس (ترجمو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ)، تنوير عباسي: فن اور شخصيت (اردوءَ ۾).
    مٿين ڪتابن کانسواءِ ادل سومري آصف فرخي، اصغر نديم سيد جي شاعريءَ ۽ ڪهاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ کانسواءِ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ شاعري اردو ۾ پڻ ترجمو ڪئي آهي.


    انور بلوچ

    نجم عباسي، سنڌي ٻولي جو اهو ليکڪ هو، جيڪو پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ڪونه ڪو مقصد يا پيغام کڻي پوءِ لکندو هو. تنهنڪري کيس مقصدي ادب لکندڙ ليکڪ چوڻ مناسب آهي. محمد انور بلوچ به انهي راهه جو پانڌيئڙو آهي.

    سوانح
    محمد انور بلوچ ولد محمد اسماعيل بُليدي بلوچ، 16اپريل 1952ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي وارهه تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ محمد حسن بڙدي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم، ڳوٺ مرزان جوڻيجو، جي ملان اسڪول ۾ پڙهيو. ميٽرڪ 1968ع ۾ ۽ انٽر 1970ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ دادو ڪاليج مان پاس ڪيائين. ايم اي ڪرڻ کانپوءِ پهرين 1973ع ۾ ٻيلي کاتي ۾ چونڊجي تربيت واسطي پشاور ويو، جتي 1976ع ۾ بي ايس سي (فاريسٽري) ۾ پهرين پوزيشن ماڻيائين ۽ هڪئي وقت گولڊ ميڊل، چاندي ۽ پتل جا چار ٻلا حاصل ڪيائين. سال 1952ع کانپوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جي ڪنهن نوجوان اهو اعزاز حاصل ڪيو. ان کانپوءِ نوڪري جي دوران ڪئين ننڍا وڏا ٽيڪنيڪي ڪورس به ڪيائين، خاص طور تي آبپاشي جي حوالي سان لاهور ۽ آمريڪا به سکيا واسطي ويو. اڳتي هلي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر طور ڪم ڪيائين.

    ادب ۾ آمد
    محمد انور بلوچ لکڻ جي شروعات 1972ع کان ڪئي. پهرين ”انور عادل“ جي نالي سان ڪجهه شعر لکيائين. نثر۾ پهرين ڪهاڻي ”گند جنين جي گوڏ ۾“ 72-1971ع ڌاري ٻوليءَ جي فسادن کان متاثر ٿي لکيائين، جيڪا ڪٿي به ڇپجي نه سگهي ۽ گم ٿي ويئي، ٻي ڪهاڻي 1974ع ۾ ”من مندر“ جي نالي سان لکيائين. جيڪا پوءِ ”مان ڪيئن چوان تون ڪافر آن“ جي نالي سان به ڇپي. اڳتي هلي محمد انور بلوچ جون ڪيتريون ڪهاڻيون ۽مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا. پنهنجي ادبي سفر جي وارتا بيان ڪندي محمد انور بلوچ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو: ”مون 72-1971ع واري سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ”سنڌي ٻولي“ واري بل جي ردعمل طور، خاص ڪري سنڌ جي وڏن شهرن ۾ شروع ٿيل ٻولي جي فسادن ۽ ان ۾ ٿيل قتلام کانپوءِ ئي لکڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي پهرين ڪهاڻي به اهڙي ئي پسمنظر ۾ لکيل هئي“.
    انور بلوچ جو اهو تخليقي سفر جاري رهيو. هن هڪئي وقت ڪهاڻي، ناول، مضمون، ريڊيو ۽ اسٽيج ڊرامن لکڻ ۾ پاڻ ملهايو.

    انور بلوچ جون ڪهاڻيون
    انور بلوچ جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”سنگسار“ 1990ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ سندس 18ڪهاڻيون شامل آهن. سندس ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”ڪپيل هٿ“ 1991ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ نصير مرزا لکي ٿو:
    ”انور جي ڪهاڻين جو اهو خاص گُڻ آهي ته هو ننڍن ننڍن واقعن جي پويان جيڪي وڏيون وڏيون ٽريجڊيز آهن، انهن کي پڙهندڙن جي آڏو آڻي ٿو. اهو به انور جي ڪهاڻين جو ويساهه آهي ته دراصل ننڍا ننڍا واقعا ئي ڪن وڏن واقعن ۽ وڏن مامرن جا ڪارڻ هوندا آهن“.
    طويل توڙي مختصر ڪهاڻي لکڻ ۾ محمد انور بلوچ جو پنهنجو اسٽائيل آهي. اسان وٽ تمام ٿورا ڪهاڻيڪار اهڙا آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ سان نڀاءُ ڪن ٿا. ڪهاڻي کڻڻ کانپوءِ انهيءَ جو توڙ به اهڙو ئي سُريلو ڪن ٿا. محمد انور بلوچ جون ڪهاڻيون به ائين ئي آهن. وڏي ڳالهه ته مقصد سان ڀرپور! جيئن سنڌيءَ جي وڏي ڪهاڻيڪار نجم عباسي سندس ڪهاڻي ڪتاب”سنگسار“ پڙهڻ کانپوءِ کيس خط لکي، تبصرو ڪندي لکيو هو: ”توهان سڄاڻ بڻجي پوري ذميداري سان لکو ٿا، توهان جي لکڻي سنئين سڌي ۽ سهنجائي سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي ۽ انهن جا موضوع گهڻا تڻا اسان سنڌين، خاص ڪري ٻهراڙي وارن جا مسئلا آهن. انهن ۾ قومي شعور، نظرياتي ساڃهه، انقلابي احساس، سنڌ جي موجودهه مونجهارن ۽ انهن جي قبائليت جي ناسور کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ کنيو آهي. ٻئي ڪنهن به سنڌي اديب کان اهو ڪونه پڳو آهي.“
    انور جون ڪهاڻيون، بنا ڪنهن وڪڙ ۽ رک رکاءُ جي آهن. انهن ۾ ڪردارن، جاين وغيره جا تفصيل ايترا ته چٽا ۽واضع آهن جو ڄڻ ڪهاڻي بدران ڪا تاريخ بيان ڪئي پئي وڃي.
    ڪپيل هٿ جي مهاڳ ۾ نصير مرزا، انور بلوچ جي ڪهاڻين جون خويبون بيان ڪندي لکي ٿو. ”ڪهاڻي، صحيح معنى ۾ پڇو ته جمال ابڙي، نسيم کرل، عبدالقادر جوڻيجي ۽ ماهتاب محبوب کانپوءِ نئين ٽهي مان صحيح سينس ۾ مون محمد انور بلوچ جون ئي پڙهيون آهن. انور جي ڪهاڻين جي مطالعي، هيءَ ڳالهه چٽي ڪري ڏيکاري آهي ته هو ”ڪهاڻي“ لکڻ چاهي ٿو. باقاعده پلاٽ واري ۽ حقيقت تي مبني ڪهاڻي، ان ڏس ۾ هو حياتي جي مامرن مان موضوع چونڊڻ جو قائل ۽ سماجي اوڻاين جي پت وائکي ڪرڻ کي پنهنجي فن جي حاصلات سمجهي ٿو. ان کانسواءِ زندگيءَ جي خوبصورتين ۽ محبتن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ شيئر ڪرڻ کي انور هڪ پاسي عبادت به سمجهي ٿو ۽ سماجي خدمت، ٻئي پاسي، ان حوالي سان انور پنهنجي ڪهاڻين ۾ مڪمل طرح سان هڪ آدرشي ۽ حقيقت پسند ڪهاڻيڪار طور اسان جي سامهون آيو آهي“.
    محمد انور بلوچ ٻن سوَن کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪهاڻين جا مجموعا سنگسار (1990ع) ڪپيل هٿ (1991ع) پاڇا پوئين پهر جا (1994ع) پلصراط تي هڪ وک (1994ع) ڪارو پاڻي (1998ع) ميرو پاڻي سنڌو جو (2000ع) ڇپجي چڪا آهن.

    انور بلوچ جا ناول
    انور بلوچ نه رڳو ڪهاڻيون، پر ناول جي صنف تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي .سندس ٽي ناول آڪاش کان اڳتي (1998ع)، باک ڦٽيءَ جو سوجهرو (2000ع) ۽، دوزخ مان دري (2007ع) شايع ٿيل آهن.
    آڪاش کان اڳتي، هڪ پيار ڪهاڻي آهي، جيڪا سنڌ ۽ جرمني جي ڪردارن جميل ۽ جينفر (جيني) جي اردگرد گهمي ٿي. ناول جي خوبين جو ذڪر ڪندي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو. ”اصل ۾ ليکڪ جي سنڌ ڌرتي سان عشق ئي کيس هن ناول لکڻ تي مجبور ڪيو آهي، ڪو صفحو خالي ڪونهي، جتي هن جيني سان ڳالهائيندي ياسندس واتان سنڌ جا ماڳ مڪان بيان نه ڪيا هجن، يا ماڻهن جون صفتون بيان نه ڪيون هجن ۽ شاهه لطيف جي بين الاقوامي حيثيت کي نه اُڀاريو هجي. جيتوڻيڪ هي ناول سفرنامي جي طرز تي ناهي لکيل، پر ان سان گڏ جرمني جي مختلف شهرن جوسير به ڪرائي ٿو. اتي جا خوبصورت نظارا ڏاڍا سهڻا چٽيل آهن. وڏي ڳالهه ته جرمن قوم جي تاريخي ڪردار جو وڏو آئينو آهي.“
    ڪاروڪاري هڪ ناسور آهي، جنهن سنڌي سماج کي گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي دنيا ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ جي اڪثر ليکڪن پنهنجي لکڻين ۾ انهيءَ ناسور تي لکيو آهي. ۽ انهي مذموم حرڪت جي مذمت ڪئي آهي. انور بلوچ جو ناول ”باک ڦٽيءَ جو سوجهرو“ به انهي موضوع تي لکيل آهي.ناول جو مکيه ڪردار قاسو مذهبي گهراڻي ۾ ڄمي، مذهب کان لاتعلق آهي. چوريون ۽ ڌاڙا هن جي خاص ڪرت آهن ۽ جيل ۾ اڌ کان وڌ وهي تائين رهائش رهي. اهو ئي شخص ڌيءُ ڄمڻ تي سڀ ڌنڌا ڇڏي صاف زندگي گذارڻ چاهي ٿو ته عياش وڏيري پاران سندس عزت ۾ هٿ وجهڻ واري اکين ڏٺي عمل تي وري به ڪارين ڪوٺين ۾ واڙجي اچي ٿو. پنهنجي زال ۽ وڏيري کي ڪارو ڪري ماريندڙ پنهنجي ڌيءُ بابت ڇا سوچيندو هوندو ۽ پوءِ جڏهن جنم ٽيپ ڪاٽي آزاد ٿي ٿو اچي ته پنهنجي سام ڇڏيل ڌيءُ کي وٺڻ ٿو اچي ته کيس سوچون ورائي ٿيون وڃن ۽ کيس شڪ پوڻ ٿا لڳن.
    ناول جو هاڪاري پهلو اهو آهي ته قاسو نيٺ پنهنجي ڌيءُ جي خوشي اڳيان، خود ساخته غيرت ڇڏي ڪنڌ جهڪائي ٿو ڇڏي.
    ڪهاڻي ۽ ناولن کانسواءِ محمد انور بلوچ جو سفر نامو: اي ٽرپ ٽو آمريڪا (1996ع) ٿوهر ڳاڙها گل (نوٽبڪ تان -1998ع)، مان منصور ته ناهيان پر (مضمون -2004ع)، ٿو هر ڳاڙها گل (ڀاڱو-2-2004ع) پڻ ڇپيل آهن.
    تنهن کانسواءِ انور بلوچ ڪيترائي ريڊيو ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن، جيڪي ريڊيو تان نشر ٿيڻ سان گڏ اسٽيج به ٿي چڪا آهن.


    ايشور چندر

    ورهاڱي کانپوءِ جيتوڻيڪ ڪجهه وقت جي لاءِ سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ خلا پيدا ٿي ويو هو، پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند ۾ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو، خاص ڪري هيٺين وچولي طبقي جي مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بنايو. ايشور چندر انهن مان اهم نالو آهي. طارق اشرف چواڻي، ”ائين ته سنڌي ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار آهن. جن هيٺين وچينءَ ڪلاس تي ڪهاڻيون لکيون آهن، پر انهيءَ ڪلاس جي ترجماني جنهن چڀندڙ لهجي ۽ انداز سان ايشور چندر ڪئي آهي. شايد ئي سنڌي جي ٻئي ڪهاڻيڪار ڪئي آهي“.

    سوانح
    ايشور چندر جو جنم 30جولاءِ 1937ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. تعليم ميٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان ڪجهه سال پوءِ هي ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪندي،راجسٿان جي شهر اجمير ۾ وڃي رهيو.
    ايشور چندر سنڌيءَ جو اهو ليکڪ هو، جنهن سنڌي ۽ هنڌيءَ ۾ لڳاتار لکيو. کيس هندي ۾ لکيل ڪهاڻين جي ڪتاب ”لوءٽتاهئا اتين“ تي راجسٿان ساهتيه اڪيڊمي پنهنجو سڀ کان وڏو ”ميرا انعام“ (يارهن هزار روپيا) ڏيئي، سندس قدر شناسي ڪئي. تنهن کانسواءِ کيس مختلف وقتن تي اهڙا ڪيترائي صوبائي ۽ قومي سطح جا انعام پڻ مليا. جن ۾ ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ پاران ساليانو انعام ڏهه هزار روپيا، سينٽرل هندي ڊئريڪٽوريٽ پاران ٽن ڪتابن تي پهريون انعام، راجسٿان سنڌي اڪيڊمي پاران نه رڳو انعام پر ”آتنڪ“ نالي سان ڪهاڻين جو مجموعو پڻ ڇپايو ويو.
    ايشور چندر 1960ع کان آڪاش واڻي لاءِ ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ لکندو رهيو. ”دور درشن“ جي نيٽ ور ڪ پروگرام جي ”درپڻ“ سيريل ۾ سندس ڪهاڻي ”گڻت“، ايتري ته مقبول ٿي جو فقط ان ڪهاڻي کي ٻيهر ٽيليڪاسٽ ڪيو ويو. سندس ڪهاڻي ”ڪلهن تي سمهيل مستقبل“ لاءِ سي پي سي پاران ٽيلي فلم پڻ تيار ڪري ٽيليڪاسٽ ڪئي وئي. ڀارت جي مختلف يونيورسٽين ۽ بورڊن جي درسي ڪتابن ۾ سندس ڪهاڻيون ڏنل آهن.

    ايشور جون ڪهاڻيون
    ايشور جي همعصر ڪهاڻين تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پوي ٿي ته ان وقت جي سنڌي ڪهاڻي، پيار، پاپ، پڃ، انڌو وشواس، ڀاڳوديا تقدير تي ڀاڙيندڙ ڪردارن وغيره جي ڄار ۾ ڦاٿل هئي يا ڪنهن نه ڪنهن خيمي ۾ جڪڙيل هئي، پر ايشور اهو ئي لکيو، جو ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ ڀوڳيو. سندس ڪهاڻين ۾ پيڙهين جو تفاوت، ٽٽندڙ ڪٽنب، بيروزگاري ڪري گهر ڪري ويل نراسائي، نا اميدي ۽ احساس ڪمتريءَ جا جذبا، عورتن جا بدلجندڙ خيالات نظر اچن ٿا. سندس ڪردار ڪڏهن ماءُ جي نه مرڻ تي ڏک ٿا محسوس ڪن ته پي ايف جا پيسا ختم ٿي ويا ته هاڻي مرندي ته آخري سنسڪار لاءِ خرچ ڪٿان ايندا. جيڪڏهن ڌيءَ جي پيڪن ۾ ٽڪڻ، پيءُ کي مالي تنگي ڪري ڪا خوشي نٿو ڏئي، جڏهن پريمڪا ڪنواري هوندي ماءُ بڻجڻ ۽پريمي جي شادي کان انڪار تي به ششدر نٿي ٿئي، پر ٻار ڄڻي بردبار ٿي ان کي پالي ٿي. هوٽل ۾ ويهي سگريٽ ڇڪڻ کيس رواجي ڳالهه ٿي لڳي. ڪٿي ٻار مائٽن جي مرضي جي خلاف پيار جي شادي ڪري، مائٽن جي ارمانن تي پاڻي ڦيري ٿا ڇڏين ۽ ڪڏهن ڪاليج جي هڙتال ۾ نيتاگري ڪندڙ ڇوڪرجي گذرڻ تي پيءُ کي پنهنجو مستقل ڪلهن تي سمهارڻ جي تڙپ ۽ تڪليف آهي. بدلجندڙ لمحن کان پريشان پيءُ جا سڀ پٽ هڪ هڪ ڪري ڌار ٿي وڃن ٿا ۽ اهو پيءُ پٽ جو ڪميونيڪيشن نه هجڻ ۽ فرد جي فراريت، ڪوڙيون شاهديون ڏيندڙ ڪردار جي سائيڪا لاجي ۽ آخر۾ آپگهات ڪرڻ، مطلب ته هر ڪهاڻي ۾ ڪردار ٽٽي رهيا آهن ۽ ڀڄي ڀري رهيا آهن. هيري شيوڪاڻي چواڻي ”ايشور جي ڪهاڻين جي جملن ۽ لفظن جي وٿين مان اڄ جي فرد جي آتم - بيگانيت (ويڳاڻپ)، انستوش، خوف وغيرهه نوڪدار بڻجي ڇپڻ لڳي ٿو“.
    ايشور جي ڪهاڻين جي ڪردارن جو جائزو وٺندي طارق اشرف لکي ٿو، ”ايشور جنهن فنائتي نموني سان انهن جي ڪردار نگاري، انهن جي دل جي ترجماني، انهن جي جذبن ۽ احساسن کي ظاهر ڪيو آهي. اهو سندس ڪمال آهي.“
    ڊاڪٽر پريم پرڪاش ”سخت چهري وارو ماڻهو“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو، ”ٻين ارٿن کي ڇڏي ڏجي ته هڪ ارٿ طئه آهي ته ايشور سنڌي ڪهاڻي ۾ هڪ اهم نالو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن وٽ به ٻه رايا نه آهن ته هو اڄ جي مقبول ڪهاڻي نويسن سان گڏ هر پيڙهي پريه آهي، ته هن ئي ڪهاڻي کي سهج ڪندي عام پاٺڪن (پڙهندڙن) تائين پهچايو آهي“.
    ايشور جي ڪهاڻين جي اسلوب کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان ڌار ڪري بيهاريو آهي. مشهور هندي نقاد ’نند چترويد‘ پنهنجي ويچارن ۾ چيو ”ايشور جي ڪهاڻين جي اُڻت هڪ الڳ نموني جي آهي. جا اندران ئي اندران اوج پائي ٿي. ٻاهران گنبذ يا قبا ۽ مينار نظر نٿا اچن. ڪهاڻي بيحد معمولي جڳهه تان شروع ٿيندي ۽ پوءِ هڪ اندروني اُڻت ذريعي پکڙجي ويندي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌي ڪهاڻيءَ جو پاٺڪ ۽ نقاد ان ڏينهن وائڙو ٿي عجب ۾ پئجي ويو، جڏهن کيس لڳو ته سنڌي ڪهاڻي ،پنهنجي ٻالپڻ کي ڇڏي يڪ به يڪ جوان ٿي ويئي آهي. جنهن جوشرف بيشڪ ايشور چندر کي آهي.“
    ايشور چندر اها واٽ اختيار ڪئي، جو هن سڌي واٽ ڇڏي، پٿريلي زمين تان هلندي پاڻ کي زخمي ڪيو. هو لکي ٿو: ”مون ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ جي، رئليو ن ۽ سرگسون ڪڍڻ جي، هڙتالون ڪرڻ جي، نعريبازي جي يا پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ان نموني جي ٻين واهڻن جي توفيق ڪونه آهي. ان ڪري مان هن گونگي قلم ذريعي پاڻ کي اظهاريان ٿو.“

    ايشور جا ڪتاب
    هن جا تيرنهن ڪتاب سنڌي ۾، ڏهه هندي ۾، ٽي گجراتي ۾ ، هڪ انگريزي ۽ هڪ مليالم ۾ شايع ٿيا. ان کانسواءِ ست ڪشميري آکاڻيون، ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. سندس سنڌي ڪتابن جانالا هن ريت آهن. (1 ) ٿڌا چپ، 1965ع، (2) مئل ماڪوڙو-1966ع (3)پنهنجي ئي گهر ۾ -1973ع (4)نئين زماني جو ڪوئو -1979ع (5)سخت چهري وارو ماڻهو-1980ع (6)موٽي آيل ماضي-1981ع (7)ايشور چندر جون ست ڪهاڻيون-1983ع (8) ڇوڪرو ڇوڪري-1983ع (9)اندر جو ڄامڙو-1984ع (10) ساڳيو ئي سوال-1984ع (11) هڪ بيمار غزل-1985ع (12) رت-1986ع (13)پر/شايد-1987ع. سندس انگريزي ۾ ڪتاب ”Forgotten“ جي نالي سان ڇپيو. ايشور چندر جا اڪثر ڪتاب سنڌ ۾ پڻ ڇپجي چڪا آهن.
    هن 13آگسٽ 1992ع تي ديهانت ڪئي.


    ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

    جن سنڌي عالمن، اُستادن ۽اسڪالرن، پنهنجي وت ۽ وس آهر سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پتوڙيو ۽ نور نچوئي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ادب جي آبياري ڪئي، انهن ۾ ڪاڪي ڀيرومل جو نالو وسارڻ جو ڳو ڪونهي. بقول سائين جي-ايم-سيد:
    ”سرڳواسي ڀيرومل سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن مان هو. سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچرل روايات ۽ زبان بابت کوجنا ڪري، هن جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، سو تعريف جي لائق آهي. سنڌين کي جڳائي ته هن بي مثل اديب جو نالو دلين تان نه وسارين.“

    سوانح
    ڀيرومل مهرچند، حيدرآباد جي عامل پاڙي جي مشهور آڏواڻي ڪٽنب ۾ 1975ع ڌاري، ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتائين. سيڪنڊري تعليم حيدرآباد جي مشهور يونين اسڪول ۾ ورتائين. اُتي ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي ۽ سندس ڀاءُ ديوان تاراچند شوقيرام آڏواڻي کان ٻي تعليم وٺڻ سان گڏوگڏ، هو شاهه لطيف جو ڪلام پڻ پڙهيو هو. ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي 1895ع ۾ ويهن سالن جي ڄمار ۾، سالٽ (لوڻ) ايڪسائيز کاتي ۾ پنجويهه روپيا ماهوار تي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. ۽ اُتي 28 سال نوڪري ڪري 1924ع ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر جي عهدي تان ٻه سئو روپيا پگهار تي پينشن تي لٿو.
    انهي وقت اسڪولن ۾ سنڌي مئٽرڪ تائين پاڙهيندا هئا. 1924ع کان پوءِ بي-اي تائين پڙهائڻ شروع ڪيائين. سا به فقط ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهائي ويندي هئي. 1924ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڊائريڪٽوريٽ جي ڊگري لاءِ ولايت اُسهڻ کان پوءِ، اُن عهدي تي ڀيرومل کي ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي. هن جو لاڙو اڳ ۾ ئي علمي ۽ ادبي ميدان طرف هو. جيتوڻيڪ اُتي پگهار ايڪسائيز کاتي جي ڀيٽ ۾ گهٽ هئي. تڏهن به اها آڇ قبول ڪيائين. ائين پاڻ ڪراچي جي ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج (ڊي-جي ڪاليج) ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور ڪم شروع ڪيائين. پاڻ لکي ٿو:
    ”هڪ سئو روپيا (ماهوار) پينشن وٺي ايڪسائيز کاتو ڇڏي آيس. جو هيءَ ڪم منهنجي دل وٽان هو. بي-اي جي شاگردن ۾ سنڌي لاءِ چاهه وڌايم ته پوءِ ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي ۽ پنهنجو پورهيو سجايو سمجهيم.“
    ڊي-جي ڪاليج ۾ ڀيرومل کي پنهنجو من پسند ماحول مليو. اُتي کيس ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن سان اُٿڻ ويهڻ جو موقعو مليو، جن ۾ پرنسپال صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي، پرنسپال بٽاڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي شامل آهن.
    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي، جيئن اسان کان ٻيا اديب ۽ عالم جدا ڪيا، تيئن ڪاڪو ڀيرومل به جدا ٿي ويو. ورهاڱي وقت هي پهرين ته ڪراچي ۾ رهيو پيو هو.پر پوءِ حالتن جي ڪري نومبر 1949ع ۾ بمبئي لڏي ويو، جتي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندو رهيو. اُتي هن 7جولاءِ 1950ع تي وفات ڪئي.
    ڪاڪي ڀيرومل جو کوجنا ۽ تاريخ جي کيتر ۾ اهم مقام آهي. بقول هيري ٺڪر جي:
    ”سندس دور سنڌي نثر جي آغاز جي ٻين منزل وارو دور هو، جنهن ۾ ڪوڙو مل کلناڻي، راج رشي ڏيارام گدومل، مرزا قليچ بيگ جهڙا مهارشي اڳ ۾ ئي پنهنجو يوگدان ڏيئي چڪا هئا ۽ ڄيٺمل پرسرام، پرمانند ميوارام ۽ لعلچند امر ڏني مل جهڙا ڪيئي ساهتڪار پنهنجو يوگدان ڏيئي رهيا هئا، پر جيستائين سنڌ ۾ تحقيقي ۽ تواريخي ادب جو واسطو آهي. اُتي هڪ لحاظ کان ائين به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ان قسم جي ادب جي پيڙهه ڪاڪي ڀيرومل ٻڌي. هن واحد شخص اُن کيتر ۾ اهڙو ۽ ايترو ڪم ڪيو، جهڙو ۽ جيترو اڳ ڪڏهن ٿيو ئي نه هو.“
    ڪاڪو ڀيرومل سٺو شاعر پڻ هو. پاڻ ”غريب“ جي تخلص سان شاعري ڪندو هو. سندس ڪيل شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهاڱي سگهجي ٿو. هڪڙا اصلوڪا شعر جيڪي پاڻ جوڙيا اٿائين ۽ ٻيا ڪيترا شعر وري ٻين ٻولين مان سنڌي ۾، شاعراڻي قالب ۾ ترجمو ڪيا اٿائين.
    ڀيرومل جي شاعري گهڻي تڻي واقعاتي آهي، ڪي واقعا وغيرهه ڏسندو هو ته سندس جذبا اُٿل کائي اُٿندا هئا ۽ انهن واقعن کي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪندو هو. تنهن کان سواءِ 1905ع کان وٺي، سنڌي درسي ڪتابن ۾ اٽڪل هڪ سئو کن سبق هن جا لکيل آهن.نظم توڙي نثر ۾، جهڙوڪ: ”مونکي ڪنهن ٿي کير پياريو“ ۽ لاباري بابت- ”اجهو اسوءَ جو مهينو آيو، لاباري جو ڪريو سعيو.“ ۽ ماکيءَ جي مک بابت ۽ ”وقت چوي ٿو مان بادشاهه“ وغيرهه.
    ڪاڪو ڀيرومل هڪئي وقت کوجنيڪ، تاريخ نويس، لسانياتي ماهر، مضمون نگار، ڪٿاڪار، ناٽڪ ڪار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم پڻ هو. هيري ٺڪر جي ڪيل تحقيق موجب ڪاڪي ٽن فل ۽ هڪ اڌ ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهي هن ريت آهن: حرص جو شڪار (شيڪسپيئر جي ڪنگ جان جو ترجمو)، گلن جا گوندر (ايڇ بي اشو جي ڪتاب ”انڪل ٿامس ڪئين“ جو ترجمو)، ٽئگور جي ناٽڪ ”پوسٽ آفيس“ ۽ والٽر اسڪاٽ جي ناول ”ٽئلمسن“ عرف غازي صلاح الدين جو پويون اڌ ترجمو ڪيائين. اهو ڪتاب پهرين ساڌو هيرانند سنڌي ۾ آڻڻ ۾ شروع ڪيو، پرهن جي وفات کان پوءِ باقي رهيل حصو ڪاڪي ڀيرومل ترجمو ڪيو.
    هيري ٺڪر جي ڪيل تحقيق موجب ڪاڪي ڀيرومل جي ڪُل ننڍن وڏن مختلف موضوعن تي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 60آهي. تنهن کان سواءِ ڪاڪي ڀيرومل جا ڪيترائي مضمون، جيڪي علمي، ادبي، تاريخي، تنقيد ۽ تحقيقي قسم جا آهن، سي ماهوار ”سنڌو“، ”مهراڻ“، ”انڊس“، ”سرسوتي“، ”ڦلواڙي“ مخزنن ۽ ڊي-جي-سنڌ ڪاليج جي مسلني وغيره ۾ ڇپيل آهن. جيڪڏهن انهن کي ميڙي چوندي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجن ته ڪئين ڪتاب جڙي پون. ڀيرومل جي ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:

    تاريخ ۽ تحقيق
    هنڌستان جي تاريخ، عاملن جو احوال، سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ، سنڌ جي هنڌن جي تاريخ (ٻه ڀاڱا)، قديم سنڌ، هندن جون ريتون رسمون، ريتن رسمن جو بنياد، هنڌن جي جيوت، پهاڪن مان پڌري، انگلينڊ جي تاريخ (پروفيسر ڇٻلاڻي سان گڏ لکيل) سنڌ جي تاريخ (لسانيات گرامر)، غريب اللغات، پهاڪن جي پيڙهه، وڏو سنڌي وياڪرڻ، ننڍو سنڌي ويا ڪرڻ (مرزا قليچ بيگ سان گڏ لکيل)، سنڌي ٻولي، گلقند (ٻه ڀاڱا)، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي وئتپتي ڪوش، اصطلاحن جو بنياد، لفظن جوبنياد.

    مضمون/ ادبي انتخاب
    هيري جون ڪڻيون (ايڊٽ ڪيل)، گلزار نثر، بهار نثر، جوهر نثر.

    ناول/ڪهاڻيون
    آنند سندريڪا، وريل ۽ نعمت، موهني ٻائي، ڏي ۽ وٺ.

    ناٽڪ
    ڌرو ڀڳت، بزازين جو ناٽڪ، مڙس جي مڙسي، پنگتي مقدمو، گوپيچند.

    شعر
    گلزار نظم، چونڊ ڪلام، نوءَ بهار، جوهر نظم.

    سئر سفر
    سنڌو سيلاني، لطيفي سئر

    ترجما
    حرص جو شڪار، گولن جا گوندر، آزادي جوڪوڏي، طلسم.

    متفرقه
    پريم جو مهاتم، گهرو ڪفايت، هندن جي لڏپلاڻ، سنڌ جون سوکڙيون، سر سورٺ معنى سان، مرزا قليچ بيگ جي حياتي، حڪمتي ماجسٽريٽ، شري ڪرشن، شيطان منجهان انسان، موتين جي مالها، پتري پستڪ، سورهان سنسڪار، وچن مالا، ٻاراڻيون ٻوليون، سرٿامس موئر، موئن جو دڙو (انگريزي ۾).
    ڪاڪي ڀيرومل سنڌي ادبي بورڊ واري ”جامع سنڌي لغات“ جي پهرين جلد مرتب ڪرڻ ۾ سرگرم حصو ورتو. ڀيرومل سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ ٿيو) جو شروع کان وٺي ميمبربه رهيو هو. بعد ۾ هو ان مرڪزي بورڊ جو ڪجهه وقت لاءِ وائيس چيئرمين به ٿي رهيو. بورڊ جي ماهوار رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به هو. هو جتي به رهيو، اُتي پنهنجي محنت سان آمٽ ڇاپ ڇڏيائين.


    تنوير عباسي (ڊاڪٽر)

    ”پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اُٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙا ئي احساس اُٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.“
    اهي لفظ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي پهرينءَ شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن، جيڪڏهن تنوير عباسيءَ جي زندگيءَ کي انهن لفظن تي پرکبو ته انهن تي پوري لهندي نظر ايندي.

    جنم ۽ تعليم
    تنوير عباسيءَ جو اصل نالو ”نور نبي عباسي“ آهي ۽ ’تنوير‘ تخلص اٿس. خيرپور ضلعي (ان وقت رياست) جي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ گل حسن عباسي جي گهر ۾ 7ڊسمبر1934ع تي ڄائو. پرائمري تعليم نوشهري فيروز ۾ شروع ڪيائين. ٻين درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشوري مان ايم-بي-بي-ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت کان وٺي، پنهنجي وفات کان ٻه هفتا اڳ تائين پاڻ خيرپور ۾ رهيو ۽ خانگي اسپتال هلائيندو رهيو.
    تنوير عباسيءَ جو پهريون شعر ”فنڪار“ (حيدرآباد) ۾ 1950ع ۾ ڇپيو. ’تنوير‘ کان اڳ پاڻ ”مغموم“ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس پهريون شعري مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ 1958ع ۾ ڇپيو. تنوير عباسي شاعري کان سواءِ تحقيق، تدوين، ترتيب، اڀياس، سفرناما لکيا۽ ترجما پڻ ڪيا. انهيءَ کان سواءِ پاڻ هڪ ڪهاڻي ”لوئي“ پڻ لکيائين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي سٺين ڪهاڻي ۾ شمار ٿئي ٿي، جيڪا ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپي. ان کان سواءِ، پنهنجي شروعاتي ادبي زندگيءَ ۾ هڪ ناول پڻ لکيائين، جيڪو اڻ ڇپيل ئي رهيو. سندس ڪجهه شاعري انگريزي ،پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپي.
    تنوير عباسي ڪيترن ئي ادبي ادارن جو صلاڪار ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو صلاڪار ۽ ڊائريڪٽر ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سچل اڪيدمي خيرپور، ميمبر-بورڊ آف ايڊوائيزر سنڌالاجي، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ميمبر ريجنل ايڊوائيزري ڪاميٽي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ سيڪريٽري ”سچل يادگار ڪميٽي سنڌ“ شامل آهن.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي، شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سچل چيئر جوخيال ڏيندڙ ۽ اُن جو سربراهه رهيو ۽ سنڌي شعبي ۾ ايم-فل ۽ پي-ايڇ-ڊي جي اسڪروٽني ڪاميٽي جو ميمبر ۽ اعزازي ليڪچرار پڻ رهيو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جونالو ٻه ڀيرا لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور نامزد ٿيو، پر تر جي با اثر قوتن جي سخت مخالفت سبب کيس انهي عهدي تي اچڻ نه ڏنو ويو.
    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ 1966ع کان 1969ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو ۽ سنگت جي شاخن ۽ مرڪز جي جوڙجڪ ۽ ڪار وهنوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    تنوير عباسيءَ لکڻ جي شروعات شاعري کان ڪئي، پر اڳتي هلي سندس ڌيان تخليق کان وڌيڪ تحقيق ڏانهن ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ لطيفيات، سچليات ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن تي تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا، جن جو وچور هيٺين ريت آهي.
    لطيفيات
    شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ شعر تي، سنڌي زبان جي عالمن ۽ محققن گهڻو ڪم ڪيو آهي، پر تنوير عباسي روايتي انداز بدران ڏيهي ۽ پرڏيهي نقادن جي راين جي روشني ۾ شاهه جي فن کي پرکيو ۽ پروڙيو، جيئن شاهه جي شعر کي عالمي معيارن موجب پرکي ۽ پروڙي سگهجي .انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪيل شاهه لطيف جي شاعري تي تحقيقي ڪم جو پهريون جلد 1976ع ۾ ۽ ٻيو 1985ع ۾ ڇپيو ۽ اڳتي هلي جڏهن ٽيون جلد لکيائين ته پهرين ٻن جلدن سان گڏ 1989ع ۾ ٽنهي جلدن کي شايع ڪيو ويو۽ اڳتي هلي هر نئين ڇاپي ۾ هڪ اڌ مضمون جو واڌارو ڪندو ويو. شاهه لطيف تي سندس اهو ڪم نهايت اهم نوعيت جو ۽ سائنسي بنيادن تي ٻڌل آهي، جنهن جي سنڌ جي ادبي حلقن گهڻي پذيرائي ڪئي ۽ پسند ڪيو. تنهن کان سواءِ 1975هه جي شاهه جي رسالي تي تحقيق ۽ ترتيب جي بٺيءَ مان ڪڍي ’مسودي‘ جي شڪل ڏنيم جيڪو اڃا نه ڇپيو آهي. يقيناً اهو رسالو به لطيفيات جي حوالي سان قابل قدر اضافو ٿيندو.

    تحقيق ۽ ترتيب
    سچليات تي ڪم ڪندي، تنوير عباسيءَ سچل جي ٻن عقيدتمند شاعرن، نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام سهيڙي، سموهي ڀيٽي ڌار ڪتابن ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ (1982ع) ۽’خوش خير محمدهيسياڻيءَ جو ڪلام‘(1982ع) شايع ڪرايو، جيڪي ٻيئي ڪتاب ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران ڇپرايا ويا آهن. انهن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ تي سچل سائينءَ جي اسلوب توڙي، فڪر جي ڇاپ آهي. پر هنن سرمست جي روايتن کي اسلوب توڙي فڪري لحاظ کان به اڳتي وڌايو.

    سچليات
    لطيف کان پوءِ تنوير عباسي ”سچل سرمست“ تي پڻ ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ڪرايو. جيئن ته لطيف يونيورسٽي ۾ ”سچل چيئر“ جو خاڪو سندس ئي ڏنل هو، تنهن ڪري ”سچل چيئر“ جي برپا ٿيڻ سان پاڻ انهيءَ جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري هئڻ جي ناتي هر سال درازن ۾ ٿيندڙ ’سچل سائين‘ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا ۽ ٻيو ”سچل چيئر“ ۾ ٿيل تحقيقي ڪم چيئر پاران نڪرندڙ ’سرمست‘ ۾ ترتيب ڏيئي ڇپايو. سندس نگرانيءَ ۾ اهڙيون يارهن ڪڙيون نڪتيون، جن جي نڪرڻ جو زمانو 1980ع کان 1991ع آهي. تنهن کان سواءِ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ پڻ چونڊ ۽ ترتيب ڏيئي ”سچل سرمست“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
    ”سچل چيئر“ پاران ئي پاڻ ”سچل جو ڪلام“ مختلف رسالا ڀيٽي تحقيق ڪري، ترتيب ڏنائون، جيڪو ڇپائيءَ هيٺ آهي. البت اهو ضرور آهي. ته جيِئن شاهه لطيف جي شاعري تي سندس ڌار اڀياسي ڪتاب آهي، تيئن سچل جي شاعري تي ڪونهي، سندس سچل تي لکيل مقالن کي ترتيب ڏيئي ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.

    ترجمو
    تنوير عباسي هڪ ويٽنامي ناول ”جي ماريا نه موت“ جو پڻ ترجمو ڪيو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1973ع ۾ ڇپيو، انهيءَ انقلابي ناول جا اڳتي هلي ڪيترائي ڇاپا ڇپيا ۽ سنڌ جي قومي ۽ انقلابي ڪارڪنن لاءِ وڏي اُتساهه ڏياريندڙ ڪتاب آهي.

    سفرناما
    سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف تمام گهڻي مقبول رهي آهي. تنويرعباسيءَ جا ٻه سفرنامه ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ (1984ع) ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ (2000ع) ۾ ڇپيا. جيئن ته تنوير صاحب بنيادي طور تي شاعر هو. تنهن ڪري سندس سفرنامن ۾ شاعراڻو عنصر پڻ شامل ٿي وڃي ٿو. سندس سفرنامي ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ جي باري ۾ ڪتاب جو پبلشر طارق اشرف لکي ٿو:
    ”تنوير جي هن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سفرنامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي.“
    سندس هڪ ٽيون ”دبئي“ جو سفرنامو به آهي، جيڪو سندس ڪتاب ”ترورا“ ۾ ’چنڊ ٻه ٽڪر‘ جي نالي سان ڏنل آهي.

    شاعريءَ جو سفر
    تنوير عباسيِءَ بنيادي طور تي شاعر هو ۽ تنوير کان اڳ ”مغموم“ تخلص استعمال ڪندو هو. انهيءَ تبديليءَ واري سفر جي روداد ۽ سبب بيان ڪندي، هڪ انٽرويو ۾ پاڻ چيو اٿائين.
    ”اُهي ٻن قسمن جا سبب هئا هڪڙا داخلي، ٻيا خارجي.ان وقت مان ’بزم خليل‘ ۾ عروض سکندو هوس ۽ جمعيت الشعراءِ واري دور ۽ نموني جي شاعري ڪندو هوس. مون محسوس ڪيو ته اها شاعري فقط غزل تائين محدود هئي ۽ غزل به اهڙي قسم جو هوندو هو، جنهن ۾ ساڳيا لفظ، جملا، ترڪيبون ۽ ساڳيا خيال ورائي ورائي ڪتب آندا وينداهئا.
    اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳئي ڳالهه.وري جڏهن فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم. پتو پيو ته فارسي وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري بيٺا آهن، اهي اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي سنڌي ۾ اچڻ لڳيون آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اُڃ، انهيءَ ٻوليءَ واري مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿئي. ٻيو ته مون ڏٺو، منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙِيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن، انهن سان به ڪو رشتو آهي. وطن ۽ ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا پنهنجا آهن، انهن جا ڏک ۽ سُور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين اهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي ڏک، درد اوريا وڃن، سو اهي ڳالهيون هيون، جن مون کي مغموم مان تنوير بنايو.“
    پاڻ انهيءَ سفر ۾ پنهنجي شاعريءَ جا خوب جوهر ڏيکاريائين ۽ سندس شعر جا پنج ڪتاب ڇپيا، جن جا نالا هي آهن. ”رڳون ٿيون رباب“ (1958ع)، ”شعر“ (1970ع)، ”سج تريءَ هيٺان“ (1977ع)، ”هي ڌرتي“ (1985ع). اڳتي هلي انهن چئن ئي مجموعن کي گڏي سنڌالاجي پاران ”تنوير چئي“ جي نالي سان گڏيل ڪلام جي صورت ۾ ڇپايو ويو. سندس آخري شعر جو مجموعو ”ساجن سونهن سرت“ (1996ع) آهي.
    تنوير عباسيءَ جي مٿئين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کان سواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب 1973ع)، ”جديد سنڌي شاعري (1981ع)، ”تِرورا“ (خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-1988ع)، ”منهن تنين مشعل“ (خاڪا-1990ع).
    سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر 25 نومبر1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته سندس ”جسدخاڪي“ ايل ايم سي کي ڏنو وڃي، جيئن ميڊيڪل جا شاگرد سندس جسم تي ”ميڊيڪل جا تجربا ڪن“، پر افسوس جو ڪن سببن جي ڪري هن انسان دوست اديب جي اها وصيت پوري ٿي نه سگهي ۽ کيس اسلام آباد ۾ ئي دفنايو ويو.
    ٻريا ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾،
    هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.


    تاجل بيوس

    ”مون کي پنهنجي شاعر هئڻ تي فخر آهي، فخر ان ڪري آهي جو منهنجو پسمنظر، مشاهدو ماضي، اهڃاڻ، عڪس ۽ زندگيءَ جو سفر هوبهو اهو آهي جيڪو هن ڌرتي جي هڪ مظلوم،پيڙيل ۽ پرماريت جي شڪار ٿيل شاعر جو هئڻ گهرجي.“
    اهي لفظ تاجل بيوس پنهنجي پهرينءَ مجموعي ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ جي مهاڳ ۾ لکيا آهن. شاعر جي مٿين لفظن کي نظر ۾ رکندي، سندس شاعري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسين ته اسان کي مايوسي نه ٿيندي.

    سوانح
    تاج محمد ولد محمد جعفر سمون 22سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري ضلع خيرپور ۾ جنم ورتو. هو اڃا ننڍو ئي هو، جو سندس والد گذاري ويو. ان وقت هو ”ڀونڀٽ پور“ جي پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهندو هو. حالتن هٿان مجبور ٿي هن پڙهڻ ڇڏي مال چارڻ شروع ڪيو. ائين هو ٽي چار سال مال چاريندو رهيو، تنهن کانپوءِ هڪ مائٽ جي مشوري تي ٻيهر 1949ع ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان 1959ع گمبٽ مان پاس ڪيائين.ان ئي سال انگريزي ماستر ٿيو. اها نوڪري هن اٺن سالن تائين ڪئي. پڙهائي دوران بي اي 1965ع ۾ ايم اي (اقتصاديات) 1968ع ۾ خانگي طور تي پاس ڪيائين. 1968ع ۾ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ اي سي او مقرر ٿيو. انهي وچ ۾ گڏيل قومن طرفان فيلو شپ منظور ٿيڻ تي ٽوڪيو (جاپان) وڃڻو پيس. جتان موٽڻ بعد 1973ع ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٻيهر چونڊجي وڃڻ ڪري پاڪستان جي وزارت خزانا ۾ ڪارپوريٽ لا-اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف مقرر ٿيو. جتي مختلف عهدن تي رهندي آخر ۾ چيف رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان 1998ع ۾ رٽائر ٿيو.

    ادبي اوسر
    تاجل بيوس کي ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي استاد فقيرالهندو جتوئي جي صحبت ۾ رهندي صوفياڻي شاعري پڙهڻ ۾ ساءُ ۽ مزو ايندو هو، جتي علمي۽ ادبي ڪچهري سان گڏ يڪتاري جي تند تنوار گهڙي تي ڪي ڳائڻا فقير عارفاڻو ڪلام ڳائيندا هئا. اتان کان ئي کيس شاعري ۽ موسيقي جي لئنون لڳي. انهن ئي ڏينهن ۾ اسڪول ۾ پڙهڻ جي دوران سندس هڪ هم ڪلاسي ۽ پيارو دوست علڻ چنو گذاريو ويو. جنهن جي وفات مٿس وڏو اثر ڪيو ۽ انهيءَ جي وڇوڙي تي هڪ شعر جوڙيائين.
    ايڏا ڏينهن ڇا کنئون وڌا ٿي الڻ،
    نه نياپا سنيها مڪا ٿي الڻ،
    وساري ڌڪاري وڇوڙو ڏئي،
    وئين يار جاني جدا ٿي الڻ.
    سندن اها شاعراڻي طبعيت ڏسي سندس استاد سندس همت افزائي ڪئي ۽ نيٺ هن جي اندر ۾ لڪل شاعر نڪري نروار ٿيو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”مون کي اُتساهه ڏياريندڙ يعني منهنجي شاعري جا سرچشما ننڍي هوندي سڄي رات درگاهه تي چپڙين ۽ يڪتارن تي ڪلاسيڪي توڙِي نون شاعرن جو ڪلام ٻڌڻ، شاهه سائين جي رسالي جو عشق ۽ محبت سان مطالعو ڪرڻ، زندگيءَ جو ڳوڙهو مشاهدو، ڪلهي تي لٺ کڻي ڪچي ۽ پڪي جو پسار ڪرڻ استاد مهربان الهندي خان جي صحبت ۽ سندس سبق بڻيا“.
    شاعراڻي طبيعت ۾ ننڍي هوندي مال چارڻ دوران فطرت جي ٿيل مشاهدي ۽ استاد جي همت افزائي سبب هن جي شاعراڻي ڏات مان شاعري اوڙڪو ڪري وسڻ لڳي. تاجل جي شروعاتي شاعري ڇپي گهٽ، پر ڳائي وڌيڪ ويئي. انهي جو سبب سندس مٿيون پسمنظر هو.
    انهي دور ۾ ڪيترائي ادبي رسالا، جهڙوڪ: نئين زندگي (ڪراچي) رهنما (نوابشاهه) بادل ۽ فردوس (هالا)، اڳتي قدم، روح رهاڻ، نهايت آب تاب سان نڪرندا هئا، جيڪي باقاعدا تاجل بيوس جي مطالعي هيٺ رهندا هئا. ائين راڳين جي صحبت، ماحول ۽ رسالن جي مطالعي کانئس باقاعدهه شاعري شروع ڪرائي، اهو 1959ع جو زمانو هو. تاجل بيوس جي شروعاتي شاعري 1962ع ڌاري ”نئين زندگي“ ۾ ڇپي. تاجل بيوس جي شاعري جو پهريون مجموعو ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ 1982ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ تاجل جا بيت، وايون، غزل، گيت، نظم، آزاد، نظم، قطعا ۽ ڪافيون شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ تاجل جي شاعري جو اڀياس ڪندي شمشير الحيدري لکي ٿو.
    ”تاجل جيڪي لفظ، اصطلاح، محاورا، ڪردار ۽ نظارا پيش ڪيا آهن، سي سندن ماحول جي ڏات آهن. ٻولي جي سادگي، فطري زندگي مان موضوعن جي چونڊ ۽ شاعراڻي ترنم جي لحاظ کان تاجل جديد دور جي ڪلاسيڪي احياءَ واري تحريڪ جو هڪ اهم رڪن آهي“.
    انهيءَ ڪتاب ۾ ڏنل شاعري جي مختلف صنفن تي لکندي تنوير عباسي لکي ٿو:
    ”تاجل جي بيتن ۾ موضوعن جي ندرت (نواڻ) آهي. غزل ۾ سنڌي ماحول جو رنگ جهڙو تاجل پيش ڪيو آهي، اهڙو ڪنهن ورلي ڪيو هوندو. واين ۾ تاجل ۾ نه رڳو ان صنف جو روايتي حسن برقرار رکيو آهي، پر انهن ۾ موسيقيت ۽ موضوعن جي جدت پڻ شامل آهي. ڪٿي ڪٿي ته انهيءَ سادي صنف ۾ اهڙا اونها خيال ڏنا اٿائين، جو عجب پيو لڳي.“
    ان ئي قسم جي راءِ، شيخ اياز، تاجل بيوس جي شعري مجموعي ”سنڌ منهنجي امان“ جي مهاڳ ۾ پڻ ڏني آهي.
    ”تاجل دراصل هڪ مصور شاعر آهي ۽ بيورو ڪريسي ۾ رهندي هن جي سياست سان گهڻي وابستگي ممڪن به نه آهي. پوءِ به هن پنهنجي دور جا ترقي پسند قدر اپنايا آهن‏. اڃا هن کي پنهنجو طرف طئي ڪرڻو آهي. ۽ پنهنجي گهڻ روپي ڪلام (Multi Dimensional Poetry) ۾ مڪمل هم آهنگي پيدا ڪرڻي آهي.“
    تاجل بيوس جو ٻيو ڪتاب ”انهن جهليو ٻور“ 1983ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو شاعراڻو نثر آهي، جنهن ۾ هن نثري ٽڪرن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. جن جي وضاحت ڪندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ هو لکي ٿو:
    ”هن نثر کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نثري نظمن، ڇاڪاڻ ته هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪر آهن، جن ۾ نڪي شعر وارا بند ۽ نه وري موسيقي، لئي، ڪافيو يا رديف. اهڙن نثرن کي نثري نظم چوڻ ائين آهي، جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿي کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منهنجو مطلب آهي ته هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي ته اهڙا نثر فقط شاعر جو نالو نه به لکيل هجي، ته به پڙهندڙ سمجهي وڃي ته هي نثر بس ڪنهن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب ته شاعراڻو نثر عام کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.“
    هيستائين تاجل بيوس جي شاعري جا 14مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن وچور هن ريت آهي: جڏهن ڀونءَ بڻي (1982ع) انبن جهليو ٻور (1983ع) سرجندڙ ساڻيهه جا (1985ع) سنڌ منهنجي امان 1989ع) ڪاڇي مٿان ڪونج (1990ع) ڪنڌيءَ ڪونرترن (1991ع) ڪنڌيءَ اَڪ ڦلاريا (1992ع) صحرا ستر جن (1996ع)، تنهنجا نيڻ غزل (1996ع) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز ۽ تاجل بيوس جو ڪلام )، ڏوريان ڏوريان مَ لهان (مٿين 9ڪتابن جو گڏيل مجموعو (1997ع) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (2004ع) سون سريکا چارسين (2004ع) پکي ساڳئي پار جا (تاجل ۽ شيخ اياز جون چونڊ وايون 2003ع)تاجل بيوس جو رسالو (2007ع).

    اردو شاعري
    تاجل بيوس جي اردو شاعريءَ جا پڻ ٻه مجموعا ڇپيل آهن. جن مان پهريون ڪتاب ”سرخ گلابون ڪي موسم“ آهي، جنهن ۾ سندس چونڊ سنڌي شاعري جو ترجمو ڏنل آهي. ٻيو مجموعو ”انداز بيان اور“ (1997ع) اردو غزلن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب جو مهاڳ افتخار عارف لکيو آهي.
    تاجل بيوس نظم کانسواءِ نثر ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جنهن ۾ مضمون، ڪهاڻيون، ڪالم، سفرناما، آتم ڪٿا، وغيره شامل آهن. جن جا پڻ ڪافي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. جن جو وچور هن ريت آهي.
    (1)آريجن کان الهاس نگر تائين (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) (2)ڏور به اوڏا سپرين (انڊيا جو سفر نامو) (3)اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو (انڊيا جو سفر نامو) (4)سج، چنڊ ڪتيون، تارا (سوانحي مضمون) (5)انگريزي شاعري جي تاريخ (6) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي: ڀاڱو پهريون) (7)ڏک سکن جي سونهن (ڀاڱون ٻيو ۽ ٽيون)، (8)جڄهان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون)
    تاجل بيوس کي سندس شاعراڻي ڏات جي مڃتا طور ڪيترائي انعام پڻ مليا، جن ۾ سگا پاران گولڊ ميڊل (1983ع)، پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان فرسٽ پرائيز (1983ع) سهيوڳ فائونڊيشن ممبئي (ڀارت) وٽان نارائڻ شيام (Award of great poet-1997) اهم آهن.
    تاجل بيوس 13ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچي جي تاريخي قبرستان چوڪنڊيءَ ۾ دفنايو ويو.


    تاج جويو

    سنڌي ساهت کيتر ۾ تاج جويي جي سڃاڻپ هڪ محقق، شاعر، نقاد طور آهي .تاج جويي تَنظيمي، تحريڪي ۽ تدريسي ميدان ۾ پڻ ملهايو آهي، تنهن کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي تنظيمي ۽ تحريڪي بيهڪ ۾ تاج جويي جو ڪردار ڌار بحث جي تقاضا ڪري ٿو.

    سوانح
    تاج محمد جويي، اسڪولي رڪارڊ موجب 6 سيپٽمبر 1954ع تي نوابشاهه ضلعي جي ڳوٺ ”پير ڪولاچين“ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي خان جويو آهي، جيڪو هاري هو. انهيءَ پسمنظر ۾ تاج جويي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم دوران عام هارين جي ٻارن وانگر گاهه ڪيو ۽ مال چاريو. سندس گهراڻو هارپي تي مدار رکندو آهي، ان ڪري وقت بوقت لڏپلاڻ جو شڪار ٿيندو رهيو ۽ اڳتي هلي ڳوٺ ”مجيد ڪيريي“ ۾ مستقبل رهائش اختيار ڪيائين. تاج جويي پهرئين کان وٺي پنجين ڪلاس تائين پهرين سن ۽ پوءِ ”پير ڪولاچين“ جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. ڇهين کان نائين ڪلاس تائين ناز هاءِ اسڪول قاضي احمد ۽ ميٽرڪ سن هاءِ اسڪول مان ڪيائين. باقي انٽر، بي. اي ۽ ايم . اي خانگي طور ڪيائين. ايم. اي (سنڌي) 1978ع ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. تنهن کان سواءِ اديب سنڌي، اديب عالم سنڌي ۽ اديب فاضل سنڌي (1976ع) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حال ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. تاج جويو ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين۽ هوشيار هوندو هو. جيڪو اڳتي هلي سندس سٺي تعليمي ڪيريئر جو سبب بڻيو.
    تاج جويو، 1972ع ۾ پرائمري استاد طور سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو ۽ 1979ع کان 1981ع تائين سيڪنڊري استاد رهيو. 1984ع ۾ هو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1996ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پروموشن ٿيس. انهيءَ وچ ۾ 1997ع کان 2000ع تائين سنڌي لئنگيج اٿارٽي جو سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. 2001ع کان ٻيهر گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪيائين، جتان 10نومبر2008ع تي ٻيو ڀيرو سنڌي لئنگيج اٿارٽي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، ان دوران 13نومبر 2008ع تي سندس 19گريڊ ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر طور تي ترقي ٿي.

    ادبي اوسر
    تاج جويي کي لکڻ جو اُتساهه پرائمريءَ دوران استادن جي همت افزائي، وٽائن انعام ۾ مليل ڪتابن، وڏي ڀاءُ خاڪي جويي جي علمي ۽ ادبي ذوق ۽ راشد مورائيءَ جي صحبت ۽ ڳوٺاڻي اڻ برابريءَ واري ماحول ۾ حاصل ٿيو. پاڻ ڇهين ڪلاس دوران ئي سائين جي .ايم. سيد جا ڪجهه ڪتاب ۽ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي سٻاجهڙا“، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام ۽ ڳچ ٻاراڻو ادب پڙهيائين. ان وقت ڳوٺ جو چڱو مڙس پير شاهنواز جيلاني روزانو رات جو ”امير حمزي جو وڏو داستان“ کيس وڏي آواز سان پڙهائيندو هو. ائين گڏيل سڏيل ماحول ۾ کيس لکڻ جو چاهه جاڳيو. ڇهين ڪلاس ۾ کيس ”آئينه ادب موري“ جي پير ڪولاچي شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، ۽ خاڪي جويي ۽ راشد مورائيءَ پاران ڪرايل ”سنڌي سٻاجهڙا“ ڊرامي ۽ ”سنڌي سٻاجهڙا ٻالڪ سنگت“ ۾ پڻ حصو ورتائين.
    تاج جويي جي پهرين ٻاراڻي لکڻي 67-1966ع ڌاري ’مهراڻ‘ اخبار جي ”معصومن جي مجلس“ ۾ ڇپي، جيڪا هڪ ”منظوم ڳجهارت“ هئي. سندس باقاعدي لکڻي 1968ع جي ”اديون“ رسالي ۾ هڪ طرحي غزل ”بهار آيو، گلستان جي فضا ٿي خوشگوار آهي“ شايع ٿيو. ائين تاج جويي جو شروع ٿيل ادبي سفر اڃا تائين جاري آهي. تاج جويي جو پهريون ڪتاب ”سوچون سرها گل“ (شاعري) اياز گل سان گڏ، پريم ساگر (سامي خاص نمبر، وليرام ولڀ سان گڏ) ترتيب ڏنائين. تاج جويي جو هڪ اهم ڪم ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ پاران سنڌ جي مايه ناز عالمن ۽ اديبن بابت ڇپرايل ڪتاب آهن: جن جي سهيڙ ۽ ترتيب تاج جويي جي ڪيل آهي. اهڙن ڪتابن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ –هڪ مثالي عالم (ٻه ڀاڱا)، عالمن جو آفتاب (علامھ غلام مصطفى قاسمي بابت ڪتاب) 3)انسان دوست اديب ۽ بيياڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي (4)سٻاجهو ساڃهه وند: محمد ابراهيم جويو، (5) موحد شاعر: مولانا حاجي احمد ملاح، (6)نسيم کرل: وڏو ڪهاڻيڪار ۽ انسان، نهايت اهميت وارا آهن. تاج جويي جا اهي ترتيب ڏنل ڪتاب سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ عظيم شخصيت کي نه رڳو سٺي ڀيٽا آهن، پر سنڌي ادب ۾ هڪ نمايا ۽ اهو مقام والارين ٿا.
    اياز شناسي
    تاج جويي کي شيخ اياز جي گهڻو ويجهو رهڻ جو به موقعو مليو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تاج جويي کي اياز شناسي جي به سٺي ڄاڻ آهي ۽ اياز شناسي ۽ شاهه، سچل ۽ ساميءَ بابت اياز جي نثري توڙي شاعراڻي لکڻين جي چونڊ مختلف ڪتابن جي صورت ۾ پڻ تاج جويي ڪئي آهي. اهڙن ڪتابن ۾ ”جر ۾ ٿو جرڪان“ (شيخ اياز جو شاهه لطيف کي نثر ۽ شاعري ۾ خراج تحسين، (2)سامي ويس سلوڪڙا (شيخ اياز جو ساميءَ کي نثر توڙي نظم ۾ پِيش ڪيل خراج تحسين) (3) آءُ درازا هل (شيخ اياز جو سچل سرمست کي نثر ۽ نظم ۾ پيش ڪيل خراج عقيدت-2004ع) شامل آهن، ان کانسواءِ شيخ اياز بابت مختلف ليکڪن جي مضمونن جو ترتيب ڏنل ڪتاب’ آڪاش کان وڏو شاعر (2003ع)‘ پڻ شيخ اياز فائونڊيشن پاران ڇپرايو ويو آهي. ان کانسواءِ سندس اياز بابت هڪ طبعزاد مضمونن جو مجموعو ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“ به ڇپيل آهي.

    سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
    تاج جويي جي سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي 1973ع کان رهي آهي ۽ جڏهن 1983ع ۾ ڊگهي ماٺار کان پوءِ سنگت جو مرڪز ٻيهر فعال ٿيو ته، خيرپور ميرس ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ تاج جويو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو. ان وقت ملڪ ۾ مارشلا لاڳو هئڻ سبب سنڌي ادبي سنگت جي اهميت وڌي وئي ۽ هر سياسي ڌر، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان پنهنجي سرگرمين کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. تاج جويي پنهنجي انهيءَ پهرئين دور ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ نئون روح ڦوڪيو. ڪيتريون ئي نيون شاخون کوليون. تاج جو اهو دور تنظيمي حوالي سان نهايت سرگرم رهيو. تاج جويو ٻيو ڀيرو 1985ع ۾، ٽيون ڀيرو 1990ع ۾ ۽ چوٿون ڀيرو 2003ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو.
    تصنيف ۽ تاليف
    تاج جويي، پنهنجي ادبي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن جي ترتيب ۽ سهيڙ پڻ ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي اديبن جا ڪتاب تاج جويي جي محنت جي نتيجي ۾ سهيڙ جي ڇپجي پڌرا ٿيا. انهيءَ سلسلي ۾ استاد پبليڪيشن جو ڪتاب ”انصاف جو گهنڊ“،راشد مورائيءَ سان گڏ ترتيب ڏنائين. ماهوار ”ڪينجهر“ جا ڪجهه پرچا نصير سارنگ ۽ آسي زمينيءَ سان گڏ، هفتيوار سنڌوءَ جا 32پرچا (زيب سنڌيءَ سان گڏ) عبرت مئگزين جا ڪجهه پرچا، ”پريم ساگر“ جو سامي خاص نمبر وليرام ولڀ سان گڏ ترتيب ڏيڻ کانسواءِ ”سامي تي هڪ نئين نظر“ ڪتاب به ترتيب ڏنو اٿس.
    شاهه لطيف تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران، سنڌ ثقافت کاتي جي سهڪار سان هر سال ڀٽ شاهه تي هڪ سر تي مقالا پڙهايا ويندا آهن. تاج جويي اهڙن پنجن سرن: (1) سر سورٺ (2) سر رپ (2004ع)(3)سر مومل راڻو (4) حسينيءَ جي هاڪ (5) ديسي سيڻ ڪجن کان سواءِ شاهه بابت مضمونن جو مجموعو ”شاهه لطيف هڪ تحرڪ، هڪ تحريڪ (2004ع) ترتيب ڏنا آهن. اهي ڪتاب لطيف جي مٿين سرن ۽ لطيف جي مجموعي شاعريءَ کي سمجهڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.
    تاج جويي جا ڪتاب
    مٿين ڪتابن کانسواءِ تاج جويي جي اصلوڪن، ترتيب ڏنل ۽ ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    (1)واڄٽ ويراڳين جا (سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا خط، عبدالواحد آريسر سان گڏ ترتيب ڏنل) (2)سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ (شاهه سچل سامي امن ڪانفرنس 2004ع ۾ هند کان آيل ۽ سنڌي اديبن جو تعارفي ڪتاب) (3) مرزاقليچ بيگ، (امين لغاري سان گڏ ترتيب ڏنل (4)جنم - ڪهاڻيون (زيب سنڌي سان گڏ ترتيب ڏنل) (5)دنيا جون انقلابي عورتون (ترجمو) 1982ع (6) قوم چوي ٿي ٻول (استاد بخاري جي شخصيت ۽ شاعري) (7) نيڻ مهٽي، خيال جاڳيا (جديد سنڌي شاعري جو مطالعو) (8)تلسين جي سرهاڻ (جديد (2000ع) (10) اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي (ڪالمن جو مجموعو) (11)باهيون بيراڳين جون (12) سنڌي گيت (ايم. اي لاءِ لکيل مونو گرام) سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (مرتب: 2009ع) وغيره. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ادب، ٻولي، شخصيتن ۽ ادبي صنفن تي سندس ٽيهه طبعزاد ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ڇپائيءَ جا منتظر آهن.


    پير حسام الدين راشدي

    10اپريل 1982ع تي پير حسام الدين راشدي جي وفات سان ڄڻ سنڌ جي آسمان تي چمڪندڙ هڪ چنڊ ٻُڏي ويو، جيڪو ”سنڌ شناسي“ جو اهڃاڻ هو.
    جنم ۽ تعليم
    پير حسام الدين راشدي، 20 سيپٽمبر 1911ع تي راشدي خاندان جي ڳوٺ لڳ نصرت اسٽيشن (نئون ديرو، ضلع لاڙڪاڻو) ۾ ، سيد حامد شاهه راشديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. ڪن سببن جي ڪري هو وڌيڪ درسي تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، پر اڳتي هلي پنهنجي خداداد صلاحيتن ۽ مطالعي سبب نه رڳو سنڌي، فارسي ۽ اردو تي عبور حاصل ڪيائين، پر انگريزيءَ ۾ پڻ چڱي مهارت حاصل ڪيائين.
    پير صاحب، پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪئي. پهريائين ”جاڳڻ“ اخبار جو خاطو ٿيو، جيڪا 1926ع ۾ نواب خالقداد ڀيو ڳوٺ ”جاڳڻ“، نزد شڪاپور مان ڪڍندو هو. ان کان پوءِ 1929ع ۾ ماهوار رسالي ”المنار“ جو ايڊيٽر ٿيو. ان سان گڏ ماهوار اخبار ”پيغام“ جو نمائندو به ٿي رهيو. انهيءَ کان پوءِ 1930ع کان 1934ع تائين پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي ءَ سان گڏجي هفتيوار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪيائين، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر ٿيو.
    انهيءَ کان پوءِ روزنامه ”الوحيد“ ۽ ”قرباني“ اخبارن ۾ بنا نالي سان مضمون لکيائين. پير صاحب ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن جو ميمبر ۽ صلاحڪار ٿي رهيو. جهڙوڪ: سنڌي ادبي بورڊ، انجمن ترقي اردو پاڪستان ڪراچي، مرڪزي اردو بورڊ، لياقت نئشنل لئبرري، نيشنل ميوزم ڪاميٽي، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، اقبال اڪيڊمي، ريسرچ سوسائٽي، پنجاب يونيورسٽي، تاريخ ادبيات مسلمانان پاڪ هند، پنجاب يونيورسٽي وغيره، سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري حڪومت پاڪستان 1964ع ۾ کيس ”تمغھ امتياز“ ڏنو.
    پير صاحب جو نه رڳو ملڪ، پر ٻاهرين ملڪن ۾ به وڏو قدر ڪيو ويندو هو. افغانستان ۽ ايران بابت قومي ۽ بين الاقوامي مذاڪرن ۾ سندس نشست صف اول جي عالمن ۾ هوندي هئي. اهڙن ڪن اهم اجلاسن جي ملڪ کان ٻاهر ۽ ملڪ جي اندر صدارت به ڪيائين.
    پير صاحب جي علمي مرتبي کي تسليم ڪندي، ملڪيءَ سان گڏ غير ملڪي حڪومتن پڻ کيس تمغا، علمي اعزاز، انعام ۽اڪرام ڏنا. انهيءَ سلسلي ۾ ايراني حڪومت 1965ع ۾ کيس ايران جوسڀ کان وڏو اعزاز ”نشان سپاس درجه اول“ ڏنو. خود شهنشاهه ايران پڻ سندس معترف ٿيو.
    پير صاحب شروعات ۾ ڪجهه افسانا لکيا. انهن افسانن ۾ ”امانت“، ”گلن واري ڇوڪري“، ”پاڪدامن“، ”انار ڪلي“ وغيره مشهور ٿيا. سندس پهريون ڪتاب ناول ”الزليخا“ آهي. انهن ڏينهن پير صاحب ”فدائي الراشدي“ جي قلمي نالي سان لکندا هئا.
    پير صاحب جي علمي ۽ ادبي ڪمن جو جائزو وٺبو ته انهن کي ٽن حصن ۾ ورهائبو:1-سندس لکيل ڪتاب، 2-ايڊٽ ڪيل ڪتاب، 3-ترتيب ڏنل ڪتاب. پاڻ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ ڪُل 49 ڪتاب لکيائين/ايڊٽ/۽ مرتب ڪيائين.
    سنڌي ڪتاب
    الزليخا (ناول)، اسلامي ڪتب خانا، مهراڻ جون موجون، تذڪره اميرخاني، ماڪ ڀِنا رابيل، مڪلي نامھ، ڏهين صدي هجريءَ جي سنڌ، تذڪره مشاهير سنڌ (جلد اول)، هو ڏوٿي هو ڏينهن، مير معصوم بکري، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ڳالهيون منهنجي سنڌ جون (جيڪو سندس وفات کان پوءِ غلام محمد لاکي مرتب ڪيو.)
    اردو ڪتاب
    سنڌي ادب (جنهن جو پوءِ غلام محمد لاکي سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو)، هفته مقالھ، دور چراغ محفل، مرزا غازي بيگ ترخان اور اُس ڪي بزمِ ادب.

    فارسي ڪتاب
    مثنوي چنيسر نامھ، مقالات الشعرا، مثنوي مظهر الآثار، تڪملھ مقالات الشعراءِ، مثنوي قضا و قدر، مثنوي محبت نامھ، مثنوي قصابِ نامھ، قصيدا ۽ منقبت، تاريخ مظهر شاهجهاني، هشت بهشت، منشور الوصيت، ترخان نامھ، حديقھ الاولياءِ، تذڪره الشعراءِ ڪشمير، تذڪره الشعراءِ ڪشمير (تڪملھ) جلد اول، تذڪره شعراءِ ڪشمير(تڪملھ) جلد ٻيو ، تذڪره شعراءِ ڪشمير (تڪملھ) جلد ٽيون، تذڪره روضتھ الاسلاطين، جواهر العجائب، ديوان بيرم خان، تحفتھ الڪرام (جلد ٽيون، حصو پهريون)، تذڪره مشائخ سيوستان، مثنوي مهرو ماهه، رياض العارفين، (جلد اول)، رياض العارفين (جلد دوم).
    مٿين ڪتابن کان سواءِ اٽڪل ويهارو کن ڪتاب سندس نگرانيءَ هيٺ تيار ٿي رهيا هئا يا وري ترتيب هيٺ هئا.
    سندس فارسيءَ ۾ ايڊٽ ڪيل ڪيترن ئي ڪتابن جا سنڌي ترجما ڇڻ ڇپجي چڪا آهن.
    پير حسام الدين راشدي، برصغير هند و پاڪ جي هڪ مشهور مورخ ۽ بلند پائي جي عالم جي حيثيت سان مشهور آهن. سنڌي زبان، ادب ۽ تاريخ مٿس جيترو به ناز ڪري، ايترو گهٽ آهي. سچ پچ ته راشدي صاحب جي شخصيت کي پنهنجي جاءِ تي هڪ ”مستقل دور“ جي حيثيت حاصل هئي ۽ پير صاحب جي وفات سان انهيءَ دور جي ڄڻ پڄاڻي ٿي.
    پير صاحب کي سير ۽ سفر جو به ڏاڍو شوق هو. پاڪستان کان سواءِ ڪيترن ٻاهرين ملڪن جو پڻ سير ۽ سفر ڪيائين، جن ۾ عراق، شام، لبنان، فلپائين، ايران، برطانيا وغيره شامل آهن.
    هيٺ پير صاحب ڪن ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
    (1) هو ڏوٿي هو ڏينهن
    هي ڪتاب راشدي صاحب جي يادگيرين جو ڪتاب آهي، جيڪو پاڻ 1960ع ڌاري فلپائين ۾ رهائش دوران لکيو هئائون، جتي پاڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ وٽ، جيڪو فلپائين ۾ سفير هو، وڃي رهيا هئا. هن ڪتاب بابت راشدي صاحب لکي ٿو.
    ”هي تاريخ نه آهي، سنڌ جي معاشرتي تاريخ جو هن کي مقدمو سمجهي سگجهي ٿو. هن ۾ گهڻي حد تائين، انهن سڀني ناسورن جو مذڪور ڪيو ويو آهي، جيڪي سنڌ جي تنزل ۽ سنڌين جي شڪست دلي جو سبب بڻيا آهن،جنهن جي نتيجي ۾ جيڪو گهر کان رُسي ٿو، سو سنڌين تي سُستي، ڪاهلي، بيڪاري ۽ نااهليت جا طرحين طرحين طعنا رکي، کين جيئڻ ۽ جيئندان ڏيڻ جومستحق نٿو سمجهي.“
    هي سنڌي سوانحي ادب ۾ هڪ بهترين ڪتاب آهي، جنهن جي سٽاءَ، توڙي ترتيب محترم محمد ابراهيم جويي جي رکيل آهي.

    (2) ڳالهيون ڳوٺ وٺڻ جون
    راشدي صاحب پنهنجي پنجاهه سالن جي ادبي سفر ۾ ٽي سو کن مضمون ۽ مقالا لکيا، جن مان هن ڪتاب ۾ 43مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا آهن. 846صفحن جي هن ڪتاب ۾ ڪيترائي نقشا ۽ فوٽو پڻ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو پيش لفظ محترم محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هي ڪتاب 1981ع ۾ ڇپيو.

    (3) تذڪره اميرخاني
    امير خاني ساداتن ٽن صدين تائين، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌ تي ڌاڪ ڄمائي. ميرابو القاسم ”نمڪين“ انهي خاندان جو سنڌ ۾. شروعاتي پايو وجهندڙ هو. انهيءَ خاندان جي حالتن ۽ سندن علمي ۽ ادبي حالتن ۽ خدمتن تي مشتمل هي ڪتاب پير صاحب پندرهن سالن جي وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ کان پوءِ لکيو ۽ ادبي بورڊ طرفان 1961ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جي لکڻ جو سبب بيان ڪندي پاڻ مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”مان سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جا ڦٽل مقبرا ۽ مزارون، زبون ٿيل در ۾ ديوارون ۽ ويران ٿيل مسجدون ۽ درگاهون ڏسندو، روهڙيءَ ۾، مهراڻ جي ڪناري سان ”ستين جي ٿان“ واري خوبصورت ۽ بناوٽ جي لحاظ سان غير معمولي حسين عمارت تي پهتو هوس......قبرستان کي ڏسڻ بعد، پنهنجي سنڌي ڀائرن جي ناواقفيت، بي خبريءَ ۽ بي بهريءَ هجڻ تي مطلق افسوس ڪونه ٿيو. ڀلا ڪهڙِي لکيل پڙهيل سنڌيءَ پنهنجي ملڪ ۽ وطن جي آثارن کي اچي ڏٺو آهي........انهن ڏينهن مون فيصلو ڪيو ته انهيءَ قبرستان ۾ جيڪي ستل مڙس آهن، انهن جي حالات جي تلاش ۽ تجسس ڪريان.......“
    هي ڪتاب سنڌ جي انهي تاريخي خاندان تي سَند جي حيثيت رکي ٿو.
    (4) مڪلي نامھ
    هي ڪتاب ”مير علي شير قانع ٺٽويءَ“ جي نثر ۾ لکيل هڪ ننڍي ڪتاب جي ترتيب، تدوين ۽ حاشين تي ٻڌل آهي. اصل ڪتاب 96 صفحن تي مشتمل هو. پاڻ هن ڪتاب کي 888 صفحن تي ڪري لکيائون. انهي ڪتاب ۾ چاليهه صفحا تعارف، 743 صفحا حاشيه ۽ ضميما، 20شجرا ۽ ٻه مڪليءَ جا نقشا ۽ 130تصويرون ڏنائون. هي ڪتاب پير صاحب جي لکيل ڪتابن مان نهايت اهميت وارو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو آهي. هن ڪتاب جي اهميت بابت ڪتاب جي تعارف ۾ پير صاحب لکي ٿو:
    ”.....مڪلي نامو نه فقط سنڌ ۾ پيدا ڪيل فارسي ادب جو هڪ قابل ذڪر شاهڪار آهي، بلڪ مڪلي جي تاريخي خواهه ٺٽي جي تمدن ۽ معاشري متعلق پڻ هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.“

    (5) ميرزا غازي بيگ ترخان اور اس کر بزم ادب
    هي ڪتاب اردوءَ ۾ سنڌ جي حاڪم ميرزا جاني بيگ جي پُٽ ميرزا غازي بيگ بابت آهي، جنهن اڪبر ۽ جهانگير جي دور ۾ سنڌ کان سواءِ قنڌار تي به حڪمراني ڪئي. هن نه رڳو اميرانه ٺاٺ ۽ عياشي سان زندگي گهاري، پر شعرو شاعريءَ جون محفلون به مچايون. هن ڪتاب ۾ انهن محفلن جو ذڪر آهي، جن جي مرزا غازي بيگ سرپرستي ۽ قدرداني ڪئي. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ ان دور جي سياسي حالتن جو به ذڪر آهي، ته علمي ۽ ادبي فضا تي به ڀرپور روشني وڌي ويئي آهي. مطلب ته انهيءَ دور جي هڪ سياسي ۽ ثقافتي،علمي ۽ ادبي تاريخ آهي.
    هن ڪتاب جي تعارف ۾ پير صاحب لکي ٿو:
    ”مرزا جاني کي نظر کائي ويئي ۽ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. جيڪڏهن کيس قدرت اڃا به ڪي ڏينهن ڏي ها ته اسان جي ادبي تاريخ ۾ سندس درٻار اڪبر ۽ جهانگير جهڙن بادشاهن جي جوڙ جي جيڪڏهن نه به شمار ڪئي وڃي ها ته به علم و هنر جي پرورش ۾ ”خان خانان“ جهڙن علم دوست ۽ ادب دوست اميرن کان ته پڪ سان سٺو مقام ماڻي ها“.
    (6)تحفتھ الڪرام
    هن ڪتاب کي سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ بنيادي اهميت حاصل آهي. هن ۾ سنڌ جي تاريخ به بيان ٿيل آهي ته اهم شخصيتن ۽ شهرن جو ذڪر به موجود آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن ان ڪتاب کي سنڌ جي ”انسائيڪلوپيڊيا“ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڇپجي چڪو آهي. پير صاحب هن ڪتاب جي فارسي متن کي نئين سر سنواري سڌاري، ان جو پهريون حصو حاشين سان سينگاري شايع ڪيو.
    (7) تاريخ مظهر شاهجهاني
    هي ڪتاب يوسف ميرڪ بن ابوالقاسم ’نمڪين‘ بکري جو لکيل آهي. سنڌ جي تاريخ جو هي نادر ۽ ناياب نسخو پهريون ڀيرو پير صاحب جي ڪوشش ۽ محنت سان منظر عام تي آيو. ڪتاب جي مقدمي ۾ پير صاحب لکيو آهي:
    ”جنهن تاريخ (مظهر شاهجهاني) جو پتو گذريل ٽن سو سالن ۾ ڪنهن به عالم کي پئجي نه سگهيو هو. خود سر هينري ايليٽ جهڙو باوسائل مستشرق به هن جي زيارت کان محروم رهيو، جنهن پنهنجي ”تاريخ هند“ جي تاليف جي سلسلي ۾ ڪتاب هٿ ڪرڻ لاءِ هندستان ۽ يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي جاکوڙ ڪئي هئي.“
    هن ڪتاب ۾ اهڙو احوال آيل آهي، جيڪو اڳ ڪنهن به تاريخي ڪتاب ۾ نه آيو آهي. هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن سنڌ جي حالتن جو تفصيلي احوال ملي ٿو. اهڙو اهم ۽ ملهائتو ڪتاب سنڌ وارن جي اکين کان اوجهل هو .پير صاحب جو اهو وڏو ڪارنامو آهي، جو اهو ناياب ڪتاب هٿ ڪري، مرتب ڪري شايع ڪرايائين.پاڻ هن ڪتاب کي هر طرح سان جامع بنائڻ لاءِ ڪتاب جي ليکڪ جو تعارف، انهن تاريخي شخصيتن جو احوال پڻ بيان ڪيو اٿس، جن جا نالا ”مظهر شاهجهانيءَ“ ۾ آيا آهن.


    پير علي محمد راشدي

    سنڌ جي سياسي، صحافتي ۽ ادبي تاريخ ۾ راشدي ڀائرن (حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي) جي خدمتن جو ڪو ڪاٿوئي ڪونهي. پير حسام الدين راشدي جتي سنڌ جي تاريخ کي تحقيق جي ڇاڻيءَ مان ڇنڊي ڦوڪي، نمايان نروار ڪيو ۽ پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا، اُتي وري پير علي محمد راشدي سياست ۽ صحافت ۾ ڌاڪو ڄمايو. بقول علي احمد بروهي جي:
    ”سنڌ جي تاريخ ۾ پيرعلي محمد راشدي جهڙو ٻيو ڪو مصنف، موءرخ يا مدبر ورلي نظر ايندو، جو مختلف ماڻهن جي متضاد (Controversial) راءِ جو دائمي نشانو رهيو هجي، جا هڪ قسم جي علامت پڻ هئي ته هو بلاشڪ هڪ وڏي ”وزن“ ۽ ”ڳر“ واري شخصيت هئي.“

    سوانح
    سيدعلي محمد شاهه راشدي 5 آگسٽ 1905ع تي، پير حامد شاهه راشدي جي گهر ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم مُلن ۽ ماسترن کان ذاتي طرح ورتائين. سنڌي چار درجا ۽”سڪندر نامھ“ تائين پڙهيائين. ٿوري عربي به پڙهيو. پوءِ انگريزي تعليم ماستر محمد صديق وٽ پڙهيو، ان جي وڃڻ کان پوءِ نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر وٽ انگريزي جا سبق وٺندو رهيو. قريباً چئن درجن جي سطح جيتري انگريزي تعليم ورتائين. ان کان پوءِ ذاتي شوق، محنت ۽ مطالعي سان سنڌي، پارسي، اردو ۽ انگريزي ۾ مهارت حاصل ڪري ويو.

    صحافتي زندگي
    پيرعلي محمد راشدي پندرهن سالن جي عمر ۾ 1920ع ۾ اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيائين. 1924ع ۾ پهرين ”سنڌ نيوز“ اخبار جو خاطو ٿيو ۽ پوءِ ”الراشد“ جي نالي سان پنهنجو ماهوار رسالو جاري ڪيائين. 1925ع کان 1929ع تائين ”الحرب شڪارپور“ ۽ ”الامين“ سکرجو ايڊيٽر رهيو. 1929ع ۾ ’سنڌ زميندار‘ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. 1934ع ۾ ”ستاره سنڌ“ اخبار سکر جو ايڊيٽر ٿيو، جيڪا 1937ع تائين هلي. 1936ع ۾ ”صبح سنڌ“ نالي ڪراچي مان پنهنجي اخبار ڪڍيائين. 1940ع ۾ ”مسلم وائيس“ نالي پهريائين سکر ۽ پوءِ ڪراچي مان ذاتي انگريزي اخبار ڪڍيائين، جيڪا 1946ع تائين هلي. انهي وچ ۾ 1943ع کان 1947ع تائين ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني سنڌي اخبار ”قرباني“ ۾ ايڊيٽوريل ۽ سياسي ليک لکيائين. ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ جو ايڊيٽر ٿيو رهيو. ان زماني ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ٻي طاقتور انگريزي اخبار ”ڊان“ جي ايڊيٽر الطاف حسين سان سندس قلمي ويڙهه پاڪستان جي صحافت جي تاريخ جو هڪ دلچسپ باب آهي. اها ايڊيٽري 1951ع تائين رهي انهي وچ ۾ 1950ع کان 1952ع تائين سموري پاڪستان جي اخبارن جي ايڊيٽرن جي اثرائتي ’تنظيم‘ ”آل پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪانفرنس“ جو صدر چونڊيو. 1951ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي اخباري ايڊيٽرن جي قائم ڪيل تنظيم ”جائنٽ پريس ڪميشن“ جو گڏيل راءِ سان صدر چونڊيو. ان تنظيم جو مقصد ٻنهي ملڪن ۾ ڀائيچارو وڌائڻ هو. 1954ع ۾ ”ايسٽرن ايڪسپريس“ نالي ڪراچي مان هفتيوار انگريزي اخبار ڪڍيائين. جيڪا 1955ع تائين هلي. 1963ع کان 1964تائين هانگ ڪانگ ۾ رهندي؛ ڪراچي جي روزانه اردو اخبار ”جنگ“ ۾ ”مڪتوب مشرق بعيد“ جي عنوان هيٺ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو .1964ع کان 1987ع تائين ”مشرق مغرب“ جي عنوان سان ”جنگ“ اخبار ۾ لاڳيتو هفتيوار اردو ڪالم لکيائين. ان وچ ۾ ڪجهه مهينن جي لاءِ ”جنگ“ ۾ ئي روزانو مزاحيه اردو ڪالم ”وغيره وغيره“ جي نالي هيٺ به لکيائين. 1968ع کان 1969ع تائين حيدرآباد جي روزاني سنڌي اخبار ”عبرت“ ۾ ”رند ۽ پنڌ“ جي نالي سان هفتيوار ڪالم لکيائين. 1971ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيندڙ روزانا اردو اخبار ”جنگ“ ۾ A point of view جي عنوان هيٺ هفتيوار ڪالم انگريزي زبان ۾ لکيائين. 1984ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ روزاني انگريزي اخبار ”ليڊر“ ۾ ڪجهه مهينن تائين هفتيوار انگريزي ڪالم ”Impression and Reflection“ جي عنوان هيٺ لکيائين.
    مٿين ڊگهي فهرست جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته راشدي صاحب لڳ ڀڳ پنجاهه سال صحافتي ميدان ۾ موجود رهيو. سندس لکڻين جي مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1968ع ۾ ”عبرت“ اخبار ۾ راشدي صاحب جي ڪالم لکڻ واري اعلان سان گڏ، هيءَ پڌرائي ڪرڻ پڻ ضروري سمجهي ويئي ته ”ايجنٽ حضرات، اخبار جي ڪاپين وڌائڻ جي سلسلي ۾ سرڪيوليشن مئنيجر سان رابطو ڪن.“ ٻين لفظن ۾ راشدي صاحب جو نالو اخبار جي وڪري ۾ واڌ جي گارنٽي هئي.

    سماجي زندگي
    راشدي صاحب 1924ع ۾ ”سنڌ تعليمي ڪانفرنس“ حيدرآباد ۾ حصو ورتو. جتي محترم جي-ايم-سيد سان واقفيت ٿيس. 1926ع ۾ ”انجمن سادات راشد“ قائم ڪيائين، جنهن جا اميدوار چونڊن ۾ بيهاري حصو ورتائين. 1926ع ۾ ان تنظيم جو سيڪريٽري چونڊيو. 1928ع کان 1936ع تائين، سنڌ پرڳڻي جي بمبئي پريزيڊنسي کان آزادي واري جدوجهد ۾ نمايان حصو ورتائين. ان سلسلي ۾ مخالفن کي جواب ڏيڻ، سنڌ جو ڪيس وڙهڻ ۽ تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ واسطي گهڻو قلمي پورهيو ڪيائين. ان دوران ”Story of sufferings of Sindh“ ڪتاب لکيائين، جيڪو خانبهادر کهڙي جي نالي ڇپيو.
    1933ع کان 1936ع جي عرصي ۾ هو ”ضلعي اسڪول بورڊ“ لاڙڪاڻي جو ميمبر به ٿي رهيو. 1934ع ۾ سرشاهنواز ڀٽي سان گڏجي هڪ سياسي جماعت ”پبپلز پارٽي“ قائم ڪيائين. 1936ع ۾ پير صاحب، حاجي عبدالله هارون ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ اتحاد پارٽي“ قائم ڪيائين. 1938ع ۾ جي-ايم سيد، شيخ عبدالحميد سنڌي ۽ ٻين سان گڏجي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. انهي سال آڪٽوبر ۾ ”مسلم ليگ“ طرفان سڏايل تاريخي اجلاس کي ڪامياب ڪرڻ جو سڄو بندوبست ڪيائين. ان اجلاس ۾ ، جنهن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان اهو تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو صاف طور تي هندستان جي ورهاڱي جي گهر ڪئي ويئي هئي. بعد ۾ ان ٺهراءُ جي پيروي ۾ لاهور ۾ 23-مارچ 1940ع تي ورهاڱي جو ٻيو ٺهرا ءُ منظور ڪيو ويو، جنهن کي ”قرارِ داد پاڪستان“ چيو وڃي ٿو. خود ان قرارداد جي لکڻ ۾ راشدي صاحب جو وڏو هٿ هو.
    1938ع ۾ هو سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو سيڪريٽري، آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي فارين ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
    1939ع ۾ مسجد منزل گاهه تحريڪ جي اڳواڻن مان هڪ هو ”جسٽس ويسٽن“ جي سربراهيءَ ۾ جيڪا جڊيشنل ٽربيونل ٺهي، وڪيل نه هوندي به ان ۾ مسلمانن جي وڪالت ڪيائين ۽ فيصلو مسلمانن جي فائدي ۾ ٿيو. 1946ع ۾ گڏيل هندستان جي مرڪزي اسيمبلي جي چونڊ ۾ مسلم ليگ جي اميدوار يوسف هارون جي مقابلي ۾ ميمبر چونڊيو. ساڳئي سال پيرزادي عبدالستار جي سنڌ وزارت ۾ روينيو ۽ صحت جو وزير مقرر ٿيو۽ 15جون 1954ع تائين اهو منصب ماڻيائين. نومبر 1954ع ۾ خانبهادر ايوب کهڙي جي سنڌ وزارت ۾ ٻيهر وزير ڪري کنيو ويو. ساڳين کاتن کان علاوه اطلاعات جو واڌو کاتو سندس حوالي ٿيو. ڊسمبر 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ طرفان ”ون يونٽ“ ۾ شامل ٿين واري ٺهراءُ کي منظور ڪرائڻ ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي اڳواڻي ۾ سرگرم حصو ورتائين ۽ ٻنهي کي سنڌي قوم طرفان ”غدار سنڌ“ جو دائمي خطاب ڏنو ويو. 1955ع ۾ سنڌ مان پاڪستان جي نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ چوڌري محمد علي جي مرڪزي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير مقرر ٿيو. 1956ع ۾ وزارت تان استعفى ڏنائين. اڳتي هلي 1969ع ۾ جي-ايم-سيد سان گڏجي ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ۾ شامل ٿيو. 1970ع وارين چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي لاءِ بيٺو، پر کٽي نه سگهيو. 1972ع کان جولاءِ 1977ع تائين جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي زماني ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت لاءِ صلاحڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. انهيءَ دوران 1957ع کان 1961ع تائين فلپائين ۽ 1961ع کان 1962ع تائين چين ۾ پاڪستان جي سفير جي حيثيت سان ڪم ڪيائين.
    سياست جي حوالي سان راشدي وقت ۽ واقعن جو شناس هو. سياسي طوفان ۽ زلزلن جي کيس اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي هئي.

    تصنيف ۽ تاليف
    مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته پير علي محمد راشدي، بقول علي احمد بروهي ته: ”سنڌي نثر جو استاد هو“، سندس پهريون ڪتاب سنڌ جي بمبئي کان آزادي بابت دليلن ۽ وضاحت سان ”Suffering of Sindh“ جي نالي سان لکيل ايوب کهڙي جي نالي شايع ٿيو. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”فرياد سنڌ“، ”روداد چمن (اردو)، ”ون يونٽ ڪي ڪهاني“ (اردو)، ”خط ۽ مضمون(محترم جي-ايم-سيد ڏانهن 1937ع کان 1958ع تائين)، ”چين جي ڊائري“، ”امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي“، ”رند ۽ پنڌ“ ۽ ”Sindh-Ways and Days“ شامل آهن، پر انهن سڀني ڪتابن کان وڌيڪ سندس جنهن ڪتاب کي پذير ملي اهو ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ (ٽي ڀاڱا) آهي. جيڪا سنڌ جي ماضي جي اکين ڏٺي تاريخ آهي. اهو ڪتاب ”ڪلاسڪس“ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪجهه بابن جو اينمري شمل جرمن زبان ۾ پڻ ترجمو ڪيو.
    پير علي محمد راشدي 14مارچ 1987ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچي ۾ دفنايو ويو.


    پرمانند ميوا رام

    سنڌي ادب ۾ پرمانند ميوارام جو نالو نه رڳو صحافتي حوالي سان، پر لغت نويسيءَ جي حوالي سان پڻ تمام مٿانهون آهي. پاڻ جيڪي ٻه ڊڪشنريون سنڌي، انگريزيءَ ۽ انگريزي سنڌي جوڙيائين، تنهن جو مٽ اڄ تائين ڪو ٻيو ٿي ناهي سگهيو.

    سوانح
    پرمانند ميوارام 1866ع ڌاري حيدرآباد ۾ هڪ عامل گهراڻي ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا سک ڌرم اختيار ڪري چڪا هئا. هو اڃا ٻارنهن سالن جو هو، جو هن جو پيءُ گذاري ويو، جنهن ڪري هو سيبتي نموني تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. هن شروعاتي تعليم مسلمانن جي مدرسن ۾ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي چرچ مشنري اسڪول حيدرآباد ۾ قدم رکيائين ۽ ماستري اختيار ڪيائين، جتي عيسائيت جي پرچار کان متاثر ٿي عيسائيت اختيار ڪيائين، جيڪا ڳالهه سندس مائٽن ۽ سک هندو سنتن کي نه وڻي ۽ هنن جي مخالفت جي ڪري ته هو ڪچڙن ذهنن ۾ عيسائيت جو ٻج ٿو پوکي هن کي ماستري ڇڏڻي پئي. ان وقت هو يونين اڪيڊمي اسڪول ۾ (جيڪو اڳتي هلي نولراءِ اڪيڊمي جي نالي سان سڏجڻ لڳو) ماستر هو.
    ان کانپوءِ هو سڄي سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار کي لڳي ويو ۽ ايتري قدر جو ”هڪ حيدرآبادي“ جي نالي سان ”قرآن جو بنياد“ جي نالي سان هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو، جنهن مسلمانن کي ڪافي رنجايو. مسلمانن جي پاران انهيءَ ڪتاب جو مدلل جواب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”فتح محمدي“ ۽ ”فتح الهادي“ نالي ڪتاب لکي ڏنو.
    جوت اخبار
    جوت اخبار 1896ع ۾ شروع ٿي، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ پرمانند به شامل هو، جيڪو انهيءَ جو سندي ڀاڱو ”کيمچند“. سان گڏجي سنڀاليندو هو. 1900ع پرمانند انهيءَ اخبار جو مکيه ايڊيٽر ٿيو ۽ مرڻ گهڙِي تائين ان سان لاڳاپيل رهيو. پرمانند 29نومبر 1938ع تي پرلوڪ پڌاريو.
    جوت اخبار جيئن ته عيسائي مذهب جي پرچار لاءِ حيدرآباد مان جاري ڪئي ويئي ۽ ان جي لکيتن کي وري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. انهي ۾ ڇپجندڙ چونڊ لکڻين جو پهريون ڳٽڪو 1904ع ۾ ”دل بهار“ جي نالي سان شايع ٿيو. دل بهار چئن ڀاڱن ۾ ڇپيو، جن کي پرمانند پاڻ ترتيب ڏنو. جوت جي لکيتن جي ٻي چونڊ ”گل ڦل“ جي نالي سان پيش ڪئي ويئي. اهو به ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو. پهريون ڀاڱو 1925ع ۾ ۽ ٻيو 1936ع ۾. جوت جا سنڌي مضمون گهڻو ڪري پرمانند جا لکيل هوندا هئا. جوت جو انگريزي ڀاڱو به هوندو هو.
    جوت اخبار جيتوڻيڪ عيسائيت جي پرچار واسطي ڪڍي ويئي هئي، پر انهيءَ سنڌي سماج کي سڌارڻ ۽ ٻولي جي ترقي جي لاءِ به ڪوشش ڪئي. بقول ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻي جي، ”جوت اخبار جيڪا سچ پچ سنڌي ساهت جي جوت هئي، پرمانند ان ۾ گوناگون، پنگتي، تعليمي، اخلاقي، ادبي، تاريخي، ۽ مذاقي لکڻيون ڏيندو هو. جن پاٺڪن کي نه رڳو سکيا، وندر ۽ سوچ ڏني. پر هنن ۾ پنهنجي ساهت ۽ ٻولي لاءِ سڪ پيدا ڪئي.جيڪڏهن جوت اخبار جاري نه ٿئي ها ته مسٽر پرمانند ميوارام نڪي سنڌي عالم ٿئي ها، نڪي پرمانند ميوارام ڊڪشنريون ۽ ٻيا ڪتاب جوڙي سگهي ها“.
    پرمانند رڳو جوت اخبار نه هلائيندو هو پر ”ڪرسچن ريڊنگ روم ۽ لائبريري“ به قائم ڪيائين، جتان عام ماڻهو فائدو وٺندا هئا. جوت جي چونڊ جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن. (1) دل بهار (2) گل ڦل (3) پروليون.

    ڊڪشنريون
    لغت نويسيءَ جي حوالي سان پرمانند ميوارام جو نالو بنهه مٿانهون آهي. هن جيڪي ٻه ڊڪشنريون سنڌي، انگريزي ۽ انگريزي سنڌي جوڙيون تن جو مٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين ڪو ٻيو ٿي ناهي سگهيو. اڄ به انهن ڊڪشنرين جي بنيادي حيثيت آهي. هن پهريائين ”سنڌي-انگريزي“ ڊڪشنري جو ڪم هٿ ۾ کنيو، پر ڇاپي ۾ وري پهريائين ’سنڌي - انگريزي ڊڪشنري‘ آئي. هن ٻنهي ڊڪشنرين جي تيار ڪرڻ ۾ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي. عام ماڻهو کان ويندي فني ۽ خاص ماڻهن، ڌندوڙين، عالمن، اديبن توڙي مختلف ڊڪشنرين، فني ڪتابن وغيره کي ڏٺو. هن انهيءَ ڪم ۾ ديوان روچيرام گجومل، مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مهرچند ۽ سجهرام ٽهلرام کان پڻ ڪافي مدد ورتي. پوين لغت نويسن هنن ڊڪشنرين کان وڏو ڪم ورتو، ڊاڪٽر بلوچ ته هنن ڊڪشنرين ۾ ڪتب آيل لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن کي کڻي پنهنجي جامع سنڌي لغات ۾ شامل ڪيو آهي. هن جي سنڌي-انگريزي ڊڪشنري 1910ع ۾ ۽ انگريزي-سنڌي، ڊڪشنري 1933ع ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون. پر اڄ به انهن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي.

    عيسائت جو پرچار
    پرمانند عيسائي ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار لاءِ وڏو ڪم ڪيو. جوت اخبار کانسواءِ هن هڪ جرمن اٽامس –آ-ڪيمپس، جي لکيل هڪ ڪتاب جو سنڌي ۾ ”ڪرست جي پيروي“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب 1923ع ۾ چپيو.
    سندس ٻيو ترجمو ڪيل ڪتاب ”هيرو-گلو“ آهي، جيڪو انگريز ليکڪ ”ڪئن سمٿ“ جي لکيل هڪ نصيحت آموز ڪهاڻي آهي. ترجمو ڪندي پرمانند ڪردارن جا انگريزي نالا مٽائي سنڌي هندن ۽ سکن جا رکيا آهن. هن ڪتاب جا خاص خوبي اها آهي ته ان ۾ نيڪي ۽ بدي ٻنهي جي گڻن ۽ اوگڻن کي نروار ڪري ڏيکاريو ويو آهي. پرمانند جي مشهور ڪتابن ۾ ”گل ڦل“ جي وڏي اهميت آهي، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو، اڳتي هلي هن ڪتاب جي ٻنهي ڀاڱن کي گڏي هڪ جلد ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو. ڪتاب جي شايع ٿيڻ جي وارتا بيان ڪندي پرمانند لکي ٿو:
    ”تنهن لاءِ ڪن دوستن جي صلاح ٿي، خاص ڪري پروفيسر ايڇ ايم گربخشاڻي ايم اي جي ته ”جوت“ ۾ ٽيهارو ورهين کان جي طرح طرح جا مضمون پئي پيا آهن. ڇا اخلاقي، ڇا تعليمي، ڇا تواريخي، ڇا سائنس جا، ڇا جيتن، پکين ۽ جانورن جا بيان، ڇا جهونن ۽ ڊٺلن شهرن جا احوال، ڇا سورمن ۽ نيڪ مردن ۽ زالن جا چريتر، ڇا جهنگ جا ٿيل شڪار، ڏند ڪٿائون ۽ عمديون ۽ نصيحت ڀريون ڪهاڻيون ۽ نقل سي چونڊي هڪ هڪ ڪتاب ڇپائجي....سو اهڙا مضمون ڪڍي هن رسالي ۾ ڇپايا ويا آهن“.

    تصنيفون
    پرمانند ميوارام جي لکيل/تيار ڪيل/ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    (1)هيرو گلو (1936ع) (2) لورڊ جي ناري (3) ڪرست جي پيروي (ترجمو) (4) لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو (5)قرآن جو بنياد (ترجمو) (6)آتمڪ امرت (7) ڌرم مورتي (8)اپائڻهار جي هستي (9)دل بهار 1904ع (چار ڀاڱا) (10)گل ڦل (ٻه ڀاڱا) (11)سنڌ باد سيلاني (12)هيري جي منڊي (13)يوسف مصري (1945ع)، (14) اپولو جو قصو، (15)شاهه جي رسالي جو سرڪاپائتي (16)انگريزي-سنڌي ڊڪشنري (17)سنڌي-انگريزي ڊڪشنري. ان کانسواءِ مضمون ”مياڻي جي جنگ“ جيڪو پوءِ ”سنڌ جا مير“ نالي ڪتاب ۾ شايع ٿيو.

    عبارت ۽ ٻولي
    پرمانند جي ٻولي سادي، مٺي، مائيدار ۽ دل لڀائيندڙ آهي. موقعي ۽ مهل سارو تز لفظ، محاورا، پهاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون استعمال ڪيون اٿس. پرمانند جي ٻولي بابت سنڌي نثر جي تاريخ ۾ منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو:
    ”پرمانند ميوارام مذهب ڪري عيسائي هوندي به ادب جي ميدان ۾ بنا بغض يا ڪٽر جي، سدائين ٺيٺ ۽ گهريچي سنڌي واپرائيندو هو. ديوان ڪوڙو مل وچ ۾ سنسڪرت اکرن ۾ وڃي اڙيو هو. مرزاقليچ بيگ پڇاڙي ۾ پنهنجي سليس لکڻي اڀوڳائي ۽ الوڻائي جي حد تي آڻي ڇڏي هئي. ديوان ڏيارام به بعضي بعضي ڏکيا سنسڪرت ۽ فارسي لفظ استعمال ڪندو هو، پر پرمانند صاحب، سنڌي نثر جي انهن چئن ٿنڀن مان هڪڙو ئي ليکڪ هو، جنهن ڪڏهن به ڏکيو يا گٿل يا گهرگهلو اکر ڪتب ڪونه آندو ۽ سدائين اهي سرل فارسي ۽ هندي لفظ ڏيهي سنڌي سان ملائيندو هو. جي ڪَن رس پيدا ڪن ۽ سنڌي گلن ۾ ڦاسي نه پون ۽ نڪي محاورن جون غير سنڌي صورتون ورتائيندو هو. سندس مضمون اڪثر ڪري ڌرمي. اخلاقي، تعليمي، وگياني، تواريخي ۽ پنگتي وشين تي لکيل هوندا هئا. تنهن کانسواءِ اعلى پرشن ۽ نارين جون مختصر جيونيون به لکندو هو ۽سير سفر جا دلچسپ بيان پڻ ڪندو هو. جن کي سيلاني ليکڪن جي نئين شاخ سمجهڻ کپي. خريدار ٽوٽڪن ۽ پرولين معرفت، سنڌي ادب ۾ جا مذاق جي کوٽ هئي، سابه پوري ڪيائين جن کي مذاقي مضمون چوندا آهن.“


    پوپٽي هيرا ننداڻي

    سنڌي ليکڪائن ۾ پوپٽي هيراننداڻي جي سڃاڻپ رڳو ڪهاڻيڪار واري نه آهي. پر هوءَ هڪ سٺي ناول نگار ۽ تنقيد نگار، شاعرا ۽ محقق پڻ آهي. اهو مقام ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي ليکڪائن جي حصي ۾ آيل آهي.

    سوانح
    پروفيسر پوپٽي رامچند هيراننداڻي، 17 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿي. پوپٽي جا وڏا ميرن جي درٻار ۾وزير هوندا هئا. سندس پيءُ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ وڏو آفيسر هو. پوپٽي اسڪولي تعليم ”ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد“ مان حاصل ڪئي. هن 1939ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. انٽر جو امتحان ”ساڌو واسواڻي“ جي کوليل ”ميران ڪاليج“ مان ۽ بي اي جو امتحان ”بنارس يونيورسٽيءَ“ مان 1943ع ۾ پاس ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ گهر وارن سان ڀارت لڏي ويئي. اتي ايم اي پاس ڪيائين.
    والد جي وفات کانپوءِ مالي حالتن خراب هئڻ جي ڪري پوپٽي ميٽرڪ کان اڳ ٽيوشن ڏيندي هئي ۽ ميٽرڪ کانپوءِ ”ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول“ ۽ ”پگٽ گرلس اسڪول“ ۾ ماسترياڻي ٿي رهي .هو ميوزڪ ٽيچر پڻ رهي آهي. ڀارت ۾ پهرين 1960ع ۾ نيشنل ڪاليج ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندي هئي پوءِ ڪي سي ڪاليج ۾ پروفيسر بنجي ويئي.پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جي گائيڊ پڻ رهي. سندس ڇپيل ڪتاب ممبئي، پونا ۽ گجرات جي يونيورسٽين ۾ بي اي ۽ ايم اي جي ڪورسن لاءِ تسليم ٿيل آهن. کيس هندي، سنسڪرت، فيلسوفي ۽ ويدن وغيره سان به گهڻي دلچسپي رهي.

    ادبي اوسر
    پوپٽيءَ ۾ پڙهڻ جي عادت ننڍي هوندي کان ئي هئي. ”پڙهڻ جي عادت مون ۾ پروفيسر ڪي اين واسواڻي وڌي، ۽ لکڻ جي شري هاسي مل ماکيجاڻي. جڏهن پهريون ڀيرو ميران ڪاليج کليو، تڏهن واسواڻي مون کي انگريزي پاڙهيندو هو ۽ هاسو مل ايڪانا مڪس. واسواڻي مون کي انگريزي ناول پڙهڻ جو شوق ڏياريو ۽ هاسي مل لکڻ لاءِ آمادهه ڪندي چيو، ”خيال جو وستار ڪرڻ ۽ وستار واري ڳالهه کي ننڍو ڪري لکڻ جو ڏانءُ تو ۾ آهي. تون ليکڪا بڻجي سگهين ٿي؟“ هاسو مل ماکيجاڻي جڏهن حيدرآباد ڇڏي ڪراچي ويو هو، تڏهن اتان مون کي آکاڻي لکي موڪلڻ لاءِ لکيو هئائين. اها آکاڻي سچي پريم ڪهاڻي هئي. بعد ۾ مون ليک موڪليومانس، جنهن جو سرو هو- ”اُتم ڪير؟ استري ياپرش.“
    سندس پهرين اصلوڪي ڪهاڻي ”چونڊيندي ٻير وڃي پيو ککڙين“ هڪ طنزي ۽ مذاقي ڪهاڻي هئي، جا ”هندستان“ اخبار ۾ ڇپي، پوءِ انهيءَ اخبار جي هفتيوار ”هند واسي“ ۾ هر هفتي پوپٽي جا ليک، ناٽڪ ۽ ڪهاڻيون ڇپجڻ لڳيون. سندس اهي لکڻيون 1949ع کان وٺي 1965ع تائين ڇپجنديون رهيون. بعد ۾ لپيءَ جي سوال تي هن ”هند واسي“ ۾ لکڻ بند ڪري ڇڏيو.
    پوپٽي سڀ کان پهرين ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي زال جي زندگي ۽ اُن جي چوگرد ڦرن ٿيون. ماءُ پيءُ وڙهن ته ڌيءَ ڪيئن ٿي محسوس ڪري، پيار ڪندڙ ڇوڪرو ڇڏي وڃي ته محبوبا جي من جو حال ڪهڙو ٿوٿئي. هڪ زال جڏهن محبت جو تيز ڌڪ ٿي کائي ته پوءِ ڪن حالتن ۾ ڪيئن ٿي هيٺ ڪري، هڪ زال ٻي سان ڪيئن ٿي حسد ڪري. پرڻيل زال کي ٻيو ڪو مرد وڻي وڃي ته سندس دل جي ڪيفيت ڪهڙي ٿي ٿئي. اهي ۽ انهيءَ سان ملندڙ موضوع ئي پوپٽي جي ڪهاڻين جا هوندا آهن.
    پوپٽي اصولن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو. هوءَ عربي سنڌي لپيءَ جي بچاءُ خاطر ديونا گري لپي جي حمايتين جي خلاف وڙهندي رهي آهي. هن سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت جي حفاظت لاءِ هڪ بهادر سپاهي جيان جنگ لڙي ۽ سنڌين ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ سڄي هندستان جو دورو ڪيو.
    هندستان ۾ سنڌي زبان کي قومي زبان طور تسليم ڪرائڻ توڙي سنڌي ادب ۽ ثقافت ۽ تهذيب کي زنده رکڻ جي لاءِ جيڪا هلچل هلي، ان ۾ پوپٽيءَ جو وڏو ڪردار آهي ۽ هوءَ انهيءَ جي مهڙ واري دستي جي اڳواڻ رهي.
    لکڻ کانسواءِ پوپٽي جون ٻيون به ڪافي دلچسپيون رهيون، جن جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ چيائين:
    ”ننڍي هوندي کان ئي شوق هئم، باغات، ڊانس ڪرڻ ۽ شاعرهه ٿيڻ. پويان ٻئي پورا ٿي نه سگهيا. ان ڪري منهنجو لاڙو ڳائڻ ڏانهن وريو. باجو بئنجو ۽ دلربا وڄائڻ سکيس، پر پوءِ پڙهڻ پاڙهڻ جو ڪم ڪندي، ان شوق پالڻ لاءِ گهربل سهولت نه ملي. غزل، دادر ۽ ٺمري لکندي آهيان. جيتوڻيڪ سبڻ ۽ ڀرت جا امتحان پاس ڪيل اٿم، پر سبڻ سان ايتري دل نه اٿم، جيتري رڌڻ سان، باقي گهمڻ ۽ لکڻ منهنجي شوقن ۽ ضرور شمار ٿيندا.“
    پوپٽي هيراننداڻي جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو تعداد 35 کان به وڌيڪ آهي. اهي ڪتاب جداجدا صنفن تي شايع ٿيل اٿس. هن ٻن سون کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

    ڪهاڻيون
    (1)رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون (ڪهاڻيون-1953ع)، (2)پڪار (ڪهاڻيون-1953ع)، (3) ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو (ڪهاڻيون-1967ع) (4)مون توکي پيار ڪيو (ڪهاڻيون-1975ع) (5)خزان جو دور پورو ٿيو (1976ع) (6)شهناز (ڪهاڻيون-1983ع) (7)زندگي نه ڪويتا نه ڪهاڻي (ڪهاڻيون-1983ع) (8) اسين هِت اوهين هُت (ڪهاڻيون-1988ع) (9)زندگي جي پوٽري (ڪهاڻيون-1983ع) (10)ڪفن ڍڪي زندگي (ڪهاڻيون-هندي ۾-1985ع) پوپٽي ني شرپشٽ ڪهانيان (گجراتي ۾ ڪهاڻيون-1983ع) لي ڪاورڊ (1988ع انگريزي ۾).

    ناول
    منجو (1950ع) حسرتن جي تربت (1961ع)جي ۾ جهوري تن ۾ تات (1966ع) سيلاب زندگيءَ جو (1980ع)

    مضمون
    هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون (1962-ايوارڊ يافته) ڀارت جي استري (1963ع) مان ڇا آهيان (1965ع) ٻولي منهنجي ماءُ (1977ع) سنڌي ڪلهه ۽ اڄ (1985ع) چون چڻڪن چت ۾ (1971ع) زنده سا قوم رهندي (1975ع)
    ان کانسواءِ تنقيد، شاعري، لسانيات ۽ ٻين موضوعن تي پوپٽي جا هي ڪتاب آهن: ڀاشا شاستر (1962ع )سنڌي ٻولي (1980ع) عزيز: شخص ۽ عالم (1980ع) سنڌي مسلمانن گوين جي هندي ڪويتا (1980)روح سندي رُڃ (1976ع) مان سنڌڻ (1988ع) سنڌي ساهت جي جهلڪ (1967ع) سنڌي هستيون (1980ع) پدمڻي (1984ع-ناٽڪن جو مجموعو) سنڌي شادي (1988ع-ڊانس ڊراما) ماڻڪ موتي لعل (1993ع) منهنجي حياتيءَ جاسونا روپ ورق (آتم ڪهاڻي پهرين 1980ع ۾ ڇپيو، پوءِ ڪجهه بابن جي واڌاري سان 1992ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کي 1982ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي انعام ڏنو آهي.) ڏهن ڏينهن ۾ سنڌي سکو (1980ع) پوڦٽي-پوپٽي (1990ع) سنڌ کان گنگا جمنا (خط-1991ع) سنڌيز: دي اسٽئڪرڊ ٽريپر (انگريزي ۾ 1980ع) شاهه سنڌي تهذيب جو روح (1980ع) هسٽري آف سنڌي لٽريچر (آزادي کانپوءِ 1947ع کان 1978ع تائين-انگريزي ۾ 1984ع).
    هسٽري آف سنڌي لٽريچر، پوپٽي جو نهايت اهم ڪتاب آهي.جنهن ۾ 1947ع کان وٺي 1978ع تائين ڀارت ۾ لکيل سنڌي ادب جو تذڪرو آهي. شروع ۾ سنڌي زبان جو تعارف ۽ هڪڙو باب آزادي کان اڳ واري دور بابت پڻ ڏنو ويوآهي، تنهن کانپوءِ ٻئي ڀاڱي ۾ هن ورهاڱي جاسماجي، اقتصادي اثرات، ادب ۾ ترقي پسند لاڙي،پراڻي پيڙهي، نين حالتن ۾، نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن بابت لکيو آهي. ٽيون باب سياسي ترقي پسندي خلاف ردعمل، ڪهاڻي جي داخليت کانسواءِ ناول، شاعري ۽ ڊرامي جي ترقي تي لکيل آهي. چوٿون باب جديد ادب تي ۽ پنجين باب ۾ ادبي رسالن، ترجمن، لوڪ ادب، سوانح حيات، آتم ڪٿا، ادبي تاريخ، لسانيت وغيره جو ذڪر آهي.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ پوپٽي جا ٽي ترجمو ڪيل ڪتاب (1)شريمد ڀڳوت (1960ع) (2)وويڪانند جيوني (1963ع) (3)ڪبير (1966ع) پڻ ڇپيل آهن.
    پوپٽي هيراننداڻي 16 ڊسمبر 2005ع ۾ ديهانت ڪيو.


    پرويز

    سنڌي ادب ۾ جن ماڻهن بنالوڀ ۽ لالچ جي پنهنجي آدرشن سان سچو ٿي لکيو ۽ انهن آدرشن جي سهاري پنهنجي زندگي گذاري، انهن ۾ علي محمد پرويز جو نالو گهڻو مٿانهون آهي.

    جنم ۽ تعليم
    علي محمد ولد محمد سليمان ميمڻ، ڳوٺ لاکا تعلقي ميرپور بٺوري ۾ 2سيپٽمبر 1945ع تي جنم ورتو، سنڌ ۾ زوري تعليم جوقانون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ 1952ع ۾ پرائمري اسڪول لاکا۾ داخل ڪيو ويو، جتان پڙهي پوءِ 1957ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ مڊل اسڪول دڙي مان ستون ڪلاس پاس ڪيائين. 1961ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1963ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان بي ايس سي آنرس ڪيائين. ساڳئي سال گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ۾ سائنس ٽيچر جي حيثيت سان مقرر ٿيو، هڪ سال کانپوءِ ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽوٽ اي آر آءِ ٽنڊوڄام ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور مقرر ٿيو، جيڪا نوڪري پوءِ انتقام جي نشاني بنجڻ ڪري هلي ويئي.

    علي محمد پرويز 1971ع کان پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪيو، پهرين ميڊيڪل اسٽور کوليائين، پوءِ ڪپڙي جو دڪان کوليائين. 1975ع ۾ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پاران هلندڙ حيدرآباد ۾ سردار پرنٽنگ پريس اچي سنڀاليائين، جتي 1978ع تائين رهيو، پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اچي ميرپور بٺوري ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليائين،جيڪو 1991ع تائين هليو ۽ پوءِ هڪ اين جي او ۾ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر طور ڪم ڪيائين، تنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اچي ذاتي ڪاروبار سنڀاليائين.

    ادبي سفر
    نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ جي دوران کيس تصويرون ٺاهڻ جو شوق جاڳيو ۽ ماهوار شمع (اردو) ۾ ڇپيل اداڪارن جا فوٽو ڏسي انهن جا اسڪيچ ٺاهيندو هو، اُن سان گڏ انهيءَ ۾ ڇپيل افسانا پڻ شوق سان پڙهندو هو، پهرين اردو ۾ لکڻ شروع ڪيائين، پوءِ سنڌي ۾ لکڻ لڳو. پنهنجي انهي ادبي سفر جو ذڪر ڪندي پرويز لکي ٿو: ”زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ داخلا کانپوءِ به ساڳيو شوق جاري رهيو، هڪ ڀيري ڪاليج جي ٻئي سال جي دوران اردو ۾ الائجي ڇا ويٺي لکيم ته مٿان منهنجو ڳوٺائي ۽ دوست ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ آيو (جيڪو پوءِ ڪجهه سالن جي لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام جو وائيس چانسلر ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو جنرل سيڪريٽري به رهيو) پڇائين ڇا پيو لکين؟ ۽ ڪاغذ وٺي پڙهڻ لڳو، لکت کي نظرانداز ڪري چيائين، ماهوار روح رهاڻ ۽ نئين زندگي وٺي پڙهه ۽ سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪر، اتان کان 1964ع ۾ مون سنڌي لکڻ شروع ڪيو ۽ ڪهاڻي لکڻ کي ئي اظهار جوبهترين ذريعو سمجهيم.“

    پرويز جي پهرين ڪهاڻي ”اونداهي رات“ ماهوار بادل حيدرآباد جي مارچ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿي. پوءِ سندس ڪهاڻيون، مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا ۽ اهو سفر تاحال جاري آهي. پرويز هڪئي وقت ڪهاڻيڪار، مترجم، ناول نگار ۽ مضمون نگار پڻ آهي، پرسندس اصل سڃاڻپ ڪهاڻيڪار واري آهي.
    پرويز جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سُڻي تنهنجو سڏ“ 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس 12طبعزاد ۽ 3ترجمو ٿيل ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”آئون ننڍڙيون ڪهاڻيون لکندو آهيان. مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي ناسورن جو ذڪر ڪيو آهي، نين منزلن ۽ مقصدن جي ڳالهه ڪئي آهي، انهن نين منزلن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گس ۽راهه جو ڏس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.“
    اهي ڪهڙا ناسور آهن، جن جي پرويز پنهنجي ڪهاڻين ۾ نشاندهي ڪئي آهي، اهي ڪهڙا مقصد آهن جي حاصلات لاءِ پرويز گس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو لکي ٿو: ”مون ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌي سماج ۾ موجود گندگيءَ جي نشاندهي ڪريان، گهڻو تڻو منهنجي ڪهاڻين جو موضوع به اهو رهيو آهي، ڌارين طرفان ڌاڙيل قرار ڏيئي سنڌي جوڌن جو قتل عام ۽ نسل ڪشيءَ بابت ذڪر ٿيل آهي. رشوتخور ڪامورو پنهنجي ڪاروائي ڪيئن ٿو ڪري سا به ڳالهه ٿيل آهي. هارين ۾ سجاڳي ڪيئن آڻجي، سو به گس ڏسيل آهي. شاگرد پنهنجا آدرش ڪيئن حاصل ڪن ۽ سياسي تنظيمن جا بي لوث ڪارڪن لالچ جي ڪوڙڪي ۽ ڪيئن ٿا ڦاسن، انهن مسئلن کي به ڇهيو ويو آهي.“

    پرويز جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”رت جا ڦڙا“ 1989ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن جون ارڙهن ڪهاڻيون شامل آهن، پرويز هيستائين هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن.
    پرويز طبعزاد لکڻين کانسواءِ عالمي ادب مان چونڊ ۽ بهترين ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما پڻ ڪيا آهن، انهن ترجمن ۾ ناول، ڪهاڻيون، تقريرون، شاعري ۽ خط وغيره شامل آهن.
    پرويز سياسي حوالي سان به ڪافي سرگرم رهيو، انهيءَ ميدان ۾ هو رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر فيروز احمد، شهيد فاضل راهي، سيد اڪبر جو ساٿاري ٿي رهيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ پرويز 1973ع-1977ع ۽ 1983ع ۾ مختصر عرصن لاءِ بٺوري، لاڏيون ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد پڻ رهيو.
    پرويز کي سندس لکڻين جي مڃتا طور ”سوجهرو ايوارڊ“ ۽ ”سنگت ايوارڊ“ پڻ مليا آهن.

    پرويز جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هيٺين ريت آهي

    1- سُڻي سڏي (ڪهاڻيون 1978ع) 2-نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ (طويل چيني ڪهاڻي 1979ع) 3-پنڌاڙانگا پٻ جا (اوريان فلاسي جي جڳ مشهور ڪتاب، انٽرويو وٿ هسٽري تان پانا گولس جو انٽرويو ترجمو، 1986ع) 4-شاهراهه دهلي (سڀاش چندر بيس جون تقريرون - ترجمو 1988ع) 5-فلسطين جدوجهد آزاد (ترجمو 1989ع) 6-رت جا ڦڙا (ڪهاڻيون 1989ع) 7-ڏونگر منجهه ڏيئو (بورس پوليواءِ جي ناول Story of a real man جوترجمو 1990ع) پيءَ جا ڌيءَ ڏي خط (نهرو جا اندرا گانڌيءَ کي خط)8-اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ جي ناول جو ترجمو 1998ع) وڃايل مُرڪ (ڪهاڻيون-2006ع) لڙڪن آجا نيڻ (ناول-2006ع) –ماڃرجي حور (ڪهاڻيون-2007ع) منهنجو پاڻي بند نه ڪجان (ڪهاڻيون-2007ع) دل جي دري (ڪهاڻيون-2008ع) پيهي جان پاڻ ۾ (آتم ڪهاڻي ـ 2010ع) ۽ ڳوڙهن جا ڪبوتر (2011ع) شامل آهن.


    جي - ايم - سيد

    ”مان چاهيان ٿو ته جي-ايم-سيد تي هڪ نظم لکان،هي وحدت الوجودي، هي صوفي لاڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ۽ پڪو پختو ديش ڀڳت، هي ماکيءَ کان مٺڙو ۽ وهه کان ڪڙو ماڻهو مون کي هڪ جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي، جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي، تڏهن هن جي ڇانوَ وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي. مون ان ڇانوَ ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن. پر مان ان وقت جي انتظار ۾ آهيان، جڏهن عقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي تتل سج کي تيز نظرن سان گهوريندا ڏسندا.“
    اهي لفظ سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز، سنڌ جي هڪ ٻي عظيم انسان محترم جي-ايم-سيد جي باري ۾ لکيا آهن.

    جنم
    غلام مرتضى شاهه سيد، جنهن کي عام طورتي جي-ايم-سيد جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو ويندو آهي. 17جنوري 1904ع تي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ”سن“ تعلقي ڪوٽڙي ۾،سيد محمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سيد صاحب اڃا ٻن سالن جو مس هو، جو سندس والد کي خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ سال کانپوءِ سندس وڏو ڀاءُ احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو.

    تعليم
    جي-ايم-سيد ابتدائي تعليم، سنڌي ڇهه درجا ماستر ڌرمداس، ماستر ريواچند ۽ ماستر وشنمل وٽ پڙهائين. عربي ۽ فارسي تعليم مولوي محمد هاشم سنائي، مولوي محمد صالح سيال ۽ مولوي الله بخش وٽ حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم مولوي حامد علي هالاڻيءَ واري وٽ پڙهيائين.

    سياست ۾ دلچسپي
    جي-ايم-سيد اڃا چوڏهن سالن جو مس هو، جو قوم ۽ وطن جي عشق جي شروعات ٿي. 1919ع ۾ پاڻ ”لاڙڪاڻه خلافت ڪانفرنس“ ۾ شامل ٿيو ۽ پاڻ انهيءَ کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هڪئي مهيني اندر پنهنجي ڳوٺ سن ۾ مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت هيٺ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ ڪيترن ئي ناليوارن خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
    1921ع ۾ هن مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي ’انجمن سادات مٽياري‘ جوبنياد وڌو، جنهن جو مقصد، مٽياري سيدن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي حالتن کي بهتر بنائڻ هو. ائين سيد صاحب جي سياسي ۽ سماجي خدمتن جي شروعات ٿي، جنهن جا اثر پوءِ نه رڳو سنڌ، پاڪستان، پر سڄي برصغير تي پيا.
    سيد صاحب پنهنجون سرگرميون رڳو ’انجمن سادات مٽياري‘ تائين محدود نه رکيون، پر 1924ع ۾ جيڪا صوبائي تعليمي ڪانفرنس، حيدرآباد ۾، سرابراهيم رحمت الله جي صدارت هيٺ ٿي، ان ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتائين ۽ عملي طور تي26-1925ع ڌاري سن ۾ انگريزي اسڪول ۽ نائيٽ اسڪول کولائي، بورڊنگ هائوس جو بنياد وڌائين. تنهن کان سواءِ پنهنجي جد بزرگوار ’سيد حيدر شاهه سنائي‘ جي سالياني عرس کي به عوام جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي ترقي جي لاءِ هڪ تنظيمي ڪانفرنس ۾ بدلائي ڇڏيائين.
    جي-ايم-سيد 1925ع ۾ پهرين تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر، پوءِ پريزيڊنٽ ۽ اڳتي هلي 1929ع ۾ ضلع لوڪل بورڊ، ڪراچي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پوءِ پريزيڊنٽ چونڊيو. پاڻ ڪراچي لوڪل بورڊ جي ميمبري توڙي پريزيڊنٽيءَ جي سڄي عرصي ۾ هر قسم جا عوام جي سماجي ڀلائي واسطي ڪم ڪيائين.
    اڳتي هلي 1930ع ڌاري، هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ ميرپور خاص ۾ مسٽر جمشيد مهتا، گوڪلي، ڄيٺمل، پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالقادر بلوچ سان گڏجي ’هاري ڪميٽيءَ‘ جو بنياد وڌائين.
    1930ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو نئون دور شروع ٿيو ۽ ڪانگريس ملڪ جي مڪمل آزادي جو ٺهراءُ بحال ڪيو. پاڻ يڪدم انهيءَ هلچل ۾ ۽ ڪانگريس جي سڄي پروگرام ۾ ڀرپور حصو ورتائين. 1931ع ۾ سڀاش چندر بوس ۽ سردار ڀڳت سنگهه جي قائم ڪيل ”يوٿ ليگ“ جو ميمبر بنيو.
    سنڌ، بمبئي کان جدا ٿي ته پاڻ هندن ۽ مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششن واسطي ’اتحاد پارٽيءَ‘ جي نالي سان سياسي جماعت قائم ڪرائي، ان جي پليٽ فارم تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪانگريس جي رويي کان مايوس ٿي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 1938ع کان وٺي هو سنڌ مسلم ليگ جو پرجوش ۽ سرگرم صدر ٿي رهيو ۽ سنڌ جي اسيمبليءَ ۾ سڄي هندستان ۾ سڀ کان پهرين پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين. جڏهن پاڪستان بنجڻ جو وقت آيو ته جناح صاحب کيس ۽ سندس ترقي پسند ساٿين کي گرم ۽ کاٻي ڌر وارا سمجهي مسلم ليگ مان ئي ڪڍي ڇڏيو.

    سنڌي ادب لاءِ ڪوششون
    جي-ايم-سيد کي، سنڌي ثقافت ۽ ادب جي لاءِ وڏو عشق هو. مارچ 1940ع ۾ جڏهن پاڻ ڪجهه عرصي جي لاءِ وزير تعليم ٿيو ته ’سنڌ يونيورسٽي‘ برپا ڪرڻ جي لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائين ۽ ’سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر‘ برپا ڪيائين. اڳتي هلي انهيءَ بورڊ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان مستقل ۽ آزاد حيثيت ڏياريائين. جنهن جو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ وڏو ڪردار رهيو آهي.

    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
    سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائيندڙ محترم جي-ايم-سيد، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مستقل جي ڳڻ ڳوت ڪندي ’ڪراچي‘ کي سنڌ کان ڌار ڪري ’پاڪستان‘ جي گاديءَ جو هنڌ بنائڻ جي اسڪيم جي مخالفت ڪئي ۽ قوم کي انهيءَ سازش کي ناڪام بنائڻ واسطي سنڌ جي دوري تي نڪتو ته کيس 18جون 1948ع تي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽي مهينا بند رکي 18آگسٽ 1948ع تي آزاد ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن خود غرض سياستدانن ون يونٽ جي رٿا ٺاهي سنڌ کي دائمي، پنجاب جي غلاميءَ ۾ ڏيڻ جا جتن ڪيا ته سيد صاحب، سنڌي قوم کي سندس وجود خلاف ٿيندڙ سازشن کان آگاهه ڪيو ۽ منصوبي جي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو، جنهن کان گهٻرائجي حڪومت ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ ۾ 3نومبر 1954ع ۾ سيد کي گرفتار ڪري ورتو. ون يونٽ ٺهڻ جي ٻن سالن اندر ئي سيد صاحب وڏين ڪوششن سان، سندن ئي خالقن هٿان، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ”ون يونٽ“ جي خاتمي ۽ صوبن جي بحاليءَ جي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو.
    آڪٽوبر 1958ع ۾ جڏهن ايوب خان ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪئي ته جي-ايم-سيد کي گرفتار ڪري هڪ سال چار مهينا سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ قيد رکيو. پوءِ صحت جي خرابي جي بنياد تي گهر ۾ ڇهه سال ٽي مهينا نظربند رکي 12فيبروري 1966ع تي آزاد ڪيو.
    آزاد ٿيڻ کان پوءِ سيد صاحب ”بزم صوفياءِ سنڌ“ ٺاهي عوام ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ جي صوفين جي درگاهن تي ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ڪوٺائي، عوام ۾ سياسي، ثقافتي ۽ قومي جاڳرتا واسطي ڪم شروع ڪيائين، ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ جي پليٽ فارم تان سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون. پوءِ کيس 23 جون 1967ع تي گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو.اها نظر بندي ٻه سال اٺ مهينا هلي ۽ 26 جنوري 1969ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.
    جڏهن بنگلاديش ۾ فوجي قدم کنيو ويو ته اُن وقت فوجي آپريشن هلندي، سائين جي-ايم-سيد کي 18 مئي 1971ع ۾ گهر ۾ اٺ مهينا نظربند رکي، ڊسمبر 1917ع ۾ بنگلاديش جي ٺهڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.
    جڏهن 1972ع ۾ ’سنڌي ٻوليءَ بل‘ کان پوءِ، سنڌي زبان جي خلاف غنڊه گرديءَ جو مظاهرو ٿيو، ان وقت سيد صاحب، سنڌي عوام کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ منظم ۽ متحد ڪرڻ خاطر سنڌ جي دوري تي نڪتو. انهيءَ ۾ کيس مسلم ڪاليج اندر بم اڇلائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر جڏهن قاتلانه حملن هوندي به پنهنجو پروگرام منسوخ نه ڪيو ته کيس آگسٽ 1972ع ۾ گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيائون ۽ پنج مهينا نظربند رکڻ کان پوءِ کيس جنوري 1973ع ۾ آزاد ڪيو ويو. چئن مهينن کان پوءِ کيس 6مئي 1973ع تي ٻيهر گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ اها نظربندي چوڏهن سال هلي ۽ کيس 1987ع ۾ آزاد ڪيو ويو. ڊسمبر 1987ع پاڻ بيمار هوندي به سنڌ جي دوري تي نڪتو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 1988ع جي شروع ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. آڪٽوبر 1988ع ۾ سيد وري، سنڌ جي دوري تي نڪتو، پر کيس هٿرادو جهنڊي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1990ع ۾ کيس نگران حڪومت آزاد ڪيو. 1992ع ۾ وري، نشتر پارڪ ڪراچي ۾ سالگرهه ملهائڻ جي ڏوهه ۾ نظربند ٿيو، جيڪا نظربندي وفات تائين قائم رهيس. قيد دوران کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو.
    سائين جي-ايم-سيد 25 اپريل 1995ع ۾ ڊگهي علالت کان پوءِ جناح اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪئي.

    تصنيف ۽ تاليف
    جي-ايم-سيد هڪ وڏو اديب ۽ تاريخ نويس هو. هو سڄو صوفي رنگ ۾ رچيل هو. کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان شيخ اياز جي لفظن ۾: ”ائين پيار ڪندوآهي، جيئن ڪوئي ٻار، ڪنهن جيئري ڪوسي ڪُک سان ڪندو آهي.“
    جي-ايم-سيد جي لکيل ڪتابن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
    (1)اهي ڪتاب جيڪي هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين ۽ تجربن کي پوءِ، ملڪي ۽ قومي سياست جي باري ۾ جيڪي ڪجهه مشاهدو ڪيو، انهن کي پنهنجن تجربن جي روشنيءَ ۾ قلمبند ڪيو.
    (2)پنهنجي تاريخي، مذهبي ۽ فلسفي جي بنياد جي آڌار تي، سندس جيڪا ذهني ۽ روحاني تربيت ٿي، ۽ ”وحدت ۾ ڪثرت، ٿي وحدت ڪثرت ڪل“ جي نظريي ۽ انهن جي پرچار واسطي لکيائين.
    سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
    (1)محال مانجهند جو تعليمي ۽ تنظيمي پروگرام، (2)انتظامي کاتي کان عدالتي کاتي جي جدائي ، (3)پاڪستان ۽ مسلمان (ترجمو)، (4)نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، (5)پيغام لطيف، (6)جيئن ڏٺو آهي مون، (7)جديد سياست جا نو رتن، (8)سنڌ جا سورما، (9)موجوده سياسي مسئلا، (10)جنب گذاريم جن سين (ٻه ڀاڱا)، (11)رهاڻ (ميران محمد شاهه جا خط)، (12)شاهه لطيف جون ڪافيون ۽ وايون، (13)سنڌ جي بمبئي کان جدائي، (14)خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشديءَ جا)، (15)ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ، آءِ قاضي جا خط)، (16)سنڌي ڪلچر، (17)بزم صوفياءِ سنڌ جا خطبا، (18)چونڊ سياسي مضمون ۽ تقريرون، (19)ديارِ دل ۽ داستان محبت، (20)پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ، (21)چونڊ ادبي مضمون، (22)جديد مشاهير عالم، (23)اسلامي سربراهه ڪانفرنس، (24)جناح صاحب سان لکپڙهه (اڻ ڇپيل)، (25)ڪجهه خط (سنڌ ۽ هند جي سياستدانن ۽ ڪارڪنن جاخط)، (26)تاريخ متعلوي سادات، (27)واڄٽ ويراڳين جا (محمد امين کوسي جاخط) ٻه ڀاڱا، (28)سنڌو جي ساڃاهه (ٻه جلد)، (29)شهيدان سنڌ، (30)مٽياري سيدن جي تاريخ، (31)رهبر، (32)مسلم ليگ کان جدائي، (33)سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ؟، (34)اڄ پڻ چڪيم چاڪ (خط)، (35)قوميت جي مسئلو، (36)جديد عالمي سياست، (37)هاڻ پاڪستان ٽٽڻ گهرجي، (38)رهنما اصول، (39)سنڌ جا مسئلا، (40)سنڌ جي ڪهاڻي ،(41)خطبات سيد، (42)ون يونٽ جي ڪهاڻي ، (43)سنڌ ڳالهائي ٿي، (44)پاڪستان جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي طائرانه نظر، (45)مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟ وغيره.
    مٿين ڪتابن مان اڪثر ڪتابن جا اردو ۽ انگريزي ترجما پڻ ڇپجي چڪا آهن.


    جمال ابڙو

    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ جن ليکڪن، جديد سنڌي افساني کي جنم ڏنو، انهن ۾ جمال ابڙو نمايان حيثيت رکي ٿو. سنڌي ڪهاڻي ۽ افساني جو ڪوبه تذڪرو جمال ابڙي جي افسانن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پورو ئي هوندو.

    سوانح
    جمال ابڙي جو جنم 10اپريل 1925ع تي ڳوٺ سانگي، تعلقي ميهڙ ، ضلع دادو ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو علي خان ابڙو هو. جيڪو هڪ مشهور اديب ۽ تعليمي ماهر هو ۽ هن جون تعليمي ميدان ۾ وڏيون خدمتون هيون. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ ڇپيل آهن ۽ سندس قرآن شريف جو بامحاوره ترجمو ”تفسير المنير“، سنڌي ۾ گهڻو وڪامجندڙ ۽ پڙهجندڙ آهي.
    جمال ابڙي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. پوءِ ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ به پڙهيو، ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب علي خان ابڙو 1930ع ڌاري ميهڙ مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهڻ شروع ڪيو. جمال ابڙي 1941ع ۾ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽي، ڪاليجي تعليم ڊي-جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان، 42-1941ع، بهاوالدين ڪاليج جهوناڳڙهه، 43-1942ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ايل ايل بي 1948ع ۾ ايس-ايم-لا ڪاليج، ڪراچي مان ڪئي.
    جمال ابڙي پهرين 1948ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ شمس الدين سان گڏجي وڪالت شروع ڪئي. اهڙي طرح 1949ع کان 1951ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر شهداد ڪوٽ به رهيو. 1952ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي جج چونڊيو. پهرين کپري، (سانگهڙ) کان نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ ترقي جا ڏاڪا طئي ڪندو سيشن جج جي عهدي تي پهتو. 1956ع کان 1958ع تائين شڪارپور ۾ مئجسٽريٽ، 1961ع تائين بحيثيت جج خيرپور ميرس ۽ 1965ع تائين سجاول ۾ جج جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 1972ع کان وٺي 1978ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري رهيو. تنهن کان پوءِ 1978ع کان وٺي 1980ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 81-1980ع وارو عرصو ميمبر فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن اسلام آباد، 82-1981ع رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ، 84-1982ع ليبر ڪورٽ جو جج، وري 85-1984ع سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ، وري 85-1984ع سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي ۽ 86-1985ع چيئرمين انڪوائري ۽ ائنٽي ڪرپشن حڪومت سنڌ جهڙن اهم قانوني عهدن تي رهيو. 10اپريل 1986ع تي 34سال لڳاتار نوڪري ڪرڻ کان رٽائرڊمينٽ حاصل ڪيائين. پاڻ پنهنجي نوڪريءَ واري دور جو ۽ واسطو پوندڙ ماڻهن نهايت دلچسپ احوال پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيو اٿس.

    ادبي سفر
    جمال ابڙي جو ادبي سفر، سنڌي ڪهاڻي جو سفر آهي. سندس لکڻ جي شروعات هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي کان ڪهاڻي لکڻ سان ٿي. سندس پهرين ڪهاڻي ”هو حُر هيو“ آهي، جيڪا 1949ع ۾ هفتيوار ”طوفان“ حيدرآباد ۾ شايع ٿي. پان مختلف وقتن ۽ حالتن جي اثر هيٺ وقت بوقت ڪهاڻيون لکندو رهيو. سندس ڪهاڻين ۾ ”پشو پاشا“، جيڪا اياز قادري جي ڪهاڻي ”بلودادا“ کان متاثر ٿي لکيائين. انهيءَ سلسلي ۾ مهراڻ (1/1956) ۾ لکيل پنهنجي خط ۾ انهيءَ افساني بابت وضاحت ڪندي جمال ابڙو لکي ٿو:
    ”مون ’پشو‘، ’بلودادا‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ کان متاثر ٿي لکيو. منهنجو پشو نه ڌاڙيل آهي، نه داداگير، پر هڪ سنڌو سنئون انسان آهي. آهن ته اهي ٽيئي هڪڙي ئي ماحول جي پيدائش، پر صرف ان ڪري اسان جي ساڻن همدردي ٿئي ڇا؟ ائين ته وڏيرو ۽ سيٺ به انهيءَ ماحول جي پيدائش آهن، پر انهن کي ولين ڪري ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي؟ پوءِ ته اسان جي همدردي وڏيري ۽ سيٺ سان به هئڻ گهرجي. اسين ته مُنجهي ٿا پئون! ڇاڪاڻ ته هڪ انسان مسڪين آهي، تنهن ڪري ۽ صرف تنهن ڪري هو رحم جي لائق آهي ڇا؟ دل اها ڳالهه نٿي مـڃي.“
    تنهن کان پوءِ جمال ابڙي ٻيا به افسانا لکيا. جهڙوڪ: ”پيراڻي“، ”شاهه جو ڦر“، ”منهن ڪارو“،” خميسي جو ڪوٽ“، ”ماءُ جي جهولي“وغيره شامل آهن.
    جمال ابڙِي جي هڪ ٻي افساني ”شاهه جي ڦر“ جي باري م سنڌي ٻوليءَ جي سدابهار ليکڪ شيخ حفيظ پنهنجي تبصري (مهراڻ 1/1956)۾ لکيو:
    ”منهنجي خيال ۾ ’مهراڻ‘ ۾ هن وقت تائين جيڪي به افسانا ڇپيا آهن، تن ۾ ”شاهه جو ڦر“ سڀ کان سٺو آهي. ايئن کڻي چوان ته گذريل ٻن چئن سالن ۾ ، سنڌ اندر ،سنڌي زبان ۾ جيڪي افسانا لکيا ويا آهن، تن ۾ هي بهترين آهي.“
    جمال ابڙي جي افساني ”پشو پاشا“ جي باري ۾ رسول بخش پليجي ”مهراڻ“ ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو:
    ”افساني جي عبارت ۽ ٻولي نهايت حسين ۽ لطف ڀري آهي ۽ واقعات نگاري بيحد چڀندڙ آهي. مجموعي طور افسانو هڪ دلبري واري ڪوشش آهي، جا ناڪام ثابت ٿيڻ جي باوجود يقيناً نين ۽ اڳي کان وڌيڪ ڪاميابين جو پيش خيمو ثابت ٿيندي.“
    جمال ابڙي جا اهي افسانا سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. جمال ابڙي ڪل 17افسانا لکيا، پر اهي سڀئي افسانا، سنڌي ادب جو اهم ۽ قيمتي سرمايو ليکيا وڃن ٿا.
    سندس انهن مختصر افسانن جو مجموعو ”پشو پاشا“ جي نالي سان پهريون ڀيرو 1959ع ۾ ٻيو ڀيرو ”بدمعاش“ جي نالي سان 1972ع ۾، ٽيون ڀيرو ڪراچي يونيورسٽي پاران ۽ چوٿون ڀيرو سندس سڀني ڪهاڻين ۽ مضمونن کي گڏي سنڌ ثقافت کاتي پاران ”جمال ابڙو: ڪهاڻيون، مضمون ۽ شخصيت“ جي نالي سان 1992ع ۾ ڇپايو ويو. جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”پشو پاشا“ جو پنجابيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي، جيڪو ”پنجابي ادبي بورڊ، لاهور“ پاران ڇپرايو ويو. انهيءَ جو پنجابيءَ ۾ ترجمو ’محسن عباسيءَ‘ ڪيو.
    ”پشو پاشا “ جي پهرينءَ ڇاپي جي مهاڳ ۾ اُستاد محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙي جي افسانن جو جائزو وٺندو لکي ٿو:
    ”جمال جي افسانن ۾ بهرحال زندگي جي مسئلن جي ڇيڙي نبيري جو هڪ عجيب مهر ڀريو اندازموجود ڏسجي ٿو ۽ هڪ ڪامياب افسانه نگار لاءِ هيءَ هڪڙي ڳالهه لک جي برابر آهي ته هن جي دل ۾ زندگيءَ لاءِ محبت ۽ احترام جا جذبا موجود هجن ۽ کيس زندگيءَ ۾ ڀرپور اعتقاد هجي.“
    جمال ابڙِي کي مختلف شعبن ۾ پڻ سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان آهي. 17 آڪٽوبر 1956ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏايو ويو ته پاڻ انهيءَ ۾ به شريڪ هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي شاخ تاج محمد ابڙي سان گڏجي قائم ڪئي. سنڌي ادبي سنگت کان اڳ، ترقي پسند اديبن جون گڏجاڻيون، جيڪي ليسلي ولسن هاسٽل (جناح ڪورٽس) ۾ ٿينديون رهيون، جمال ابڙو تن ۾ به شريڪ ٿيندو هو. پاڻ ”سچل اڪيڊمي خيرپور“ جي باني ميمبرن مان ۽ 1959ع ۾ انهي جو باني صدر پڻ رهيو. جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو ته هن کيس يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ نامزد ڪيو. 1974ع ۾ ايفروايشين رائيٽرس ڪانفرنس الماٽا (اڳوڻي سوويت يونين ۾ ) ٿي، انهي ۾ فيض احمد فيض، سجاد ظهير، اُتم ۽ ٻيا شامل هئا. انهيءَ ڪانفرنس دوران سجاد ظهير وفات ڪئي ۽ فيض احمد فيض جيڪو وفد جو اڳواڻ هو، سو لاش سان گڏ دهلي ويو. ان جي غير موجودگيءَ ۾ جمال ابڙِي پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي.
    جمال ابڙو ذهني طرح خاڪسار ۽ هاري تحريڪ سان ويجهو رهيو. مختلف موقعن تي انهن تنظيمن لاءِ ڪم پڻ ڪيائين. تنهن کان سواءِ، مختلف وقتن تي ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ”سنڌ الاجيءَ“ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. سندس ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس 1994ع ۾ حڪومت پاران، صدر پاڪستان ”پرائڊ آف پرفارمنس“ ايوارڊ پڻ ڏنو.
    جمال ابڙي پنهنجي زندگي ڀر جي مشاهدي ۽ مطالعي جو نچوڙ پنهنجي آتم ڪهاڻي جي پنجن ڀاڱن ۾ بيان ڪيو آهي، جن جا نالا آهن: (1)ڏسي ڏوهه اکين سين، (2)اونهي ڳالهه اسرار جي، (3)ٿوهر ۾ ڳاڙها گل، (4) ايندو نه وري هي وڻجارو، (5)مرپيا مينهن وسن.
    سراج جي لفظن ۾:
    ”جمال، سنڌي ادب جي انهن سُتونن مان آهي، جيڪي نه رڳو ادب جي ڀرجهلي ۽ ٽيڪ جو ڪم ڏين ٿا، پر ادب جي عمارتن کي بازنطيني حسن به بخشيندا آهن. اڄ جي مختصر ڪهاڻي جي ارتقا جمال کان سواءِ جيڪڏهن سمجهڻ ناممڪن نه ته محال ضرور آهي.“
    جمال ابڙي 30جون 2004ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچي ۾ دفنايو ويو.


    جمال ابڙو

    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ جن ليکڪن، جديد سنڌي افساني کي جنم ڏنو، انهن ۾ جمال ابڙو نمايان حيثيت رکي ٿو. سنڌي ڪهاڻي ۽ افساني جو ڪوبه تذڪرو جمال ابڙي جي افسانن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پورو ئي هوندو.

    سوانح
    جمال ابڙي جو جنم 10اپريل 1925ع تي ڳوٺ سانگي، تعلقي ميهڙ ، ضلع دادو ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو علي خان ابڙو هو. جيڪو هڪ مشهور اديب ۽ تعليمي ماهر هو ۽ هن جون تعليمي ميدان ۾ وڏيون خدمتون هيون. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ ڇپيل آهن ۽ سندس قرآن شريف جو بامحاوره ترجمو ”تفسير المنير“، سنڌي ۾ گهڻو وڪامجندڙ ۽ پڙهجندڙ آهي.
    جمال ابڙي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. پوءِ ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ به پڙهيو، ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب علي خان ابڙو 1930ع ڌاري ميهڙ مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهڻ شروع ڪيو. جمال ابڙي 1941ع ۾ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽي، ڪاليجي تعليم ڊي-جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد مان، 42-1941ع، بهاوالدين ڪاليج جهوناڳڙهه، 43-1942ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ايل ايل بي 1948ع ۾ ايس-ايم-لا ڪاليج، ڪراچي مان ڪئي.
    جمال ابڙي پهرين 1948ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ شمس الدين سان گڏجي وڪالت شروع ڪئي. اهڙي طرح 1949ع کان 1951ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر شهداد ڪوٽ به رهيو. 1952ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي جج چونڊيو. پهرين کپري، (سانگهڙ) کان نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ ترقي جا ڏاڪا طئي ڪندو سيشن جج جي عهدي تي پهتو. 1956ع کان 1958ع تائين شڪارپور ۾ مئجسٽريٽ، 1961ع تائين بحيثيت جج خيرپور ميرس ۽ 1965ع تائين سجاول ۾ جج جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 1972ع کان وٺي 1978ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري رهيو. تنهن کان پوءِ 1978ع کان وٺي 1980ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 81-1980ع وارو عرصو ميمبر فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن اسلام آباد، 82-1981ع رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ، 84-1982ع ليبر ڪورٽ جو جج، وري 85-1984ع سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ، وري 85-1984ع سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي ۽ 86-1985ع چيئرمين انڪوائري ۽ ائنٽي ڪرپشن حڪومت سنڌ جهڙن اهم قانوني عهدن تي رهيو. 10اپريل 1986ع تي 34سال لڳاتار نوڪري ڪرڻ کان رٽائرڊمينٽ حاصل ڪيائين. پاڻ پنهنجي نوڪريءَ واري دور جو ۽ واسطو پوندڙ ماڻهن نهايت دلچسپ احوال پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيو اٿس.

    ادبي سفر
    جمال ابڙي جو ادبي سفر، سنڌي ڪهاڻي جو سفر آهي. سندس لکڻ جي شروعات هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي کان ڪهاڻي لکڻ سان ٿي. سندس پهرين ڪهاڻي ”هو حُر هيو“ آهي، جيڪا 1949ع ۾ هفتيوار ”طوفان“ حيدرآباد ۾ شايع ٿي. پان مختلف وقتن ۽ حالتن جي اثر هيٺ وقت بوقت ڪهاڻيون لکندو رهيو. سندس ڪهاڻين ۾ ”پشو پاشا“، جيڪا اياز قادري جي ڪهاڻي ”بلودادا“ کان متاثر ٿي لکيائين. انهيءَ سلسلي ۾ مهراڻ (1/1956) ۾ لکيل پنهنجي خط ۾ انهيءَ افساني بابت وضاحت ڪندي جمال ابڙو لکي ٿو:
    ”مون ’پشو‘، ’بلودادا‘ ۽ ’شيدو ڌاڙيل‘ کان متاثر ٿي لکيو. منهنجو پشو نه ڌاڙيل آهي، نه داداگير، پر هڪ سنڌو سنئون انسان آهي. آهن ته اهي ٽيئي هڪڙي ئي ماحول جي پيدائش، پر صرف ان ڪري اسان جي ساڻن همدردي ٿئي ڇا؟ ائين ته وڏيرو ۽ سيٺ به انهيءَ ماحول جي پيدائش آهن، پر انهن کي ولين ڪري ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي؟ پوءِ ته اسان جي همدردي وڏيري ۽ سيٺ سان به هئڻ گهرجي. اسين ته مُنجهي ٿا پئون! ڇاڪاڻ ته هڪ انسان مسڪين آهي، تنهن ڪري ۽ صرف تنهن ڪري هو رحم جي لائق آهي ڇا؟ دل اها ڳالهه نٿي مـڃي.“
    تنهن کان پوءِ جمال ابڙي ٻيا به افسانا لکيا. جهڙوڪ: ”پيراڻي“، ”شاهه جو ڦر“، ”منهن ڪارو“،” خميسي جو ڪوٽ“، ”ماءُ جي جهولي“وغيره شامل آهن.
    جمال ابڙِي جي هڪ ٻي افساني ”شاهه جي ڦر“ جي باري م سنڌي ٻوليءَ جي سدابهار ليکڪ شيخ حفيظ پنهنجي تبصري (مهراڻ 1/1956)۾ لکيو:
    ”منهنجي خيال ۾ ’مهراڻ‘ ۾ هن وقت تائين جيڪي به افسانا ڇپيا آهن، تن ۾ ”شاهه جو ڦر“ سڀ کان سٺو آهي. ايئن کڻي چوان ته گذريل ٻن چئن سالن ۾ ، سنڌ اندر ،سنڌي زبان ۾ جيڪي افسانا لکيا ويا آهن، تن ۾ هي بهترين آهي.“
    جمال ابڙي جي افساني ”پشو پاشا“ جي باري ۾ رسول بخش پليجي ”مهراڻ“ ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکيو:
    ”افساني جي عبارت ۽ ٻولي نهايت حسين ۽ لطف ڀري آهي ۽ واقعات نگاري بيحد چڀندڙ آهي. مجموعي طور افسانو هڪ دلبري واري ڪوشش آهي، جا ناڪام ثابت ٿيڻ جي باوجود يقيناً نين ۽ اڳي کان وڌيڪ ڪاميابين جو پيش خيمو ثابت ٿيندي.“
    جمال ابڙي جا اهي افسانا سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. جمال ابڙي ڪل 17افسانا لکيا، پر اهي سڀئي افسانا، سنڌي ادب جو اهم ۽ قيمتي سرمايو ليکيا وڃن ٿا.
    سندس انهن مختصر افسانن جو مجموعو ”پشو پاشا“ جي نالي سان پهريون ڀيرو 1959ع ۾ ٻيو ڀيرو ”بدمعاش“ جي نالي سان 1972ع ۾، ٽيون ڀيرو ڪراچي يونيورسٽي پاران ۽ چوٿون ڀيرو سندس سڀني ڪهاڻين ۽ مضمونن کي گڏي سنڌ ثقافت کاتي پاران ”جمال ابڙو: ڪهاڻيون، مضمون ۽ شخصيت“ جي نالي سان 1992ع ۾ ڇپايو ويو. جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”پشو پاشا“ جو پنجابيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي، جيڪو ”پنجابي ادبي بورڊ، لاهور“ پاران ڇپرايو ويو. انهيءَ جو پنجابيءَ ۾ ترجمو ’محسن عباسيءَ‘ ڪيو.
    ”پشو پاشا “ جي پهرينءَ ڇاپي جي مهاڳ ۾ اُستاد محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙي جي افسانن جو جائزو وٺندو لکي ٿو:
    ”جمال جي افسانن ۾ بهرحال زندگي جي مسئلن جي ڇيڙي نبيري جو هڪ عجيب مهر ڀريو اندازموجود ڏسجي ٿو ۽ هڪ ڪامياب افسانه نگار لاءِ هيءَ هڪڙي ڳالهه لک جي برابر آهي ته هن جي دل ۾ زندگيءَ لاءِ محبت ۽ احترام جا جذبا موجود هجن ۽ کيس زندگيءَ ۾ ڀرپور اعتقاد هجي.“
    جمال ابڙِي کي مختلف شعبن ۾ پڻ سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان آهي. 17 آڪٽوبر 1956ع ۾ جڏهن سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏايو ويو ته پاڻ انهيءَ ۾ به شريڪ هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي شاخ تاج محمد ابڙي سان گڏجي قائم ڪئي. سنڌي ادبي سنگت کان اڳ، ترقي پسند اديبن جون گڏجاڻيون، جيڪي ليسلي ولسن هاسٽل (جناح ڪورٽس) ۾ ٿينديون رهيون، جمال ابڙو تن ۾ به شريڪ ٿيندو هو. پاڻ ”سچل اڪيڊمي خيرپور“ جي باني ميمبرن مان ۽ 1959ع ۾ انهي جو باني صدر پڻ رهيو. جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو ته هن کيس يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ نامزد ڪيو. 1974ع ۾ ايفروايشين رائيٽرس ڪانفرنس الماٽا (اڳوڻي سوويت يونين ۾ ) ٿي، انهي ۾ فيض احمد فيض، سجاد ظهير، اُتم ۽ ٻيا شامل هئا. انهيءَ ڪانفرنس دوران سجاد ظهير وفات ڪئي ۽ فيض احمد فيض جيڪو وفد جو اڳواڻ هو، سو لاش سان گڏ دهلي ويو. ان جي غير موجودگيءَ ۾ جمال ابڙِي پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي.
    جمال ابڙو ذهني طرح خاڪسار ۽ هاري تحريڪ سان ويجهو رهيو. مختلف موقعن تي انهن تنظيمن لاءِ ڪم پڻ ڪيائين. تنهن کان سواءِ، مختلف وقتن تي ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۽ ”سنڌ الاجيءَ“ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو. سندس ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس 1994ع ۾ حڪومت پاران، صدر پاڪستان ”پرائڊ آف پرفارمنس“ ايوارڊ پڻ ڏنو.
    جمال ابڙي پنهنجي زندگي ڀر جي مشاهدي ۽ مطالعي جو نچوڙ پنهنجي آتم ڪهاڻي جي پنجن ڀاڱن ۾ بيان ڪيو آهي، جن جا نالا آهن: (1)ڏسي ڏوهه اکين سين، (2)اونهي ڳالهه اسرار جي، (3)ٿوهر ۾ ڳاڙها گل، (4) ايندو نه وري هي وڻجارو، (5)مرپيا مينهن وسن.
    سراج جي لفظن ۾:
    ”جمال، سنڌي ادب جي انهن سُتونن مان آهي، جيڪي نه رڳو ادب جي ڀرجهلي ۽ ٽيڪ جو ڪم ڏين ٿا، پر ادب جي عمارتن کي بازنطيني حسن به بخشيندا آهن. اڄ جي مختصر ڪهاڻي جي ارتقا جمال کان سواءِ جيڪڏهن سمجهڻ ناممڪن نه ته محال ضرور آهي.“
    جمال ابڙي 30جون 2004ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچي ۾ دفنايو ويو.


    ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

    ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي هڪ اهڙي انوکي شخصيت هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ علم سان گڏ عمل کي به اهميت ڏني. هو قلم جو ڌڻي ته هو ئي، پر ديش ۽ سماج جي بهبوديءَ لاءِ الڳ الڳ کيترن ۾ ڪم ڪندڙن جي صف ۾ به اڳرو رهيو.

    سوانح:
    ڄيـٺمل جو جنم آڪٽوبر 1885ع ۾ حيدرآباد جي عامل ڪٽنب ۾ ٿيو. پيءُ جي مالي حالت سٺي نه هئڻ جي ڪري هو ڪاليجي تعليم پرائي نه سگهيو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ ئي ورتي. ان بعد ثانوي تعليم ’نولراءِ هيرانند اڪيڊمي‘ مان پرايائين. 1902ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ بعد روزگار جي لحاظ کان ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ ڪتابن جو دڪان کوليو، ان بعد 1903ع ۾ ’نولراءِ هيرانند اڪيڊمي‘ ۾ ماستري شروع ڪيائين. 1910ع ۾ ”سنڌ مدرستھ الاسلام“ ۾ ڪجهه وقت ماستري ڪيائين ۽ پوءِ نيو هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو، پر اتان به 1911ع ۾ استعفيٰ ڏيئي ڇڏيائين ۽ راڄنيتي معاملن ۾ حصو وٺڻ لڳو. اڳتي هلي 1933ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ڪاليج ۾ هن 1941ع تائين پڙهايو. ڄيٺمل يارهن سالن جو هو جو هن پنهنجن ڪجهه دوستن سان گڏجي حيدرآباد ۾ ”هوپفل سوسائٽي“ نالي سان هڪ هم عمر ساٿين جي ٽولي برپا ڪئي. جنهن جو مقصد نوجوانن ۾ سٺن خيالن جو پرچار ڪرڻ هو.

    صحافتي ۽ ادبي خدمتون
    1911ع ۾ هيڊ ماستريءَ تان استعيفا ڏيڻ کانپوءِ هو سياست، صحافت، سنڌي ادب، ٻولي ۽ قومي تحريڪ ۽ سنڌ سڌار سندس زندگي جا مکيه مرڪز بڻجي ويا. ادب جي خدمت واسطي پنهنجي ننڍي هوندي جي دوست لالچند امر ڏني مل جڳتياڻي سان گڏ 1914ع ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ برپا ڪيائين. جنهن پاران 1914ع کان وٺي هڪ ماهوار ادبي رسالي جي شروعات ڪئي ويئي. هر مهيني هڪ ننڍڙو ٽيهن چاليهن صفحن جو ڪتاب شايع ڪيو ويندو هو. ان رسالي جو پهريون ڪتاب ”حرمکيءَ جا“ هو، جنهن جو ليکڪ لالچند امر ڏنو مل هو. لالچند انهي سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڄيٺمل رسالي جو ايڊيٽر هو.
    انهيءَ رسالي جو ماهوار پرچن سان گڏ، سوسائٽي هر سال ڪجهه وڏا ادبي ڪتاب به ڇپيندي هئي. جنهن جو پهريون ڪتاب ”شاهاڻو شاهه“ لالچند امر ڏني مل جو لکيل هو. 1914ع ۾ ماهوار پرچن جي صورت ۾ ڄيٺمل جا ٻه ڪتاب شايع ٿيا جيڪي آهن (1)هير رانجهو ۽ سمون ۽ گندري (2) مهاڀاري لڙائي. انهيءَ سلسلي جون پنجون نمبر ڪتاب به ڄيٺمل جو لکيل ”ڀائي ڪلاچند“ هو.
    ڄيٺمل 1917ع ۾ حيدرآباد مان ”هندواسي“ نالي هڪ روزاني سنڌي اخبار جاري ڪئي، جنهن جو مکيه مقصد هو سنڌي عوام ۾ قومي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ هوم رول جي آواز کي ڦهلائڻ. ڄيٺمل اسڪولي جيون ۾ ئي ائني بيسنت جي ٿياسافيڪل اصولن کان متاثر ٿي چڪو هو ۽ اڳتي هلي ائني بيسنت جي ”هوم رول“ جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لڳو هو. ”هندواسي“ ۾ ادبي ليک به شايع ٿيندا هئا، جن مان 1919ع ۾ جڏهن ”رولٽ ائڪٽ“ پاس ٿيو ته انهي جي خلاف تحريڪ شروع ٿي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ امرتسم ۾ ”جليانوالا باغ“ وارو خوني واقعو پيش آيو. انهي جي خلاف 16مئي 1919ع تي ڄيٺمل شاهه لطيف جي هڪ بيت کي کڻي پنهنجي ويچارن جو سرو بنايو ۽ زوردار ايڊيٽوريل لکيو. اها هيٺ ڏنل بيت جي آخر سٽ هئي:
    اڳيان اڏن وٽ، پونين سر سنباهيا
    ڪاٽ ته پوين قبول ۾، ڇڻ ڀائين گهٽ،
    مٿا مهاين جا، پيا ته ڏسين پٽ؟
    ڪلالڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.
    انهيءَ ايڊيٽوريل لکڻ تي ڄيٺمل کي گرفتار ڪيو ويو. کيس سورلي نالي هڪ انگريز جج جي روبرو پيش ڪيو ويو، جنهن کيس چار سال قيد جي سزا ڏني. اڳتي هلي سزا۾ ڪجهه گهٽتائي ٿيس. ڄيٺمل قيد جي سزا ڪاٽيندي، جيڪا جيل جي ڊائري لکي. اها پوءِ ”ترنگ جو تيرٿ“ جي نالي سان ڇپي. اها سنڌيءَ جي پهرين جيل ڊائري آهي.
    1921ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڄيٺمل ان اخبار جون ٻيهر اچي واڳون سنڀاليون، جنهن جو سندس جيل ۾ وڃن کانپوءِ نالو بدلائي ”ڀارت واسي“ رکيو ويو هو ۽ هو 1923ع تائين ان کي روزاني اخبار جي روپ ۾ هلائيندو رهيو. 1924ع ۾ هن ”ڀارت واسي“ کي هفتيوار اخبار بڻايو ۽ 1925ع تائين اها هلائيندو رهيو.

    روح رهاڻ جو اجراءَ
    جيل مان نڪرڻ کانپوءِ 1921ع ۾ هن ’روح رهاڻ‘ نالي سان ماهوار مخزن شروع ڪئي. انهيءَ ۾ گهڻو ڪري صوفي مت، ٿيا سافي، سناتن ڌرم جي فلاسافي ۽ انهيءَ جي ٻين ڌرمن جي اصولن سان ڀيٽ وغيره جي موضوعن تي مضمون شايع ٿيندا هئا. 1944ع تائين اها مخزن لڳاتار شايع ٿيندي رهي. پوءِ ٻه سال کن بند رهي. 1947ع ۾ ڄيٺمل اها وري جاري ڪئي، پر ورهاڱي سبب اها بند ٿي وئي.
    نئين سنڌي لئبرري
    1922ع ۾ ڄيٺمل ”نئين سنڌي لئبرري“ نالي سان هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. انهي سلسلي جو پهريون ڪتاب ”شاهه جون آکاڻيون“ (ڀاڱون پهريون) هو. ڪتاب جو ليکڪ خود ڄيٺمل ئي هو. پهرين سال ۾ جيڪي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. انهن مان ڪجهه آهن هئمليٽ (شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ترجمو)، دکي انسان (وڪٽر هيو گو جي ناول جو ترجمو)، ۽ سچل سرمست.
    انهيءَ ساڳئي سال (1922ع) ڄيٺمل ٻه ٻيا ڪتابي سلسلا جاري ڪيا، جن جانالا آهن ”سستو عمدو ساهت مالا“ ۽ ”برهم وديا مالا“، پهرين ڪتابي سلسلي هيٺ اصلوڪن لکيل ڪتابن سان گڏ، جدا جدا ٻولين جي ادب مان چونڊ شاهڪار رچنائون ترجمو ڪري ڇپيون وينديون هيون. ’برهم وديا مالا‘ هيٺ وري گهڻو ڪري ڌار ڌار مذهبن جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب، ٿياسافي، فلاسافي جا عام ننڍا ننڍا ڪتاب شايع ڪيا ويندا هئا. انهن ڪتابي سلسلن هيٺ ڄيٺمل سنڌي ۾ هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، جيڪا اُن زماني ۾ سنڌي ادب جي وڏي خدمت هئي.
    1923ع ۾ حيدرآباد ۾ ’رابيند ناٿ ڊراميٽڪ ڪلب‘ برپا ڪئي ويئي. جنهن جو پايو وجهندڙن ۾ ڄيٺمل به هو.هن ڪن ناٽڪن ۾ پاڻ به رول ادا ڪيو.
    1929ع ۾ هن ڪراچي مان ”سنڌ هيرلڊ“ نالي هفتيوار اخبار شروع ڪئي. انهيءَ سان گڏ گوپالداس ليکراج جي جاري ڪيل ”پرڪاش“ سنڌي اخبار جي پڻ ايڊيٽري ڪرڻ لڳو. 1931ع ۾ ”سنڌ هيرلڊ“ جوسنڌي روزاني اخبار جي روپ ۾ به ايڊيشن ڪڍڻ لڳو. اها اخبار 1932ع ۾ سرڪار پاران پريس ضبط ڪري نيلام ڪرڻ سبب بند ٿي ويئي.
    34-1933ع ڌاري ڄيٺمل هفتيوار اخبار ”سنڌڙي“ جو اعزازي ايڊيٽر به مقرر ٿيو.
    ڄيٺمل پرسرام سنڌي ٻولي جو ٺيٺ روپ قائم ڪرڻ لاءِ آواز اُٿاريو. 1940ع ۾ جڏهن علاما دائود پوٽي درسي ڪتابن ۾ اعرابن جو جيڪو عربي ٻوليءَ وارو طريقو اختيار ڪيو هو. انهي جي خلاف هلچل هلايائين، ڊسمبر 1940ع ۾ حيدرآباد ۾ ”سنڌي ساهت سڀا“ کولي ويئي، جنهن جو صدر ڄيٺمل ۽ سيڪريٽري ’موتي رام لڇيرام بٽاڻي‘ هئا. ان سڀا طرفان ڪيترائي پمفليٽ ڇپائي ورهايا ويا.
    پنهنجي وزارت واري دور ۾ محترم جي ايم سيد ”سنڌ يونيورسٽي“ برپا ڪرڻ جي لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي، ان ۾ ڄيٺمل پرسرام به ميمبر هو. تنهن کانسواءِ جي ايم سيد ”وزارت تعليم“ طرفان جيڪا ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار ڪميٽي“ (پوءِ سنڌي ادبي بورڊ) برپا ڪئي. ڄيٺمل کي انهيءَ ۾ ميمبر ڪري کنيو ويو.
    1947ع ۾ چوڏهين آگسٽ تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تي ڄيٺمل ڪراچي ۾ جناح صاحب جي آجيان ۾ ”سنڌ هيرلڊ“ جو خاص پرچو وڏي اهتمام سان شايع ڪيو. ان کان اڳ ۾ ئي سنڌ مان هنڌن جي لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي هئي.ان تي ڄيٺمل ٻين ڪن ساٿين سان گڏ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ هندن کي سمجهايو ته اوهين پنهنجي جنم ڀونءُ ڇڏي نه وڃو. ان مقصد ۾ ڄيٺمل ڪامياب نه ٿيو. ملڪي بگڙيل حالتن کي ڏسي هو دلگير ۽بيمار ٿي پيو. مارچ 1948ع ۾ ڄيٺمل جاساٿي کيس بيماري جي حالت ۾ زوري علاج واسطي بمبئي وٺي ويا. جت ڄيٺمل بيمار رهڻ کانپوءِ 6جولاءِ 1948ع تي پرلوڪ پڌاري ويو.

    ڄيٺمل جي ادبي حيثيت
    ڄيٺمل مکيه طور تي اخبارن ۽ مخزنن لاءِ لکندو هو، جنهن ڪري انهن جو هڪ وڏو تعداد انهن جي صفحن ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي تحقيق موجب ڄيٺمل جا مختلف موضوعن تي سٺ ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڇپيل آهن. انهن کي مکيه طور هيٺين ريت ورهاڱي سگهجي ٿو.

    (1) اصلوڪيون لکڻيون:
    مضمونن جي لحاظ کان اهي هن ريت آهن
    (الف) شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ ٻين صوفين، سنتن جي زندگي ۽ ڪلام جواڀياس.
    (ب) ٿيا سافي ۽ اپنشد جي فلاسافي ۽ جدا جدا مذهبن جي واقفيت.
    (ٻ)سياسي ۽ سماجي مسئلا
    (پ)يادگيريون
    (ڀ)ڪهاڻيون

    (2)ترجما ۽ اختصار
    (الف) مذهبي اڳواڻن، اوتارن ،فلاسافرن جا جيون چرتر.
    (ب)ٿياسافي جي مکيا مسئلا ۽ فلاسافي.
    (ٻ)هندستان ۽ يورپي ٻولين جي سٺن ڪتابن جا ترجما ۽ اختصار .
    ڄيٺمل جي ڇپيل ڪتابن جو وچور رهن ريت آهي.

    اصلوڪيون
    1- شاهه جون آکاڻيون (ڀاڱو پهريون 1922ع) 2- شاهه جون آکاڻيون (ڀاڱون ٻيو 1923ع) 3- شاهه جي آکاڻين جي سمجهاڻي 1923ع. هنن ٽنهي ڪتابن کي گڏي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي 1990ع ۾ ڄيٺمل جي زندگيءَ جي مفصل احوالن سان مرتب ڪري هندستان ۾ شاهه جون آکاڻيون جي نالي سان ڇپرايو. 4- سچل سرمست (1922ع) 5- هيررانجهو ۽ سمو گندري (1914ع)6- ڀائي ڪلاچند (1914ع)7- شاهه ڀٽائي جي حياتي (1915ع)8- ترنگ جو تيرٿ (جيل جون يادون) 9-چمڙا پوش جون آکاڻيون (1923ع) 10- ساميه واد (1926ع) 11- ميران، 12- سهڻي ميهار ۽ مومل راڻو، 13- صوفي سڳورا (ليلارام پريمچند سان گڏ لکيل 1921ع) 14- ڀڳت گيتا ۽ راڄ گيان 15- جپ صاحب سمجهاڻي جا ڪي اشارا،16- سنڌي سونهارا، 17- مهاڀاري لڙائي (1914ع) 18- ڪامل مرشد (1923ع)، 19- هند سنڌ جا سنت، 20- سنڌي چمن، 21- ڏکن ڏڌي ڏيوي، 22- شاهه جي رسالي جو صحيح نسخو ڇا کي چئجي؟

    ترجما
    (1)يوگ جي سمجهاڻي (2)امرسن (3)پورب جوتي (گوتم ٻُڌ جي زندگي تي لکيل ايڊن آرنلڊ جي مشهور ڪتاب Light of Asia جو ترجمو (1923ع) (4)سناتن ڌرم (1925ع) (5)هندو ڌرم جي بچاءُ ۾ (ايني بيسنت جي تقرير) (6)آنند درٻار (جي ڪرشنا مورتي جي ڪتاب The kingdom of Happiness جو ترجمو (1927ع) (7)شري ڪرشن (ايني بيسنت) (8) اپنشد گيان ’ايني بيسنت‘ (1920ع) (9) موت آهي ئي ڪونه (10) پرلوڪ وارا پيغام (11)حسابي حساب(شيڪسپيئر جي ڊرامي Measure of measure جو ترجمو) (12) طوفان (شيڪسپيئر جو- Temporal) (13) هئمليٽ (شيڪسپيئر) (14) وسنت لکشمي (15)جڳت جا نيتائون (16) گيان سر (جي ڪرشنا مورتي جو Pool of wisdom جوترجمو) (17)سڌيون ۽ چڪر (1922ع) (18)شبد اناهت (1925ع) (19)آتم ويچاريا ويدانت ولاس (1927ع) (20) اوم جي آکاڻي (1927ع)(21)قول ٿو ڪريان (22)سوراج ساگر (ايني بيسنت جي تقرير) (23)مارگ جوئي ڪرم (24)سگر جي چرنن ۾ (جي ڪرشنا مورتي) (25)فائوسٽ (گوئٽي) (26)مونا وانا (1926ع) (27)گلابلاس (اسپين جو ناول) (28) ٻڏل ٻيڙي (شيڪسپيئر جو The wreak) (29) پٿا گورس (30)يوگ جي سمجهاڻي (31)ٻال هتيا-ٽالسٽائي (32) اسلام (ايني بيسنت) (33)رڃ روسڻ ودوا (1926ع)(34)ڀڳوت گيتا سمجهڻ لاءِ اشارا (1925ع).

    انگريزي ۾ ڪتاب
    (1) Sindh and its Sufis (2) Shakespeare Through India eyes (Unpublished) (3) Anthology of sindhi poetry (unpublished) (4) Machit vad of Rohal (Unpublished) (5) Sindh Culture (unpublished).

    سنڌي ۾ اڻ ڇپيل ڪتاب
    (1) شيڪسپيئر جي سانيٽ جو ترجمو (2) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (3) سونجهي جا چٽڪا (اخباري ڪالم).


    حيدر بخش جتوئي

    ”باباءِ سنڌ“ حيدربخش جتوئي جو شمار سياستدانن ۾ ڪجي يا اديبن ۾، اها ورهاست ڪرڻ ٿوري ڏکيرڙي آهي. جو هن جي زندگيءَ جو ڳچ حصو ملڪي/قومي سياست ۾ گذريو. هن جي زندگيءَ تي نظر ڊوڙائڻ کانسواءِ سنڌ جي هاري ۽ قومي هلچل جا بنياد سمجهي نه سگهبا، پر انهيءَ سان گڏ هو بهترين سخن ور پڻ هو. هن ڪيترائي شعر جا ڪتاب لکي، سنڌي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي.

    سوانح
    حيدربخش ولد الهداد خان جتوئي، بکو ديرو، ضلع لاڙڪاڻي ۾ 1901ع پيدا ٿيو. ابتدائي سنڌي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم مدرسته السلام لاڙڪاڻي ۽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتائين. جتان 1923ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، پوءِ اعلى تعليم لاءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي 1927ع ۾ بي اي پاس ڪيائين.
    حيدربخش جتوئي 1928ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ ڏوڪريءَ ۾ هيڊمنشي ٿيو ۽ پوءِ هائر جو امتحان پاس ڪري، سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو ۽ مختيار ڪار ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف تعلقن جهڙوڪ بدين، گهوٽڪي، ڊگهڙي، جيمس آباد (هاڻوڪو ڪوٽ غلام محمد) ۽ ڏوڪري ۾ مختيار ڪار ٿي رهيو ۽ جلد ئي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽ 1945ع ۾ استعيفا ڏئي سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
    ”حيدربخش جتوئي جي زندگيءَ کي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. 1945ع کان 1953ع تائين هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ، ان کي هڪ انقلابي نظريي ڏيڻ ۽ ان لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڌو اڌ بٽئي، بئراجن جي زمين هارين کي ڏيارڻ، پراڻي زمينداري سرشتي هيٺ هارين جي حقن کي مڃرائڻ ۽ وڏيرا شاهي جي رعب ۽ دٻاءُ کي للڪارڻ ۽ مقابلن جو دور ليکجي ۽ ٻيو دور 1954ع کان 1970ع تائين، جنهن ۾ حيدربخش ۽ سندس ساٿين جي جاکوڙ ، هاري تحريڪ کي سنڌ جي وجود ۽ آزادي لاءِ جدوجهد جو اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو؟ جنهن سبب کيس ”باباءِ سنڌ“ به ڪوٺجي ٿو.“

    شعر و سخن
    حيدربخش جتوئي اسڪول واري زماني کان شعر تي طبع آزمائي پيو ڪندو هو. 1931ع ۾ جڏهن بدين جو مختيار ڪار هو، تڏهن هن هڪ ڪتاب ”تحفئه سنڌ“ شعر ۾ لکي ڇپايو، جنهن ۾ ڊاڪٽر سرمحمد اقبال جي شڪوهه جي طرز تي شعر لکيل هو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ هو لکي ٿو.
    ”مان هي ٿورا شعر پنهنجي دوستن جي اڳيان پيش ٿو ڪريان، پر ڀانيان ٿو ته هي شعر گهڻن کي پسند نه ايندا. بلڪه ڪي دوست به منهنجا دشمن ٿي پون ته عجب نه آهي. هندو دوست منهنجي زبان کي پسند نه ڪندا ۽ مسلمان دوست منهنجي دماغ جي توهين ڪندا. آئون مسلمان دوستن کي هيترو چوندس ته جيڪي شڪوڪ ۽ شبهات مون ”شڪوهه“ ۾ اظهار ڪيا آهن، سي برابر گستاخانه آهن ۽ ڪٿي ڪٿي بي ادبي ڏيکارين ٿا، مگر اهي سڀ محبت ۽ جستجو ئي حق جو نتيجو آهن.“
    ڪتاب جي ڇپجڻ سان، اخبارن ۾ ملن ۽ مولوين طرفان هن جي خلاف گوڙ مچي ويو، جنهن جي ڪري نه رڳو ڪافي مشهوري مليس، پر نئين روشني ۽ ترقي پسند حلقن ۾ مقبوليت مليس. اها شعر و سخن جي مشغولي پوءِ سڄي عمر قائم رهيس.

    هاري حقدار
    1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ کانپوءِ سڌي طرح ’سنڌ هاري ڪميٽي‘ ۾ شامل ٿي، هن ان جي نئين سر تنظيم ڪئي ۽ آئين تيار ڪيو ۽ سڄو وقت هاري تحريڪ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. جنهن جي صلي ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو. حيدرآباد ۾ جاءِ وٺي، اتي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي آفيس کوليائين ۽ ”هاري حقدار“ نالي هفتيوار اخبار ڪڍڻ لڳو. هاري ڪميٽيءَ جو بنياد 1930ع ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، جمشيد مهتا، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي وجهي چڪا هئا. سندس زندگي ۾ ايندڙ انهي تبديلي جو ذڪر ڪندي محترم جي-ايم-سيد لکي ٿو:
    ”ڪتابَ پڙهڻ جو هن کي گهڻو شوق هو. انهي عرصي ۾ هن مختلف مسئلن تي چڱو مطالعو ڪيو. سندس زندگي تي ڪهڙين ڳالهين ردعمل آندو، ڪهڙا ڪتاب ۽ ماڻهو مٿس اثرانداز ٿيا، انهن جي کوجنا بذات خود هڪ دلچسپ مطالعو ٿيندو.........پر جيڪڏهن سندس حياتي تي سراسري نظر وجهبي ته معلوم ايئن ٿيندو ته زميندار طبقي جي ظلم ۽ عياشي ۽ عوام کان سندن بي التفاتي، ڪامورن جي رشو تخوريءَ ۽ خود مطلبي، انگريزن کان آزادي لاءِ لڙندڙ نوجوانن تي حڪومت جي سختي، ملن طرفان مذهب کي تنگ دائري ۾ محدود ڪري ڇڏڻ جي هوڏ هن تي گهڻو اثر ڪيو....“
    1955ع ۾ جڏهن اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي ختم ڪري، ون يونٽ ٺاهيو ويو ته حيدربخش جتوئي ان جي خلاف ڪتاب لکيا. احتجاج جو آواز بلند ڪيو. ٺهراءُ پاس ڪرايائين، جنهن جي نتيجي ۾ کيس جيل موڪليو ويو. جيڪو پڻ مڙس ماڻهو ٿي ڀوڳيائين.
    حيدرآباد بخش جتوئي ٻه ٽي ڀيرا سنڌ اسيمبلي جي چونڊن ۾ پڻ بيٺو پر عوام ۾ سياسي شعور جي ڪمي ۽ وڏيرا شاهي جي غنڊا گردين سبب ڪامياب ٿي نه سگهبو. بقول سائين جي ايم سيد جي ”اسيمبليءَ ۾ نه چونڊجڻ ڪري کيس ڪو به ذاتي نقصان ڪونه پهتو، پر عوام کي پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ جيڪو ڪم حيدربخش ڏئي ها، اهو ڪم پوءِ کين ڪوبه ڏيئي ڪونه سگهيو.“
    ون يونٽ جي ٺهڻ کان وٺي 1969ع جي ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول ۾ يعني ان جي خاتمي تائين، حيدربخش جتوئي سنڌ جي هاري ليڊر هئڻ سان گڏ، سنڌ جو قومي اڳواڻ، سنڌ جي قومي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد جو علمبردار ٿي رهيو. انهن پندرهن سالن ۾ حيدربخش جتوئي، ايوب شاهي جي ڊڪٽيٽرشپ ۽ پنجاب جي جاگيرداري، نوڪر شاهي جي سازشن کي بي نقاب ڪندو رهيو، جنهن ڪري هو گهڻو وقت جيلن ۾ رهيو، پر جنهن وقت به هو ٻاهر رهيو ته جاگيرداري، سرمائيداري نظام خلاف قلمي ۽ تنظيمي جهاد ڪندو رهيو. ان دور ۾ هن پاڪستان ۾ جمهوريت يا ڊڪٽيٽرشپ Democracy or Dictatorship in Pakistan 1,11.111 ٽن حصن ۾ شايع ڪيو. جسٽس منير جي فيصلي جي خلاف ”ڊيموڪريسي ۽ چيف جسٽس جو انصاف“ Democracy and Justice of the chief justice ڪتاب لکيائين ۽ سنڌ جي زمينن جو حقدار ڪير. سنڌ مٿان ڍلن جو بار ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪتابڙا لکيائين، جن ذريعي حڪمرانن جي اوگهڙ ٿيندي رهي، جنهنڪري هن تي ملٽري ۽ سول ڪورٽن ۾ بغاوت جا ڪيس هليا ۽ سزائون مليون. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي چواڻي ”جڏهن به حيدر بخش جتوئي ٻاهر رهيو. پنهن جي ذات ۾ هڪ تحريڪ رهيو، نه پاڻ آرام ڪيائين، نه حاڪمن کي آرام سان ويهڻ ڏنائين ۽ نه دوستن ۽ ساٿين کي ٿانيڪو ٿي، ٿڌو ٿي وهڻ ڏنائين يا ساهي کڻڻ ڏنائين.“
    تصنيفون: حيدربخش جتوئي جون لکتون، سنڌي ۽ انگريزي ۾ آهن. انهن ۾ شاعري، ڊرامن، ڪهاڻين کانسواءِ ڪيترن ئي اهم ملڪي ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڪتابڙا ۽ پمفليٽ پڻ شامل آهن. جن مان ڪن جا سنڌي ۾ پڻ ترجماٿي چڪا آهن. سندس ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي.

    سنڌي ۾
    تحفه سنڌ(شاعري-1931)، (2)آزادي قوم (شعر ۾-1942ع)، (3)هاري انقلاب (نثر ۾-1953ع)، (4)هاري گيت (شعر ۾-(1953ع) (5)هاري ڪهاڻيون (1950ع) (6)ڪمدار جا ڪارناما (1953ع) (7)جيئي سنڌ-جيئي سنڌ(شعري ڪليات، جنهن ۾ اڳين ڇپيل شعري ڪتابن ۽ ڪتابڙن کانسواءِ، اڻ ڇپيل شاعري پڻ سهيڙي ويئي. 1988ع)

    انگريزي ۾
    1) ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (1956ع)
    2) ان جسٽس ٽو سنڌ (2حصا)
    3) ليٽ اس سيوَ پاڪستان (2حصا)
    4) هاريز پٽيشن آف رائيٽس.
    5) بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (1950ع)
    6) اپيل ٽو سٽيزنس آف پاڪستان (1951ع)
    7) سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن (1950ع)
    8) ديموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان (1955ع)
    9) شل سنڌي لئنگويج اسني ان ڪراچي آرناٽ (1957ع)
    10) لئنڊس ان سنڌ، هو شڊ اون ديو؟ (1957ع)
    11) ان جسٽ لئنڊ اسيسمينٽ ريٽس (1957ع)
    12) ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي (1962ع)
    13) ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (1957ع)
    14) ريويو آن قرآن.
    حيدربخش جتوئيءَ 21 مئي 1970ع تي وفات ڪئي، کيس سندس وصيت موجب ’غلام شاهه ڪلهوڙي‘ جي مقبري جي ٿلهي تي دفنايو ويو.


    حميد سنڌي

    سنڌي ادب ۾ حميد سنڌي جي سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار کانسواءِ سٺي ايڊيٽر واري پڻ آهي،جنهن ”روح رهاڻ“ رسالي جي ذريعي هڪ دور ۽ هڪ سڄي نسل جي نمائندگي ڪئي ۽ روح رهاڻ جي پليٽ فارم تان ”جشن روح رهاڻ“ جا پڙاڏا اڄ به ٻڌجن پيا.

    سوانح
    عبدالحميد ميمڻ، ادبي دنيا ۾ حميد سنڌي جي نالي سان ڄاتل سڃاتل، 12 آڪٽوبر 1939ع تي نوشهرو فيروز شهر ۾، جيڪو ان وقت نوابشاهه ضلعي ۾ هو. سيٺ محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر۾ جنم ورتو. هن جو گهراڻو مالي طور تي صفا تباهه ٿي چڪو هو. ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ هن جي والد سرڪاري نوڪري ڪئي، جدا جدا عهدن تي رهڻ کانسواءِ ڪيترن ئي ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ ٿي رهيو.
    والد جي ملازمت جي ڪري کيس ساڻس گڏ مختلف شهرن ۾ رهڻ جو موقعو مليو. نوشهروفيروز ۾ ابتدائي تعليم وٺڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي، دادو، سکر ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين. 1956ع ۾ هو پنهنجي پيءُ سان گڏ حيدرآباد آيو. سندس پيءُ کي به ادب ۽ ثقافت سان گهرو لڳاءُ هو ۽ هو فارسيءَ جو پڻ عالم هو.
    حميد سنڌي معاشيات ۾ بي اي آنرز ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ايل ايل بي پاس ڪئي. پوءِ مانچسٽر يونيورسٽي (برطانيا) مان ”هائير ايڊيوڪيشن ائڊمنسٽريشن“ جو ڪورس ڪيائين. هن 1960ع کان نوڪري جي شروعات ڪئي. پهرين ڳوٺ سڌار کاتي ۾ پبلسٽي آفيسر بڻيو. 1963ع کان 1966ع تائين بئنڪ ۾ نوڪري ڪيائين. 1966ع کان 1970ع تائين وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1970ع کان سنڌ يونيورسٽي جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. اتي ايڊمنسٽريٽو آفيسر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرول، ايڊيشنل ڪنٽرولر (امتحان) ۽ رجسٽرار جا عهدا ماڻيائين، سيپٽمبر 1976ع کان ڊسمبر 1977ع تائين تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر ٿي رهيو ۽ پوءِ انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر بڻيو. 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي سيني جو ميمبر ۽ فنانس ڪاميٽي جو چونڊيل ميمبر ٿي رهيو. آگسٽ 1978ع ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال ٿي رهيو، تنهن کانپوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ پوءِ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو وائيس چانسلر ٿيو. اتان کانپوءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين ۽ پوءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو، جتان نوڪري جا سٺ سال پورا ڪري 1999ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

    ادبي سفر
    حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هو مختلف لائبريرين ۾ ويندو هو، جتي ٻين ڪتابن کانسواءِ دهلي مان نڪرندڙ ٻارن جو رسالو ”کهلونا“ ۽ ٻيا رسالا وڏي شوق سان پڙهندو هو. انهيءَ زماني ۾ هن سنڌي هندن جا لکيل ڪتاب پڻ مطالعي هيٺ آندا.
    ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ هو صحافت ۽ ادب ڏانهن مائل ٿيو. انهيءَ زماني ۾ منشي عبدالشڪور ”هلال پاڪستان“ ۽ شيخ علي محمد ”عبرت“ جو ايڊيٽرهو. هن انهن اخبارن ۾ ڪم شروع ڪيو، تنهن کانپوءِ ”هاري حقدار“ پريس تي پڻ ڪم ڪيائين، جيڪا سندس هڪ دوست ٺيڪي تي کنئي هئي.
    حميد سنڌي 1958ع ۾ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ ڪنهن رسالي ۾ ڇپرائڻ جي بدران ”سيمي“ جي نالي سان انهن ڪهاڻين کي ”زندگي پبليڪيشن“ جي زير اهتمام ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. انهيءَ زماني ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جا تنقيدي ڪلاس ٿيندا هئا. اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي ۾ حميد سنڌي، پنهنجي نڪور ڪهاڻي پيش ڪئي. ڪهاڻي ٻڌي مولانا غلام محمد گراميءَ فرمايو، ”جنهن ڇوڪري اها ڪهاڻي پڙهي آهي، تنهن کي کپي ته هو پنهنجي آواز جي هيٺ مٿانهين کي نظر ۾ رکندي، ڪهاڻيون لکڻ جي بدران وڃي ريڊيو تي اداڪاري ڪري ڇو ته لکڻ هن جي وس جي ڳالهه ڪونهي.“ پنهنجي باري ۾ مولانا گرامي جو اهو تبصرو ٻڌي کيس لڙڪ اچي ويا، پر هن همت نه هاري، مولانا گرامي جي لفظن هن جي لاءِ مهميز جو ڪم ڪيو.
    1959ع ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي سالياني اجلاس ۾ حميد سنڌي پنهنجي ڪهاڻي پڙهي. جڏهن هو ڪهاڻي پڙهي وڃڻ لڳو ته اتي ويٺل مولانا گراميءَ کيس ٻانهن مان جهلي چيو ”ڇوڪرا هيءَ ڪهاڻي مون کي ڏي، آئون مهراڻ ۾ ڇپيندس.“ پر حميد سنڌي جواب ڏنس ”مون کي اها ڪهاڻي ڇپائڻي ڪونهي..........آئون صداڪاري ڪرڻ پيو وڃان“.
    انهيءَ کانپوءِ حميد سنڌيءَ جون ڪهاڻيون لڳاتار رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون، تنهن کانسواءِ هن زندگي پبليڪيشن جو بنياد رکي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ۽ ڪيترائي ڪتاب جهڙوڪ: ناصر مورائي جو ناول”راتيون جاڳن جي“، جمال ابڙي جي افسانن جو ڳٽڪو ”پشو پاشا“، غلام رباني آگري جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”آب حيات“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا.

    روح رهاڻ جو اجراءُ
    انهي دوران هن هڪ سٺي سنڌي رسالي جي کوٽ محسوس ڪندي 1960ع ۾ ”روح رهاڻ“ جي نالي سان هڪ رسالو ڪڍيو. انهي جو خرچ پورو ڪرڻ جي لاءِ ڳوٺ سڌار کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. انهيءَ سان گڏ هن بيگم زينت عبدالله چنا جي رسالي ”مارئي“ جي ادارت به سرانجام ڏني. بيگم زينت عبدالله چنا، جنهن کي سڀ ”جيجي“ چوندا هئا. سنڌ جي پهرين افسانه نگار عورت هئي.
    1960ع ۾ حميد سنڌي جو والد ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت سان دادو هليو ويو، پر پنهنجي ادبي سرگرمين جي ڪري حميد سنڌي حيدرآباد ۾ ئي رهي پيو ۽ رسالو ڪڍندو رهيو. 1961ع ۾ سڀني سنڌي رسالن جا ڊڪليئريشن رد ڪياويا ۽ روح رهاڻ بند ٿي ويو. روح رهاڻ جو سنهري دور 1963ع ۾ ان وقت شروع ٿيو جڏهن انهيءَ جو ڊڪليئريشن بحال ڪيو ويو. پوءِ اهو رسالو 1969ع تائين انتهائي ڪاميابيءَ سان هلندو رهيو. انهي سان گڏ هر سال ”جشن روح رهاڻ“ پڻ ملهائجڻ لڳو. انهي دور جوذڪر ڪندي حميد سنڌي چوي ٿو:
    ”گاڏي کاتي جي فليٽ تي اسين سڀ دوست گڏ ٿينداهئاسين .چڻا ۽ پڪوڙاکائي گذارو ڪندا هئاسين. پر روح رهاڻ کي جيئرو رکيوسين .روح رهاڻ جي سالياني تقريب اسين هڪ جشن طور ملهائيندا هئاسين. انهيءَ موقعي تي سڄي سنڌ مان اديب گڏ ٿينداهئا. اها تقريب ”بسنت هال“ ۾ ٿيندي هئي.روح رهاڻ رڳو هڪ ادبي پرچو نه پر هڪ تحريڪ بڻجي چڪو هو.“
    انهيءَ تحريڪ جي مقصدن جي وضاحت ڪندي حميد سنڌي وڌيڪ چوي ٿو:
    ”اسان ادب ۾ عام ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين ادب کي هڪ نئون انداز نصيب ٿيو. اسان ماڻهن جي سامهون عام مسئلن کي ائين پيش ڪيو ته هو انهن کي سمجهي سگهن ۽ انهن جو حل ڳولهي سگهن. تنهنڪري انهيءَ دور ۾ جيڪو به ادب لکيو ويو، انهيءَ کي اسين عوامي ادب چئون ٿا. ون يونٽ جو پريشر، بيروزگاري ۽ نوجوانن ۾ عدم تحفظ جو احساس، اهي سڀ مسئلا ان وقت گڏ ٿي ويا هئا. اسان وٽ انهن مسئلن جو حل ته ڪونه هو، پر اهو ضرور هو ته انهن مسئلن جو تجزيو ڪيو وڃي، تنهنڪري ادب کي انهيءَ انداز ۾ لکيو ويو“.
    روح رهاڻ جو اهو دور 1969ع تائين رهيو. جڏهن روح رهاڻ کان ٽيهن هزارن جي ضمانت طلب ڪئي ويئي ۽ نيٺ انهي جو ڊڪليئرشن رد ڪيو ويو ۽ حميد سنڌي کي گرفتار ڪيو ويو. ٽن مهينن جي نظربندي کانپوءِ ڪيس هليو ۽ کيس آزاد ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ تي ”روح رهاڻ“ جو ڊڪليئرشن ته بحال ٿي ويو، پر مالي مشڪلاتن جي ڪري اهو پرچو ٻيهر نڪري نه سگهيو.
    هڪ اديب جي حيثيت سان حميد سنڌي جي ڪاوشن کي چئن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون دور 1958ع کان 1965ع تائين جو آهي. انهيءَ عرصي ۾ هن جي ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”سيمي (1958ع) ۽ اُداس واديون (1965ع)شايع ٿيا. جيتوڻيڪ اهي ڪهاڻيون شروعاتي ڪهاڻيون هيون، پر اهي روايتي طرز جون هئڻ جي بدران انفراديت رکن ٿيون، جن جو ذڪر ڪندي هو ڪتاب ’اُداس واديون‘ جي ٻئي ڇاپي جي مهاڳ ۾ چوي ٿو:
    ”اُداس واديون جون ڪهاڻيون ڪجهه وڌيڪ ڪڙيون آهن، جو ان وقت اڃا اسان کي خبر پئي پي ته اسان جَا دائمي قدر ڪهڙا آهن. سچ جي شڪل ڪهڙي هئڻ گهرجي، پيار ۽ محبت جي پالوٽ ڪيئن هئڻ کپي. حسن جا هيراڪ ڪهڙي حسن کي مان ڏين. انسان جي اندر بهادري ۽ غيرت واريون خوبيون ڪهڙيون آهن ۽ ڪيئن انهن کي نڪري نروار ٿيڻ کپي.“
    ٻيو دور 1965ع کان 1976ع تائين جو آهن، جنهن دوران سنڌي سماج هڪ انقلاب مان گذري رهيو هو. اهو دور جدوجهد جو دور هو، تنهنڪري سندس ذهن ۽ فڪر ۾ هڪ انقلاب آيو. معاشري جي تبديلي جي دوران ڪرندڙ ديوارن ۽ کنڊرن مان کيس جيڪا شئي ملي اها هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ جيڪا سماجي ڪيفيت هئي. اهائي ليکڪ جي ذهين ۾ هئي. انهيءَ ۾ هن جي پنهنجي فرسٽريشن به شامل هئي. انهيءَ دور ۾ هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون اهي ”ويريون“ (1981) جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون. انهيءَ ڪتاب کي ”اڪاڊمي ادبيات پاڪستان“ ۽ شاهه لطيف ايوارڊ سان به نوازيو ويو، جنهن ۾ ويهن هزارن جو انعام پڻ شامل هو. 1982ع ۾ کيس انهيءَ ڪتاب تي ”سنڌالاجي“ ايوارڊ به مليو.
    ٽيون دور 1976ع کانپوءِ جو آهي، انهي دور ۾ هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون، انهن ۾ ذاتي مونجهه بنهه گهٽ آهن، ڇو ته انهي عرصي دوران، جيڪو 1999ع تائين سندس نوڪري تان رٽائرمينٽ تائين جو آهي. ليکڪ جو جو ڪردار هڪ ليکڪ کان وڌيڪ ڪاموري وارو رهيو. انهي دوران سندس لکيل ڪهاڻيون ”راڻا جي رجپوت“ (1984ع)جي نالي سان ڇپيون ۽ جاپاني لوڪ ڪهاڻين جو ترجمو ”سوني زنجير“ (1980ع)جي نالي سان ڇپيو، جيڪو ڪتاب ٻارن لاءِ آهي.
    حميد سنڌي جو چوٿون دور 1991ع کانپوءِ جو آهي، جنهن ۾ هن ”بزم روح رهاڻ“ برپا ڪئي ۽ انهيءَ پاران پنهنجي گهر تي ميڙاڪا ڪوٺائي، ادبي آبياري جاري رکي.سندس ڪهاڻين جو پنجون مجموعو ”درد وندي جو ديس“ (2002ع) ۽ ڇهون مجموعو، ”سومون سڀ ڄمار“ (2008ع) ۾ ڇپيو.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ حميد سنڌي جا ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنل آهن، جن ۾ هرسال شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ميڙي جي موقعي تي پڙهيل مقالن ۽ مضمونن جا ڳٽڪا پڻ شامل آهن.
    هن هڪ ڀيرو وري روح رهاڻ رسالو جاري ڪيو آهي.


    خاڪي جويو

    سنڌي ادب ۾ خاڪي جويي جي سڃاڻپ هڪئي وقت شاعر، تجزيي نگار، مضمون نگار ۽ هڪ ايڊيٽر کانسواءِ نظرياتي سياسي لکڻين جي ڪري هڪ نظرياتي، دانشور واري پڻ آهي.
    سوانح: خاڪي جويو جنهن جو اصل نالو خميسو خان آهي، هن 1942ع ۾ ”ڪاٺين جي ڳوٺ“ ضلع دادوءَ ۾ جنم ورتو .سندس والد جو نالو حاجي خان جويو آهي. جيڪي هڪ عام هاري هئڻ سان گڏ غريب ماڻهو هو. پوءِ لڏو کڻي ڪنهن مهل ڪٿي ته ڪنهن مهل ڪٿي پيو رهندو هو. هو ڏهن سالن جو ٿيو ته مائٽن کيس مال چارڻ جي ڪم سان لڳايو. کيس پنهنجن هم عمر ڇوڪرن کي اسڪول ويندو ڏسي، پڙهڻ جو شوق ٿيو. انهيءَ شوق جي ڪري هو پڙهڻ لڳو. انهن ڏينهن جو ذڪر خاڪي جويو هنن لفظن ۾ ڪري ٿو.
    ”منهنجي ڳوٺ جا ٻيا ڇوڪرا پڙهڻ ويندا هئا. اهو ڏسي مون کي به شوق ٿيندو هو ته مان به پڙهڻ وڃان پر جيئن ته منهنجي حوالي مال هوندو هو، پر انهيءَ کي جهنگ ۾ ڇڏي قاضي احمد جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هوس. پوءِ موٽي اچي مال سنڀاليندو هئس. نيٺ هڪ دفعي مال ڪنهن ٻنيءَ ۾ وڃي پيو، کڻي وڃي ڍڪ ۾ وڌائون. بابا کي خبر پئجي ويئي ته مار به چڱي ڪڍيائين. انهيءَ ڏينهن کانپوءِ پڙهڻ مون کان ڇڏائجي ويو.“
    پر خاڪي جويي جي پڙهڻ جو شوق ختم نه ٿيو ۽ هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ تاج جويي کان پڙهڻ لڳو، جيڪو ان وقت باقاعده اسڪول پڙهندو هو.
    جڏهن خاڪي تيرنهن چوڏهن سالن جو ٿيو ته هن ’سن‘ شهر ۾ هڪ ’ڊاڪٽر ٽلو مل ڌيرواڻي‘ وٽ نوڪري ڪئي، جنهن سندس پڙهڻ سان چاهه ڏسي کيس سنڌي ۽ انگريزي پڙهائڻ شروع ڪئي. رات جو وري ماستر محمد عرس ميربحر وٽ قرآن شريف پڙهڻ لڳو. اڳتي هلي پنهنجي منهن ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ لڳو. شروع شروع ۾ هو ڪٽر مذهبي خيالن وارو هوندو هو .ان ڪري مذهبي ڪتابن جو سٺو مطالعو ڪيائين.

    ادبي اوسر
    خاڪي جويي پنهنجي شاعري جي ابتدا شاهه لطيف، ميين شاهه عنات ۽ خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي ڪلام پڙهڻ سان ڪئي. شروع ۾ وايون ۽ ڪافيون ترنم سان جهونگاريندو هو. انهيءَ مطالعي جو ئي اثر آهي جو خاڪي ڪافي، بيت ۽ وائي جو سٺو شاعر آهي. هن باقاعده شاعري جي شروعات 1966ع کان ڪئي. هوريان هوريان مطالعي وڌڻ سان گڏ سندس خيالن ۾ تبديلي ۽ شاعريءَ ۾ پختگي ۽ قوميت جو رنگ به چڙهندو ويو. شاعري ۾ راشد مورائي هن جو استاد آهي. خيالن جي انهيءَ تبديلي جي باري ۾ خاڪي جويي چيو:
    ”منهنجا نظريا ۽ خيال ڪنهن جي صحبت ۾ رهي بدلجي نه سگهيا، پر مطالعي ڪرڻ بعد خيالن ۾ تبديلي ايندي ويئي، جن م سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۽ ٻِين سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتابن جو وڏو دخل آهي.“
    شروع شروع ۾ سندس شاعري روح رهاڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي. انهيءَ سان گڏ هن اهي رسالا گهرائي وڪڻڻ به شروع ڪيا. اڳتي هلي گذر سفر واسطي سڪرنڊ ۾ ”سنڌ ڪتاب گهر“ کوليائين. 1990ع ۾ پاڻ لڏي اچي حيدرآباد ويٺو.
    خاڪيءَ جويي جو پهريون شعري مجموعو هڪ طويل نظم ”پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن“ 1973ع ۾ ڇپيو، جيڪو پاڻ 1972ع ۾ لکيو هئائين. جنهن جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
    ”خاڪي جو وطن جي آزاديءَ تي لکيل هي طويل نظم پڙهندڙن جي اڳيان آهي. سنڌ جا نوجوان، سنڌ جا پوڙها ۽ جوان، سنڌ جون سجاڳ ڌيئرون ۽ سنڌجا سجاڳ سپوت هي نظم بند بند ڪري پڙهندا. وري وري پڙهندا ۽ ان مان سندن دلين ۾ امنگ اُٿندي ۽ هن سنڌ جي سرزمين تي جنهن ڏک ۽ ڏاڍ جي ايامن کان اوندهه آيل آهي ان کي هٽائڻ ۽ پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته جيئن ان مان آزادي جي سدا سهڻي پري جي ساهه سڌير ڪندڙ جلوي جي جهلڪ ڏسي سگهن“.
    خاڪي جويي اهو نظم ”بنگلاديش“ جي قيام ۽ پوءِ ملڪي حالتن کان متاثر ٿي لکيو، جنهن ۾ سنڌ کي ٻيهر غلامي جي زنجيرن ۾ سوگهو ڪَيو پي ويو. اهو نظم ٿلهه کانسواءِ 120 بندن تي مشتمل آهي.
    خاڪي جويي اهڙو ئي هڪ ٻيو نظم ”پاڪستان جو مطلب ڇا؟“ 1977ع جي مارشلا ۽ پوءِ 1983ع جي جمهوري تحريڪ ۾ سنڌجي ادا ڪيل شاندار ڪردار کان متاثر ٿي لکيو. جيڪو ”آسڻ جن اريج“ جي نالي سان 1985ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو.
    ”آسڻ جي آريج“ صنف جي لحاظ کان واقعاتي ڪيڏاري واري شاعري ۾ شمار ڪرڻ گهرجي. ادب جي تاريخ ۾ واقعاتي ڪيڏاري جو پنهنجو جدا مقام آهي.“
    ”خاڪي جويي جو هي نظم واقعاتي شاعري جي صنف تي وڏو احسان آهي ۽ پڪ سان وطن دوست ادب ۾ هي نظم نه فقط وڏو مقام ماڻيندو، پر اسان جي ادبي روايتن لاءِ هڪ ڪارائتو موڙ پڻ ثابت ٿيندو. آسڻ جن اَريج ۾ پيش ڪيل شاعري جو گهاڙيٽو ايپڪ ۽ رپورٽيج واريون خوبيون رکي ٿو-تنهنڪري هن شاعري کي ”انقلابي ڪيڏارو“ ڪوٺڻ ڪو وڌاءُ نه آهي.
    ڪاريون راتيون قيد ڪٽي
    پرمارين جا پير پٽي
    لٽيرن جا لوڙهه لٽي
    خاڪي خلقڻهار اُٿيا.
    پاڪستان جو مطلب ڇا-؟
    خاڪي جو سڌو سنئون مخاطب عوام آهي .تنهنڪري هن سماجي ڪارج ادا ڪندڙ سمورين قوتن کي وڌاءُ يا اجائي دٻاءُ هيٺ نه آندو آهي.“
    ”اي خاڪي جو خيال“ خاڪي جويي جي شاعري جوٽيون مجموعو آهي، جيڪو جولاءِ 1982ع ۾ ڇپيو. هن ۾ خاڪي جا بيت، وايون، دوها، گيت، غزل ۽ نظم شامل آهن. ”شاعر جي طرفان“ ۾ خاڪي پنهنجي شاعري جي اُتساهه جو سبب بيان ڪندي لکي ٿو:
    ”منهنجي من اندر ۾ شاعري ڪرڻ لاءِ تڏهن به مانڌاڻ ضرور متل هوندو، جڏهن ڪنهن ٿاڻي ۾ انسانيت کي اگهاڙو ڪري ڪٽيو ويو هوندو، يا ڪنهن اُبهم ٻار کي اسڪول وڃڻ جي بجاءِ، مال چاريندي ۽ مزدوري ڪندي ڏٺو هوندو يا ڪنهن ٽريفڪ جي حادثي ۾ جيئري جاڳندي زندگي منهنجي اڳيان لڇندي ۽ ڦٽڪندي ساهه ڏنو هوندو، يا وري ڪائي وينگس پيار جو ٻليدان ٿي، سماج جي چکيا تي، ڪهاڙين جو بک ٿي ويئي هوندي.“

    ساڃاهه جو اجراءُ
    نوي واري ڏهاڪي ۾ خاڪي جويي ڪن اديب دوستن سان گڏجي پندرهن وار ”ساڃاهه“ رسالي جو اجراءِ ڪيو، جنهن جو پهريون پرچو سيپٽمبر 1989ع ۾ شايع ٿيو. جيڪو وطن دوست انقلابي ۽ مزاحمتي ادب جو ترجمان پرچو بنجي ويو. سنڌ ۾ سياسي سجاڳي، نظرياتي ادب ۽ سائنسي فڪر جي پرچار ۾ ساڃاهه جو ڪردار نهايت جاندار آهي. خاڪي جويو انهي رسالي جو ايڊيٽر آهي.

    نظرياتي ادب
    هڪ طرف خاڪي جويي ساڃاهه وسيلي نظرياتي ادب جو پرچار ڪيو ته ٻئي طرف ”ابو جبران“ جي نالي سان هن ڪيترائي نظرياتي ۽ فڪري ڪتاب لکي، قوميت ۽ سائنسي سوشلزم جو پرچار ڪيو. انهيءَ حوالي سان خاڪي جويو سنڌ جي ڪيترين ئي قومپرست تنظيمن ۽ پارٽين جي نظرياتي شعبي جو سربراهه پڻ رهيو ۽ قومي ۽ انقلابي ڪارڪن جي ذهني ۽ فڪري تربيت واسطي ڪيترائي ”نظرياتي سيل“ پڻ هلايا، ۽ پوءِ قومپرستن کان مايوس ٿي ايم ـ ڪيو ـ ايم ۾ شامل ٿيو.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ هن جا ”ابو جبران“ ۽ ”خاڪي جويي“ جي نالن سان ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    (1)ڦريا پسي ڦيڻ (2)انقلاب جي واٽ (1988ع) (3)سنڌ ۾ اردو آبادي جو مستقل (4)ڪيڏارو (5)پنجابي دانشور ۽ مظلوم قومون (1988ع)(6)شخصيت جي ويڳاڻپ جو فلسفو (ترجمو) (7)ترقي پسند ادب جا معيار (8)قومي عليحدگيءَ جوسوشلسٽ جمهوري حق (1987ع) (9)قومي سوال جو تنقيدي جائزو (ترجمو 1988ع) (10) آزادي جو حق ۽ (11) جن پڙهايو پاڻ (آتم ڪهاڻي).


    خيرالنساءِ جعفري

    سنڌي ليکڪائن ۾، خاص ڪري ڪهاڻي جي صنف ۾ خيرالنساءَ جعفري، نهايت بيباڪ نموني لکيو. خيرالنساءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي عصمت چغتائي چئجي ته وڌاءُ ڪونهي. تحرير توڙي تقرير ۾ خيرالنساءَ جعفري نهايت بيباڪيءَ سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هئي. سندس شمار سنڌي ٻولي جي پهرينءَ جوڙ جي ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو.

    سوانح
    خيرالنساءَ جعفري 17آگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم به اتي ئي حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ نفسيات ۾ پوسٽ گريجويشن ڪيائين ۽ 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽِي جي نفسيات جي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. انهيءَ نوڪري ملڻ جو ذڪر ڪندي هوءَ لکي ٿي:
    ”1970ع ۾ منهنجي مرضي هئي ته مون کي ڪٿي ماستري ملي پوي، جو هر مهيني پنجاهه روپين جي سخت ضرورت محسوس ٿيندي هئي. بڪ اسٽالن جي ڪتابن خريدڻ جي شوق ۾ ماستري نه ملي، پر اوچتو ان ئي سال 1970ع ۾ يونيورسٽي م نفسيات ۾ ليڪچرر شپ ملي ويئي. پگهار پنجاهه روپين جي بدران 450 روپيا پئي مليو، پر منهنجي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ئي لهي ويو. اڄ به منهنجو مطالعو ڪتابن پڙهڻ جي حد تائين نه هئڻ جي برابر آهي.“

    ادبي اوسر
    خيرالنساءَ جعفري لکڻ جي شروعات ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي، سندس پهرين ڪهاڻي 1974ع ۾ ”سوجهرو“ رسالي ۾ ڇپي، تنهن کانپوءِ مسلسل لکڻ جي مشق ڪندي رهي. ڪهاڻيون لکڻ کانسواءِ هن مختلف ڪتابن جا مهاڳ، تقريرون، مضمون ۽ سفرنامون پڻ لکيو. خيرالنساءَ جعفري جي ڪهاڻين جو مجموعو ”تخليق جو موت“ 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي تمام گهڻي پذيرائي ٿي. خيرالنساءَ جعفري جي ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو:
    ”سنڌي افساني جي ارتقا ۾ ماڻڪ جي نئين روپ ۾، مشتاق شوري جي نالي کانپوءِ، ڪجهه وقت ماٺار اچي ويئي ۽ ڪو اهڙو نئون نالو ڏسڻ ۾ نٿي آيو، جنهن کي سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ ڳڻي سگهجي. ڪهاڻي ۾ نيون فڪري راهون ڳولهي لهڻ پنهنجي جاءِ تي، پر هڪ تازي تواني ”نالي“ جو وجود ۾ اچڻ، جيڪو هن پيڙهي ۾ پڙهندڙن کي ڀليون ڪهاڻيون ڏيئي سگهي.سنڌي افساني جي اها ڪمي، خيرالنساءَ جعفري جيتوڻيڪ هونئن ته ڪافي وقت اڳ کان ڪهاڻيون لکندي پئي اچي، پر سندس اندر ۾ ويٺل آرٽسٽ سندس تخليق جو موت ۾ پڌرو ٿي پيو.“
    خيرالنساءَ جعفري پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڪثر علامتي اهڃاڻ ڏنا آهن. هن سماجي اڻ برابرين ۽ براين جو ذڪرڏاڍي سگهاري نموني، نهايت خوبصورت اسلوب سان ڪيو آهي. خيرالنساءَ جعفري نهايت بيباڪيءَ سان لکيو. سندس ڪهاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ سنڌي ادب جي نهايت سگهاري ۽ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي نوراحمد ميمڻ لکي ٿو:
    ”نسيم کرل جي چوٽيهون در ۽ امر جليل جي سرد لاش جو سفر وانگيان،خيرالنساءَ جعفري جي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ ڪهاڻي، جڏهن به شايع ٿي ته سنڌ جي سماج ۾ وڏا وڏا ”مقدس بت“ پاش پاش ٿيندا نظر آيا. اُتان ئي سندس فن ۾ زندگي، نواڻ ۽ اعتماد جي نڪتل خوشبوءِ ڪيتري عرصي تائين نئين ٽهي جي سوچن کي واسيندي رهي آهي.
    خيرالنساءَ جعفري جي ٻين ڪهاڻين ۾ ”تخليق جو موت“ ”پيڙا جو پڙلاءُ“، ”1967ع-1968-1969“ اهم ڪهاڻيون آهن.
    انهن ڪهاڻين تي تبصرو ڪندي عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو:
    ”خيرالنساءَ جعفري ڪهاڻي لکڻ وقت پنهنجي ماحول، طبقي ۽ ان طبقي جي بي پاڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳنڍيل رکيو آهي. اهڙائي ڪردار کنيا اٿس، جيڪي سندس آسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گهاٽو تعلق رکن ٿا.“
    خيرالنساءَ جعفري پنهنجي ڪهاڻي ”حويلي کان هاسٽل تائين“ ۾ اهڙي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪي صدين کان اسان جي سماج ۾ موجود آهي. انهيءَ ڪهاڻي ۾ هن عورت جي مظلوميت ۽ مجبوريءَ جو عڪس نهايت خوبصورت نموني چٽيو آهي ۽ ڪنهن حساس دل رکندڙ انسان جي اندر ۾ چير ٿو وجهي ڇڏي، ڪهاڻي ۾ هو مظلوم عورت جي واتان چوائي ٿي:
    ”مڃان ٿي مقدس آهي هيءَ حويلي، جنهن جي اوچين ديوارن تان سج صدين کان لنگهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڏينهن ته هن حويليءَ تان ڪڏهن گذرڻو ئي ناهي، هر وقت،رات ئي رات سان رسڻ پرچڻ ٿيندو رهندو آهي. پوءِ جتي ڏينهن اچڻ ڇڏي ڏين، صرف رات ئي رات جو ديرو دُکندو رهي، اتي ناجائز مال ڪيڏو نه اُپائي ۽ نپائي سگهجي ٿو. پر سچ پچ صرف اُپائي ئي سگهجي ٿو، سڌي طرح نه“.
    ڪهاڻي جا هي جملا به ڪوٽن ۾ بند مظلوم عورتن جي اندر ۾ ڪيڏي نه اُپٽار ٿا ڪن:
    ”اڄ هن حويلي ۾ آئي ڪي سال ٿيا.. حويلي! منهنجو اصلي مسڪن منهنجي پراڻي پناهگاهه، جنهن جي مقدس ڪنگرن تان سج ڪڏهوڪو لنگهڻ ڇڏي ڏنو آ، رات ويلا ٻين آرياڻين جيان ڪنهن بلاؤزر کي ڀاڪر ۾ ڀري زندگي پيراميشم جيان پنهنجي ئي وجود جهڙي حصي سان لئي ۾ اچي لڙهڻ لڳندي رهي. روز جيان جسم سان جسم جي ٽڪراءُ سان احساس گرم ٿي ويندا آهن. عام ماڻهوءَ جيان منهنجا لنئوڻا تپندا ۽ رڳون تاڻجي وينديون آهن. انڌيرن جي خوف کان....ڪن بستري جي ڀَوَ کان سماج، اُتم پڻو ۽ ساداتي تقدس سڀ ساٿ ڇڏي پري هليا ويندا آهن. هوريان هوريان هميشه رات جي پوئين ڄڀي جي ماڪ ۾ اهي احساس ڀڄي ڀڄي نستا ٿي پوندا آهن...باک ڦٽڻ سان اهي نستا احساس لاش سمان منهنجي ضمير کي ِضربون هڻڻ شروع ڪندا آهن... اهوئي ڪنهن اڻ ڏٺي پاپ ۽ پيڙا جو احساس! ڪنهن پڃ ۽ پڇتاءُ جي ڀوڳنا!.“
    ڪهاڻين کانسواءِ خيرالنساءَ جعفري مختلف ڪتابن جا مهاڳ، تقريرون ۽ انڊيا جو سفرنامو پڻ لکيو، جن کي گڏي 1992ع ۾ ”منهنجو تخليقي سفر“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ويو.
    خيرالنساءَ جعفري 4 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي.


    ڊاڪٽر درشهوار سيد

    سائين جي ايم سيد جو پيغام امن، آجپي ۽ خوشحالي جو پيغام هو ۽ هن اهو پيغام نه رڳو شاهه لطيف جي فڪر جي تشريح ۽ پرچار ڪري ڏنو، پر عملي طور تي انهيءَ صوفي فڪر جي واڌاري لاءِ پنهنجي نياڻي ’جيجي درشهوار‘ کي به منتخب ڪيو، جيڪا پهرين مسلمان عورت هئي، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.

    سوانح
    درشهوار سيد 21مارچ 1942ع تي ڳوٺ ”سن“ ضلع دادو ۾ جنم ورتو. پاڻ محترم جي ايم سيد جو آخري اولاد، ٻن ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن جي ٽين ڀيڻ هئي. انهيءَ زماني ۾ محترم جي ايم سيد سياسي ميدان ۾ گهڻو سرگرم هو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندو هو .سندس جنم کان ڪجهه سال پوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو. 1953ع ۾ جڏهن هوءَ پڙهڻ جي وهيءَ کي پهتي تڏهن سندس پڙهائي مسئلو بڻجي ويئي، ڇاڪاڻ ته 1947ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي سبب ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙهائڻ واريون هندو ماسترياڻيون ملڪ ڇڏي ويون هيون ۽ اتان جو اسڪول بند ٿي چڪو هو. نيٺ سوچ ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته کيس ڪراچي ۾ ”حيدر منزل“ تي ڀائرن سان رهائي پڙهايو وڃي. اهڙي طرح درشهوار سيد جي ڪراچي ۾ تعليم جي شروعات ٿي، جنهن ۾ کيس (سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول) ۾ داخل ڪرايو ويو. ميٽرڪ تائين اتي تعليم پرائڻ کانپوءِ ساڳئي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين جتان 1967ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ،جتان 1969ع ۾ ايم اي فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هي اهو ئي زمانو هو، جنهن ۾ درشهوار جي پڙهڻ تي خانداني طور تي وڏا اعتراض ڪيا ويا، پر سيد سائينءَ سڀني اعتراض ۽ ڳالهين کي نظرانداز ڪري کين اڳتي پڙهايو.
    پاڻ اڃان ايم اي جي ڊگري نه ورتي هئائين ته سندس والد محترم جي ايم سيد کيس انهي ڳالهه تي راضي ڪيو ته کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻي آهي. پوءِ پاڻ جيئن ئي ايم اي پاس ڪيائين ته سائين جي ايم سيد کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو. ان وقت سيد غلام مصطفى شاهه وائيس چانسلر هو. جيڪو سندس گهر جي فرد وانگر هو ۽ کيس پڙهائي ۾ شروع کان ئي مدد ڪندو رهندو هئو. ڪجهه وقت کانپوءِ سيد حسام الدين راشدي جي مشوري سان هن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي جو سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيو، جيئن فارسي شاعري جو مطالعو ڪري، ايران ۽ سنڌ جي صوفي ڪلچر جر ڀيٽ ڪري سگهي.
    ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ ۽ اتي تعليمي ماحول نه هئڻ ۽ ان جي معيار جو ڪو عالم استاد نه هئڻ سبب پاڻ انهيءَ جي شڪايت پنهنجي والد سان ڪيائين. نيٺ محترم جي ايم سيد کيس 1974ع ۾ لنڊن موڪليو ته جيئن اتي وڃي شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪن.
    اهڙي طرح پاڻ انگلينڊ جي سسيڪس يونيورسٽيءَ Sussex university جي ايشين سائوٿ اسٽڊيز مان Comparative history Religion جي عنوان تي ٻيهر 1978ع ۾ ايم اي ڪيائين. ان کانپوءِ يونيورسٽي آف ايڊنبرا ۾ The poetry of Shah Latif جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ داخلا ورتائين. اتي پڙهائي دوران مانٽگو مري واٽ ۽ ايل ول سلٽن جهڙا عالم استاد ۽ڊاڪٽر ڪيرول هلين برانڊ ۽ ڪرسٽوفر شئڪل سندس سهڪاري هئا. مشهور عالم ڊاڪٽر اينمري شمل کانئس “واءِ واز“ ورتي. کيس 1984ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي.
    ائين سيد صاحب جو اهو خواب پورو ٿيو، جنهن جو اظهار هن هڪ خط ۾ ڪيو، جيڪو کيس لنڊن ۾ پڙهائي دوران لکيو هئائين:
    ”تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگي جي مشن جي سرانجام جو واڌارو آهي.“

    نوڪري ۽ علم و ادب جي خدمت
    لنڊن مان واپس اچڻ کانپوءِ محترم جي ايم سيد جو خيال هو ته پاڻ نوڪري ڪرڻ جي بدران گهر ويهي علمي ۽ فڪري ڪم ڪري، پر پوءِ انهيءَ خيال کي وزنائتو ڀانيائين ته گهر ۾ ويهي هوءَ ڪو موثر ۽ ڪارگر ڪم ڪري نه سگهندي. پاڻ پهرين ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ تاريخ جي مضمون پڙهائڻ لاءِ جوائن ڪيائون. ان وچ ۾ 1991ع ڌاري کيس ”شاهه لطيف چيئر“ ۾ ڊائريڪٽر طور مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ 1996ع تائين خوش اسلوبيءِ سان خدمتون سرانجام ڏنائين.
    چيئر ۾ رهڻ دوران هڪ طرف ته پاڻ چيئر کي يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن پاران مستقل طور تي فنڊ جاري ڪرائڻ جو بندوبست ڪيائين، ٻي طرف شاهه تي مختلف ڪتاب مرتب ڪري شايع ڪرايائين. جن جو وچور هن ريت آهي:
    (1)شاهه جو رسالو (اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزي)جلد 1.
    (2) ڪشف الابيات (ڏسڻي جنهن مان شاهه جو ڪوبه بيت مختلف رسالن مان سولائي سان ڳولهي سگهجي ٿو (مرتب:ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)
    (3)شاهه لطيف: شاعري اور فڪر (اردو ۾ سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز جو ترجمو)
    (4)شاهه لطيف جي موسيقي (موسيقي تي مختلف مضمونن جو ڳٽڪو)
    (5)تحقيق جو طريقيڪار (تحقيق ڪرڻ لاءِ مختلف مضمونن تي مشتمل)
    (6)شاهه لطيف جي ببلو گرافي (شاهه بابت ڇپيل مواد ڪي فهرست)
    مٿين ڪتابن کانسواءِ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.
    (1) The Poetry of Shah Abdul Latif(سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز انگريزي ۾ 1998ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي)
    (2) ڏونگر سي ڏورينديون: ڊاڪٽر درشهوار ۽ جي ايم سيد جي وچ ۾ خط و ڪتابت. هي ڪتاب سيد ضيا شاهه مرتب ڪيو ۽ 1998ع ۾ ڇپيو.
    ان کانسواءِ سندس تحقيقي مقالا سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس ڪيل عملي پورهئي جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي ادارن کان ايوارڊ ۽ انعام پڻ مليا. سندس ڪتاب The Poetry of Shah Latif شايع ٿيڻ تي کيس سنڌ سرڪار کان ڪئش ايوارڊ 1998ع. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي نالي سان جاري ڪيل اينمري شمل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد کان 1985ع ۾ شاهه لطيف گولڊ ميڊل. لطيف ادبي اڪيڊمي پاران 1989ع ۾، پير حسام الدين راشدي ايوارڊ. سنڌ ڪلچر ڪائونسل ڪراچي کان 1993ع ۾ انٽرنيشنل سچل ڪانگريس ايوارڊ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کان 1981ع ۾ مليو. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ”سچل چيئر“ جي صلاحڪار بورڊ جي ميمبر ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي گورننگ باڊي جي ميمبر پڻ رهي.
    علمي خدمتن کانسواءِ پاڻ ”آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن (اسوا)“ نالي هڪ سماجي تنظيم جو پڻ بنياد وڌائين، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ غريب عورتن جي مدد ڪرڻ، پرائمري تعليم جا اسڪول کولائڻ ۽ وقت به وقت بيمارن ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪئي ويندي هئي.
    سنڌ جي هيءُ باوقار ۽ باصلاحيت نياڻي 26ڊسمبر 1997ع تي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان ملي.


    رسول بخش پليجو

    شيخ اياز جي لفظن ۾ ”رسول بخش پليجو، هڪ سوچ، هڪ مستقل ڌارا جو نالو آهي، هو جيترو چڱو لکندو، اوتروئي چڱو ڳالهائيندو آهي.“ انهن لفظن جي تسلسل ۾ کڻي ائين چئجي ته رسول بخش پليجي هڪ ئي وقت تحرير توڙي تقرير، ڪهاڻي توڙي تنقيد ۽ ادب جي مختلف صنفن ۾ پاڻ ملهائڻ سان گڏ هڪ مستقل ڇاپ پڻ ڇڏي آهي. سنڌي ادب ۾ پليجي سدائين مقصدي ادب جي وڪالت ڪئي آهي ۽ اهڙو ادب تخليق ڪرايو / ڪيو آهي، جيڪو مسئلن جي نشاندهي سان گڏعمل جي واٽ پڻ ڏسي.

    سوانح
    رسول بخش پليجي جو جنم 21جنوري 1930ع تي ٺٽي ضلع جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ’منگر خان پليجي‘ لڳ ’جنگشاهي‘ ۾ علي محمد پليجي جي گهر ۾ ٿيو. چئن سالن جو ٿيو ته رسول بخش پليجي کي سندس ڏاڏي ”ملان مڪتب“ ۾ قرآن شريف پاڙهڻ جي لاءِ ويهاريو، جنهن جي مرضي اها هئي ته رسول بخش کي ديني تعليم ڏياري شريعت جو صاحب ڪجي. قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين ته کيس پرائمري تعليم لاءِ ”جنگشاهي“ جي اسڪول ۾ ويهاريو ويو. رسول بخش پليجي کي پڙهڻ سان ڪافي دلچسپي هوندي هئي. تنهن ڪري هو جنگشاهي ڇڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو ۽ وڌيڪ اتي پڙهيو. ٺٽي مان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ 1937ع ۾ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ڪراچي ۾ وڌيڪ پڙهڻ جي لاءِ داخل ٿيو. مئٽرڪ ۽ انٽر اُتان ئي ڪيائين. جتي کيس تمام سٺا ۽ محنتي استاد مليا. جن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، سر ٿامس، ايس ڪي ڀائيجي ۽ غلام حسين سومري جا نالا قابل ذڪر آهن. ”سنڌ مدرسي“ ۾ پڙهڻ جي دوران ئي رسول بخش پليجي جي ذهني ۽ فڪري تربيت ٿي، جنهن ۾ اُستاد محمد ابراهيم جويي جو وڏو هٿ هو. جويو صاحب هڪ ترقي پسند دانشور هوندو هو، جنهن جي نظر ۾ رسول بخش پليجي جهڙن شاگردن جي وڏي اهميت هوندي هئي. سڄي ڪاليج ۾ جويو صاحب واحد استاد هوندو هو، جيڪو بيباڪي سان سوشلسٽ خيالن جو پرچار ڪندو هو. سنڌ مدرسي مان تعليم ختم ڪري، پليجي جناح مسلم ڪاليج مان ايل ايل بي ڪئي.

    عملي زندگي
    تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ رسول بخش پليجو مختلف هنڌن تي گذر سفر واسطي نوڪري ڪرڻ لڳو. جتان کيس انيڪ تجربا حاصل ٿيا. نيٺ وڪالت جو امتحان پاس ڪري مستقل طور وڪالت ڪرڻ لڳو.اڳتي هلي سندس شمار ملڪ جي چوٽيءَ جي ڪامياب وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو.

    ادبي سفر
    پليجي جي ادبي اوسر ته 1946ع کان ئي ٿي چڪي هئي. اڳتي هلي جڏهن رجعت پرست حلقن طرفان، سنڌ جي قوم پرست ۽ ترقي پسند اديبن تي حملا ٿيا ته پليجي جي قلم جوش کاڌو ۽ انهن کي وڏي واڪي جواب ڏيڻ شروع ڪيائين. جن قوم پرست ۽ ترقي پسند طبقن جو وڏو بچاءُ ڪيو.
    رسول بخش پليجي پنهنجي ادبي سفر جي شروعات 64-1963ع ۾ ’خادم وطن‘ کان ڪئي، انهي زماني ۾ رجعت پسند حلقن پاران شيخ اياز تي وڏي وٺ پڪڙ متل هئي. انهن کي جواب ڏيڻ لاءِ مولانا گرامي پنهنجو مشهور مقالو ”مشرقي شاعري جا فني قدر“ لکي، انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.انهي دور ۾ ٻيو جيڪو اهم ڪتاب شيخ اياز جي شاعري جي بچاءُ ۾ لکيو ويو. اهو رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“ جي نالي سان لکيو.اهو پهرين هر هفتي قسطوار ”خادم وطن“ اخبار ۾ ڇپبو هو، جنهن کي لکائڻ ۽ ڇپڻ جو سهرو شمشيرالحيدري ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو هر هفتي ڳوٺ اچي پليجي کان انهي جي لکيل قسط کڻي وڃي اخبار ۾ ڇپيندو هو. اڳتي هلي جڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ته ڪتاب جي مهاڳ ۾ انهن حالتن جو ذڪر ڪندي محترم ابن حيات پنهور لکي ٿو:
    ”ڪجهه سال اڳ، جديد سنڌي ادب جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪندڙ مهم شروع ڪئي ويئي. سنڌي عوام کي جاهل رکڻ، کيس پنهنجي سجاڳ ۽ هڏ ڏوکي اديبن کان بدظن رکڻ لاءِ مڪر فريب، بهتان طرازي ۽ چغل خوريءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ويا. ان صورتحال جي سنگين نتيجن کي محسوس ڪندي، محترم رسول بخش پليجي روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن حملن جو جواب ڏنا.......هي هڪ پنهنجي ليکي نرالي ادبي صنف آهي، جنهن تي في الحال ڪوبه نالو رکڻ ممڪن ڪونهي.“
    انهي وقت 64-1963ع ۾ پليجي ”نواءِ سنڌ“ اخبار ۾ ’چاچا چنيسر‘ جي نالي سان ”تعارف ۽ پسمنظر“ جهڙا ڪالم لکي صحافت جي دنيا ۾ اچي وارد ٿيو. اڳتي هلي قادر بخش نظاماڻي جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ ”صداقت“ اخبار جوسب ايڊيٽر، تنهن کان پوءِ ”نئين سنڌ“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو.
    پليجي پنهنجي سڄي ادبي سفر ۾ پنهنجي قلم وسيلي فڪري محاذ تي سدائين، سنڌ دشمنن جي خلاف، سنڌ دوستن جي ويڙهه ۾ مهنداري وارو ڪردارادا ڪيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن رسول بخش پليجي جي پارٽي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پاران ”تحريڪ“ رسالو جو اجراءُ ڪيو ويو ته پليجي قلم کان ترار جو ڪم ورتو. سندس اهڙين نظرياتي ۽ قومي لکڻين جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ ”صبح ٿيندو“ ”دراڙن جا ڌڪ“، ”سنڌ جي سڏ تي“، ”ڳالهيون ڳنوارن جون“ شامل آهن.
    پليجو هڪئي وقت ڪالم نگار، نقاد، مترجم ۽ ڪهاڻيڪار به رهيو آهي، جن جو مختصر طور تي جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
    رسول بخش پليجي مختلف وقتن تي ڪهاڻيون به لکيون آهن، جن جو هڪ مجموعو 1985ع ۾ ”پسي ڳاڙها گل“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ پليجي جون ڇهه ڪهاڻيون شامل آهن.انهن ۾ ”پسي ڳاڙها گل“، ”جتي باهه ٻري“، ”بختاور“ پليجي جون شاهڪار ڪهاڻيون آهن ۽ اهي سڀئي ڪهاڻيون ٻولي، مواد توڙي پلاٽ جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڪهاڻين جو ڇيد ڪندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو:
    ”مصنف ڳالهه ٻولهه جي هنر جو وڏو ماهر ٿو ڏسجي، هرڪا ڪهاڻي هو گفتگوءَ جي فن جي مدد سان اُڀاري ٿو. هن جا ڪردار سڌي سنواٽي ۽ عام فهم اُها زبان ڪم آڻين ٿا، جيڪا سندن اوسي پاسي هر ماڻهو ڳالهائي ٿو. هن طرح مصنف پنهنجي ڪهاڻين جي مدد سان پنهنجن ڪردارن جي باري ۾ باريڪ ترين معلومات به مهيا ڪري ٿو......
    هنن ڪهاڻين ۾ پليجو سنڌ جي عوام ۽ محنت ڪش مزدور هاريءَ جي سماجي حالتن ۽ انهيءَ جوهر جو متلاشي رهيو آهي، جيڪو سنڌ ۾ تمام وڏي درجي ۽ معيار سان موجود نه آهي، پر گهڻي ڀاڱي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو آهي، جيئن هر نظرياتي اديب کي هئڻ گهرجي به، هو اهڙي سماج مان پنهنجي سماجيات جو اصول ٺاهي ٿو. سمجهائي ٿو ۽ پکيڙڻ گهري ٿو، پر هر ڪهاڻي جي حالت ۾ هو سنڌ جي ذهن، ريت، حوصلي، همت ۽ برداشت جو راوي آهي ۽ اهائي روايت آهي، جنهن کي ”جيئڻ جي همت“ ٿو چئجي.“
    ”انڌا اونڌا ويڄ“ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پليجي سنڌ ۾ تخليق ٿيندڙ ادب تي ۽ انهيءَ جي تنقيدي جائزي تي ٻڌل 1983ع ۾ هڪ ٻيو ڪتاب ”سنڌي ذات هنجن“ لکيو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
    ”هن ڪتاب جو مصنف، جيئن سنڌي ادب جي پهرينءَ ۽ پڌري مخالف گروهه جي وار جو بروقت پنهنجي جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تز جواب ڏنو هو. تيئن هن پنهنجي هن اُملهه تصنيف ”سنڌي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي پنهنجن جي ويس ۾ لڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي.“
    اها ڪهڙي هاڃيڪار ڳالهه آهي، جنهن جو پليجي پنهنجي هن ڪتاب ۾ جائزو ورتو آهي. محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
    ”جيئن پراڻي شئي جو پراڻو هجڻ ئي ان جي قدر جو ماڻ نه آهي، تيئن نئون هجڻ به ان جي چڱائي جو دليل ڪونهي. نظرياتي طور تي، اسان جا ”جديدي“ دوست پاڻ به پنهنجي اُن ”جديديت“ جي ڪنهن انساني وٿ يا قدر جا قائل نه آهن. بلڪ هوپنهنجي ”جديديت“ کي انسان ۽ انسان جي دنيا کان پري رکڻ ئي پنهنجو منصب سمجهن ٿا. اصل ۾، خود فن به هنن لاءِ ڪا اهميت نٿو رکي، فن کي هو هڪ کيل، هڪ سانگ ئي سمجهن ٿا، ۽ چون ٿا ته زندگي، جيڪا ڳنڀير ۽ ڳري آهي، ان سان فن کي ملائڻ ئي نه کپي. ڇو ته فن رڳو فن ئي رهڻ کپي. ايئن هو زندگيءَ کان فن کي پري رکي، جيئن ادب کي تيئن فن کي به پنهنجي انفرادي مرضي ۽ ريچڪ جي تابع رکڻ چاهين ٿا. بلڪ ان لاءِ هو هر تسليم ٿيل ۽ پسند پيل ادبي ۽ فني معيار جي مذاق اڏائين ٿا، ۽ جديديت جي عشق ۾ پنهنجي نفرت، بلڪ ڪراهت جو اظهار ڪن ٿا ۽ کليو کلايو هو چون ٿا ته هنن جي ”تخليق“ مخصوص ماڻهن لاءِ، بلڪه فقط سندن پنهنجي پاڻ لاءِ آهي. هُنن کي ئي اُن مان مُسرت حاصل ڪرڻي آهي، ۽ ان لاءِ هنن جي اها ڪوشش ٿي رهي ته پنهنجي فن پاري مان انساني دلچسپيءَ جي ڳالهين يا مسئلن کي جيئن پوءِ تيئن گهٽائيندا وڃن. ويندي سندن ادب ۾ سندن ٻولي به ماڻهن جي ٻولي نه رهي. تان جو باقي جيڪا سندن ڪاوش بچي سا خالص سندن ”فن“ هجي، ۽ پوءِ اهو اهڙو وقت هوندو جو ان کي فقط فن جا خاص ڄاڻو، يعني آخري طور رڳو هو پاڻ ئي سمجهي سگهندا، ۽ ان مان سڄي جمالياتي مسرت ۽ ٻيو به جو ڪجهه ان ۾ باقي هجي سگهندو، سو اهي پاڻ ئي ان مان حاصل ڪري سگهندا.“
    مٿين ڪتابن کان سواءِ رسول پليجي جا طبعزاد ۽ ترجمن جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. انهن جا نالا هن ريت آهن: اوهان جي پڄاڻان (ترجمو ڪيل شاعري)، مارن مونجهه مُياس (سياسي ۽ ادبي مضمون)، ويهڻ مون نه وڙاءُ (مضمون ۽ انٽرويو)، مُائوزي تنگ، هوچي منهه جي آتم ڪهاڻي، قومي انقلابي جدوجهد ۽ ادب ۽ فن جي اهميت (مائوزي تنگ جو طويل مقالو-ترجمو)، جن جهونا ڳڙهه جلايو (مضمون)، هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن (ڪالم) ۽ سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار.
    رسول بخش پليجي جي سڀني لکڻين کي نوجوان اديب جامي چانڊيي ستن جلدن ۾ آڻڻ جي رٿا بندي ڪئي آهي، جن مان سياسي ادب جي نالي سان ٽي جلد شايع ٿي چڪا آهن.
    رسول بخش پليجي کي سنڌ جي قومي، انقلابي ۽ جمهوري جدوجهد جي حوالي سان سان ڪافي عرصو قيد ۽ بند ۾ پڻ رکيو ويو. سندس جيل ياترا جو احوال ٻن ڀاڱن تي ٻڌل ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جوقيدي“ ۾ ڇپيل آهي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران کيس ”ضمير جو قيدي“ پڻ قرار ڏنو ويو هو.


    رشيد ڀٽي

    سنڌي ٻوليءَ ۾ رشيد ڀٽي جي پنهنجي لکڻين جي حوالي سان، خاص ڪري ترقي پسند ادب جي واڌ ويجهه ۽ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان هڪ منفرد سڃاڻپ رهي آهي.

    سوانح
    عبدالرشيد ولد حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي 20آگسٽ 1932ع ۾ ڳوٺ اروڙ لڳ روهڙي، سکر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول واريتڙ سکر ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر، اسلاميھ ڪاليج سکر، ممتاز ڪاليج خيرپور، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، يونيورسٽي ۽ اي-بي-ڊي ڪاليج سکر مان ۽ شروعاتي ديني تعليم مدرسھ دينيھ دارالهُدى ٺيڙهي ضلع خيرپور مان حاصل ڪيائين.

    ادبي سفر
    رشيد ڀٽي جو والد حافظ عبدالحميد ڀٽي سکر مان ”المنار“ نالي سان هڪ هفتيوار اخبار ڪڍندو هو. جنهن ڪري رشيد ڀٽي کي علمي ۽ ادبي ماحول مهيا ٿيو ۽ پنهنجي والد وٽ ئي عربي ۽ فارسي جي مطالعي سبب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيس. ”المنار“ اخبار ۾ راشدي برادران ۽ مولائي شيدائي به لکندا هئا. اهي ۽ مولانا دين محمد وفائي، عبدالڪريم چشتي ۽ ٻيا اديب اڪثر ڪري ”المنار“ پريس ۾ ايندا هئا. انهيءَ وقت ڪيترائي اردو ۽ سنڌي رسالا جهڙوڪ: اديب سنڌ، ڪاميابي، توحيد، سنڌو، همايون، نيرنگ خيال، پيشوا، مولوي ۽ ادبي دنيا ”المنار“ پريس ۾ ايندا هئا. انهن جي مطالعي ۽ مٿين ڄاڻايل عالمن ۽ اديبن جي ماحول ادب جي مطالعي جو شوق پيدا ڪيس. 1952ع ۾ شيخ اياز سکر آيو ته ”سنڌ هاري ڪميٽيءَ“ جي هفتيوار اخبار ”روشني“ جو ايڊيٽر ٿيو. اها اخبار ”المنار“ پريس ۾ ڇپبي هئي. شيخ اياز جي اچڻ ڪري ۽ سندس مطالعي جو شوق ڏسي، اياز کيس لکڻ جي لاءِ همٿايو. ائين هن پهرين ڪهاڻي ”چوري“ جي نالي سان لکي، جيڪا شيخ اياز ”روشنيءَ“ ۾ ڇپي، جنهن جي ڪري رشيد ڀٽي جي همت افزائي ٿي.
    1953ع ۾ ، رشيد ڀٽي، پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ ڪراچي آيو ته مرحوم احسان بدوي ۽ نورالدين سرڪي، سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهرين ۾ هن جي همت افزائي ڪئي. انهيءَ وقت احسان بدوي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهائيندو هو ۽ ”ڪاليج مخزن“ جو ايڊيٽر نورالدين سرڪي هو. ائين پاڻ هڪ مزاحيه ليک ”سچ“ جي نالي سان لکي وٽس کڻي ويو ۽ اهو ڪاليج مخزن ۾ ڇپيو. ائين رشيد ڀٽي جي لکڻ جي باقاعده شروعات ٿي.
    پر حقيقت ۾ رشيد ڀٽي صحيح معنى ۾ ”نئين زندگي“ کان لکڻ شروع ڪيو، جيڪو اُن زماني ۾ ”مولوي عبدالواحد سنڌي“ جي ادارت هيٺ نڪرندو هو. جيتوڻيڪ اهو هڪ سرڪاري پرچو هو، پر مولوي عبدالواحد سنڌي پنهنجي ذاتي محنت ۽ لگن سان هڪ ڀرپور پرچو بنائي ڇڏيو هو. ورهاڱي کان پوءِ جتي سنڌکي سياسي حوالي سان نقصان ٿيو، اُتي سنڌي ادب ۽ خاص ڪري ترقي پسند ادب جو نئون ڦٽيل ٻوٽو وڻ ٿيڻ کان اڳ ئي سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويو. مولوي عبدالواحد سنڌي انهيءَ زماني ۾ انهيءَ سُڪل ٻوٽي جي آبياري ڪري، کيس وڏو ڦلدار درخت بنائڻ جي منزل تي پهچايو. هوءَ نه رڳو پراڻن لکندڙن کان لکرائيندو هو، پر نون لکندڙن کان، زوري ويهي به لکرائيندو هو. ايئن مولوي عبدالواحد سنڌي، سنڌي ساهت جي وڏي خدمت ڪئي.
    رشيد ڀٽي جي ادبي نشوونما ۾ مولوي عبدالواحد جي قدرداني، همت افزائي جو وڏو هٿ آهي، جنهن جو اعتراف خود رشيد ڀٽي به پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪيو آهي.
    انهن ڏينهن رشيد ڀٽي مزاحيه ادب لکندو هو ۽ سنڌي ادب ۾ انهيءَ صنف جي به کوٽ پڻ هئي. علي احمد بروهي ۽ محمد حسن ”ڪروڙ پتي“ کان پوءِ رشيد ڀٽي مزاحيه ادب ۾ وڏو نالو ڪڍيو. نور عباسي ۽ حليم بروهي ته ڪافي پوءِ جا آهن. مزاحيه ادب جي صنف ۾ علي احمد بروهي. ڪروڙ پتي، رشيد ڀٽي کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن جا افسانا مشهور ٿيا ته اهو نور عباسي هو، سندس ڪتاب ”چمڙي جا واپاري“ ۽ ڪالمن جو ڳٽڪو ”واٽ ويندي“، (جيڪو راقم جو مرتب ڪيل آهي.) سنڌي مزاحيه ادب ۾ اهم حيثيت والارين ٿا.
    رشيد ڀٽي هڪ ئي وقت افسانه نويس، شاعر، فلسفي، ترجمي ۽ ناول نويسيءَ جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو.
    انهيءَ کان سواءِ رشيد ڀٽي ڪيترين ئي ادبي تنظيمن ۽ تحريڪن جو پڻ روح روان رهيو ۽ ڪيترن ئي ادبي ادارن جي مشاورتي بورڊن تي پڻ ميمبر ٿي رهيو.
    سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جوبنياد وجهندڙن ۾ رشيد ڀٽي جو هٿ رهيو ۽ هو انهيءَ جو باني سيڪريٽري ٿيو. اڳتي هلي 1966ع ۾ پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ 1970ع ۾ استعفى ڏنائين. رشيد ڀٽي ويسٽ پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر، مرڪزي گلڊ جي ڪائونسل جو ميمبر ۽ گلڊ جي سنڌي ريجن جوسيڪريٽري به رهيو، جنهن جو مدو ڇهه سال هو، تنهن کان سواءِ سنڌالاجي جي مشاورتي ڪميٽي جوميمبر پڻ رهيو ۽ ”سنڌ انٽيليڪچوئل فورم“ جو باني ڪنوينر به رهيو.
    رشيد ڀٽي پنهنجي لکڻين توڙي فڪري ۽ تنظيمي حوالي سان جيل به ڀوڳيو. هو سنڌيت جو وڏو پرچارڪ ۽ قومپرست ترقي پسند فڪر جو داعي هو. هو سنڌ جي ادبي توڙي سياسي کيتر جو اڻٿڪ ڪردار رهيو ۽ پنهنجي حياتي امن، آجپي ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ۾ گذاري. هن پنهنجي لکڻين توڙي عمل جي حوالي سان اهو ثابت ڪيو ته اديب کي هر حال ۾ پنهنجي قوم جي مسئلن جي نبيري واسطي ادبي، توڙي سياسي عمل ۾ موجوده رهڻ کپي.
    سنڌ ۾ شيخ اياز تي رجعت پسندن جيڪا باهوڙ ڪئي، رشيد ڀٽي انهيءَ جو به ڀرپور دفاع ڪيو ۽ شيخ اياز جي ٻن ڪتابن ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ ۽ ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جا نهايت سگهارا مهاڳ لکي اياز جي قومپرست ۽ ترقي پسند فڪر کي نروار ڪيو، تنهن کان سواءِ شيخ اياز جو پهريون ڪتاب ”اڪ جون ڦلڙيون“ پڻ رشيد ڀٽي ڇپرايو.

    تصنيفون
    رشيد ڀٽي، پنهنجي سڄي زندگي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيو.
    انهيءَ سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

    اصلوڪيون لکڻيون
    آدرشي (طنز و مزاج)، (2)گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، (ڪهاڻيون)، (3)عاشق زهر پياڪ (پنج ائڪٽي ناٽڪ)، (4)ديس ستا دل وارا جاڳيا (ڪهاڻيون)، (5)اوڀاريون لهواريون (مزاحيه تقريرون)، (6)سياري جي رات (ڪهاڻيون)، (7)سياسي مسئلن جو حل سوشلزم(سياسي مضمون)، (8)سچ جو فلسفو (سياسي جدلياتي فلسفو)، (9)پاڪستان جا پراڻا شهر (تاريخ)، (10)جيءُ جياريو جن (وڇڙي ويل ساٿين کي شرڌانجليون) ، (11) پاپ ۽ پيڙا (ناول).

    ترجمو
    (12)دنيا جا عظيم افسانا (ڪهاڻيون)، (13)رياست ۽ آزادي (سياسي فلسفو). (14)ڪميونسٽ پڌر نامو (سياسي معاشي فلسفو)، (15)چتر ليکا (ناول)، (16)جڏهن جهوڪ جُهريو (تاريخ)، (17)ويرن جي وسندي (ناول)، (18)تضاد بابت (تضادن جو فلسفو)، (19)ڀلاري ڀونءَ (ناول، جيڪو سندس وفات سبب اڌ ۾ رهجي ويو ۽ باقي رهيل ترجمو ڪلال ڪيو ۽ سنڌالاجي ڇپرايو) ڪلمنجارو جي برف. (ارنيسٽ هيمنگوي جون ڪهاڻيون).

    ترتيب ۽ تاليف
    (1)آڏي ڍال مَ ڍار (قومي شاعري)، (2)سنڌ جا پراڻا شهر (مولائي شيدائيءَ جا تاريخي مضمون)، (3)انگلينڊ جا اڍائي سال (لعل جوڻيجي جون يادگيريون)، (4)خط، تقريرون، انٽرويو (شيخ اياز).
    مٿين ڪتابن کانسواءِ رشيد ڀٽي جو اردو ۾ لکيل ڪتاب ”تصوف ۽ ڪلاسيڪي سندهي شاعري“ جي نالي سان 2010ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ پاران ڇپرايو ويو.
    مٿين ڪتابن کان سواءِ رشيد ڀٽي روزاني ”الواحيد“ ڪراچي، ”نئين سنڌ“ اخبار ۾ سب ايڊيٽر نيوز ايڊيٽر، ”صبح سنڌ“ ڪراچي ۽ ”عبرت“ حيدرآباد جو ڪجهه وقت ڪالم نگار، ”هلال پاڪستان“ ۽ هفتيوار ”برسات“ ڪراچي ۾ ”جي مٺونه ڀانئين“ جي نالي سان ڪالم ۽ سنڌي ۽ انگريزي ۾ مخزن ۽ مقالا لکيا، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيل ناهن. تنهن کان سواءِ رشيد ڀٽي جا ڪجهه ڪتاب اڃان قلمي صورت ۾ پڻ موجود آهن.
    رشيد ڀٽي 16فيبروري 1988ع تي وفات ڪئي.


    ســراج

    سراج جو نالو هڪ ئي وقت لسانيات، سنڌي ڪهاڻي، ناول ۽ ڪالم نگاريءَ جي ميدان ۾ سرموڙ ليکڪ جي حيثيت سان ڳڻي سگهجي ٿو، ۽ سنڌي ناول جو ڪوبه تذڪرو ”سراج“ جي ناولن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پورو چئبو. نه رڳو اهو، پر صحافت جي شعبي ۾ پڻ سراج جو نالو وڏي اهميت ۽ حيثيت ٿو رکي.

    سوانح
    سراج، حيدرآباد جي ڀرسان ٽنڊي ڄام ۾ 24 آڪٽوبر 1933ع تي جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل هو ۽ انهيِءَ سان گڏ علم وادب سان به دلچسپي هيس، سندس ترجمو ڪيل ”ديوان حافظ“ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ پڙهڻ سان گهاٽو واسطو رهيو. تعليم جي پورائي کان پوءِ سراج ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول سروس ۾ گهڙيو، جتان کيس 3نومبر1970ع تي زوري رٽائر ڪيو ويو. اڳتي هلي سراج صحافت، ادب ۽ وڪالت جي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻيون ۽ ملڪ جي چوٽي جي وڪيلن ۾ ڳڻجڻ لڳو.

    ادبي سفر
    سراج جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ”اي درد هلي آ“ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ”اٺون ماڻهو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سراج جون ست ڪهاڻيون شامل هيون. انهيءَ ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي ”اٺون ماڻهو“ آمريتي دور ۾ ماڻهن سان ٿيل عقوبتن جي چٽي عڪاسي ٿي ڪري ۽ دنيا جي علامتي ۽ مزاحمتي ادب جي شاهڪار ڪهاڻي آهي. پنهنجي ڪهاڻين جي سفر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”ڪهاڻيون مون اڳي به لکيون آهن، ڪهاڻيون اڄ به لکان پيو، انهن مان به ڪي ڇپجن ٿيون، ڪي ڪو نه ٿو ڇپايان. ان لاءِ ڪي ئي سبب آهن. گهڻو ڪري اهي سبب سڀ جذباتي آهن. انهن جو وقت آيو ته وضاحت به ڪندس.“

    ناول نگاري
    جديد سنڌي ادب ۾ مرزاقليچ بيگ کان پوءِ سراج ئي اهو ليکڪ آهي جنهن سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا آهن، ۽ سراج اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ”پياسي ڌرتي، رمندا بادل“ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي آهي.
    سراج سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق ڏياريو، جن سنڌ جي تاريخ اڳي ڪونه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ 1970ع ۾ ڇپيو هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ٿو ڪري. انهيءَ ناول ۾ پيش ڪيل ڪهاڻي جي وضاحت ڪندي ليکڪ لکي ٿو:
    ”جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ تي قبضو ڄمايو، تڏهن هن ايترا ظلم ڪيا، جو ڪنهن شاعر اُن وقت حملي جي تاريخ ”خرابي سنڌ“ مان ڪڍي هئي. ترخانن ۾ مرزا باقيءَ جو دور سڀ کان اونداهو ۽ سڀ کان روشن دور آهي، سڀ کان اونداهو انهيءَ ڪري جو هن کان وڌيڪ ظالم ٻيو حاڪم نه ٿيو، ۽ سڀ کان روشن ان ڪري جو ان ظلم خلاف سنڌي قوم منظم ٿي بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جو تاريخن ۾ ان بغاوت ڪرڻ جي يڪي ۽ سربستي ڪهاڻي لکيل ڪانهي، پر مختلف تاريخن ۾، مختلف شاعرن جي شعرن ۾ ننڍا ننڍا واقعا بيان ٿيل آهن، جن ۾ مون کي هڪ عظيم سلسلو ٿو نظر اچي. انهن ئي واقعن جي هيءَ ڪهاڻي آهي.“
    مٿين ڳالهه جي روشني ۾ ڪتاب جي مهاڳ ۾ جمال ابڙي لکيو آهي:
    ”سراج انهن سڀني مسئلن کي، ننڍي ناول دوران سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس سمجهو ۽ دور رس نگاهه، ماضي، حال ۽ مستقبل کي يڪجاءِ ڪري، تاريخي پس منظر ۾ حقائق کي بي نقاب ڪيو آهي.“
    سندس ٻيو ناول ”مرڻ مون سين آءُ“ 1988ع ۾، ڇپيو، جيڪو پڻ تاريخي پس منظر ۾ لکيل ۽ ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جو ٻيو ڀاڱو ئي سمجهڻ کپي.
    سراج جي ٽريالاجي ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي نالي سان ڇپي، جيڪا ٽن ڌار ڌار ناولن تي ٻڌل آهي. انهي جو ذڪر ڪندي سراج لکي ٿو:
    ”سنڌي ٻولي“ 1964ع ڌاري ڇپيو. تڏهن منهنجي دوست پبلشر ان نالي جو اعلان به ڪري ڇڏيو، پر ان کان پوءِ 1965ع واري جنگ لڳارائي ويئي. منهنجي هنيانءُ ڇڄي ويو. ناول ڇپائڻ تان ارواح کڄي ويم. هي ناول ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ٽن ناولن تي مشتمل آهي. ٽريالاجي آهي.“
    سراج جي انهن ناولن سنڌي ادب ۾ وڏي اٿل پٿل آندي ۽ آمريتي دور (88-1977ع) ۾ ڇپجڻ جي ڪري قومي ۽ سياسي ڪارڪنن کي وڏو حوصلو مليو. انهن ناولن پڙهڻ سان سنڌي قوم، سنڌ جي صورتحال ۽ ڌارين جا ظلم فلم جيان نظر اچن ٿا. سراج جا اهي ناول سنڌ جي تاريخ جي ترتيبوار بابن جيان آهن.

    لسانيات
    لسانيات جي موضوع تي ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان سراج جو ڪتاب 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن تي تمام گهڻو لکيو ويو ۽ گهڻي ڏي وٺ ٿي. هن ڪتاب ۾ سراج وڏي محنت سان تحقيق ڪري، عالمي ماهرن جي دليلن ۽ پختي يقين سان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ”سنڌي ٻولي“ سنڌ جي اصلوڪي ٻولي آهي ۽ ان جا وارث سنڌ جا قديم باشندا ئي آهن. ڪتاب جو نچوڙ بيان ڪندي سراج لکي ٿو:
    ”جڏهن چار سال کن ٻولين جي تاريخ، سنڌي تمدن ۽ موئن جي دڙي متعلق ڪجهه مطالعو ڪيم ته حيرت انگيز ڳالهيون نظر آيون، سڀ کان اهم ڳالهه ته اها نظر آئي ته ٻولي جي ماهرن ۽ تاريخدانن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تمدن سان بلڪل ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ پي ڪيو آهي. ٻي ڳالهه هيءَ ته سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مائٽاڻون لاڳاپو ته آهي، پر ايئن نه جيئن اسان وٽ زبان زد آهي. دراصل ڳالهه ته مرڳوئي اُبتي آهي. سنڌي جيڪڏهن ڪن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي ته سنڌي جو اُن کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت ته هڪ طرح سان سنڌي جي ڄائي آهي. سڌي طرح نه سهي ته اڻ سڌي طرح سهي. اهو هڪ اهڙو احساس ۽ خيال هو، جنهن لاءِ مون سمجهيو ته دنيا مون کي پاڳل سمجهندي.“
    ڪتاب جي مهاڳ ۾ محترم محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
    ”لائق مصنف هن ڳالهه مڃڻ کان به انڪاري آهي ته سنڌي ڪا سنسڪرت ڄائي آهي. ان باري ۾ سندس راءِ آهي ته (هاڻوڪي) سنڌي توڙي سنسڪرت (۽ ٻيون اڪثر هند، پاڪستاني ٻوليون) سڀئي هڪڙي ساڳئي (اوائلي) ٻولي مان نڪتل آهن. جنهن کي پڻ هو ”سنڌي“ سڏي ٿو. پر جنهن لاءِ هو شايد پروٽو سنڌي يا پروٽو انڊڪ (يا پروٽو هند يورپي) لفظ استعمال ڪرڻ وڌيڪ مناسب سمجهندو.“
    هن ڪتاب کي ”رائيٽرس گلڊ“ پاران انعام پڻ مليو ۽ 2009ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ ڇپيو. مٿين ڪتاب کان سواءِ سراج ”علم معاشيات“ ڪتاب پڻ لکيو، جنهن ۾ معاشي مسئلن بابت ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آهي.

    صحافت
    1971ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ پوءِ وزير اعظم ٿيو ته هن ”سراج“ کي پنهنجي اخبار ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. جتي هن پنهنجي صحافتي ڪردار کي مڃايو ۽ اخبار ۾ صحافتي حوالي سان نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا. اڳتي هلي جڏهن فقير محمد لاشاري ”جاڳو“ اخبار جو اجراءَ ڪيو ته انهي جي پويان پڻ ”سراج“ جو ئي ذهن هو. انهن اخبارن ۾ پاڻ ان دور جي اهم مسئلن تي ڀرپور ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۽ ”سياسي منظرنامو“ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا، جن جي پڻ هڪ ڌار حيثيت آهي.هن ”س، م لاهوتيءَ“ جي نالي سان پڻ ڪيترائي اهم مضمون لکيا.
    تنهن کان سواءِ سراج، شاهه لطيف جي حوالي سان پڻ مقالا لکيا. خاص ڪري شاهه سائين جي سياسي ۽ مزاحمتي شاعري تي هن آمريتي ڏينهن ۾ جرئت سان قلم کڻي،شاهه جي ٻوليءَ ۾ سنڌي قوم کي مزاحمتي جنگ جو پيغام ڏنو.
    لسانيات،ڪهاڻي، ناول نگاري ۽ صحافت کان سواءِ سراج ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا. جن ۾ ڪرشن چندر جي رپورتاز ”ڏکڻ مان ٿو اُڀري سج“ (1953ع)، چونڊ آمريڪي افسانا (1958ع) ۽ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ (1958ع) اهم آهن. شروعاتي دور ۾ سراج شاعري پڻ ڪئي. نئين زندگيءَ ۽ مهراڻ ۾ ڇپيل سندس نظم، نثري نظم جي صنف ۾ شاهڪار نظم آهن، جن مان هڪ نظم ’ڪراچي‘ يادگار نظم آهي.
    سراج جي مٿين ڪمن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سراج ”سنڌي ادب جو آل رائونڊر (گهڻ رُخو)“ ليکڪ آهي.


    سوڀو گيانچنداڻي

    سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ”سنڌ جو لال قلندر“ سڏيو آهي. هو لکي ٿو: ”سوڀو اسانجو لال قلندر آهي، جنهن جي جتيءَ ۾ اڃان تائين ڪنهن به پير نه پاتو آهي، وقت پلٽو کائيندو ۽ ان جي مٽيءَ تي ميلالڳندا، ان ۾ مون کي ذرو به شڪ نه آهي.“

    سوانح
    سوڀي گيانچنداڻيءَ، 3مئي 1920ع تي ڳوٺ ٻنڊي ضلع لاڙڪاڻي ۾ تنورمل گيانچنداڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. پوءِ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. ڇهون ۽ ستون درجو اين جي-وي هاءِ اسڪول ڪراچي، فرسٽ ايئر ۽ انٽر آرٽس ڊي-جي-سنڌ ڪاليج، ڪراچي ۾ پڙهيائين. گريجوئيشن شانتي نڪيتن ڪاليج (ڪلڪته يونيورسٽي) مان ڪيائين، جيڪا رابيندر ناٿ ٽئگور جي والد ديويندر ناٿ جي قائم ڪيل هئي. جتي هو ويو ته راڳ ۽ ساز جي سکيا وٺڻ هو. پر انقلابي ۽ ليکڪ ٿي موٽيو.
    اڳتي هلي ايس، سي، شهاڻي لا ڪاليج ۾ هڪ سال جي لاءِ پڙهيو. پر 1942ع واري جدوجهد ۾ جيل وڃڻ سبب پڙهائي مڪمل ڪري نه سگهيو. بعد ۾ وري ڪراچي يونيورسٽي ۾ 58-1957ع ۾ ٿرمس رکيائين، پر وري گرفتار ٿي جيل ۽ نظربنديءَ سبب، پوري ڪري نه سگهيو. پوءِ 1967ع ۾ لاء ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو، جتي بعد ۾ اُستاد ۽ پرنسپال جي حيثيت ۾ به رهيو ۽ اڳتي هلي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين.
    ادبي وابستگي
    ٻارهن يا تيرهن ورهين جي عمر ۾ قمبر جي اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو ته کيس هڪ ڪتاب ”راجا جند جو سپنو“ پڙهڻ لاءِ مليو. انهيءَ ڪتاب جو اثر سندس ذهن تي ڪافي عرصو رهيو. تنهن کان پوءِ سکن جون ڌرمي ساکيون ۽ رامائڻ پڙهيائين. ائين سندس ڪتابن سان لاڳاپو ٿيو. سوڀي گيانچنداڻيءَ پنهنجي پهرين ڪهاڻي 1938ع ۾ ”اڍائي روپيا“ جي نالي سان لکي، جيڪا ”سنسار سماچار“ جي ماهوار شماري ۾ ڇپي. ان کان اڳ پاڻ 1936ع ۾ ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ تي مضمون لکيائين، جيڪي اين-جي-وي هاءِ اسڪول جي مئگزين ۾ شايع ٿا. 1938ع ۾ ئي سوڀي هڪ ڊرامون ”نيپولين انسينٽ هيلن“ لکيو،جيڪو پڻ ”سنسار سماچار“ ۾ ڇپيو، پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”اڍائي روپيا“ لکجڻ جي وارتا بيان ڪندي، سوڀي گيانچنداڻي هڪ هنڌ لکيو:
    ”باڊهه ۾ منهنجو هڪ مامون رهندو هو. مان ڪراچي وڃڻ جي لاءِ گاڏي جي انتظار ۾ بيٺو هئس، جو هو ڊڊو ڪاهي اچي پهتو. پڇيائين، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ وراڻيم، ”ڪراچي وڃڻو اٿم، باڊهه هلندس.“ چيائين: ”پويان ويهه.“ آئون پويان چڙهي ويٺس واٽ تي وهڻي جو ڳوٺ ٿو اچي. چيائين، ”هتان وصولي ڪرڻي آهي. بس رڳو ٻه منٽ لڳندا.“ وياسين، مکڻ، ماني، ماکي سڀ اچي ويون. کائي پي ڍءُ ڪيوسين. ڪي ٻه اڍائي سير گيهه جا به ورتائين. مکڻ به کنيائين ۽ ڊڊي جي خرزين ۾ اَنُ ڀريائين. پوءِ اُٿي هلياسين. اهو ڏسي مون کي دلچسپي جاڳي. ان وقت مان ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ خيالن وارو هئس.سو پڇيو مانس: ”ماما! هي سڀ ڇا آهي؟“ وراڻيائين، ”ٻه-ٽي سال اڳ هو آيو هو. ڪپڙي جو ڪو ٽڪرو ورتائين، اڍائي روپيا کن مٿس رهجي ويا. هيستائين سئو روپيا کن ته ڪڍي ويو آهيانس. اڃا تائين پيو وهي. جيستائين مور نه لاهي. ائين مون پهرين ڪهاڻي اڍائي روپيا لکي.“
    اها نه رڳو سوڀي جي پهرين ڪهاڻي هئي، پران وقت جي سنڌ جي حالتن جي عڪاسي به ٿي ڪري ته ڪيئن نه وياڄ خور، غريب پورهيت سنڌين جو هڏ ماس کائيندا هئا.
    اڳتي هلي سوڀي ٻيون به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي پوءِ 1994ع ۾ ”سچائي اشاعت گهر، دڙو“ پاران ”ڪڏهن بهار ايندو؟“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ٻن ڪهاڻين جي واڌاري سان 2010ع ۾ راقم سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ڇپرايو. سوڀي جون اهي ڪهاڻيون سنڌي ادب جي اوائلي ترقي پسند ڪهاڻين ۾ ڳڻجڻ ٿيون.
    انهن ڪهاڻين جو ڇيد ڪندي ”ڪڏهن بهار ايندو“ جي مهاڳ ۾ اياز قادري لکي ٿو:
    ”ڪامريڊ سوڀو انهن ڪهاڻيڪارن وانگر ڪهاڻيڪار نه آهي، جن پنهنجو سمورو ڌيان ڪهاڻي لکڻ ڏانهن ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي دنيا جي ادب جو وسيع مطالعوڪيل آهي ۽ هو پنهنجي سنڌ جي ڏتڙيل حالت ۽ مختلف مسئلن کان وقت بوقت متاثر ٿيندو رهيو آهي. تنهن ڪري جڏهن به ڪنهن خاص واقعي، معاملي يا مسئلي هن جي دل کي چوٽ رسائي آهي، هن جي اندر ۾ آنڌمانڌ پيدا ڪئي آهي ته هن بيوس ٿي ان واقعي کي ڪهاڻي جو روپ ڏيئي ڇڏيو آهي. هن جون ڪهاڻيون ”ڀاڄوڪڙ“، ”خودڪشي“ ۽ ”ڪجهه ڇوڪر هيئن به پيار ڪن ٿا“ شانتي نڪتين واري زماني ۾ اصل انگريزي ۾ لکيل آهن، جيڪي وڏي عرصي کان پوءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيون ويون آهن. سندس ٻيون ڪهاڻيون ”پرديسي پريتم“، ”بچاءَ بند“ ۽ ”انقلابي جو موت“ پوءِ جون لکيل ڪهاڻيون آهن، جيڪي پڻ سنڌ جي ادبي حلقن ۾ واکاڻيون ويون.
    .....ڪامريڊ جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن جي زندگيءَ ۽ مسئلن جي تصوير پيش ڪيل آهي.هن هروڀرو عام ڪهاڻيڪارن وانگر پنهنجي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جو طلسم،رنگيني، تشبيهن، استعارن جو سهارو نه ورتو آهي. پر جيڪا ڳالهه ٻُڌائڻ ٿو چاهي، سا بلڪل سادن سودن ۽ عام فهم لفظن ۾ بيان ٿو ڪري،جنهن ڪري اهي ڪهاڻيون پڙهندڙن جي دلين تي گهرو اثر ڪن ٿيون، ڪامريڊ جي ڪهاڻين جا پلاٽ اسان جي روزمره جي زندگيءَ مان ورتل آهن.
    ....ڪامريڊ سوڀي جي ڪهاڻين جا ڪردار اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائين ۽ سمجهائين ٿا ۽ انهن مان هر هڪ وٽ ڪونه ڪو بامقصد پيغام آهي، جيڪو هر دور جي پڙهندڙ کي اُتساهه بخشيندو رهندو ۽ زندگي جي راهه ۾ پير پساري ويهڻ بجاءِ منجهن اڳتي وِک وڌائڻ جو وِلولو ۽ حوصلو پيدا ڪندو رهندو.“
    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ڪهاڻين کان سواءِ ڪيترائي اخباري ڪالم پڻ لکيا آهن، جن جا ٽي ڪتاب: (1) تاريخ جا وساريل ورق، (2)تاريخ ڳالهائي ٿي، (3) ”وڏي وٿ هئام“ شايع ٿيل آهن، جن جا پوءِ اردوءَ ۾ ”تاريخ بولتي هي“، ”سندهه کي انقلابي رهنما“ ۽ ”انقلابي ڪي موت“ (ڪڏهن بهار ايندو جو ترجمو) جي نالن سان اسلم رحيل مرزا ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا.
    ڪامريڊ سوڀي جي انهن ڪالمن ۽ لکڻين تي تبصرو ڪندي انور پيرزادو لکي ٿو:
    ”سوڀي اڄ تائين جيڪو لکيو آهي، سو ڇپجي نه سگهيو آهي. سوڀي جو سياسي ۽ سماجي تجزيو پنهنجي همعصرن کان ان ڪري به مختلف ۽ تخليقي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هومظلوم انسانيت جو وڪيل آهي ۽ ماڻهوءَ جي درد کي محسوس ڪندڙ آهي، خوددار ۽ اڏول ڄڻ گئليلو هجي.“
    سوڀي گيانچنداڻي جون ادبي سرگرميون 1944ع کان شروع ٿيون، ۽ انهيءَ سان گڏ هو ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ رهيو. شاگرد مزدور ۽ هاري تحريڪن سان پڻ وابسته رهيو. ڪامريڊ سوڀو جنوري 1957ع کان وٺي سيپٽمبر 1958ع تائين روزاني اخبار ”نئين سنڌ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جنهن جو مالڪ محترم جي-ايم-سيد هو.
    ڪامريڊ پنهنجي سياسي سرگرمين جي ڪري 1942ع، 1946ع، گڏيل هندستان جي دور ۾ ۽ 1948ع کان 1952ع تائين پهرين ڀيرو ۽ 1954ع کان 1956ع تائين ٻيو ڀيرو، 1959ع کان، 1960ع تائين ٽيون ڀيرو، ۽ 1965ع کان 1966ع تائين چوٿون ڀيرو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيل پڻ ڀوڳيو.
    علي احمد بروهي جي لفظن ۾:
    ”پاڪستان ۾ خاص طور، سنڌ ۾ سوڀي جو وڏو رول هي پي رهيو آهي ته هن ذاتي طور تي پنهنجي وس ۽ وت آهر، سنڌ جي نئين ٽهيءَ کي سولي دڳ لاهڻ جي جاکوڙ پئي ڪئي آهي. پوءِ ڪڏهن لکڻين ۾ ڪهاڻين يا ادبي مجلسن ۾ تقريرن وسيلي، يا وري ذاتي ڪچهريون ڪندي. اڄ به جيڪڏهن سنڌ جي نوجوان سياسي يا سماجي ورڪرن يا دانشورن ۾ ڪي ڳنڀير ۽ مدبر قسم جا داڻا ڪڻا پسجن ٿا ته خاطري آهي ته انهن ۾ گهڻي قدر سوڀي جي سنگت يا شخصيت جو اثر ۽ تاثير ضرور سمايل هوندو.“


    سُندري اُتمچنداڻي

    سنڌي عورت ليکڪائن ۾ سُندري اُتمچنداڻي جو مقام تمام مٿانهون آهي. هن کي لکندي لڳ ڀڳ پنجاهه سال ٿي ويا آهن، انهي حساب سان هوءَ سنڌي ٻولي جي سينيئر ليکڪا آهي.

    سوانح
    سنُدري اُتمچنداڻي 28سيپٽمبر1924ع ۾ ’ناهين جي پڙ‘ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. هن ميٽرڪ تائين تعليم ’تولارام اسڪول‘ ۾ حاصل ڪئي. ورهاڱي ٿيڻ تي پنهنجي ور اُتم سان گڏجي وڃي بمبئي وسايائين. جتي ايم اي ڪيائين ۽ اتي ’ڪي جي کلناڻي اسڪول‘ جي ڪاليج سيڪشن ۾ سنڌيءَ جي استاد ٿي رهي. هن تعليم دوران حيدرآباد ۾ سنڌي جي مشهور ليکڪ ڪامريڊ اي.جي.اُتم (آسن داس ڄيٺانند اُتمچنداڻي)سان پنهنجي پسند جي شادي ڪئي، کيس ٻه ڌيئر آهن.

    ادبي اوسر
    سُندري اُتمچنداڻي کي ادب سان چاهه خانداني طور مليو. سندن گهر ۾ تمام گهڻا ڪتاب موجود هوندا هئا. سندس ڏاڏي، پيءُ ۽ ڀائرن جا ڪافي ڪتاب گڏ ڪيل هئا، ”آئون پنهنجي گهر ۾ آخري ٻار هيس، منهنجين ڀيڻن جي شادي ٿي ويل هئي ۽ ڀائر ڪم سانگي ٻاهر رهندا هئا. راند جا موقعا گهٽ هجڻ سبب منهنجو ڌيان گهڻي حد تائين ڪتابن ڏانهن ئي رهيو. ڪتابن پڙهندي منهنجي ذهن ۾ هڪ وڏي ليکڪا ٿيڻ جو سپنو اُڀريو، پر ميدان وغيره ڪجهه به ڪونه هو. اهو سپنو ساڀيان تڏهن ٿيو جڏهن مون کي ورهاڱي وقت اُتم کي ڏسڻ ۽ ساڻس ڳالهائڻ جو موقعو مليو.“
    ان وقت سنڌ ۾ ٻين ڪيترين ئي عورتن لکڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، جيڪي ليک پڙهي سندريءَ ۾ ڪافي اُتساهه پيدا ٿيندو هو. ان وقت عورتن جو هڪ گروپ هوندو هو، جتي پڻ سندري جي ڪافي تربيت ٿي. اهو 1936ع کانپوءِ جو دور هو، جڏهن ترقي پسنديءَ جي لهر زورن تي هئي. ”ان ئي درور ۾ مون کي اُتم کي ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ آئون به ساڻس گڏ انهيءَ ڌارا ۾ شامل ٿي ويس.“ سندري ٻڌائي ٿي.
    ان وقت 1946ع ڌاري هوءَ عورتن جي هڪ مخزن ”ساٿي“ جي جوائنٽ ايڊيٽر ٿي، پوءِ ’سنڌو سماچار‘ ۽ ’سنڌو سنسار‘ اخبارن جي عورتن جي ڀاڱي جي ايڊيٽر پڻ هئي. ان وقت تائين سندس هڪ ترجمو ڪيل ڪهاڻي پڻ ڇپي هئي. ”باقي جڏهن اُتم جو مون کي پورو ساٿ مليو ته ڄڻ منهنجي اميجينيشن کي پَر لڳي ويا. مان پاڻ کي ائين محسوس ڪرڻ لڳيس ته ڄڻ، ڪن اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ اچي ويئي هيس. جتي منهنجي من جو ڏاڍو وڪاس ٿيڻو هو.“
    سُندري جي پنهنجي پهرين تخليق هندستان ۾ ڇپي. اها ڪهاڻي ”ممتا“ هئي. جنهن هندستان جي ڪيترن ئي وڏن ليکڪن ۾ انعام کٽيو، جنهن ڪري سُندري ۾ لکڻ جي لاءِ ڏاڍو اُتساهه پيدا ۽ پاڻ ۾ اعتماد پيدا ٿيس.
    سندري کي راڳ پڻ تمام گهڻو وڻندو آهي. جنهن جي لاءِ هن سنڌ ۾ ’برهمانند‘ کان باقاعده راڳ ڳائڻ جي سکيا ورتي هئي. انهيءَ کان علاوه هن کي ناٽڪ سان به لڳاءُ آهي. هن اداڪارا جي حيثيت سان ”املهه ماڻڪن جو واپار“ ۽ ٻين ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ پڻ ڪم ڪيو. هن سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي ڪناري“ ۾ پڻ سٺي اداڪاري ڪئي. انهن کان علاوه آل انڊيا ريڊيو تان به هن ڪيترن ئي ناٽڪن ۾ به حصو ورتو.
    هوءَ ”سنڌي ساهت منڊل“ ممبئي جي بانيڪار ۽ ”سنڌوناري سڀا“ ۽ ”سنڌو ٻال مندر سوسائٽين“ جو پايو وجهندڙ پڻ آهي.

    سُندريءَ جا ڪتاب
    سُندري اُتمچنداڻيءَ جا هيستائين ڪيترائي ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ٻه ناول پڻ ڇپجي چڪا آهن. سندس پهريون ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”اڇا وار ڳاڙها گل“ جي نالي سان1965ع ڇپيو. ٻين ڪتابن ۾: تو جنين جي تات (ڪهاڻيون-1970ع) ڀوري (ڪهاڻيون-1979ع) ٻنڌڻ (ڪهاڻيون-1982ع) ۽ ٻه ناول: ڪرندڙ ديوارون-(1953ع) ۽ پريت پراڻي ريت نرالي (1956ع) ۾ شايع ٿيا.
    سندس ٻين ڪتابن ۾ ”ڀارت ۽ روس - ٻه ٻانهن ٻيلي“ (مضمونن جو مجموعو (1975ع)، مئڪسم گورڪي جوناول ”ٽٽل ساز“ جي نالي سان ترجمو (1956ع)، ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو ”هڪ سسئي، سئو سور، 1978ع ۽ مليالم ناول جو ترجمو ’ساگر جي سنٿان‘ پڻ ڇپيل آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن هڪ سئو روسي ڪوتائن جو ترجمو ”امن سڏي پيو“ 1966ع ۾ ڪيو. شولو خوف جي لکڻين جي ترجمي تي ٻڌل ”شولو خوف جي جهلڪ“ 1975ع بريزنيف جي يادگيرين تي ٻڌل ٽي ڪتاب ملايا زيمليا (1978ع) نئون جنم (1978ع)۽ ڪنواري ڌرتي (1979ع) ۾ ڇپيا ۽ روس جو سفرنامو ”نئين سڀيتا جو درشن“ 1980ع ۾ شايع ٿيل اٿس.
    سُندريءَ کي سندس ڪيترين ئي معياري ڪهاڻين ۽ ڪتابن تي مختلف انعام پڻ مليا آهن. سندس ڪهاڻين تي نئين دنيا جي ڪهاڻي چٽاڀيٽِي ۾ 1954ع ۾ انعام مليس. ”کير ڀريا هٿڙا“ ڪهاڻي کي 1960ع ۾ ۽ ”وڇوڙو“ تي انعام حاصل ڪيل اٿس. 1966ع ۾ ”امن سڏي پيو“ ڪتاب تي ”سوويت لئنڊ نهرو امن“ انعام حاصل ڪيائين ۽ 1978ع ۾ رشيا جو انعام پڻ حاصل ڪيو ۽ سوويت يونين جو سرڪاري سطح تي دورو پڻ ڪيو.
    سُندري اُتمچنداڻي هڪ حقيقت پسند ليکڪا آهي. سندري ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ لڳاتار ڪهاڻيون لکندي پئي آئي آهي. هن ٻه سوَن کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. ايترو لڳاتار ۽ ايتريون ڪهاڻيون لکڻ جو شرف شايد ئي ٻي ڪنهن سنڌي ليکڪا کي حاصل ٿيل هجي.
    سُندري جي لکڻ ۾ هڪڙو ئي ريئلزم (حقيقت پسنديءَ) وارو اسٽائيل اهو آهي، جنهن جي لاءِ هو خود به محسوس ڪري ٿي ته ”ڪوبه حساس فنڪار نئين زماني جي حقيقت کي ڪيئن نه محسوس ڪري سگهندو آهي. اهي تبديليون هرفنڪار جي رت ۾ شامل هونديون آهن، جيڪي سندس لکڻين ۾ اچي وڃن ٿيون.“
    ”مون ٽيڪنڪ ڄاڻي ٻجهي ناهي اپنائي.مون نواڻ کي پنهنجو پاڻ جي حد تائين رکيو آهي ۽ اها آئي به آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه نه ڪجهه پڙهبو ۽ سوچبو رهجي ٿو. هڪ لڳاتار بدلجندڙ وايومنڊل به رهجي ٿو ۽ ان ۾ پيدا ٿيندڙ واقعن جي نوعيت به بدلجندڙ ۽ نئين هجي ٿي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته اظهار به ان خاص صورتحال مطابق هجي ته اهي سڀ ڳالهيون ملي ڪري هڪٻئي (Alternate) يا تبديلي طرف وٺي وڃن ٿيون. منهنجي ڪهاڻين ۾ به جائز سڀاويڪ حد تائين اهم تبديليون آيل آهن.
    ڪهاڻين کانسواءِ سُندري جا ٻه ناول ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي، ريت نرالي“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والارين ٿا.
    ”ڪرندڙ ديوارون“ هڪ گهريلو ناول آهي، جنهن ۾ شادي ۽ گهريلو ماحول ۾زال ۽ مڙس جي هڪٻئي لاءِ عزت ۽ همدردي ڏيکاريل آهي. هن ناول ۾ لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌ مان هندستان لڏي ويلن جي حالتن ۽انهيءَ وقت جي معاشي ۽ اقتصادي حالتن جو ذڪر ڪيل آهي. جنهن ۾ روزگار جو مسئلو پڻ اچي وڃي ٿو، ”ڪرندڙ ديوارون مون انهي وقت لکيو هو، جڏهن سچ پچ اسان جي سماج جون ديوارون ڪري رهيون هيون. اسين مڊل ڪلاس جا ماڻهو جڏهن هتي آياسين، تڏهن ڏاڍا ڊنل هئاسين. اسان جي چؤگرد اقتصادي ديوار هئي، سا ته ڪري اچي پٽ پئي هئي. ڪهڙيون نه ڏکوئيندڙ حالتون هيون اهي.......اهي حالتون رڳو منهنجي گهر جون نه هيون. پر اسان جو سڄو سنڌي سماج پيڙهجي رهيو هو. اهو ئي درد هو، جنهن مون کان اها آکاڻي لکائي ۽ اها ئي آکاڻي ان وقت جي سنڌي سماج جو عڪس آهي. هڪ اتهاس آهي.“
    ’پريت پراڻي، ريت نرالي‘،سندري جو ٻيو ناول آهي. ناول جو موضوع پڻ عنوان وانگر انوکو آهي. پيار هڪ پراڻو ازلي ۽ همه گير جذبو آهي، پر وقت بوقت روپ مٽائيندو رهي ٿو. انهي موضوع کي سندري تمام سلجهيل ۽ سهڻي طريقي سان پيش ڪيو آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪردارن جو موضوع سان لڳاءُ به ٺهي اچي ٿو.
    هن ناول جي باري ۾ تنوير عباسي پنهجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ”هي ناول سُندري جي بهترين تخليق آهي. هن ۾ ڪردارن جي نفسياتي ڪيفيتن جو چٽو ۽ باريڪ مطالعو پيش ڪيو ويو آهي. سڀئي ڪردار فطري سلجهيل، حقيقت پسند ۽ متوازن ذهن جا مالڪ آهن. انهي ڪري ناول جو موضوع ۽ ڪردارن جو اُن سان لاڳاپو رهي ٿو“.
    سُندري هينئر ممبئي / هندستان ۾ رهي ٿي. سندس تخليقي سفر جاري آهي.


    محمد سومار شيخ

    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي ذڪر کي تيستائين مڪمل ئي نه سمجهيو ويندو، جيستائين محمد سومار شيخ جو ذڪر نه ٿئي. نه رڳو اهو پر سنڌي ادب جي ذڪر ۽ مجموعي طور تي محمد سومار شيخ جو نالو تصنيف ۽ تاليف ۾ تمام مٿانهون نظر ايندو.

    سوانح
    محمد سومار شيخ، پهرين جنوري 1935ع ۾ پنهجي اباڻي ڳوٺ ’قرهئي ڀانڊاري‘ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو الهه بچايو شيخ هو. قرهيو ڀانڊاري بدين جي ڏکڻ ۾ اٽڪل 55ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ آهي. محمد سومار شيخ جو والد شيخ الهه بچايو شاعر به هو. هن جو لاڙو صوفياڻي رنگ ڏانهن هو. هو درگاهه پير شيخ قرهيو ڀانڊاري جو مريد هو. شيخ الهه بچائي جي ڪليات، محمد سومار شيخ ’ڪلياب الهه بچايو‘ جي نالي سان ترتيب ڏيئي ڇپائي پڌري ڪئي، تنهن کانسواءِ شيخ الهه بچائي جا ٻه ٻيا ڪتاب ’روحاني ابيات‘ ۽ ’قصو قرهيي ڀانڊاري پير جو‘ پڻ ترتيب ڏيئي محمد سومار شيخ شايع ڪيا.
    محمد سومار شيخ کي شروع کان ئي لکڻ جو جنون هو. پهرين شعر ۽ افساني ڏانهن ڌيان هئس، پر پوءِ ثقافت ۽ تاريخ ڏانهن ڌيان ويس ۽ انهيءَ ميدان ۾ تحقيق جي سلسلي ۾ تمام گهڻو گهميو ۽ ڦريو ۽ پنهنجي تحقيق ۽ تاليف جا جوهر ڏيکاريائين.
    محمد سومار شيخ پهرين ’ابن الله بچايو‘ جي نالي سان لکندو هو ۽ پوءِ محمد سومار شيخ جي نالي سان لکڻ لڳو.
    محمد سومار شيخ جي جوانيءَ جو دور سندس ادبي جواني جو دور هو. پاڻ 1952ع کان وٺي پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ اهو سڄو عرصو تمام تيز رفتاريءَ سان لکندو رهيو. پنجاهه ۽ سٺ صفحن جا ننڍا ننڍا ڪتاب ته هڪ ئي ڏينهن ۾ لکي وٺندو هو. هو نه رڳو لکڻ ۾ تيز هو. پر بدين ۾ هر ادبي محفل ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. هڪ ادبي اداري جو بنياد به وڌائين، جيڪو مختلف نالن سان جهڙوڪ لطيف پبليڪيشن،جيلاني پبليڪيشن، بدين پبليڪيشن، ساگر پبليڪيشن سان هلندو آيو. کيس ادب ۽ ڪتابن سان ايترو ته جُنون جي حد تائين لڳاءُ هو، جو کيس 50-100روپيا هٿ لڳندا هئا ته محمد سومار شيخ مسودي سوڌو حيدرآباد جي پريس ۾ هوندو هو. ٽي چار ڏينهن رهي ڪتاب ڇپائي پوءِ بدين ايندو هو ۽ اهڙي طرح پنهنجا پراوا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايائين. محمد سومار شيخ ادبي زندگي جي ڊوڙ ۾ تمام تيز هو. زندگي جي حقيقي ڊوڙ ۾ به کيس آرام ڪونه هو. محمد سومار شيخ بدين جو هڪ بي سرو سامان اديب هو ۽ ادب جي خفت ۾ گهر ٻاري ڏياري ڪري ڇڏيو.
    محمد سومار شيخ 1952ع کان لکڻ شروع ڪيو يعني جڏهن 17-18سالن جي عمر جو هو. سندس لکيل پهريون ڪتاب ”مذهب ڇا آهي؟“ جنهن جا 25 کن صفحا آهن. اهڙي طرح پاڻ پنهنجي وفات تائين اٽڪل 322 ڪتاب لکيائين، جن مان ڪجهه ترتيب ڏنل آهن. نه ته باقي سڀ سندس محنت ۽ تحقيق جو نچوڙ آهن، پر افسوس جو سندس ڇپيل ڪتابن جو تعداد فقط 47 ٿو بيهي ۽ ٻيا سڀ اڃا سندس وارثن ۽ ڪجهه ادارن وٽ اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهن.
    محمد سومار شيخ جي ڪيل ڪم کي موضوع وار ورهائجي ته پاڻ قديم آثارن، تاريخ، لوڪ ادب، سوانح، افسانا، شاعري ۽ ثقافت بابت لکيائين. تفصيل جي حساب سان موضوعن کي ڳڻي سگهڻ مشڪل آهي. پاڻ زيورن، نانگن، بلائن، وڻن ٻوٽن، هنرمندن ۽ لاڙ جي ٻي معلومات تي به لکيائين. ٻين شاعرن جي شعر جا مجموعا ايڊٽ ڪيائين ۽ سوانح عمريون پڻ شايع ڪيائين.
    منهنجي خيال ۾ مرزا قليچ بيگ کانپوءِ محمد سومار شيخ ئي آهي، جنهن گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي. البت قليچ بيگ ۽ شيخ صاحب ۾ اهو فرق ضرور آهي ته قليچ بيگ جي ڪتابن جي اڪثريت ترجمن تي مشتمل آهي، نه ته سنڌ جي ٻنهي مايه ناز اديبن گهڻو ڪري ڪنهن به موضوع کي ڇڏيو ڪونهيءَ ۽ انهن تي لکيو آهي.
    محمد سومار شيخ جي ادبي جاکوڙ سندس ڪتابن جي ڇپيل فهرست ”قلم وهي ويو ڪانهن“ (ڀاڱو-1) مان پڌري آهي، جيڪا 1969ع ۾ شايع ٿي. هن فهرست ۾ هرهڪ ڪتاب بابت چند سٽن ۾ ڪيفيت بيان ڪيل ِآهي، جنهن ۾ لکجڻ جو سال ۽ صفحن جو تعداد آهي. سندس ڇپيل پهريون ڪتاب ”آڌي رات“ آهي، جيڪو آر ايڇ احمد حيدرآباد 1955ع ڌاري ڇپايو.
    جڏهن 1975ع ۾ بدين ضلعو قائم ٿيو ته محمد سومار شيخ کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سرڪار جي دلچسپي ۽ تعاون سان بدين ۾ پهريون ثقافتي ميلو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. محمد سومار شيخ نه رڳو انهيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، پر پنهنجو ڪتاب ”بدين جي ثقافتي تاريخ“ پڻ لکيو، تنهن کانسواءِ بدين ضلعي تي سندس ٻيا به ڪجهه ڪتاب آهن، جن ۾ ”بدين ضلعي جو مطالعو“ نهايت اهم آهي.
    محمد سومار شيخ کي ڪتاب لکڻ ۽ مواد گڏ ڪرڻ جو جُنون جي حد تائين شوق هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو جهرجهنگ پيو هلندو هو. هڪ ڀيري ته ڪڇ کان به وڃي نڪتو ۽ شاهه جا بيت هٿ ڪري آيو. 1956ع ۾ ”سر مارئي جا بيت“ به شايع ڪيائين. ڊاڪٽر عمر محمد دائود پوٽي کي سندس اهو ڪم پسند نه آيو. مٿس سخت تنقيد ڪيائين ۽ کيس معمولي ماستر هئڻ جو طعنو پڻ هنيائين، پر شيخ صاحب پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهيو. اڄ جيڪڏهن ڊاڪٽر دائود پوٽو جيئرو هجي ها ته ڪر فقير امداد سرائيءَ جا ”املهه اڻ توريا“ شاهه جي نالي ۾ وڏي خرچ سان ڳولهي آندل بيت ڏسي، شيخ صاحب کي ضرور داد ڏي ها، جنهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري شاهه تي به چڱو موچارو ڪم ڪيو.
    شيخ صاحب هڪ غريب استاد هو، پنهنجي ڪمزور مالي حالت سبب پنهنجي لائبريري مان ست مڻ ڪتاب چوڏهن سئو روپين ۾ وڪيائين. رٽائر ڪرڻ کانپوءِ روزگار جي لاءِ بدين ۾ هڪ پريس قائم ڪيائين. ان ۾ سادي ۽ ٽٽل ٽائپ سان ڪتاب ڇاپيندو رهيو، پريس به نيٺ وڪيائين ۽ پوءِ هو هڪ مڪمل ورڪر بڻجي پيو ۽ ثقافت، تاريخ ۽ ادب سان لاڳاپيل هر شيءَ گڏ ڪندو ويو ۽ سندس ذهن ۾ هڪ ميوزم ڪر کڻڻ لڳو. نيٺ ضلع ڪائونسل جي همت افزائي سان هڪ ميوزم قائم ٿيو. ڪيترائي نوادرات اڳ ۾ ئي گڏ ڪيا هئائين ۽ ميونسپل ڪميٽي جي ڏنل هڪ ڪمري کي ميوزم بڻائي سڀ ڪجهه اچي اتي رکيائين ۽ ميوزم کي وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ لڳو. ٻئي مرحلي ۾ بدين جي نئين شهر ”اگروول“ ۾ ميوزم لاءِ رٿيل عمارت جا ٻه ڪمرا ٺهي مليا ته اهو سامان کڻي انهن ڪمرن ۾ منتقل ڪيائين. هينئر انهيءَ ميوزم جو نالو’محمد سومار شيخ لاڙ ميوزم‘ آهي.
    محمد سومار شيخ جي ادبي، تحقيقي ۽ ثقافتي ڪم جو هنن ڪجهه صفحن ۾ جائزو وٺڻ ممڪن ڪونهي.البت جنهن کي وڌيڪ ڄاڻڻ جو شوق هجي ته لاڙ ادبي سوسائٽي بدين پاران ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ڪتاب ”محمد سومار شيخ، هڪ مطالعو“ پڙهي.
    سنڌ جي هن سڄاڻ ۽ لاڙ جي ورثي جي وارث، جگر جي بيماري سبب 24-آڪٽوبر 1986ع تي 51سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
    محمد سومار شيخ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.
    (1)آڌي رات (2)هڪ ندي ٻه ڪنارا (3)ڪليات شيخ الله بچايو (4)ڪليات فاروقي (5)تاريخ الشعرا لاڙ (ڀاڱو پهريون) (6)روحاني ابيات (7)گهوگهو چوهاڻ (8)ڇوليون (9)سنڌي آوازن جا تبادلا (10)بوعلي قلندر (11)ڪلام مرکان شيخڻ (12)روپا ماڙي (13)دوها ۽ دونهان (14)ڪلام پير ڀاون علي شاهه ساقي (15)ڄراٽيس ڄيري (16)بيت ورندو (17)پيرو فقير جو ڪلام (18)عبراني (19)شيخ قرهئي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر (20)بدين (21)واهه بديڻا تنهنجا ڀاڳ (22)بدين ضلعي جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين (23)منتخب ڪلام رئيس عالم خان نظاماڻي (24)بدين ضلعي جا مشاهير (25)بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ (26)ڪڇين جا قول (27)بدين ضلعي جو مطالعو (28)لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا (29)سنڌ جا زيور (30)بدين ضلعي جو تعارف (31)بدين ثقافتي ميلي جي ڪهاڻي (32)سنڌ جون سورميون (33)شفا بخش پاڻي (34)ٽيڙو اُڀا ٽي (35)اڻ مٽ نقش (36) مسٽر جاجي (37)ڪلام جڙيل عباسي (38)ڪلام الله بچايو شيخ (39)پيرشاهه قادري (40)ماهه ذوالحج (41) مناجات ساقي (42)شاهه جا گم ٿيل بيت-مارئي (43)شاهه جا گم ٿيل بيت-ست سُر (44)پارس (45)برجا باکا جو گرامر (هي ڪتاب مهراڻ رسالي ۾ ڇپيو) (46)کپرو چور (47)پرڏيهين ڏانهن پيغام.
    مٿين ڇپيل ڪتابن کانسواءِ شيخ صاحب جي ڪجهه اڻ ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي:
    (1)منهنجو افسانو (آتم ڪهاڻي 26جلد) (2)حسينيت (3)سانوڻ فقير (4)مولى جا متوالا (5)سلمان فارسي (6)رحمت اللعالمين (7)قديم هنر (8)1947ع جا چند نظارا (9)بدين جي قديم ياد (10) تاريخ لاڙ (11)ريلوي جا فقير (12)سنڌ جي ادبي تاريخ (جلدن ۾) (13)سنڌي اور پراڪرت (اردو) (14)سنڌ جون قديم قومون (15)مصري نامون (16)سنڌي ٻولي 5 هزار ورهيه اڳ (17)منهنجو ڳوٺ (18)لاڙ جون نيم تاريخي ڪهاڻيون (19)لاڙ جا لوڪ گيت (20)گل گامش سومرو (21) لاڙ ۾ مالڪاڻي ميرن جو پهريون تخت گاهه ۽ ڪيٽيون (22)سنڌي ۽ سنسڪرت (23)هنري لغت (24)سنڌي ۽ اردو (25)شاهه جو رسالو (ڇند وديا موجب ترتيب ڏنل-ٽي جلد) (26)لاڙ جا ماڳ ۽ ماڻهو (27)سنڌ ۾ ڄم ۽ موت جو چند رسمون (28)لاڙ جي چورن جون ڳالهيون (2-ڀاڱا) (29) لاڙ جي پيرن فقيرن جون ڳالهيون (3-ڀاڱا) (30)منهنجا لکيل خط (2-ڀاڱا) (31) بديڻ ضلعي جا اسلامي مبلغ(32) نورنگ زادن جون علمي ۽ ادبي خدمتون (33)سنڌي ٻاهريان شاعر (34)لاڙ جا لوڪ گيت (35)سنڌ جا نانگ (36)لاڙ جا قديم آثار-وغيره.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ شيخ صاحب جا ٻيا به ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن.
    آخر ۾ هتي هڪ ڳالهه لکڻ بنهه ضروري آهي ته محمد سومار شيخ جو سمن سرڪار تي تيار ڪيل ڪتاب ”سيد سمن شاهه“ تي سندس ئي هڪ ساٿي در محمد ڪمال پنهنجو نالو لڳايو، انهي کانسواءِ ڪتاب ”پارس“ جو ترجمو ڪيائين، جيڪو عبدالمجيد جوڻيجي جي نالي سان ڇپيو. ڇاڪاڻ ته ڇپائي جو خرچ هن ڀريو هو. (ڏسو عبدالجبار جوڻيجي جو ڪتاب: محمد سومار شيخ: مطالعو)


    ”ساقي“ سجاولي

    سنڌي ادب جي کيتر ۾ ڪيترائي اهڙا نالا آهن جن جي ادبي خدمتن کي ايتري مڃتا نه ڏني ويئي آهي، جيتري هو لهن. ساقي سجاوليءَ جو نالو، اهڙن ماڻهن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.

    سوانح
    غلام احمد ولد محمد عارب داروغو عرف ساقي سجاولي 10جنوري 1914ع تي سجاول ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ پوءِ سجاول ۾ ورتائين. تعليم کانپوءِ هو پهرين داروغو ٿيو، پوءِ ڪلارڪ ٿيو، ان بعد ماستري اختيار ڪيائين. ساقي سجاوليءَ کي ننڍي هوندي کان ئي علم جي مڻيان من ۾ هئي. پهرين هو ننڍيون آکاڻيون ۽ مضمون وغيره لکندو هو. سندس پهرين ڪهاڻي ”آهه! غريبي تو مون کي تمنائن کان روڪيو.“ 1936ع ۾ ان وقت جي نامياري اخبار ”الوحيد“ ۾ شايع ٿي. ساقي سجاولي، هڪ ڪامياب ۽ عمدو ڪهاڻيڪار هو. ساقي سجاوليءَ جا افسانا ڏاڍا مشهور ويا. سندس افسانا ”قرباني“ اخبار ۾ ”گمنام“ جي تخلص سان پڻ شايع ٿيندا هئا. تنهن کانسواءِ ”نئين زندگي“ ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ سندس افسانا ۽ انشائيه شايع ٿيندا هئا.

    اهل قلم جو اجراءَ
    ساقي سجاوليءَ 1948ع ۾ گل حسن طاهراڻي سان گڏجي ”اهل قلم“ جي نالي سان رسالو ڪڍيو. جنهن جو ايڊيٽر پاڻ هو. هن کي صحافت سان پڻ دلچسپي هوندي هئي. مذڪوره رسالو سندس انهيءَ شوق جي هڪ ڪڙي هئي، جنهن ۾ افسانا، شعر ۽ مضمون شايع ٿيندا هئا. ورهاڱي ۽ سنڌي هندو اديبن جي لڏي وڃڻ جي ڪري انهي رسالي ترقي پسند ادب ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو ذڪر ڪندي رشيد ڀٽي لکي ٿو:
    ”....ان وقت سڄي پاڪستان جي ترقي پسند اديبن پنهنجي گڏيل جماعت جي تياري جو اعلان ڪيو ، جنهن جي سڏ کي ورنائيندي مٿين اديبن، انجمن ترقي پسند مصنيفن، جي سنڌي شاخ قائم ڪئي. هيل سندن ٽولي ۾ تاج محمد ابڙي ۽ مرحوم ساقي سجاوليءَ جو اضافو ٿيو. مرحوم ساقي ته ورهاڱي کانپوءِ پهريون سنڌي رسالو ”اهل قلم“ به ڪڍيو، جو چڱي معيار هئڻ جي باوجود به غير يقيني حالتن سبب ڪاميابي سان هلي نه سگهيو ۽ٽن اشاعتن کانپوءِ بند ٿي ويو.“
    ترجمو: ساقي سجاولي، اصلوڪين لکڻين سان گڏ ڪافي ترجما پڻ ڪيا. هو خليل جبران جو وڏو مداح هو. هن جبران جي مشهور ناول The prophet جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهو ڪتاب خليل جبران جو سنڌي ۾ پهرين ترجمو هو. ترجمي جو مهاڳ سنڌ جي مشهور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو، ترجمي کي ساراهيندي بلوچ صاحب لکي ٿو:
    ”خليل جبران جي آلاپن کي ساقي سجاوليءَ وري سنڌي ”لئي“ ۾ ويهي سرايو آهي. سندس ترجمو لفظي معنيٰ واري گهر کان آجو ۽ اصطلاحي رواني سان ڀرپور آهي.“
    ديباچو ثاني ۾ سيد تاج محمد امروٽي لکي ٿو:
    ”ساقي سجاولءَ کي خليل جبران سان محبت آهي، عقيدت آهي ۽ هن خليل جبران کي پڙهيوآهي ۽ بار بار پڙهي ”خليل جبران“ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ مترجم، مصنف جي مدعا ۽ مقصد کي هيٺ مٿي ڪرڻ کان ڪنارو ڪيو آهي.“

    ناٽڪ نويسي
    ساقي سجاول ناٽڪ جو به شائق هو. هن لاڙ واري ڀاڱي ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊرامي ڪيا. سجاول ۾ هن ”ساقي آرٽ سرڪل“ قائم ڪري اسٽيج ناٽڪ جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن ڪجهه ناٽڪ پاڻ به لکيا ۽ڪن ۾ پارٽ پڻ ادا ڪيائين. موتي پرڪاش انهيءَ جو ذڪر ڪندي پنهنجي ڪتاب ”پردي اڳيان پردي پٺيان“ ۾ لکي ٿو:
    ”جاتي ۾ پنڊت ڪندن شرما، چوهڙ جمالي ۾ مهاراج ريواچند راجسٿ ۽ سجاول ۾ ساقي سجاولي سنڌي ناٽڪ پيش ڪرڻ ۾ ڀڙ هئا.“
    ناٽڪي سرگرمين سان گڏ ساقي سجاولي ادبي تحريڪ پيدا ڪرڻ لاءِ به پاڻ پتوڙيو. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو. هو جتي به رهيو، اتي ادبي تحرڪ پيدا ڪيائين. ٻنون شهر ۾ ”ايوان ادب“ ٻنون جي نالي سان تنظيم ۽ ساڪري ۾ ”بزم ادب“ تنظيم جو پايو وڌائين. 1956ع ۾ ٻني (ٻنون)۾ هڪ عظيم ادبي ڪانفرنس ٿي هئي. ان جو روح روان ساقي سجاولي ئي هو.

    عبارت ۽ ٻولي
    مٿين سرگرمين هوندي به ساقي سجاولي بنيادي طور تي افسانه نويس هو. هن جي افسانن جا موضوع، پيار، محبت، غربت، محرومي ۽ هيٺين ڪلاس جا مسئلا هئا. هن جي ٻولي نهايت سليس ۽وڻندڙ هئي، کيس ٻولي تي سٺي دسترس هئي. هن هڪ ”سنڌي لغت“ به تيار ڪئي هئي. جيڪا پوءِ اڻ ڇپيل رهجي ويئي، سندس سليس ۽ مٺي نثر جو تذڪرو نموني طور پيش ڪجي ٿو:
    ”ماهه وش بي تاب پنهنجو ٻانهون منهنجي گلي ۾ وڌيون. مون به بي قابو ٿي ماهه وش کي ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳايو. ماهه وش پنهنجو نماڻيون نگاهون کڻي مون ڏانهن نهاريو.هن جي نگاهن مان محبت جي برسات برسي رهي هئي. منهنجي دل گهريو ته آئون ماهه وش جون مدهوش اکيون چمان ۽ مون سچ پچ ماهه وش جون مدهوش اکيون چميون ۽ مون کي ڪيف و نشاط، سڪون ۽ مسرور محسوس ٿيو.“
    ساقي سجاوليءَ جي لکيل ڪتابن جو تعداد 150چيو وڃي ٿو، جن مان هيٺيان ڇپجي سگهيا.
    (1)بيروزگاري، (2)پيغمبر (3)محمد علي جناح (4)جواهر لال نهرو (5)ابراهيم ادهم (6)ماهرو (7)ڪافر(8)انمول موتي (9)شير شاهه جو انصاف (10)قاضي جو انصاف (11)قيدي (12)سندري (13)نقلي پيغمبر (14)موتي (15)جهنم ۾ جڳهه ناهي (16)ڪافرستان (17)يوسف زنده باد (18)پرده نشين ڏانهن (19)محمود غزنوي (20)اسلام خاطر (21) انمول رفت (22)ملان نصيرالدين ۽ هڪڙو بادشاهه.
    ساقي سجاولي 16سيپٽمبر 1960ع تي، ٻوڙاڻو بنگلو لڳ سجاول ۾ وفات ڪئي.


    سحر امداد

    سنڌي ليکڪائن ۾ سحر امداد جي سڃاڻپ نهايت منفرد رهي آهي. هن ۽ امداد حسينيءَ جي جوڙي سنڌي ادب ۾ نهايت اهم جڳهه والاري ٿي. سحر پنهنجي شاعريءَ ۾ نهايت منفرد اسلوب جي مالڪ رهي آهي ۽ هن شعر ۾ جيڪي تجربا ڪيا آهن، اهي ڪنهن ٻئي سنڌي شاعرهه وٽ ملڻ مشڪل آهن.

    سوانح
    سحر نگار ڌي صلاح الدين احمد بلوچ 20جولاءِ 1951ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سحر جو ڏاڏو اصل ميرپور ساڪري جو هو، پر پوءِ پنهنجي تعليم جي ڪري ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو. سحر جو والد انڊين آرمي ۾ هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هو جيل ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ رهيو. سندس پيءُ جي نوڪري جي ڪري سحر سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي. انهي سلسلي ۾ شروعاتي تعليم زبيدهه ڪاليج مان ۽ ايم اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪيائين.
    سنڌ يونيورسٽيءَ۾ داخلا وٺڻ کان ڪجهه وقت پوءِ سنڌالاجي لائبريري ۾ نوڪري ملي ويس. جون 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. 2004ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪر ي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سحر 1973ع م امداد حسينيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو.

    ادبي اوسر
    ادبي دنيا ۾ سحر پنهنجي پيءُ جي همت افزائي جي ڪري اڳتي وڌي. سحر جو پيءُ صلاح الدين بلوچ هڪ رڄ مڙس ۽ ادب دوست هو. هن ”امداد آهي رول“ جي شاعري انگريزي ۾ ترجمو ڪئي. سکر ۽ خيرپور ۾ نوڪري دوران سندن اياز ۽ تنوير عباسي وارن سان گهرا لاڳاپا ٿيا ۽ اتي ئي سنڌ جي انهن ٻن وڏن شاعرن سڀ کان پهرين سحر کان سندس شاعري ٻڌي ۽ کيس همٿايو. سندس پيءُ جي هڪ ننڍڙي لائبريري هئي، جنهن جا اڪثر ڪتاب سحر پڙهي ڇڏيا. جيتوڻيڪ سندس ماءُ کيس جهليندي هئي ته اهي وڏن جي پڙهڻ جا ڪتاب آهن، نه پڙهه! ته به هن لڪي اهي ڪتاب پڙهي ورتا. ان وقت هن هڪ اسڪريپ بوڪ ٺاهيو هو، جنهن ۾ خوبصورت شعر ۽ دلپسند نثري ٽڪرا انهيءَ نوٽبڪ ۾ اُتاري ڇڏيا هئا ۽ انهن مان کوڙ شعر کيس برزبان ياد ٿي ويا. اسڪول واري زماني ۾ هن شيخ اياز کي پڙهيو هو۽ سندس چواڻي ته ”اياز جي شاعري کان وڌيڪ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ لکيل نثر مون کي متاثر ڪيو.“
    ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ کانپوءِ سندس واندڪائي جو وقت ڪاليج لائبريري ۾ سٺن ادبي ڪتابن جي ڳولا ۾ گذرندو هو ۽ ڪاليج لائبريري جا اهي ڪتاب جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به شاگردياڻي ڇهيا به نه هئا. سي اشو ڪرائي هن پڙهيا. ان ئي عرصي ۾ هن خليل جبران، رابيندر ناٿ ٽئگور، پشڪن ۽ ڪيترن ئي اطالوي،يوناني، آمريڪي، هندي ۽ بنگالي ليکڪن جون لکڻيون پڙهيون. هن ٻڌايو ته ٽئگور جي شاعري پڙهي، ٽئگور کي خود سندس ئي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جي چاهه تهائين وڌي ويو، پر ٽئگور جي سونار بنگلا ڏسڻ ۽ سندس شاعري جي بنگالي ٻولي سکڻ هڪ سپنو ئي رهيو.
    سحر جي لکڻ جي شروعات 1967ع کان ٿي. اهي ايوب خان جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا.
    ”پڙهندي پڙهندي الائي ڪيئن شاعريءَ جي شرعات ٿي. مان پنهنجو پهريون نظم هڪ اهڙي واقعي کان متاثر ٿي لکيم. اهو واقعو ڪجهه هيئن هو ته ننڍڙا انگ اگهاڙا ٻار هئا، ڪن کي ڪڇاپاتل هئا. ڪن کي گنجي پاتل هئي. پاٺن تي ڪوئلي سان ايوب خان خلاف نعرا لکي رهيا هئا. انهي واقعي منهنجي ذهن تي ايڏو ته اثر ڇڏيو، جو مون پهريون نظم لکي ورتو/بلڪه لکجي ويو.“
    هن پهرين نثر لکيو.اهو هوءَ سحر بلوچ جي نالي سان لکندي هئي. امداد سان پرڻجڻ کانپوءِ هوءَ ”سحر امداد“ بڻجي ويئي.
    سحر جي عملي زندگي جي شروعات ريڊيو جي مختلف پروگرامن جي انائونسمينٽ ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سان شروع ٿي. تنهن کانپوءِ هن ڪيتريون ڪهاڻيون، شعر، مقالا، ڪالم ۽ ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون. سندس لکڻيون ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. 1972ع ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ”سوجهرو“ رسالو ايڊٽ ڪيائين. 1990ع ۾ عبرت گروپ جي رسالي ”بختاور“ جي ايڊيٽر ٿي. امداد حسيني سان گڏ ساٿي ايڊيٽر جي حيثيت سان هڪ ڪتاب ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ ترتيب ڏنو، جيڪو 1971ع ۾ شايع ٿيو. تنهن کان سواءِ ٻارن لاءِ هڪ باتصوير ڪتاب ”الادين جو ڏيئو“ ترجمو ڪيو اٿس.
    سحر جي شاعري: جيڪڏهن سحر جي شاعريءَ جي معيار کي ڏسجي ته هوءَ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي. هن وٽ جذبي جي اظهار کي اوليت آهي ۽ سکڻن لفظن کي سينگاري، سجائي بي معنى سٽون جوڙڻ سحر جو ڪم ناهي. سحر جديد شاعري جي سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. جيئن هوءَ پاڻ چوي ٿي، ”مون ڪنهن هڪڙي صنف ۾ ۽ هڪ مخصوص انداز ۾ ناهي لکيو. مون وٽ هر اظهار، پنهنجو فارميٽ پاڻ سان کڻي ايندو آهي.“
    سحر جي شاعراڻين خوبين کي بيان ڪندي فهميده رياض لکي ٿي: ”70-1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سحر هڪ الهڙ نوجوان ڇوڪري هئي، تڏهن به هن جي شاعري جي اوريجنلٽي، اڇو تو پڻ، ان جون نيون نڪوريون تشبيهون ۽ گهرو فڪر پڙهندڙن کي حيران ڪري سگهيو ٿي. ان زماني ۾ لکيل سحر جا نظم اڄ تائين پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن ابتدائي نظمن کي ڏسبو ته اسان کي سحر جي حسن ۽ خوبي جاڀرپور مثال نظر ايندا. انهن جي سونهن ويتر وڌيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها ننهن چوٽيءَ جي نسائي شاعري آهي. انهن ۾ شاعريءَ جي ڀرپور صلاحيتن سان گڏوگڏ نسوانيت جو حيران ڪندڙ سنگم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مثال طور ”جهونجڪڙي جا جانجهه“ جا هي دوها:
    سنڌوءَ ڪناري واريءَ تي ويهي لکيم نانءُ
    اهڙو سندر اهڙو پيارو، ڄڻ ته ڇمجي ڇانءُ
    *
    هڪ ڏينهن ويٺي سوچيم سائين، پنهنجو ڪهڙو سنگ
    آڪاش جهڪي ڌرتي کي چميو، روح رچي ويو رنگ.
    ”اڄ سحر زندگي جي جنهن مقام تي آهي، اهو هڪ طرح سان سندس تخليقي ۽ فڪري وجود جو انتهائي مٿانهون مقام آهي. مون کي پڪ آهي ته اتان کان سحر هڪ نئين سفر جو آغاز ڪندي. هتان کان سحر جهڙي حساس، ذهين ۽ ڪلاوتي قدرت رکندڙ شخصيت جي نئين سفر جو آغاز ٿئي ٿو. هوءَ زندگي جي اٿاهه پيار سان ٽمٽار ادبي شخصيت آهي. اها ئي هن جي سڃاڻپ آهي ۽ اها ئي هن جي خوداعتمادي سان ڀريل شخصيت جي شناخت آهي.
    سحر امداد جي شاعريءَ جو مجموعو ”چوڏهين چنڊ آڪاس“ 2003ع ۽ مقالن جو مجموعو ”شعور، شعر ۽ شاعري“ 2008ع ۾ شايع ٿيو.


    سرويچ سجاولي

    سنڌي زبان ۾ عوامي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ ۽ اها جلسن ۽ جلوسن ۾ پڙهي عوام جو رت گرمائڻ ۽ منجهن وطن دوستي ۽ قومپرستي جا جذبا پيدا ڪرڻ، جابرن ۽ ڏاڍن سان همت ۽ مڙسي سان منهن ڏيڻ وارا جذبا پيدا ڪرڻ، کين پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ڪرڻ جهڙا معرڪا سر ڪندڙن سرويچ سجاولي جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.

    سوانح
    محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو، جيڪو اڳتي هلي سرويچ سجاوليءَ جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور ٿيو. 14-مارچ 1937ع ۾ سجاول کان ٻه ميل اُڀرندي پاسي، هڪ ڪلراٺي ميدان تي اڏيل ڳوٺ ’ابراهيم تارڙو ‘ ۾ ڄائو ، هو اڃا تنجڻ ۾ ئي هو ته سندس پيءُ اتان لڏي بدين پاسي، ڳوٺ لکاني ساريجي ڏانهن ويو. اتي سرويچ جا ناناڻا هئا. هن اتي جي پرائمري اسڪول ۾ چار درجا پاس ڪيا، ساريجن جي ڳوٺ مان ڪن سببن جي ڪري اسڪول کڄي ويو ته سندس تعليم جو سلسلو به اتي ئي بيهي رهيو. هاڻي هو پيءُ کي ٻني ۽ مال ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. سندس پيءُ اتي هارپ تي ٻني ڪندو هو. سندس مال لاءِ هو ٻٻرن جي ٻوري روڙيندو هو ۽ وڏيرن جي بيگرن ۾ به وهندو هو. 1951ع ۾ سندس پيءُ ساريجن جي ڳوٺ مان لڏي، موٽي پنهنجي اباڻي ڳوٺ تارڙن ۾ آيو. ان وقت سرويچ 14سالن جو هو. پڻس سجاول جي هڪ زميندار جو اچي هاري ٿيو. هاري جو پٽ به هاري ٿيندو آهي، سرويچ به سجاول ۾ هارپو ڪرڻ لڳو.
    ”هارپ جي زماني ۾ مون ڏٺو ته هاريءَ جي سڄي سال جو پورهيو ڪنهن نه ڪنهن پَر زميندار کائي ٿو وڃي“. سرويچ چوي ٿو. اهو ناحق سرويچ کان سٺو نه ٿيو ۽ ان ناحق جي خلاف سرويچ بغاوتون ڪيون. ڪمدارن سان وڙهيو، منشين ۽ مئنيجرن سان وڙهيو، جنهن تان اهي هارپ کسي وٺندا هئس. اهڙي طرح پاڻ ٽن چئن زميندارن وٽ هاري ٿي رهيو، پر جتي ڪٿي اها ئي ڪار هئي.

    شاعريءَ جي ابتدا
    انهن ڏينهن کيس نالي ڪڍڻ جو به شوق هوندو هو، سو وڃي ملهه وڙهڻ لڳو، پر ملهه جي فن ۾ ڄاڻ نه هئڻ سبب پهلوانن هن کي ڏاڍا ڌڪ ڏنا. نيٺ انهيءَ شوق تان هٿ کنيائين.
    روز روز زميندار هٿان بي دخل ٿيڻ کانپوءِ سندس دل ۾ جيڪا آنڌ مانڌ ٿي، هن چاهيو، ته انهيءَ جو شاعريءَ وسيلي اظهار ڪري. ننڍپڻ ۾ مولوي احمد ملاح جا شعر پڙهندو هو ۽ انهيءَ کان ڪافي متاثر به ٿيندو هو، مٿان وري محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ڪتاب پڙهيائين ته هيڪر سندس جذبا جولاني ۾ شعر جو روپ وٺي نڪرڻ لڳا ۽ 1957ع کان باقاعده شاعري شروع ڪيائين.جيتوڻيڪ شاعري ۾ڪو باقاعده استاد نه ورتائين، پرمولوي احمد ملاح کان هڪ اڌ ڀيرو اصلاح ڪرايائين ۽ سدائين جي لاءِ سندس شيدائي بڻجي پيو.
    سندس شاعري شروع ڪرڻ وارو زمانو مارشلا جو دور هو. ايوب خان اڇي ڪاري جو مالڪ هو. هن 1958ع ۾ هڪ سرڪاري جلسي ۾ شعر پڙهيو:
    جي نه آيو، ڇيڙ تي بس، ڪو کڻي هڪڙي مهل
    هُت وڏيري وات ڦاڙيو،هِت وڏيري جي وڦل
    ڏنڊ ٽيڻون، ڍور ڍڪ ۾، ٿيو فصل کان بي دخل،
    مار، گاريون، مرڪ تنهن تي، ٻيا به ڪئين خطرا خلل.
    ان وقت ٺٽي جو ڪليڪٽر محمد يوسف جوڻيجو هو، جيڪو پڻ انهيءَ جلسي ۾ موجود هو، جيڪو کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کانئس حال احوال ورتائين. سرويچ کيس ٻڌايو ته ”بي دخل هاري آهيان، بيروزگاري آهيان.“ تنهن کيس ٽائون ڪميٽي سجاول ۾ ناڪي منشي جي نوڪري وٺرائي ڏني.
    سرويچ سجاولي اها نوڪري شروع ڪئي. ناڪي تي ويٺي ڪيترائي نظارا ڏسي دل جڄهي ويندي هيس. هو ڏسندو هو ته تهه سياري ۾، ڪيتريون ئي مسڪين مايون ۽ اٻاليون ڇوڪريون، سجاول کان ٽي ميل پري ٽيماڻي ۽ ٿنئي ڍنڍن ڏانهن وينديون هيون ۽ اتان پاڻيءَ ۾ گهڙي ڍنڍن جي ترن مان بهِه ڪڍنڍيون هيون ۽ شام جو وري واپس سجاول ورنديون هيون، بازار ۾ سندن پورهئي جو مان اهو هو، جوبهِه ٻه روپيا سير وڪامندا هئا. پاڻ انهن پورهيت زالن کان متاثر ٿي ”بيهن واري ڀيڻ“ جي عنوان سان هڪ نظم لکيو:
    بيهن واري ڀيڻ سنديئي درد وڌا ٿم دل تي دام،
    ماريو مون کي مات ڪري ٿي، ماٺيڻي هيءَ تنهنجي مام.
    تار مٿي کان ٺريل پاڻي، تنهن ۾ ٽٻيون هڻندي هڻندي،
    گريءَ گريءَ تي ٿوٿا ڏيندي، توکي ٿي ويئي شام.
    بار مٿي تي وار ڀِنل ۽ ڀڄندي ڀڄندي تيز اچين،
    بند نه ٿي بازار وڃي، جيئن محنت ساري ٿئي ناڪام.
    هيڏي هلاڪيءَ سان جو آندئي مال انهيءَ جو ملهه وري،
    آني ٻن ٿو سير وڪامي ويل ڏسو ڙي هي وريام.
    سوبه وڪيو،ڪجهه ڪونه وڪيو، ڪجهه اوڌر ٿيو، ڪجهه مفت ويو،
    هاڻي ٻڌايو ڪيئن ٻچن کي پاري نازڪ نار مدام.
    اهو ۽ اهڙن ڪيترن ئي واقعن کان متاثر ٿي سرويچ پنهنجي شاعري ڪندو رهيو. انهي وقت ون يونٽ جو قهري ڪوٽ اڏيل هو، سنڌ جو الڳ وجود ختم ڪيو ويو ۽ ون يونٽ جي نالي ۾ سنڌ سان جيڪي ويل وهايا پئي ويا، انهي جي خلاف سنڌ جو باشعور طبقو، جنهن ۾ اديب، شاگرد ۽ سياسي ورڪر پڻ شامل هئا. سراپا احتجاج هو. سرويچ به انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿيو ۽ پنهنجو شاندار نظم تخليق ڪيائين.
    يَرَوانگين جا ون يونٽ ۾، گس گهيڙ، گهٽيون گهر گهام وڪيا.
    سرويچ سجاوليءَ جو سڄو ڪلام پنهنجي قوم جي ڏکن، سورن جو داستان آهي ۽ سندس شاعري جي سنڌ جي قومي ۽ انقلابي جدوجهد تي وڏي ڇاپَ رهي آهي، نه رڳو اهو پر سرويچ خود به وطن دوست ۽ جمهوريت پسند ساٿين سان گڏميدان عمل ۾ پڻ رهيو آهي.
    سرويچ سجاولي، ذوالفقار علي ڀٽي کان متاثر ٿي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ان کانسواءِ وطن دوست تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ پڻ سرگرم رهيو. هن 1983ع ۽ 1986ع جي ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گرفتار پڻ ٿيو.
    پيپلز پارٽي جي شروعاتي دور ۾، کيس سجاول ۽ دڙو ٽائون ڪميٽين جو ايڊمنسٽريٽر پڻ مقرر ڪيو ويو.
    سرويچ سجاوليءَ جو سنڌي ادبي سنگت، بزم شعراءُ سنڌ ۽ ٻين ادبي تنظيمن سان پڻ تعلق رهيو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”آليون اکيون، اڻڀا وار“ (1972ع)۾ ڇپيو. جنهن تي کيس ”رائٽر گلڊ“ پاران هڪ هزار روپيا انعام پڻ مليو. انهي ڪتاب ۾ سندس شروعاتي دورن 1958ع کان 1972ع تائين جي چونڊ شاعري ڏنل آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ رسول بخش پليجو، سرويچ جي شاعري جو ڇيد ڪندي لکي ٿو: ”سندس شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو فطر تي شاعر آهي ۽ بيشڪ ڏات ڌڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شعر ۾ منظر نگاريءَ جون اوچيون اُڏارون ائين ٿيون لڳن، ڄڻ ته ڪردار سڀ ماڻهو جي اڳيان موجود آهن“.
    سرويچ سجاولي جي شعر جي سڀ کان اُتم خوبي هيءَ آهي ته سندس شعر بلڪل ٺيٺ سنڌي زبان ۾ سولي ۽ سادي ۽ ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ لفظن ۾ چيل آهي. هن شاعري جي هر صنف جهڙوڪ، نظم، غزل، گيت، لوڪ، گيت، وائي، بيت، دوها ۽ قطع تي طبع آزمائي ڪئي.
    سرويچ سجاوليءَ 22 آڪٽوبر 2007 تي وفات ڪئي ۽ سندس شاعري جو ٻيو مجموعو ”ٻئي ڪنديون مهراڻ جون“ 2008 ۾ شايع ٿيو.


    شيخ اياز

    ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو جيڪڏهن صحيح معنى ۾ سج اُڀريو ته اهو شيخ اياز ئي هو، جيڪو نه رڳو جديد سنڌي شاعري جو بنياد وجهندڙ هو، پر ترقي پسند ۽جدت پسند سنڌي ادب جو پايو وجهندڙ هو، کيس ڀٽائيءَ جو تسلسل چئجي ته انهيءَ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو.

    سوانح
    شيخ اياز جنهن جو سڄو نالو مبارڪ اياز آهي، تنهن 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو غلام حسين هو. شيخ صاحب شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. مئٽرڪ شڪارپور هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. پوءِ ڊي-جي ڪاليج ڪراچيءَ مان 1945ع ۾ بي-اي فلاسافيءَ ۾ ڪيائين. انهي کان پوءِ کيس پي-ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو خيال ٿيو. هو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي نگرانيءَ ۾ اول ٽئگور ۽ پوءِ علامه اقبال تي ٿيسز لکڻ لڳو. 1947ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي گذاري وڃڻ کان پوءِ شيخ اياز پي-ايڇ ڊي جو خيال لاهي ڇڏيو ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي خيال کان ايل ايل بي ۾ داخلا ورتائين. 48-1947ع ۾ اها ڊگري حاصل ڪري 1950ع ۾ عبدالحئي قريشي ۽ پوءِ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو.

    ادبي کيتر
    بي-اي جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ شيخ اياز ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن شڪارپور ۾ رهڻ لڳو. ڪراچي ۾ رهڻ جي دوران هواُتان جي ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. هن موهن پنجابي سان گڏ قائم ڪيل ”باغي منڊل“ پاران ڪتابن شايع ڪرائڻ جو سلسلو جاري رکيو. باغيءَ پاران شيخ اياز جي ڪهاڻين جي مجموعي ”سفيد وحشيءَ“ کان پوءِ جون 1947ع ۾ شيخ اياز جوترتيب ڏنل ڪتاب ”اسان جي سنڌ“ ڇپايو ويو. ”اسان جي سنڌ“ ۾ ترقي پسند ليکڪن جون ڪهاڻيون هيون. شيخ اياز انهيءَ ڪتاب جو جيڪو فڪري مهاڳ لکيو، تنهن کي پڙهي، سندس فڪري، ادبي،سماجي، اقتصادي ۽ قومي شعور کي داد ڏيڻو ٿو پوي.
    انهن ئي ڏينهن شيخ اياز شڪارپور مان هڪ ماهوار رسالو ”اڳتي قدم“ جاري ڪيو. اڳتي قدم جا فقط ٽي پرچا نڪري سگهيا. پهرين پرچو آگسٽ 1947ع، ٻيو پرچو سيپٽمبر1947ع ۽ ٽيون پرچو آڪٽوبر 1947ع ۾ نڪتو. ”اڳتي قدم“ رسالو جاري ڪرڻ وقت شيخ اياز جي عمر 24 سال هئي. ”اڳتي قدم“ رسالي ترقي پسند تحريڪ جو سگهارو تصور پيش ڪيو. محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
    ”اڳتي قدم“، سنڌي ادب جي ترقي پسند لاڙن کي جاڳايو، گڏ ڪيو ۽ پاڻ ڀرو ڪيو. اياز ان رسالي جا فقط ٽي پرچا ڪڍيا، پر اُن جي ٿورڙي حياتيءَ ۾ هن رسالي سنڌي ادب جي نڪ ۾ جا غلاميءَ جي ناڪيلي پيل هئي، اها لاهي ڦٽي ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجو مقصد، پنهنجي راهه ۽ پنهنجو ارادو عطا ڪيو.“

    شاعري
    شيخ اياز جو پهريون شعر 1938ع ۾ ”سدرشن“ مخزن ۾ ڇپيو. پوءِ اهو شاعري جو سلسلو هلندو رهيو. ان زماني ۾ اياز شاعريءَ کان سواءِ ڪهاڻيون پڻ لکندو هو. سندس پهرين ڪهاڻي اڻويهين سالن جي عمر ۾ ڇپي. جيڪا ”سهڻي سير ۾“ جي عنوان سان، ماهوار ”سنڌو“ جي 1942 ع جي پرچي ۾ شايع ٿي. سندس ٻي ڪهاڻي، ”هڪ شمع جا ٻه پروانا“ جي عنوان سان ”سنڌو“ ۾ ئي ڇپي. اهڙي طرح ”سنڌو“ جي جنوري 1947ع جي پرچي ۾ سندس هڪ ڪهاڻي ”ٻروچڪي رت“ جي عنوان سان شايع ٿي. اهي ۽ ٻيون ڪهاڻيون ”سفيد وحشي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون.
    اڳتي هلي شيخ صاحب ’نيو ايرا اسڪول‘ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران شعرو شاعريءَ جي تربيت پنهنجي استاد کيئلداس فاني کان حاصل ڪندو رهيو، جنهن جو اعتراف ڪندي پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿس:
    فاني! او فاني لافاني مون لاءِ تون،
    تون جو طوفاني، آهي منهنجيءَ ڏات.
    شيخ اياز جو پهريون شعر ”سدرشن“ ۾ شايع ٿيو، جيڪو شعر ترجمو هو ۽ اهو اصل ’سوامي هيمراج‘ جو هو. سندس ٻيو شعر ماهوار ”سنڌو“ جي نومبر 1938ع جي پرچي ۾ شايع ٿيو. اهو زمانو شيخ صاحب جي تربيتي ۽ مطالعي وارو زمانو هو. شيخ اياز هوشيار ته ننڍي هوندي کان ئي هوندو هو ۽ مطالعو به خوب ڪندو هو. شيخ اياز ڪاليج جي زماني ۾ لئبرريءَ ۾ قدم رکندو هو ته ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪتاب ساڻس ڳالهائيندا هجن. ۽ سندس مطالعي جي ڪري ڪاليج جا پروفيسر به کيس انگريزي جو ”ياد حافظ“ چوندا هئا.

    اردو شاعري
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌي هندن ۽ خاص ڪري سنڌي ليکڪن جي لڏي وڃڻ ڪري ترقي پسند سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو ۽ اردو اديبن جي لڏي اچڻ جي ڪري، ماحول ۾ ڪجهه تبديلي آئي. انهيءَ زماني ۾ شيخ اياز جي اردو اديبن سان اُٿ ويهه ٿيڻ لڳي ۽ شيخ اياز به اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳو. اهڙي طرح جڏهن ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ وجود ۾ آئي ته شيخ اياز کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. سندس اردو شاعريءَ جو اردو شاعرن تي ايترو ته اثر پيو، جو مشهور اديب ۽ شاعر آفاق صديقيءَ سندس اردو ڪلام ترتيب ڏيئي، ”بوئي گل نا لئه دل“ جي نالي سان شايع ڪرايو. اهو ڪتاب 1954ع ۾ ڇپيو.
    شيخ اياز پنهنجي اردو شاعريءَ بابت لکي ٿو:
    ”مون ورهاڱي کان اڳ اردوءَ ۾ ڪڏهن به شاعري نه ڪئي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ۽ مون کي اردوءَ تي ڪافي عبور حاصل هو ۽ منهنجو اردو مطالعو نهايت وسيع هو. سن 1947ع ۾ جڏهن مون نارايڻ شيام کي بمبئي وڃڻ جي لاءِ پاڻيءَ جي جهاز تي ڇڏيو هو ته مون کي سنڌ جي ادبي دنيا ڊانواڊول ٿيندي نظر آئي هئي.
    سنڌي اديبن جي اڪثريت هندو هئي ۽ اهي لڳ ڀڳ سڀ لڏي ويا هئا....... ان وقت مون بي انتها تنهائي محسوس ڪئي هئي ۽ پيدا ٿيل خلا کي ڀرڻ لاءِ مون ڪيئي اردو اديب دوست ڪيا هئا.....پهريون ڀيرو مون اردو ۾ 1948ع ۾ شاعري ڪئي ۽ ترقي پسند مصنفين ۽ حلقئه احباب ذوق ۾ پڙهندو هئس.“
    شيخ اياز 1952ع تائين اردو شاعري ڪئي ۽ پوءِ ڇڏي ڏنائين.

    سنڌي شاعري
    شيخ اياز اردو شاعريءَ کان ڪناراڪشي اختيار ڪرڻ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ڏانهن موٽيو ۽ هن ڀرپور نموني سنڌي شاعري ڪئي ۽ هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. خاص ڪري بيت، وائي، گيت سندس مرغوب صنفون رهيون آهن. انهن صنفن ۾ اياز وڏي جدت آندي، جنهن کي سنڌي شاعريءَ ۾ انقلابي تبديلي چئي سگهجي ٿو. شيخ اياز جي اهڙي انقلابي شعر جو پهريون مجموعو 1962ع ۾ ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ پاران ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ جي نالي سان ڇپيو. جنهن ۾ بيت، دوها، گيت، ڇيڄ، وايون، آزاد نظم، نظم، قطعا ۽ غزل آيل آهن. ڪتاب جي پيش لفظ ۾ پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ ڄاڻايو اٿس:
    ”1947ع کان اڳ وارو اڻ ڇپيل ڪلام منهنجي زهر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو. ان لاءِ ذميدار اها بي انتها مايوسي جي ”اکر اڳيان اُڀري، واڳون ٿي وريام“ واري ڪيفيت هئي، جنهن جو تفصيل منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن زخم پنها کي تازو ڪندو. باقي ڪنهن خاص دلچسپيءَ جو سبب نه ٿيندو.“
    ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ نئون ۽ نِڪور شاعري جو مجموعو هو. شيخ اياز کي انهيءَ ڪتاب تي گلڊ پاران بهترين ڪتاب تسليم ڪندي، ادبي انعام به ڏنو ويو. ڪتاب جي ڇپجڻ سان رجعت پرست ڌرين پاران شيخ اياز جي خلاف مخالفت ۽ احتجاج جو طوفان کڙو ٿي ويو. نتيجي ۾ حڪومت پاران اهو ڪتاب ضبط ڪري بندش هيٺ آندو ويو.
    شيخ اياز جو ٻيو شعري مجموعو ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ 1963ع ۾ ڇپيو ۽ پهريون نثر جو مجموعو، ادبي خطن تي مشتمل ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ 1964ع ۾ ڇپيو. انهن ڪتابن ڇپجڻ سان رجعتي حلقن ۾ هڪ طوفان کڙو ٿي ويو. اياز تي ڪافر، ملحد، غدار ۽ ملڪ دشمن جا الزام هنيا ويا ۽ اهي ٻيئي ڪتاب پڻ پابندي هيٺ آندا ويا.
    اياز جي شاعري سنڌ جي وجود جي بقا جو ضامن بنجي ويئي ۽ ”شيخ اياز-سنڌ جو آواز“ بنجي ويو. ون يونٽ جي خلاف قوم پرستن جي تحريڪ زور تي هئي ۽ اياز جي شاعري انهيءَ قومي جنگ ۾ هڪ وڏو هٿيار هئي. نتيجي ۾ شيخ اياز تي ملڪ دشمنيءَ جا الزام هڻي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ کيس جيل ۾ وڌو ويو، جنهن جو تفصيلي احوال پاڻ ”ساهيوال جيل جي ڊائريءَ“ ۾ ڪيو اٿس. انهيءَ جيل ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به قيد ڪيل هو. اهو 1968ع جو زمانو هو. انهيءَ ڊائريءَ جو پوءِ اردو ۾ ترجمو به ٿيو.

    شاهه جو رسالو (منظوم اردو ترجمو):
    1952ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي مرڪزي وزارت تعليم پاران ٻه علمي ڪم حوالي ڪيا ويا، جن مان هڪ شاهه جي ڪلام جو اردو ترجمو پڻ هو. انهيءَ ڪم لاءِ يونيورسٽي انتظاميا جي نظر شيخ اياز تي پيئي ۽ شيخ اياز اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ نهايت محنت، محبت ۽ عرقي ريزيءَ سان اهو ڏکيو ڪم سرانجام ڏنو ۽ اهو سڄو ڪم اهڙي ته خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنو، جو ڪٿي به شاهه جو پيغام ۽ شعر جو روح متاثر نه ٿيو آهي. اهو رسالو پهريون ڀيرو 1963ع ۾ ڇپيو.

    وائيس چانسلر
    شيخ اياز کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ۽ 1979ع تائين هو انهيءَ عهدي تي رهيو. شيخ اياز جو اهو عهدو قبولڻ هڪ نئين تڪرار جو سبب بنيو. اڳ هو قوم پرستن جي دلين جي ڌڙڪن هو ۽ هاڻ اک جو ڪنڊو ٿي پيو. شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جي انهيءَ سڄي دور ۾ سندس حمايت ۽ مخالفت ۾ خوب لکيو ويو، پر انهيءَ دور جو جيڪو وڏو نقصان ٿيو، سو اهو جوسندس شعري آمد ۾ اها رواني نه رهي. سندس انهي دور جي حوالي سان يوسف شاهين، سندس ڪتاب ”پڻ ڇڻ پڄاڻان“ ۾ لکي ٿو:
    ”هن شخص، پنهنجي پورهئي مان 79-1976ع جي دوران ڪجهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس هٿ ڦٽجي پيا. دل ڏار هڻي ويس ۽ هانءَ هَڄي اُٿيس.“
    شيخ اياز جي سڄي شعري زندگيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ اُهو جيڪو سندس وي-سي ٿيڻ کان اڳ وارو دور هو. جڏهن سندس شعر ترقي پسند ۽ قومپرست حلقن ۾ مقبول هو ۽ رجعتي حلقن طرفان سندس خلاف تمام گهڻو لکيو ويو، جن جو ترقي پسند حلقن ڀرپور جواب ڏنو ۽ اياز جي بچاءُ ۾ ڪيترائي ليک ۽ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ خاص طور تي مولانا غلام محمد گراميءَ جو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“ ۽ رسول بخش پليجي جو ”انڌا رونڌا ويڄ“ اهم آهن.
    ٻيو دور اياز جا پويان ڏهه سال هئا، جن ۾ هن پنهنجي پوئين دور کان به وڌيڪ لکيو ۽ پنهنجي خيالن ۾ ايندڙ صوفياڻي رنگ جو به کليو کلايو اظهار ڪيو. حقيقت ۾ انهيءَ دور ۾ اياز تمام گهڻو لکيو ۽ ڀرپور لکيو. پر عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته خيالن جي تبديليءَ جي ڪري، ڪلهه جن دوستن سندس ڀرپور حمايت ۾ لکيو، سي اڄ سندس مخالف ٿي بيٺا ۽ سندس خيالن کي رد ڪرڻ لاءِ پنهنجي قلم کي ڀرپور استعمال ڪيو.
    اياز ،سڄي عمر پنهنجي خيالن جي ڪري تڪراري رهيو، پر سندس شعر سنڌي ادب جو اهو خزانو آهي، جنهن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو.

    صحافت
    1994ع ۾ يوسف شاهين هڪ روزاني اخبار ”برسات“ ڪڍي، جنهن جو چيف ايڊيٽر شيخ اياز ٿيو. پنهنجي چيف ايڊيٽريءَ وارو اهو سڄو عرصو اخبار پنهنجي منفرد انداز سان هلندي رهي ۽ اياز جا لکيل ايڊيٽوريل اخبار جي جان هوندا هئا.

    شيخ اياز جا ڪتاب
    شيخ اياز جي ڇپيل نثر ۽ نظم ۾ ڪتابن جو تعداد هيٺينءَ ريت آهي:

    اردو شعر ۾
    (1)بوءِ گل نالئه دل (2)نيل ڪنٺ اور نيم ڪي پتي، (3)شاهه جو رسالو (منظوم ترجمو).

    سنڌي ۾ (نثر ۾)
    جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي،پنهل کانپوءِ، سفيد وحشي، جڳ مڙيوئي سپنو، ساهيوال جيل جي ڊائري، خط، انٽرويو، تقريرون (ڀاڱو1)، خط، انٽرويو، تقريرون (ڀاڱو 2)، ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون،ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا-ڀاڱو پهريون)، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا-ڀاڱون 2) ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا-ڀاڱو 3)، ڪتي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر (آتم ڪٿا-ڀاڱو 4)، تون ڇپر تون ڇانءُ- (اُنهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڪجهه واڌاري سان ”اُٿي اور الله سين“ جي نالي سان پڻ ڇپيو).

    شعر ۾
    ڀونر ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪپر ٿو ڪُن ڪري، چنڊ چنبيلي ول، رڻ تي رِم جهم، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، راج گهاٽ تي چنڊ، لڙيو سج لڪن ۾، بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي،اڪن نيرا ڦليا، جهڙ نيڻان نه لهي، وڄون وسڻ آئيون، اُڀر چنڊ پس پرين، پتڻ ٿو پور ڪري، هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن، واٽون ڦلن ڇانئيون، الوداعي گيت، ڪتين ڪر موڙيا جڏهن (ٽي ڀاڱا)، ننڊوليون، سَر لوهيڙا ڳڀيا، سورج مکي سانجهه، جرڏيئا جهمڪن، هرڻ اکي ڪيڏانهن، چنڊ ڳليون، گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾، پن ڇڻ پڄاڻان، سانجهي سمنڊ سپون، ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون، ڪاري رات ڪُهنگ، شاعريءَ جو سجدو، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، سر نارائڻ شيام، روح جزيرو حيرت جو (اياز جا سڀ غزل-مرتب بخشل باغي)، گيڙو ويس غزل (اياز جا سڀ غزل- مرتب اسحاق سميجو) هيرا ته ڏسو (مرتب بخشل باغي).
    سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران شيخ اياز جي شاعري ۽ نثري تخليقن کانسواءِ سندس شعر جي ترجمن کي هڪ رٿا تحت 22 جلدن ۾ ڇپايو ويو آهي،

    شيخ اياز جي شاعريءَ جاترجما
    جو ٻيجل ني آکهيا، (پنجابي) ترجمو احمد سليم، حلقه ميري زنجير کا (اردو) ترجمو فهميده رياض، تنهن کان سواءِ آصف فرخي، ڪرن سنگهه، شاهه محمد پيرزادي ۽ خواجه سليم، اياز جي شاعري ۽ نثر جا اردو ۽ انگريزي ۾ ترجما ڪيا، جي ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن.
    شيخ اياز 28ڊسمبر 1997ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس ’ڀٽ شاهه‘ ۾ ڪراڙ جي ڪپ تي دفنايو ويو.


    شمشير الحيدري

    شمشيرالحيدري، سنڌي ادب ۾ گهڻ پاسائين شخصيت رهيو آهي، هو هڪئي وقت شاعر، محقق، ايڊيٽر، حڪيم،ڪامورو ۽ تنظيم ڪار به رهيو آهي.

    سوانح
    شمشير علي ولد رسول بخش خواجه، 15سيپٽمبر 1932ع ۾ ”ڪڍڻ“ ڳوٺ ضلع بدين ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم بدين ۾ ئي ورتائين، تنهن کان پوءِ انگريزي تعليم ورنيڪيولر اسڪول بدين ۾ ورتائين، اُتي چار درجا انگريزي پڙهڻ کان پوءِ کيس 1947ع ۾ ”سنڌ مدرسي ڪراچي“ موڪليو ويو، جتي محمد ابراهيم جويو سندس اُستاد هو. پر سنڌ مدرسي ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ واپس ڳوٺ موٽي آيو. اڳتي هلي ٽنڊي باگي جي ”مير غلام محمد ٽالپر“ اسڪول ۾ پڙهيو. شمشير الحيدري 1963ع ۾ ايم-اي سنڌي ۽ اديب عالم سنڌي جي امتحان پاس ڪيا. ايم-اي-۾ ”آزاد نظم جي اوسر“ تي مقالو لکيائين.
    شمشيرالحيدري جو مامون ڪامريڊ نذير حسين حيدري سياست ۾ ڪافي سرگرم هو. پهرين مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ پاڪستان جي تحريڪ جي سلسلي ۾ جيل ۾ پڻ ويو. تنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي ٺهي ته انهيءَ جوبنيادي ميمبر بنيو. تنهن کان سواءِ هاري ڪميٽي ۾ پڻ هو ۽ انهيءَ جي پولٽ بيورو جوميمبرهو. هو وڏو هڏ ڏوکي، شاعر، خطيب، مقرر ۽ حڪيم هو، شمشيرالحيدري ننڍي هوندي کان ئي ان کان گهڻو متاثر رهيو ۽ سندس صحبت ۾ حڪمت جو ڌنڌو سکيو. هو نئن شمشير جو ڏاڏو ۽ والد به سٺا حڪيم هئا ۽ هنن حڪمت ۾ خوب نالو ڪمايو. انهيءَ حڪمت جي ڌنڌي سبب ماڻهو شمشير کي ”ڊاڪٽر“ سڏيندا هئا.
    ڪامريڊ نذير حسين حيدري انهيءَ وقت بدين مان ”اعلان حق“ جي نالي سان اخبار ڪڍندو هو. شمشير صحافت جون پِڪون اُتان پيتيون. اڳتي هلي سالن کان پوءِ 1992ع ۾ شمشير اها اخبار ٻيهر جاري ڪئي ۽ انهيءَ جا ڪجهه پرچا ڪڍيا.
    سنڌمدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران شمشير اُتان جي ماحول کان ڪافي متاثر ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ دوران جيڪي مارا ماريون ٿيون، تن کي اکين سان ڏٺائين. پاڻ انهيءَ زماني ۾ ”پاڪستان اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ بدين شاخ جو بنياد رکيائين ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو کيس اسڪول مان ڪراچي وڃي پڙهڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽ مليو.
    سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران، پهرين سال هو خوب محنت ڪري پڙهيو، پر تحريڪي دماغ هئڻ سبب اُتي به ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ 1956ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي مرڪزي تنظيم جو پايو وڌائين، جنهن جون شروعاتي گڏجاڻيون مدرسي جي سينيٽوريم هال ۾ ٿينديون هيون. اڳتي هلي ’سنگت سنڌ‘ جي مرڪزي چونڊن ۾ 17 آڪٽوبر 1956ع تي اياز قادري سيڪريٽري جنرل ۽ شمشيرالحيدري جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيا. اپريل 1957ع ۾ اياز قادريءَ جي استعفى کان پوءِ شمشميرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل مقررٿيو. پاڻ 1957ع کان وٺي 1966ع تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو، جڏهن ته خزانچي موتيرام ۽ آڊيٽرع.ق.شيخ هئا. سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران پهرين شمشير ’سنڌي بزم ادب‘ قائم ڪئي ۽ محمد ابراهيم جويي کي انهيءَ جوصدرمقرر ڪيو ويو. سندس هوشياريءَ جي ڪري استاد کيس سنڌي، فارسي ۽ فقھ جا پيپر چڪاسڻ لاءِ ڏيندا هئا.
    شمشيرالحيدري پهرين نوڪري 1950ع ڌاري پاڪستان رائيس مل ۾ منشي جي حيثيت سان شروع ڪئي. تنهن کان پوءِ پي-ڊبليو-ڊي ۾ ملازمت ڪيائين. اڳتي هلي ”بدين ڪو آپريٽو بئنڪ“ بدين جومئنيجر مقرر ٿيو. 1964ع ۾ بئنڪ بند ٿي ته شمشير به نوڪريءَ کان واندو ٿيو.
    شمشيرالحيدريءَ جي زندگيءَ جو وڏو حصو صحافت ۾ گذريو. سندس صحافتي ڪيريئر جي شروعات ”هلال پاڪستان“ کان ٿي، جيڪا مرحوم عبدالڪريم منشي ڪڍي هئي. پاڻ سڀ کان پهرين انهيءَ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ نيوز ايڊيٽر ٿيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ”مهراڻ“ رسالي جو نئين سر اجراءُ ڪيو ويو.انهيءَ وقت محمد ابراهيم جويو ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو سيڪريٽري هو. جنهن سان شمشير جي ”سنڌ مدرسي“ واري زماني کان واقفيت هئي. تنهن کيس 1956ع جي شروعات ۾ بورڊ ۾ ڪلارڪ ڪري رکيو. سندس ڪم پروف پڙهڻ ۽ ڪتابن جي بنڊلن تي ايڊريسون لکڻ هوندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس محنت ۽ ڪم کان متاثر ٿي کيس ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ڪري رکيو. اهو دور شمشير جي صلاحيتن جي نکرڻ جو دور هو. شمشيرالحيدري ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ يارهن سال نوڪري ڪئي ۽ 1966ع ۾ اها ڇڏيائين.
    1966ع ۾، پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي مرڪزي اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف فلمس اينڊ پبليڪيشن جي سنڌي شعبي جو سربراهه ۽ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”نئين زندگي“ جو اهو دور سنڌي ادب ۾زبردست تحريڪي ۽ تنظيمي دور ثابت ٿيو. شمشير پنهنجي عادت موجب ”نئين زندگي“ کي هڪ ادبي مشن ۽ جذبي تحت هلايو ۽ ڪئين نوان ليکڪ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ وڏو نالو ڪڍيو. شمشيرالحيدري جي ايڊيٽري واري دور جا ”نئين زندگيءَ“ جا پرچا کڻي ڏسبا ته اهي هر حوالي سان جامع نظر ايندا. نئين زندگيءَ جي ڪيترن ئي يادگار پرچن کان سواءِ جڏهن ون يونٽ ٽٽو ته شمشير نئين زندگيءَ جو يادگار ”سنڌ نمبر“ پڻ ڪڍيو. شمشير اتي يارهن سال رهيو. پوءِ جڏهن پيپلزپارٽي جي دور ۾ مرڪزي مواصلات کاتي پاران ”ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل“ کوليو ويو، جنهن جو ڪم مواصلات جي مختلف کاتن بابت فلمون ٺاهڻ، انگريزي رسالو جاري ڪرڻ ۽ اخبارن کي اشتهار ورهائڻ هو. ته شمشير نئين زندگيءَ جي ايڊيٽريءَ تان استعفى ڏيئي انهي کاتي ۾ ڊپٽي مئنيجر بنيو. پر ڏيڍ سال کان پوءِ ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿي ته اهو کاتو ٽوڙيو ويو ۽ شمشير کي 19هين گريڊ ۾ سرپلس ٺهرايو ويو. ائين يارهين سالن کان پوءِ وري پي پي گورنمينٽ ۾ کيس ”يُوٿ انويسٽمينٽ پروموشن سوسائٽي“ ۾ سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪري مقرر ڪيو ويو. جتان پاڻ 1989ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين.
    مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ته شمشيرالحيدري هلال پاڪستان کان صحافت جي شروعات ڪئي. تنهن کان پوءِ ڪافي وقت تائين ”خادم وطن“ ۾ پڻ اسسٽنٽ ۽ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. 1983ع ۾ کيس حيدرآباد مان نڪرندڙ ”مهراڻ“ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اها پير صاحب پاڳاري جي اخبار هئي. جيڪا انهيءَ وقت حُر جماعت جي بليٽن طور فقط ٻارهن سئو ڪاپيون شايع ٿيندي هئي. شمشير اڃا ادارت سنڀالي مس، جو 14آگسٽ 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي مارشلا خلاف، جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ شروع ٿي ويئي. شمشير کليو کلايو تحريڪ جا تفصيل شايع ڪرڻ شروع ڪيا ۽ اخبار کي ضيائي مارشل لا خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. اخبار جاڪيترائي ڪالم ۽ ايڊيٽوريل مارشل لا جي خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ جي حق لکيا.نتيجي ۾ اخبار جي سرڪيوليشن ٻارهن سئو ڪاپين مان وڌي ٻاويهه هزارن تائين پهتي. نيٺ 82 ڏينهن کان پوءِ کيس اخبار کان ڌار ڪيو ويو.
    اڳتي هلي 1986ع ۾ کيس ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اتي به ساڳئي 1983ع واري صورتحال ٺهي. 1986ع جي تحريڪ شروع ٿي ويئي ۽ شمشير جو قلم ۽ اخبار جا ڪالم جمهوريت پسند ۽ عوام دوست ڌرين جي حق ۾ هلڻ لڳا. مٿس ڪافي دٻاءُ وڌو ويو ۽ حڪومت پنهنجي ئي اخبار جي اشهتار بند ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ شمشير اخبار کي بند ٿيڻ ۽ نقصان کان بچائڻ لاءِ ايڊيٽري تان استعفى ڏيئي ڇڏي. اُتي پاڻ فقط 43ڏينهن اخبار جو ايڊيٽر رهيو.
    پوءِ 1989ع ۾ پي پي پي جي حڪومت آئي ته کيس بيگم نصرت ڀٽو ٻيهر اخبار ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. پاڻ اخبار کي وڌائڻ۽ ويجهائڻ لاءِ ڪافي محنت ڪيائين ۽ ڪئين نوان شعبا کوليائين.
    شمشيرالحيدري 85-1984ع دوران ماهوار ”هلچل“ ۽ هفتيوار ”هدايت“رسالا ڪڍيا. ”هدايت“ رسالي جو چيف ايڊيٽر محمد ابراهيم جويو هو ۽ ايڊيٽر شمشيرالحيدري. ”هلچل“ جا فقط ٻه پرچا نڪري سگهيا، جيڪي سرڪار ضبط ڪيا.

    ادب ۾ پير پائڻ
    مٿي ذڪر ٿي چڪو ته شمشيرالحيدري کي ننڍي هوندي کان ئي، پنهنجي مامي نذير حسين حيدري جي صحبت ۾ ادب جو چشڪو لڳو. حيدري جي لئبريريءَ ۾ تمام گهڻا ۽ هر موضوع تي ڪتاب موجود هئا. جيڪي شمشيرالحيدريءَ کي خوب پڙهڻ جوموقعو مليو. انهيءَ وقت شمشير اردو ٻوليءَ کي علمي زبان سمجهندو هو ۽ اردو شاعري شروع ڪيائين. ۽ ننڍي هوندي کان ئي اخبارن ۾ ٻارڙن جي ٻاريءَ لاءِ اردوءَ مان شعر ۽ڪهاڻيون ترجمو ڪندو هو. شروع ۾ ”الوحيد“ ڪراچيءَ ۾ ٻاراڻي ڪهاڻي ”ٽي رٺل گڏيون“ شايع ٿيس. پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو. اڳتي هلي سنڌيءَ زبان سان صحيح معنى ۾ واقفيت ٿيس ۽ جديد سنڌي ادب، شاهه،سچل ۽ سامي پڙهيائين ته سنڌي ۾ لکڻ لڳو ۽ 49-1948ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پاڻ پهريون تخليقي نظم ”سنڌ مدرستھ الاسلام“ لکيو، جيڪو مدرسي جي1949ع واري ڪرانيڪل ۾ شايع ٿيو.
    شمشيرالحيدري جي پهريون شعري مجموعو ”لاٽ“ 1962ع ۾ ڇپيو،جيڪو طارق اشرف ڇپرايو. تنهن کانسواءِ سندس ڪجهه ننڍا ننڍا ٻيا به شعر ڪتابڙا ڇپيل آهن.
    شمشيرالحيدري ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي ناٽڪ ۽ ڊراما پڻ لکيا آهن. ۽ ٽي وي لاءِ پهريون ڊرامو ٽن قسطن شمشيرالحيدري جو لکيل هو، جيڪو مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جوناٽڪي روپ هو.
    مٿين ڪم کان سواءِ شمشيرالحيدري ڪيترائي اهم ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪيا آهن.
    شمشيرالحيدري جي شاعريءَ تي نظر وجهندي ”مهراڻ شاعر نمبر“ ۾ گرامي صاحب لکي ٿو:
    ”حيدري جي فن کي تنقيدي نقطه نظر سان ڏسڻ کان پوءِ آءٌ ان راءِ تي پهتو آهيان ته حيدري جي تخليقي قوت، فڪري مطالعو ۽ نڪته آفرين افتاد طبع پنهنجي همعصر ۾ منفرد آهي.“
    شمشير الحيدري ءَکي سندس سنگت ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي مڃتا طور 6 جون 2010ع تي ”سنڌي ادبي سنگت ـ سنڌ“ پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو.

    ڇپيل ڪتاب
    ”انسان ڪامل“ شخصيات- (1953ع)، ”ڪاروان ڪربلا“ (تاريخ-1954ع)، ”پورس جا هاٿي“ (ڪهاڻيون-1958ع)، ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ (ترتيب-1961ع)، ”لاٽ“ (شعر-1962ع)، ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا“ (ترجمو، 1963ع)، ”آمريڪا جا سياسي سرشتو“ (ترجمو-1964ع)، ”سوکڙي“ ترتيب-(متفرقه 1964ع)، ”بهترين سنڌي ادب“ (افسانا 1969ع)، ”سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر“ (1987ع)، ”ڪاڪ محل“ (ناٽڪ 1988ع)، ”تاريخ جو ڪچرو“ (شاعري) شامل آهن.


    شريڪانت ”صدف“

    ورهاڱي (1947ع) کانپوءِ هندستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي شاعرن/ شاعرائن/ليکڪن جو انگ ڪو ايڏو وڏو ڪونهي. پراڻي ليکڪ ٽهي جنهن سنڌ ۾ جنم ورتو، هوريان هوريان موڪلائيندي پئي وڃي ۽ هند ۾ جنم وٺندڙ نئين ٽهيءَ لاءِ نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان ڪو جذباتي لڳاءُ ڪونهي. پرسنڌي ٻولي ۾ تعليم وٺڻ به هنن جي لاءِ دنياوي ڪاميابيءَ جو ڪو ذريعو ڪونهي. انهيءَ هوندي به، ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ جنم وٺندڙ پنجن ستن شاعرن/شاعرائن مان شريڪانت ”صدف“ نهايت سگهارو، منفرد ۽ پختو شاعر آهي.

    سوانح
    شريڪانت موتي شرما، 23 جولاءِ 1959ع ۾ ممبئي (بمبئي) هندستان ۾ جنم ورتو. سندس والد موتي پرڪاش ۽ امڙ ڪلاپرڪاش سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا ليکڪ آهن. شريڪانت شروعاتي تعليم ممبئي ۾ ئي حاصل ڪئي. اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. ڪجهه وقت نوڪري به ڪيائين، جيڪا پوءِ ڇڏي ڏنائين.

    ادبي اوسر
    شريڪانت، 14سالن جو عمر کان ڪتاب پڙهندو اچي. شروع ۾ پنهنجي والد موتي پرڪاش جي شاعريءَ کان متاثر ٿيو، تنهن کانسواءِ برک ليکڪ ۽ نقاد اي جي اُتم جي ڄاڻ ۽ اڀياس جو سدائين قائل رهيو. جيتوڻيڪ شريڪانت فڪري لحاظ کان سدائين ترقي پسندن جي خلاف رهيو،پرهن پنهنجو پهريون ڪتاب ”نفرت جاگل“ برک ترقي پسند اديب اي جي اُتم جي نالي ارپيو. شريڪانت ”صدف“ 22سالن جي عمر ۾ 1982ع کان غزل لکڻ شروع ڪيا. ”صدف“ جي شاعري جي لهجي تي ’گوپ ڪمل‘ ۽ ’واسديو موهي‘ جو خاصو اثر آهي ۽ هن ٻنهي ڄڻن مان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ انهن جي لاءِ چيو اٿس:
    توهان سان گڏ اسان گهاري اهڙي شام آهي،
    اڃا جا رات ۾ تبديل ٿي سگهي ڪانهي.
    اهڙي طرح نارايڻ شيام، تنوير عباسي ۽ لکمي کلاڻي کي پسند ڪندو آهي ۽ انهن لاءِ هن جي راءِ آهي ته، ”انهن کي ميراڻ ۽ گندگي ڪڏهن ڇهي نه سگهي.شيام ۽ تنوير نوڙت ۽حليمائي جا مجسما، دل جا حد کان وڌيڪ صاف، ڪڏهن ڪنهن کي نه ڏکوئيندڙ ۽ عظيم شاعريءَ جا سرجڻهار، لکمي کلاڻي ٻوليءَ جو اهو محافظ، جنهن کي بنگلا، ڪارون، ڌنڌا ۽ ڌاڙيون ٻولي جي بهبودي جي آڏو تچ نظر آيا.“ ”صدف“ لاءِ سڀ کان وڌيڪ amazing ڪردار نارايڻ شيام جو رهيو آهي.
    ”صدف“ جي شعري اوسر ۾ اردو شاعر قمر نقوي جو وڏو هٿ رهيو آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي ”صدف“ لکيو:
    ”منهنجي شاعري جي اوسر ۾ منهنجي گهر ويجهو هڪ جهوپڙي ۾ رهندڙ دوست، جيڪو هاڻ وفات ڪري ويو آهي قمر نقويءَ جو وڏو هٿ رهيو آهي. 1980ع جي آسپاس ۽ 1983ع جي آخر تائين مان هن سان گڏ رئيس نالي هڪ دلدار جي اڏي تي رات تائين وسڪي ۽ اها ختم ٿيڻ بعد ڪنتري پيئندو هئس. اُتي هندي ڪويتا (شاعري) ۽ اردو شاعري جا ڪي ڄاڻو ايندا هئا. مان هنن کي ساحر (لڌيانوي) ۾ مجروح (سطانپوري) جا شعر ٻڌائيندو هئس ته هو مشڪندا هئا ۽ بعضي ٽهڪ به ڏيندا هئا. مان ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته ائين ڇو آهي؟ اتي اردو ۾ ايم اي ڪيل هڪ ڊاڪٽر سراج پڻ ايندو هو، جنهن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته توکي شاعري جو اڀياس ڪونهي. اسين ساحر کي اشتهاري شاعر مڃيندا آهيون. ساحر جو ”پرڇائيان“ برزبان هئم، جيڪو جڏهن چئي ٻڌايم ته قمر نقوي مون کي هڪ سندس لکيل شعر ٻڌايو ۽ چيائين ته اسين به غريب آهيون، انساني برابري چاهيون ٿا، پر اسين فنڪار آهيون اهو ڀلائڻ روا ناهي.
    تمهاري شهر مين آئي تو گاؤن سِي ڀي گئي،
    وهان کي آس پيڙون ڪي ڇانوَ سي ڀي گئي.
    ان ڏينهن مون فنڪار ۽ پرچارڪ جو تفاوت سمجهڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. ان کان پهرين مون ڪرشن راهي، واسديو نرمل،موتي پرڪاش ۽ آنچل کي خوب پڙهيو هو. مون کي لڳو ته هيءَ شاعر جيڪو لکي رهياهئا، اهو فنڪارانه ”غزل“ ڪونه هئو ۽ جي ڪٿي هو ته ”اڄ جو غزل“ ڪونه هو.“
    شريڪانت ”صدف“ جو پهريون شعري مجموعو 1990ع ۾ ”نفرت جا گُل“ جي نالي سان ڇپيو. انهي مجموعي ۾ سندس چونڊ پنجاهه غزل شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ارجن حاسد لکيو آهي، جنهن ۾ هو ”صدف“ جي غزلن بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو:
    ”صدف“ جو پنهنجو مزاج آهي، سڀاءُ به ڪجهه الڳ.مون کي لڳندو آهي سندس اها عليحدگي ۽ وچترتا کانئس شعر چوائي ٿي. ڪي شعر بي ساختگي وچان چيل لڳندا آهن. روايتي شيون هن وٽ پڻ آهن، تڏهن به الڳ مجاز سان ڌڪ ٿيون وٺن. چهنڊڙي پائي ٿيون ڪڍن. هن جي شعر جي مصرع اول ڪا نه ڪا تازگي کڻي ٿي اچي. ڪجهه چئي سگهڻ جي سگهه ٿي رکي. سچ ته مصرع اول ۾ ئي شاعر پاڻ کي ڪو اظهار ڏئي ٿو. مصرع ثانيءَ ۾ ان اظهار سان، ڪارنامي سان، ڪوملتا سان نڀائڻو آهي، اهو نباهه، پنهنجي سڀاءَ ۽ فن جي باريڪين کي ظهور ٿو ڏئي. ڄاڻ ٿي پوي ته شاعر ڪٿان ڪٿان، ڪهڙي پيچري تان پنڌ ڪرڻ سکيو آهي.
    سنڌي شاعريءَ جي روايت به خوب رهي آهي ته ڪڙي سان ڪڙي جڙندي آئي آهي. اهڙو ڪو دور نه رهيو آهي، جنهن دور ۾ ڪوبه حساس شاعر نه رهيو هجي. ڀارت ۾ به سنڌي شاعري ورهاڱي بعد به زور شور سان اُڀري آهي. شريڪانت ”صدف“ پنهنجي دور جو هڪ مضبوط ڪوي ثابت ٿيندو. اهڙي خاطري آهي، سنڌي شاعري کي هڪ نئون وهڪرو، هڪ نئون اعتقاد نصيب ٿيندو.“
    ”صدف“ جو ٻيو شعري ڳٽڪو ”نانگن جا ٻر“ 1993ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پڻ ”صدف“ جا پنجاهه غزل شامل آهن. انهي ڪتاب تي راءِ ڏيندي هري دلگير لکيو:
    ”صدف“ جو ڪتاب ”نانگن جا ٻِر“ سندس پهرينءَ ڪتاب کي پويان ڇڏي، ڪيتريون ئي وکون اڃا به اڳتي وڌي آيو آهي. هي ڪتاب ڪيترن ئي شايع ٿيل سنڌي غزلن جي مجموعن ۾ هڪ اڳرو مجموعو آهي. هو نه آشا وادي آهي ۽ نه ئي نراشاوادي. نه ئي هو ڪن سينيئر شاعرن وانگر رڳا ”طنز“ جا غزل ٿو لکي.هو ڪنهن به لڳ لڳاءُ کانسواءِ هڪ شاعر آهي. ”صدف“ جي تازي مجموعي مان اهو صاف ظاهر آهي ته کيس شاعريءَ جي فن تي لڳ ڀڳ پورو قبضو آهي.“
    ”صدف“ جو ٽيون شعري مجموعو ”ذهن جا قبيلا“ 1996ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ غزل ۽ آزاد ڪوتائون شامل آهن. سندس چوٿون شعري مجموعو ”وچ وارن کي لٺ بڻاءِ“ 2002ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪوتائون شامل آهن.
    شاعريءَ کانسواءِ ”صدف“ چڱي تعداد ۾ تنقيدي مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن، جيڪي اڃا ڪتابي صورت ۾ ناهن ڇپيون.
    ”زندگي هڪ وار وري شروع ڪرڻ پوندي“، ”صدف“ جي مٿين چئني ڪتابن کي هڪ ڪتاب ۾ سموئي ڇپايو ويو، جيڪو 2005ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران سنڌ ۾ شايع ٿيو.


    طارق اشرف

    طارق اشرف جو نالو وٺڻ سان ذهن تي هڪدم سنڌي ڪهاڻي ۽ ”سهڻي“ رسالي جو نالو تري ٿو اچي. طارق اشرف نه رڳو ڪهاڻي جي گهربل ٽيڪنڪ جي حوالي سان سٺو ڄاڻو هو، پر سنڌي رسالن جي مکيھ ۽ باقاعده جنهن کي ”ايڊيٽر“ چئجي، انهن مان هڪ هو.

    سوانح
    سيد اشرف علي ولد سيد لطف علي شاهه 5 جولاءِ 1940ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي پاڻ ”طارق اشرف“ جي نالي سان مشهور ٿيو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪيائين، سندس تعليم ايم-اي تائين هئي.
    طارق اشرف کي ادبي ذوق ننڍي هوندي کان ئي هو. جڏهن به خرچي ملندي هيس ته هو هيراآباد جي بوڪ ڊپو تان ڪتاب وڃي وٺندو هو. ان وقت ٻارن جي ڪتابن جي پويان ٻارن ۾ ذوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ پروليون وغيره ڏنيون وينديو هيون. پوءِ جڏهن ورهاڱو ٿيو ۽ لڏپلاڻ ٿي ته حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي ۾ لڏي وڃڻ وارا هندو سامان رکي وڪڻندا هئا. انهن ۾ ڪتاب به شامل هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهي سامان ۾ سڀني کان سستا هوندا هئا، تنهن ڪري طارق اشرف پنهنجي جيب خرچي مان گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ورتا. انهن ۾ نٽ همسن جو ناول ”بُک“ (Hunger) به شامل هو. انهيءَ وقت جيترو به بينگالي ادب، بينگال ۾ سرجيو هو، اهو گهڻو ڪري سنڌي ۾ ترجمو ٿيو هو. طارق اشرف ننڍي عمر ۾ ئي ٽئگور، شرت چندر بئنرجي ۽ ٻين جا اڪثر ڪتاب جيڪي سنڌي ۾ ترجمو ٿيا هئا، سي پڙهي ڇڏيا، انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف لکيو:
    ”مون ننڍڙي عمر ۾ ايترو سٺو ادب پڙهي ڇڏيو هو، جو انهيءَ کان پوءِ جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي رسالا نڪتا ته اهي منهنجي معيار کان گهڻو گهٽ هئا، تنهن ڪري مون اردو ادب پڙهڻ شروع ڪيو. پهرين اسلامي تاريخي ناول، پوءِ انهن مان بيزار ٿي منشي پريم چند، ڪرشنچندر، منٽو، عصمت چغتائي، رام لعل، ڪنهيا لال ڪپور ۽ ٻين کي پڙهيم.“
    انهيءَ کان پوءِ طارق اشرف جو رجحان اردو ادب ڏانهن ٿي ويو. پاڻ پهرين سنڌي ڪهاڻي 59-1958ع ۾ جمال ابڙي جي ”بدمعاش“ پڙهيائين. اها کيس ايتري ته وڻي جو پوءِ ڳولهي ڳولهي جمال ابڙي جي ڪهاڻين کي پڙهيائين، پوءِ جڏهن طارق اشرف ڇپائي جوڪم شروع ڪيو ته پاڻ جمال ابڙي جي ڪهاڻي جي مجموعي ”پشو پاشا“ جو ڇاپو ”بدمعاش“ جي نالي سان ئي ڇپيائين ۽ طارق اشرف جي لفظن ۾ ته ’اهو ڇاپو هڪ ئي ڏينهن ۾ فقط حيدرآباد ۾ کپي ويو‘. ڪنهن سنڌي ڪتاب جو ايترو تيز وڪرو اڄ تائين نه ٿيو آهي، جيترو ”بدمعاش“ جو ٿيو.
    جمال ابڙي جي ڪهاڻين سان گڏ طارق اشرف کي ان وقت جن ٻين ڪهاڻين متاثر ڪيو، انهن ۾ بشير مورياڻي جي ڪهاڻي ”چُهڙي“ ۽ رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ”بُڻ“ کيس گهڻيون وڻيون. ”چُهڙي“ جو ته پوءِ پاڻ اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيائين.
    طارق اشرف جي پهرين ڪهاڻي ”دري“ عبرت مخزن ۾ 1960ع ۾ ڇپي، تڏهن عبرت مخزن جو ايڊيٽر ”پروانو ڀٽي“ هوندو هو، پر طارق اشرف جي صحيح معنى ۾ ادبي ميدان ۾ واقفيت شمشيرالحيدري، ٽماهي ”مهراڻ“ جي وسيلي ڪرائي، جيڪو انهن ڏينهن ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽرهو.
    1960ع م طارق اشرف پنهنجي دوست غلام نبي مغل سان گڏجي هڪ اشاعتي ادارو ”اداره ادب نو“ قائم ڪيو، جنهن هڪٻئي پٺيان ٽي ڪتاب شايع ڪيا. ”پهريون قدم“، ”ٻيو قدم“، انهن مان پهرينءَ ۾ مختلف ليکڪن جا شعر ۽ ڪهاڻيون ۽ ٻي ۾ فقط ڪهاڻيون هيون. اداري جو ٽيون ڪتاب ”شمشيرالحيدري“ جي شاعري جو ڳٽڪو ”لاٽ“ هو.
    جون 1964ع ۾ ”اداره نو ادب“ ٻه ڪتاب، طارق اشرف جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”سونهن، پٿر ۽ پيار“ ۽ غلام نبي مغل جو ڪتاب ”نئون شهر“، ٻٽو ڪتاب ڪري ڇپايو. ”ٻٽو ڪتاب“ سنڌي ۾ پهريون تجربو هو. هن ڪتاب کي ٻنهي پاسي ٽائيٽل هئا. هڪ پاسي ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ۽ ٻي پاسي ”نئون شهر“.
    طارق اشرف جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جو تنها مسافر“ 1978ع ۾، ۽ ٽيون ڪهاڻي ڪتاب ”درد جا ڏينهن، درد جون راتيون“ 1982ع ۾ ڇپيو. 1992ع ۾ طارق اشرف جي ٽنهي ڪتابن ۽ وڌيڪ لکيل ڪهاڻين کي هڪ ئي مجموعي ”بند اکين ۾ ڪجهه سپنا، ڪجهه يادون“ ۾ ڇپيو ويو. جنهن ۾ سندس سڀئي ڪهاڻيون شامل آهن، جن جو تعداد 42 آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ماهتاب محبوب لکيو آهي.

    سهڻي جو اجراءَ
    ”اداره نو ادب“ پاران ڪجهه ڪتاب ڇپرائڻ کان پوءِ دوستن جي صلاح ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن سُٺي رسالي جي نه هئڻ کي محسوس ڪري، ”طارق اشرف“ ماهوار ’سهڻي‘ جو اجراءُ ڪيو ۽ اها مخزن پاڻ لڳاتار نوَ سال ڪڍيائين. پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي گورنمينٽ ۾ جڏهن غلام مصطفى جتوئي سنڌ جو وڏو وزير هو ته هن سنڌي ٻولي جي اسي ڪتابن ۽ رسالن تي پابندي هڻي ڇڏي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت بظاهر ته جمهوري حڪومت هئي، پر انهيءَ ۾ اظهار جي آزادي ڪانه هئي. جنهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف سهڻي پبليڪيشن جي ڪتاب سهيوڳي ادب (جنوري 1978ع) جي ايڊيٽوريل ۾ لکي ٿو:
    ”هيءَ فوجي حڪومت آهي، پر ڀٽي جي عوامي حڪومت کان ڪنهن حد تائين لکڻ جي لاءِ آزادي آهي. ڀٽي جي عوامي حڪومت ۾ سنڌي پريسن، اسي ڪتابن ۽ سڀني برک رسالن تي پاپندي وڌي ويئي هئي ۽ ڪيترائي اديب سالن جا سال جيلن ۾ پي سڙيا.“
    طارق اشرف جي انهن مٿين لفظن جو اهو مطلب ڪونهي ته ڪو اها (جنرل ضياءُالحق) جي فوجي حڪومت بهتر هئي، اها فوجي حڪومت ته پاڪستان جي تاريخ جي بدترين حڪومت هئي. فوجي حڪومت جو مٿيون قدم هڪ وقتي قدم هو. تنهن کان پوءِ يارهن سالن جو اهو آمريتي دور هر لحاظ کان سنڌ توڙي، ملڪ لاءِ خراب ثابت ٿيو.

    سهڻي جا شخصيت نمبر
    ”سهڻي“ رسالو نوَ سال هليو. انهيءَ رسالي جتي ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون، اتي سنڌي ۾ پهريون ڀيرو ”شخصيت نمبر“ پڻ ڪڍيا. سهڻي جي انهيءَ پهرين دور ۾ طارق اشرف ٻه شخصيت نمبر ”امر جليل نمبر“ ۽ ”نسيم کرل نمبر“ ڪڍيا. جنهن جو ذڪر ڪندي طارق اشرف لکيو:
    ”مان چاهيندو آهيان ته ليکڪ جي عظمت جو اقرار سندس زندگيءَ ۾ ئي ڪجي. کيس مانُ،مرتبو، عزت، سندس زندگي ۾ ئي ڏجي. مون انهي تي ڪجهه عمل به ڪيو آهي. امر جليل ۽ نسيم کرل جا نمبر سندس زندگي ۾ ئي ڪڍيم.“
    سهڻي جا هي ٻئي نمبر ”امر جليل ۽ نسيم کرل“ جي شخصيت ۽ فن جو مڪمل احاطو ڪن ٿا. بيشڪ طارق اشرف ۽ سهڻي جو اهو وڏو ڪارنامو هو.

    سهڻي جو ٻيو دور
    ٻئي دور ۾ سهڻي جو پهريون پرچو مارچ 1989ع ۾ نڪتو ۽ اهو دور طارق اشرف جي وفات 14 اپريل 1992ع تائين قائم رهيو. انهيءَ دور ۾ به طارق اشرف ”سهڻي“ جي اڳين روايت کي برقرار رکيو ۽ شيخ اياز تي ٻه شاندار ۽ ضخيم نمبر مارچ 1990ع ۾ ۽ ٻيو مارچ 1991ع ۾ ڪڍيو. اهي ٻيئي پرچا شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جي ڪيترن ئي پهلوئن تي روشني وجهن ٿا. جيئن طارق اشرف، شيخ اياز نمبر ۾ لکيو:
    ”اياز اها ڳالهه پسند ڪري يا نه ڪري، پر منهنجي اها خواهش هئي ته اياز جي فن ۽ شخصيت تي هر پهلوءَ تي لکڻ گهرجي. بهرحال، مون شيخ اياز تي ”سهڻي“ جي پاران ٻه نمبر ڪڍي، سندس عظمت جو اعتراف،سندس زندگيءَ ۾ ئي ڪيو آهي. پر اياز جهڙي ليکڪ تي سوين نمبر نڪرن ته به گهٽ ٿيندا.“
    سهڻي جو ڪردار
    سهڻي جا ٻيئي دور، سنڌي ادب جي حوالي سان اهميت وارا آهن، سهڻي ڪئين نوان ليکڪ پيدا ڪيا. جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو. سهڻي هڪ رسالو ڪونه هو، سهڻي هڪ تحريڪ هئي، هڪ تحرڪ هو، سهڻي هڪ ڇاڻي هئي، جيڪا سٺا اديب ڇاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي هنج ۾ وجهندي هئي.
    سهڻي جي پهرين دور جا ايڊيٽوريل ”سهڻي“ جي جان هونداهئا. بقول ماهتاب محبوب جي:
    ”طارق اشرف جا سنجيدگي، گهرائي ۽ وڏي سوچ مان لکيل ايڊيٽوريل ۽ سياسي/ ادبي مضمون پڻ اجائي لفاظي جي بدران سدائين ڌيان ڇڪائيندڙ لڳندا آهن. پوءِ چاهي اهي ايڊيٽوريل نوان هجن يا پراڻا، جڏهن به پڙهي ڏسبا ته وقتائتا لڳندا، جن کي پڙهي ذهن جا ڪپاٽ کليو وڃن.“
    اهڙي ئي هڪ ايڊيٽوريل (جولاءِ 1973ع)جي پرچي ۾ پنهنجي طرفان ۾ ”بنگلاديش منظور...منظور...منظور“ جي سري هيٺ لکيل ايڊيٽوريل ۾ هن لکيو:
    ”اڄ جيڪي بنگلاديش نا منظور، نامنظور ڪري رهيا آهن، اهي ڪي پاڪستان جا خير خواهه ڪونهن. نڪو ملڪ جي محبت خاطر اهي بنگلاديش نامنظور جو نعرو هڻي رهيا آهن. اهي اُهي ساڳيا غدار ،قاتل، الشمس ۽ البدر جهڙن خونخوار ٽولن جا باني ڪار آهن. جن بنگال ۾ قتل عام ڪرايو. اُهي پنجويهه سال بينگال جو استحصال ڪندا رهيا ۽ هاڻي جڏهن بينگال هنن جي چنبي مان آزاد ٿي ويو آهي ته اهي بنگال جي وجود کان انڪاري پيا ٿين.“
    اهي جيڪي اڄ بنگلاديش نامنظور جا نعرا هڻي رهيا آهن. انهن جو وڏو ڪارڻ بهاري آهن. ڇاڪاڻ جو جيستائين بنگلاديش کي تسليم ڪونه ڪبو، اُتي جا بهاري پاڪستاني سڏبا ۽ پاڪستاني هئڻ جي ناتي انهن کي ڪوبه پاڪستان ۾ اچڻ کان روڪي نٿو سگهي. اهي ڄاڻن ٿا ته جنهن ڏينهن بنگلاديش تسليم ٿي ويو، بهارين جو اچڻ بند ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته پوءِ بهاري هڪ الڳ ۽ خودمختيار ملڪ جا باشندا هوندا ۽ هڪ ملڪ جا باشندا ٻئي ملڪ ۾ ايئن آساني سان نه اچي سگهندا. بهاري اهي خوني ۽ قاتل آهن، جن جا هٿ بيگناهه بينگالين جي رت سان رنڱيل آهن. مودودي جماعت جا ڇاڙتا بهارين کي پاڪستان ۾ درآمد ڪرڻ ٿا گهرن ته جيئن پاڪستان جي اصلي ۽ غريب عوام جو خون ناحق ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. جيئن سندن استحصالي قوت وڌي.“
    طارق اشرف جي انهي ايڊيٽوريل جي روشني ۾ اڄ ڪجهه شاونسٽ پناهگير ۽ مذهبي جماعتن پاران ”بهارين کي گهرائڻ“ جي مطالبن کي ڏسنداسين ته مٿين صورتحال ۾ ذرو به فرق نه ايندو.
    طارق اشرف کي ”اظهار جي آزادي“ جي ڏوهه ۾ ٻه ڀيرا جيل ۾وڌو ويو. پهريون ڀيرو 1975ع ۾ جيڪو عرصو ٻاويهن مهينن تي ٻڌل هو. اهو جيل وارو عرصو پڻ طارق جو لکڻ جي حوالي سان سجايو ويو. جيل ۾ پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جهڙوڪ: ٻاويهه مهينا جيل ۾ (ٻه ڀاڱا)، جيل گهاريم جن سان، اڌ ملاقات، ميرو ڌاڙيل (جيڪو هڪ ڌاڙيل مير محمد لانگاهه جي حياتي جو احوال آهي).
    ٻيو ڀيرو طارق اشرف کي 1983ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. اهو جيل وارو عرصو ٽن مهينن تي ٻڌل هو، جنهن طارق اشرف کان ”هٿين هٿ ڪڙول“ (جيل جي ڊائري)لکرايو.
    مٿين رسالي ۽ ڪتابن کان سواءِ طارق اشرف 79-1978ع ۾ ”تخليق پبليڪيشن“ جي سري سان به ڪجهه ڪتاب ”چڱو ادب“ ”سهيوڳي ادب“ وغيره ڪتابي سلسلا ترتيب ڏنا. تنهن کان سواءِ ڪجهه ٻيا ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا، جهڙوڪ: چونڊ ڪهاڻيون، انٽرويو ۽هڪ ڪتاب ”بنگال ۾ هڪ اجنبي“ (ابراهيم جليس جي سفر نامي) جو ترجمو پڻ ڪيائين، وغيره شامل آهن.
    طارق اشرف ۽ سهڻي جو ڪردار سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والاري ٿو ۽ اهو نه رڳو هڪ ڌار ڪتاب جي تقاضا ٿو ڪري، پر سهڻي جي ٻنهي دورن جي ايڊيٽوريل کي گڏي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي گهرج آهي. جيئن انهيءَ دور جي سنڌ ۽ ملڪي حالتن تي ڪير لکڻ چاهي ته کين گهربل مواد هڪ هنڌ گڏ ٿي ملي.


    ظفر حسن

    ظفر حسن سيد، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتي سان ”لا شريڪ لھ“ جي حد تائين عشق ڪيو. انهيءَ حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن کان ڪڏهن به نه هٽيو. ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختلاف ڪندڙ ماڻهو به سندس سچائي ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا هئا.

    سوانح
    ظفر حسن شاهه 14 آگسٽ 1937ع تي حيدرآباد ۾ سيد نظر علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سيد نظر علي شاهه پنهنجي ڳوٺ جو پهريون پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ”واڻڪي وسي“۾، پوءِ پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي تعليمي ادارن نور محمد هاءِ اسڪول مان، ميٽرڪ 1954ع، انٽر آرٽس 1957ع ۾ ايم اي 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. هو 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جاگرافي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي ايسوسيئيٽ پروفيسر، پوءِ پروفيسر ۽ نيٺ جا گرافي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيو. جتان 1997ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. وچ ۾ 1977ع کان 1979ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري به ٿي رهيو.

    ادبي سفر
    ظفر حسن جي پهرين ڪهاڻي ڪاليج مخزن ”ڦليلي“ ۾ 1955ع ۾ شايع ٿي، پر باقاعده لکڻ جي شروعات گهڻو پوءِ ڪيائين. طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل سان دوستي هوندي هيس. جنهن جي ڪري سٺو پڙهيائين. شروع شروع ۾ پاڻ انهن سان ڪهاڻي بابت پيو بحث مباحثا ڪندو هو، پر لکڻ ڏانهن ڌيان نه هيس. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي، ظفر حسن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو:
    ”هڪ ڏهاڙي طارق اشرف مون سان بحث ڪيو ته تون ڪهاڻين تي ايترو گوڙ ڪري ۽ ٻين کي رد ۽ صحيح ڪندو ٿو وتين. تون پاڻ ڇو نٿو لکين.نيٺ ڪهاڻي لکيم.“
    ظفر حسن جي اها ڪهاڻي ’رهيل قرض‘ جي نالي سان 1966ع ۾ سهڻي جي ڪنهن پرچي ۾ ڇپي. جيڪو انهي وقت طارق اشرف ڪڍندو هو. ظفر حسن ۽ نسيم کرل ساڻس ٻانهن ٻيلي هوندا هئا. اڳتي هلي ظفر حسن ڪهاڻين کانسواءِ کل ٽوڪ، اخباري ڪالم، خاڪا، مضمون، ڊائري ۽ تنقيد به لکي. سندس چونڊڪهاڻين جو مجموعو 1981ع ۾ ’رهيل قرض‘ جي نالي سان ئي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ظفر حسن جون10ڪهاڻيون شامل آهن.
    ظفر حسن جي سڃاڻپ نه رڳو هڪ ڪهاڻيڪار واري رهي، پر هو هڪ سٺو ايڊيٽر ۽پبلشر پڻ رهيو. پاڻ 1970ع ڌاري حيدرآباد ۾ ’پرفيڪٽ پرنٽرس‘ قائم ڪيائين ۽ ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪتابي سلسلا انڊلٺ، ڌرتي، آرسي، سهڻي، عالمي ادب، عام جائزو وغيره ڪڍيائين. ان ئي پريس ۾ ٻيو ڪيترو ئي سنڌي انقلابي ساهت پڻ ڇپجندو هو، جنهن جو ذڪر پاڻ هنن لفظن ۾ ڪيو اٿائين:
    ”پرفيڪٽ پريس منهنجي پنهنجي هئي. ان تي 8-10ڪيس به ٿيا هئا. ممتاز ڀٽو (ان وقت سنڌ جو وڏو وزير) هڪ ڀيري ڪوٽڙي ۾ ترسيو ۽ حڪم ڪيائين ته ان پريس جي پرنٽر/مالڪ کي شام تائين حاضر نه ڪيو ته سڀني جو خير ناهي. ان وقت اتي تحريڪ، ملير ڊائجسٽ، اڳتي قدم ۽ ٻيا سڀئي، اصل ۾ جيڪو به انقلابي پرچو توڙي ادب هو، اهو اتي ڇپجندو هو“.
    ظفر حسن جي اها پريس ۽ پبلشنگ ڪڏهن ڌيمي ته ڪڏهن تيز هلندي رهي. طارق عالم جو مشهور ناول ”رهجي ويل منظر“ به پهريون ڀيرو ظفر حسن ئي ”حسينا سيد پبلشرز“ پاران ڇپائي، طارق عالم کي سنڌي ادب ۾ صحيح معنى ۾ متعارف ڪرايو.
    هيٺ ظفر حسن جي شايع ڪيل ڪجهه ڪتابي سلسلن جو مختصر تعارف پيش ڪجي ٿو.

    ڌرتي
    1974ع ۾ ظفر حسن پنهنجي ادارت هيٺ ماهوار ”ڌرتي“ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جنهن جو پهريون پرچو مارچ 1974ع ۾ نڪتو. اهو نج ادبي پرچو هو. جنهن ۾ ڪهاڻيون، شعر، مضمون ۽ ٻيو مواد شامل هو.
    ظفر حسن، ڌرتي پبليڪيشن جا ڏهه اصول به مقرر ڪيا، جن تحت اهو پرچو هلڻو هو، جنهن ۾ چيل هو:
    • ڌرتي جومقصد سنڌي ادب ، فن ۽ سڀيتا پيش ڪرڻ آهي.
    • ڌرتي جو مقصد سهڻو، صحتمند، پراميد ۽ تعميري مواد پيش ڪرڻ آهي.
    • ڌرتي جو مقصد ترقي پسند ۽ انقلابي ادب پيش ڪرڻ آهي.
    • ڌرتي جومقصد سنڌين لاءِ نئين سوچ، نوان ويچار پيش ڪرڻ آهي.
    • ڌرتي جو مقصد سنڌين کي محنت، ڪوشش ۽ جدوجهد لاءِ همٿائڻ آهي.
    • ڌرتي جو مقصد پراڻين،منفي ۽ غير انقلابي روايتن جو خاتمو آڻڻ آهي.
    • ڌرتي جومقصد پراڻين، صحتمند ۽ مثبت روايتن جي پٺڀرائي ڪرڻ آهي.
    • ڌرتي جو مقصد نين، ڪارآمد اصولي روايتن کي جنم ڏيڻ آهي.
    • ڌرتي جو مقصد ڌارين قومن ۽ زبانن مان ڪارآمد مواد ۽ عمل جا نمونا پيش ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي.
    • ڌرتي جومقصد سنڌي ادب، فن ۽ سڀيتا کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ آهي.
    ’ڌرتي‘ جو ٻيو پرچو اپريل ۽ مئي جو گڏي ڪڍيو ويو. ’ڌرتي‘ جا ٽوٽل پنج پرچا نڪري سگهيا. پنجون پرچو ڊگهي عرصي کانپوءِ جنوري 1986ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جو مرتب عبدالرحمٰن سيال هو. انهي ۾ ظفر حسن جو نالو اعزازي صلاحڪار طور لڳل آهي. اهي سڀ پرچا ڊبل ڊيمي سائيز ۽ فور ڪلر ٽائيٽل سان هڪ سئو کان به مٿي صفحن جا آهن.

    عالمي ادب
    ظفر حسن جو زرخيز ذهن سدائين سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ نت نيون رٿائون پيو گهڙيندو هو. عالمي ادب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو ’وليرام ولڀ‘ سان گڏجي جلد وار ڪڍڻ جو پروگرام رٿيائين. انهيءَ ۾ سيهوڳي عالمي ادب مان چونڊ لکڻين کي ترجمو ڪري شامل ڪرڻ جو ارادو هئس. انهي جو پهريون پرچو ڊيمي سائيز ۾ جنوري 1978ع ۾ شايع ٿيو. جيتوڻيڪ انهيءَ جو اهوفقط هڪئي جلد ڇپجي سگهيو، پر اهو هر لحاظ کان چونڊ معياري عالمي لکڻين جو مجموعو هو. پرچي جي واقفيت ڏيندي مرتب لکن ٿا:
    ”سنڌي ٻولي ۾ دنيا جي سيهوڳي تخليقي ادب کي هڪ هنڌ گڏ ڪري جلد وار پيش ڪرڻ جي هيءَ پهرين جاکوڙ آهي. هن کان پهرين جيتوڻيڪ ڪهاڻين جا ڳٽڪا ۽ ائنٿالا جيون الڳ روپن ۾ پبلش ٿينديون رهيون آهن. پر باقاعده هن ڪتاب وانگر سهيوڳي عالمي ادب کي سهيڙڻ جي پهرين وک آهي“.

    آرسي
    آرسي به ظفر حسن ۽ وليرام ولڀ جي گڏيل سهڪاري ساٿ جو نتيجو آهي، جيڪي پڻ جلد وار ڪڍيا ويا. انهي جا ڪل پنج جلد نڪري سگهيا. پهريون مارچ 1983ع ۾ پنجون جنوري 1986ع ۾ نڪتو.
    هن پرچي جي پنهنجي هڪ ڌار ادبي حيثيت هئي. انهيءَ جو هر پرچو ڊيمي سائيز جي ٽن سوءَ کان به وڌيڪ صفحن جو هوندو هو، جنهن ۾ سهيوڳي ساهت ۽ ڪلاجي مختلف صنفن کي ڇاپيو ويندو هو.
    هن ڪتابي سلسلي جي هر پرچي جي شروع ۾ لکڻين جي فهرست جامع ۽ تفصيلي آهي. جيڪا هڪ طرح سان ڏسڻي (INDEX) جوڪم به ڏي ٿي.
    عام جائزو
    عام جائزو پڻ مٿين ڪتابي سلسلن وانگر ظفر حسن جي ذهن جي تخليق آهي. جنهن جي جاري ڪرڻ جي پسمنظر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”ڪافي وقت کان منهنجي ذهن ۾ اهو ويچار پئي رهيو آهي ته اهڙو ڪتابي سلسلو يا رسالو ڪڍجي، جيڪو جڳ ۾ ٿيندڙ اهم واقعن ۽ مسئلن جي باري ۾ معلومات ڏيندو هجي ۽ اهي اهم واقعا ۽ مسئلا سماج سان واسطو رکندڙ هجن ته جيئن نئين سماج جي مجموعي طرح تبديلي ٿيندڙ شڪل ۽ ان جي پسمنظر ۾ ان کي متحرڪ ڪندڙ قوتن جي خبر پئجي سگهي ۽ اهڙي طرح اسان جي قوم ۾ اها سجاڳي پيدا ٿئي، جيڪا آئون پنهنجي نقطه نظر کان سمجهان ٿو ته ضروري آهي.... ٻي ڳالهه اها آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪا معلومات ڏني ويئي ِآهي، سا روزاني اخبار مان ورتل آهي ۽ اها به پاڪستان جي انگريزي روزاني اخبار مان ورتل،يعني ته اسان جي سنڌي اخبارن اها معلومات پنهنجي اخبارن ۾ سنڌي عوام تائين نه پهچائي.ان ڪري مون کي خيال آيو ته جيڪو ڪم سنڌي اخبارن کي ڪرڻو آهي، اهو ڪم اسان جون سنڌي اخبارون ته نه ڪري سگهيون آهن ۽ اهو نقطو اسان جي سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن تائين پهچائڻ ۽ انهن کي قائل ڪرڻ مون لاءِ اجائي ڪوشش ٿيندي، جو آئون سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن کي اها ڳالهه سمجهائڻ ۾ سڦل نه ٿي سگهندس. ان ڪري مون سوچيو ته اهو ڪتابي سلسلو/رسالو مون کي ئي برپا ڪرڻو پوندو.“
    انهي جو فقط هڪئي پرچو آگسٽ 1992ع ۾ نڪري سگهيو. هن پرچي جي هڪ خاص ڳالهه اها به هئي ته انهيءَ ۾ مضمونن جي مترجمن جانالا پڇاڙي ۾ ڏنا ويا آهن.
    ظفر حسن جي هڪ ٻي خوبي/عادت اها هوندي هئي ته هو پنهنجي روزاني ڊائري لکندو هو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ حالتن جو جائزو پڻ وٺندو ويندو هو. اهڙا ڪيترائي نوٽ بڪ لکيل اٿس. جنهن جو پهريون جلد ”ظفر حسن جي ڊائري“ جي نالي سان مارچ 2003ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جيڪو وليرام ولڀ ۽ ظفر جوڻيجي مرتب ڪيو.
    مٿين ڪتابن/ڪتابي سلسلن کانسواءِ ظفر حسن، اعجاز قريشي سان گڏ ”سماجي سائنسون“ ۾ ٻانهن ٻيلي ۽ ”سائنس ميگزين“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهيو.
    ظفر حسن 1998ع ۾ وفات ڪئي.


    علي احمد بروهي

    سنڌي ادب ۾ علي احمد بروهيءَ جي سُڃاڻپ نه رڳو هڪ ڪالم نگار جي آهي، پرهو هڪئي وقت ڪهاڻيڪار، صحافي ۽ محقق جي حيثيت سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي مزاحيه ادب ۾ علي احمد بروهي جي ڪهاڻين جوسدائين چرچو رهيو آهي.

    سوانح
    علي احمد بروهي 11نومبر 1920ع ۾ ڳوٺ کنڀڙا، تعلقو اوٻاوڙو، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد ڪريم بخش بروهي پهرين ڪئنال آبدار ٿيو ۽ پوءِ پوليس کاتي ۾ جمعدار ڀرتي ٿيو. بروهي صاحب شروعاتي تعليم ”گرو نانڪ اڪيڊمي، ڳڙهي ياسين“ ۾ ورتي، ۽ 1927ع ۾ پنجين درجي ۾ داخل ٿيو ۽ اُتان ئي مئٽرڪ پاس ڪيائين.
    علي احمد بروهيءَ شروعاتي طور سونارڪي ڪم سان گڏ، ڊکڻائڪي ڪار، طباعت ۽ سيڌي سامان جو دوڪان هلايو، اڳتي هلي پاڻ 1940ع ۾ نيويءَ ۾ ڀرتي ٿيو. تنهن کان پوءِ مختلف کاتن ۾ نوڪري ڪيائين. ڪسٽم ۾ ڪلارڪ ٿيو. ماستري ڪيائين. تنهن کان پوءِ انفارميشن کاتي ”خيرپور رياست“ ۾ انفارميشن آفيسر ٿيو. اڳتي هلي، ائين مختلف هنڌن تي نوڪري ڪندو ڊائريڪٽر پبليڪ رليشنز ٿيو ۽ سنڌ ليول تي انفرميشن جوسربراهه ٿيو. 1971ع ۾ کيس ذوالفقار علي ڀٽي، چوڏهن سئو سنڌي آفيسرن سان گڏ لاهي ڇڏيو. اڳتي هلي ”شيخ سلطان ٽرسٽ“ ڪراچي جي ڊپٽي ايڊمنسٽريشن جي عهدي ته به رهيو.
    ادبي زندگي
    هڪ انٽرويو ۽ علي احمد بروهي پنهنجي ادبي سفر جي وارتا بيان ڪندي چيو:
    ”1927ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پنجين درجي ۾ داخل ٿيس. ان وقت جيڪي سنڌي رسالا نڪرندا هئا، سي پڙهندو هئس ۽ لکڻ شروع ڪيم، شروعات ۾ مون ترجمو ڪيو ۽ گهڻو پوءِ تحقيقي ۽ تخلقيي ادب لکڻ شروع ڪيم، ننڍپڻ ۾ شروعات ادبي لحاظ کان بلڪل وندر خاطر ڪيم،“
    علي احمد بروهي پنهنجي پهرين ڪهاڻي انهيءَ ئي دور ۾ لکي ۽ سندس ئي لفظن ۾ ته:
    ”انهن اوائلي دور جي اڪثر افسانن ۾ جيڪڏهن لفظي ترجمو نه سهي، تڏهن به سندن مرڪزي خيال ضرور اُڌارو ورتل آهي. ڏهاڪو سال لاڳيتو مشق ڪرڻ بعد ڪي قدر لس لکڻ لڳم. ليڪن تڏهن به لکڻ جي اسٽائيل انهن استادن واري پرائي اٿم، جن جي ترجمي ڪرڻ سان الله توهار ڪئي هيم.“
    علي احمد بروهي جي ٻين افسانن کان سواءِ طنز و مزاح وارن افسانن کي سٺي پذيرائي ملي، انهن افسانن ۾ ”عثمان حجم جو روز رکڻ“، ”عثمان حجم جو ڏند ڪڍائڻ، ”عدو موچيءَ جو راڳ سکڻ“، ”عدوءَ موچي جو حڪيم ٿي قسمت آزمائڻ“- سنڌي ادب جي يادگار افسانن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.
    علي احمد بروهيءَ جي ڪن مزاحيه افسانن ۽انهن جي ڪردار نگاريءَ تي وڌاءُ جو الزام پڻ هنيو وڃي ٿو، جنهن جي جواب ۾ پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿن:
    ”منهنجي مزاحيه لکڻ متعلق اڪثر هي الزام مڙهيو ويندو آهي ته مضمون جي عبارت، عمارت ۽ اڏاوت ۾ ”وڌاءُ“ کان گهڻو ڪم ٿو وٺان، جو بهتان نه پر حقيقت آهي، ليڪن سوال هي آهي ته ماسواءِ وڌاءُ جي، ٻيو ڪهڙو بي ضرر طريقو آهي، جنهن ذريعي ڪنهن ڪهاڻي يا افساني جي صورتحال کي سلوڻو ۽ کلڻهاب بنائي سگهجي؟ ڇا ڪنهن جي عيب جوئي ڪرڻ يا ڪنهن جي ڪم بختيءَ تي کڳيون هڻندي لکڻ يا کلائڻ کي مزاحيه ادب سڏي سگهجي ٿو؟“
    ڪهاڻين کان سواءِ علي احمد بروهي اخباري ڪالم پڻ لکيا، جن جو تعداد پڻ سوَن ۾ آهي. اهڙن ڪالمن جا ڪتاب: (1) ڄام ڄاموٽ ڄامڙا، (2) واٽ ويندي، (3) سڏن مٿي سڏڙا، (4) ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙيون ڇپيل آهن.
    علي احمد بروهي جي انهن ڪالمن جي حوالي سان نامور ليکڪ سراج ”واٽ ويندي“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”ٻولي ۽ ڏات (۽ ڏانءُ) هن جي لکڻ واري شخصيت کي ڄڻ مهميز ڏيئي ٿي ڇڏي ۽ هو جڏهن لکڻ ٿو ويهي ته سمورا بند ٽٽي ٿا پون، سموريون مصلحتون اڏامي ٿيون وڃن ۽ نج سچ ۽ نبار سچائيون.اهي سچائيون اسان جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو بنجي ويون آهن، جن کان لنوائڻ محال آهي.“
    مٿين ڪتابن کان سواءِ علي احمد بروهي جي ٻين ڪتابن ۾: ڪک پن، لاهوتي لڏي ويا ۽ The Temple Son Good شامل آهن.
    علي احمد بروهي زندگيءَ جي گهڻين لاهين ۽ چاڙهين مان اُڪري پار پيو. جيئن مٿي لکيو اٿم ته هو .انڊين نيويءَ ۾ وڃي ڀرتي ٿيو، جتي هو وائرليس ٽيلي گرافسٽ ٿيو. اتي 1946ع واري گڏيل هندستان جي سامونڊي فوج واري بغاوت جي مهندارن منجهان هو. اها بغاوت 17 فيبروري 1946ع ۾ بمبئي ۾ شروع ٿي ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي. بغاوت وقت بروهي بمبئي جي ايڇ-ايم-ايس تلوار ۾ وائرليس جو انسٽرڪٽر هو. هڙتالي ڪاميٽي جي ميمبرن جي باقاعده چونڊ ٿي، جنهن ۾ علي احمد بروهيءَ کي چونڊيو ويو ۽ کيس بغاوت جي مرڪزي آفيس جو انچارج مقرر ڪيو ويو.
    انهيءَ بغاوت جو ذڪر ڪندي بروهي چوي ٿو:
    ”بغاوت جي دوران اسان جون چوٽي جي پايه وارن اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون. مهاتما گانڌيءَ اسان کي سخت گهٽ وڌ ڳالهايو. هن اسان کي چيو ته اسان سندس سموري ڪمائي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اسان اهنسا کان ڪم نه ورتو. اسان کيس ٻڌايو ته اسان جي سڄي سکيا ماڻهن کي مارڻ يا پاڻ مارڻ تائين محدود هئي. ان ڪري اهنسا جو ته ڪو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. کيس هي به ٻڌايوسين ته گل ڦل نڇاور ڪرڻ سان انگريز هتان هرگز نه لڏيندو. اهڙي طرح قائداعظم ۽ مولانا آزاد سان به اسان جا ساٿي ڪلڪتي ۽ دهليءَ ۾ مليا، جن اسان سان همدردي ڏيکاري ۽ حمايت ۾ بيان به شايع ڪيا، پر سوشلسٽ پارٽي جي سڀني ليڊرن اسان سان پورو پورو ساٿ ڏنو ۽ نباهيو.“
    انهيءَ بغاوت انگريزن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. هو ٻي جنگ عظيم ۾ ايترو ته ڪمزور ٿي ويا هئا، جو منجهن باقي دم نه رهيو هيو. بغاوت جي چوٿين ڏينهن انگلينڊ جي وزيراعظم ائٽلي ”پارليامينٽ“ ۾ اعلان ڪيو ته انگريزن هندستان جي حڪومت ديسي ماڻهن جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڳالهيون هلائڻ جي لاءِ هڪ اعلى سطحي وزارتي وفد هندستان روزانو ڪيو ٿو وڃي. بروهي جي لفظن ۾ ته:
    ”هندستان ۽ پاڪستان کي آزادي ملڻ جو اصلي ڪارڻ نيويءَ جي بغاوت آهي.“
    بغاوت جي خاتمي کان پوءِ، مک مهندار هئڻ جي ڪري، مٿس ٻين ساٿين سان گڏ ڪيس هلايو ويو ۽ ڦاسي جي سزا آيس. پر پوءِ اها قيد جي سزا ۾ تبديلي ڪئي ويئي ۽ ارڙهن مهينا قيد ڪاٽڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. اها بغاوت تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ باب آهي، پرافسوس جو پاڪستان ۾ انهي تي ڪو گهڻو ناهي لکيو ويو.
    علي احمد بروهي صحافت جي پيشي سان به ڪافي عرصو لاڳاپيل رهيو. پهرين هو ”انقلابي“ اخبار سکر جومئنيجر ٿيو، ”صداءِ سنڌ“ ۽ ”قرباني“ ڪراچي جو ايڊيٽر ٿيو. روزاني ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
    علي احمد بروهي ڳالهين جي ڳهير ۽ يار ويس ماڻهو هو، جيڪو به سندس ڪچهريءَ ۾ ويٺو، سو متاثر ٿي اُٿيو. مشهور ليکڪ مئڊم ائسٽيلي هولٽ، ايشيائي ملڪن جي سياحت تي آئي ته هتي سنڌ ۾ سندس ملاقات علي احمد بروهي سان ٿي، جنهن جو تفصيلي ذڪر هن پنهنجي ڪتاب Asia and I ۾ ڪيو آهي ۽ هوءَ بروهي کان متاثر نظر آئي.
    ان کان سواءِ جڳ مشهور نوبل انعام يافته ليکڪ وي ايس نائيپال پنهنجي ڪتاب Among the Believers ۾ به علي احمد بروهي سان پنهنجي ڪچهرين جو سربستي احوال سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي پڻ بحث ڪيو آهي. خاص ڪري چچ کان وٺي عربن جي فتح تائين واري دور جي باري ۾ انهيءَ ڪتاب تي پاڪستان جي اردو اخبارن ڪافي عرصو ڇوُهه ڇنڊيا.
    علي احمد بروهيءَ 30 نومبر 2003ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچي جي ”عبدالله شاهه غازي“ قبرستان ۾ دفنايو ويو.


    عبدالقادر جوڻيجو

    سنڌي ادب ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار، مترجم، ناول نويس ۽ ڊرامه نويس واري رهي آهي. جيتوڻيڪ جوڻيجي جو ناول ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ اڃا ڇپيو ناهي. پر اهو چئي سگهجي ٿوته اهو ناول ڇپجڻ سان سنڌي ناول جي دنيا ۾ وڏي ڇال اچڻ جو امڪان آهي.

    سوانح
    عبدالقادر ولد مُريد حسين جوڻيجو 13سيپٽمبر 1945ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ”جنهاڻ“ ۾ ڄائو. عبدالقادر جوڻيجي جا وڏا اُٺيون چاريندا هئا ۽ سندس پيءُ پوليس کاتي ۾ صوبيدار هو. عبدالقادر جوڻيجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم پنهنجي پيءُ سان گڏ رهي، ضلع نوابشاهه جي مختلف اسڪولن ۾،وري ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان 1962ع ۾ پاس ڪيائين. گهرو حالتن جي ڪري ڪاليج اڌ ۾ ڇڏي اچي نوڪري لاءِ هٿ پير هنيائين. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي عبدالقادر جوڻيجي هڪ انٽرويو ۾ چيو:
    ”پهرين مون کي پوليس آفيسر جي پُٽ هئڻ جي حيثيت ۾ اي ايس آءِ پوليس چونڊيو ويو، پر منهنجو والد جيئن ته انهيءَ کاتي کان الرجڪ هو، تنهنڪري هن مون کي پوليس ۾ وڃڻ نه ڏنو. ان کانپوءِ مون پرائمري ماستري ورتي. اعلى تعليم خانگي ذريعي حاصل ڪئي، بي اي ۽ سي ٽي ڪرڻ کانپوءِ عبدالقادر جوڻيجي کي ايڇ ايس ٽي ڪري مڊل اسڪول فضل ڀنڀري جو هيڊ ماستر ڪري رکيو ويو. پاڻ ايم اي سوشيالاجي ۽ بي.ايڊ ڪيائين، انهي کانپوءِ جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وي سي ٿيو ته کيس گهرائي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڏنائين. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي عبدالقادر جوڻيجو چوي ٿو:
    1976ع جو زمانو هو، آئون گهر ويٺو هئس ته اطلاع مليم ته منهنجو حيدرآباد کان آيل مهمان بيٺو آهي، مليو مانس خبرون چاروون ٿيون، چيائين ته توکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شيخ اياز گهرايو آهي، ڄامشوري پهتس ته هڪڙي ئي ڏينهن ۾ شيخ اياز آرڊر ڪڍي مون کي سنڌالاجي ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو.6 مهينن کانپوءِ پاڻهي 16مان 17هون گريڊ ڏنائين“.
    اڳتي هلي کيس سنڌلاجي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.

    ادب ۾ آمد
    عبدالقادر جوڻيجي پهرين اردو ادب پڙهڻ سان شروعات ڪئي پوءِ سنڌي ادب پڙهڻ لڳو. هن پهرين ڪهاڻي 1964ع ۾ ”مٺ مٺ سورن“ لکي، جيڪا حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ رسالي ۾ شايع ڪئي. لکڻ جي محرڪ جذبي جي حوالي سان عبدالقادر هڪ انٽرويو ۾ چيو:
    ”پڙهندي پڙهندي مون سوچيو ته جن ماڻهن اهي شيون لکيون آهن ته اهي ڪي آسمان مان ڪونه لٿا آهن. آئون ڇو نٿو اهڙيون ڳالهيون لکي سگهان، گهر ويٺي ليکڪ ٿي ويس. لکڻ جا ٻيا سبب به آهن. ننڍي هوندي جڏهن آئون ٿاڻن ۾ رهندو هئس ته پهه پچائيندو هئس. ڪو ڀاءُ ۽ ڀيڻ نه هئڻ ڪري پهه پچائڻ خود هڪ ڪهاڻي جوڙي ٿو. هاڻي مون کي خبر پئي آهي ته دنيا جاسڀئي وڏا ليکڪ ننڍپڻ ۾ ”ادبي ڊريمنگ“ جو شڪار رهيا آهن. ماسترن جا موچڙا کاڌا اٿن. اڪيلائپ جو شڪار رهيا آهن. ڪافڪا جهڙي رائيٽر کي هڪڙي ماستر ريپ به ڪيو. گهڻا ليکڪ ننڍپڻ ۾ بيمارين جو شڪار پڻ رهيا آهن. اهي محروميون اڪيلايون ۽ خواب گڏجي ڪهاڻي، ناول ۽ ڊراما لکائيندا آهن“.
    اڳتي عبدالقادر جوڻيجو سنڌي ڪهاڻي، ڊرامي،ترجمي ۽ شوبز جو وڏو نالو بڻجي ويو. سندس ڪهاڻين جا هيستائين ٽي مجموعا (1)واٽون راتيون ۽ رول (2)ويندڙ وهي لهندڙ سج (1981ع) (3)سونو روپو سج،ڇپجي چڪا آهن. عبدالقادر جوڻيجي جون ڪجهه ڪهاڻيون اردو، هندي، گجراتي، پنجابي ۽ چيني زبانن ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون آهن.
    عبدالقادرجوڻيجي جو ڪهاڻين تي رايو ڏيندي ”ويندڙ وهي لهندڙ سج“ جي مهاڳ ۾ حميد سنڌي لکي ٿو:
    ”قادر جي هر ڪهاڻي سنڌ آهي، هر ڪردار سنڌ جي صدين جي سودائن ۾ ڦاٿل اهو پراڻو ماڻهو آهي، جيڪو دراوڙي دور کان آرين جي دور تائين ۽ آرين جي دور کان واپس دراوڙي دور ڏانهن موٽندڙ ماڻهو آهي. هاڻ اهو ئي سندس بُت اگهاڙو آهي. اهي ئي پٿر ۽ ٽامي جي دور جا هٿيار اٿس، .اهي ئي پڪا ۽ پيرون، جهپون هڻي لاهي ٿو. اهو ڀٽون، مڙها، ڪنڀٽ، ڳاڱيون، تڙ ۽ چونئرا سندس مقدر آهن. سندس دائمي قدر ڪٿي به ته نه ٿيا آهن، جڏهن به سندس قدرن تي حملو ٿيو آهي ته سندس ڪردار واچوڙي وانگر وريا آهن. ڪٿي منفي انداز ۾ ته ڪٿي مثبتي انداز“.

    ترجما
    ڪهاڻيو لکڻ کانسواءِ عبدالقادر جوڻيجي ترجما به ڪيا آهن. انهي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”لکڻ اڳي منهنجو شوق هو، هاڻي عادت بڻجي پئي آهي. عادت محبوبا نه آهي، ان ڪري صرف ايندي آهي ۽ ويندي نه آهي. سو جيسين چار پنا ڪارا نه ڪريان، تيستائين چُپ ئي نه اچيم، پر تخليق محبوبا وانگر آهي، ايندي آهي، سلام ڪندي آهي، ڀر ۾ ويهندي آهي، دل۽ دماغ مٿان وسڻ شروع ڪندي آهي ۽ پوءِ هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو آهي، جڏهن موڪلاڻي ڪري رواني ٿي ويندي آهي، سو جيستائين تخليق موٽ کائي، تيستائين ماڻهو پنهنجي عادت ڪيئن پوري ڪري ۽ دل کي ڪيئن وندرائي؟ بس دل کي وندرائڻ جو هڪڙو ئي طريقو وڃي بچي ٿو ته ٻين جي تخليق سان دل وندرائي يعني اهي پڙهي به گڏو گڏ چار پنا ڪارا ڪرڻ لاءِ انهن کي ترجمو ڪرڻ ويهي. پر اهڙا ڪتاب ترجمو ڪرڻ لاءِ تخليق وارو ساڳيو سرتال کپي. انهي ڪري ڪوشش ڪري ترجمي ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪتاب چونڊيندو آهيان، جيڪي لائيٽ سُرن ۾ هجن ۽ اندر ۾ مچ ٻارڻ جي بدران رڳو وندرائين. ماڻهو پاڻ به وندري پوي ۽ پڙهڻ وارو به. سو اهڙي قسم جا ٽي چار هلڪا ڪتاب ترجمي ڪرڻ لاءِ هر وقت منهنجي اڳيان هوندا آهن.“
    عبدالقادر جوڻيجي جو ترجمو نهايت سليس، دلچسپ ۽تخليق جي ويجهو هوندو آهي. سندس ترجمن جا اهڙا پنج ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جيڪي هن ريت آهن: وڏا اديب وڏيون ڳالهيون (1984ع)، ايورسٽ تي چڙهائي (1987ع)، ڪرسي (1998ع)، ڇو، ڇا ۽ ڪيئن (1999ع)، وڻ وڻ ڪاٺي (2003).

    ڊراما
    عبدالقادر جوڻيجي پهرين ريڊيو ڊراما لکيا. سندس پهريون ريڊيو ناٽڪ 1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو. سندس ٽيهن کان به وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿي چڪا آهن. 1976ع ۾ سندس پهريون ٽي وي ناٽڪ ”تلاش“ پي ٽي وي ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. سندس پهرين سنڌي سيريل ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ اردو ۾ ”ديوارين“ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ۽ بعد ۾ ساڳيو سيريل بي بي سي چئنل فور تان انگريزي ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿيو، جيڪو ڏکڻ ايشيا جو پهريون سيريل هو. ان کانسواءِ سندس ٻيو سنڌي سيريل ”خانصاحب“ اردو ۾ ”ڇوٽي سي دنيا“ جي نانءُ سان ٿيو. انهيءَ سيريل تي ”فري يونيورسٽي برلن“ جي ڪلچرل ائنٿر پالاجي ۾ ”ڊاڪٽر هيليني باسو“ ٿيسز لکي، جيڪا جرمن ٻولي کانسواءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪي آهي. سندس هڪ ٻيو اردو سيريل ”سيڙهيان“ تيرنهن ملڪن ۾ هلي چڪو آهي. تنهن کانسواءِ سندس هڪ سيريل ”پرانده“ ڪئناڊا ۽ ناروي ۾ پڻ هلي چڪي آهي. ائين عبدالقادر جوڻيجو شوبز جي حوالي سان عالمي سطح جو سنڌي ليکڪ آهي. مٿين کانسواءِ سندس ڪيترائي اردو ۽ سنڌي ٽي وي ناٽڪ ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن.
    عبدالقادر جوڻيجو سٺو ڪالم نويس پڻ آهي. سندس ڪالم ”ڇا لکان؟“ ۽ ”ڪتابن جي دنيا“ بيحد مشهور ۽ گهڻو پڙهجندڙ آهن.
    عبدالقادر جوڻيجي کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. جهڙوڪ پي ٽي وي ايوارڊ (1984ع) نگار ايوارڊ (1984ع) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ايوارڊ (1985ع) پي ٽي وي سلور جوبلي ايوارڊ (1989ع) ۽ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (1989ع) شامل آهن. مٿين ڪتابن کانسواءِ عبدالقادر جوڻيجي جا ٻيا ڪتاب: شڪليون (خاڪا-1979ع)، خط ٻن اديبن جا (محمد ابراهيم جويي سان خط و ڪتاب (1999ع)، ڇا لکان! (2005ع) ۽ ايئن ڀلا ڪيئن هوندو؟ (2010ع) ڇپجي چڪا آهن.
    پاڻ هڪ ناول ”سو ديس منهنجو ڙي“ تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي.


    عبدالواحد آريسر

    سنڌي ادب ۽ قومي سياست ۾ عبدالواحد آريسر جو نالو هڪ منفرد سڃاڻپ جو حامل آهي. مسڪين ۽ سٻاجهو ٿري ماڻهو، جنهن وٽ آدرشن، امنگن ۽ جدوجهد جي طويل ڪهاڻيءَ کانسواءِ ٻي ڪا به مايا ڪونهي.

    سوانح
    عبدالواحد آريسر 11آڪٽوبر 1949ع تي ڳوٺ وائوڙي، تعلقي عمر ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بزرگوار جو نالو ”جادو آريسر“ هو. عبدالواحد 1958ع ۾ پرائمري اسڪول ’ڳوٺ ساپو‘ ۾ داخل ٿيو، پر اهو به مائٽن جي مرضيءَ کان سواءِ. هو اسڪول جي ذهين ترين شاگردن ۾ ليکبو هو ۽ انهيءَ اسڪول جي سڄي تاريخ ۾ عبدالواحد آريسر پهريون شاگرد هو، جنهن ٻه دفعا ”ڊبل پروموشن“ ۾ ڪلاس پاس ڪيا. آريسر کي پڙهڻ جو گهڻو شوق هوندو هو. انهيءَ عمر ۾ هن محمد عثمان ڏيپلائي جا افسانا ۽ ناول پڙهڻ سان گڏ، مولانا ابوالڪلام آزاد جا ٻه ڪتاب ”انسانيت موت ڪي دروازي پر“ ۽ ”نبي اور ياران نبي ڪي آخري لمحات“ به وڏي شوق سان پڙهيا ۽ انهن ڪتابن جي لکڻ جي اسٽائيل کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو سڄي عمر جي لاءِ مولانا ابوالڪلام آزاد جوشيدائي بنجي ويو.
    عبدالواحد آريسر، ڇهه درجا پاس ڪري، پوءِ فائينل جو امتحان ڏيڻ جو ارادو ڪيو. پر ايوب خان فائينل جو امتحان ختم ڪري ڇڏيو. ايئن سندس فائينل جو امتحان پاس ڪري، ماستر ٿيڻ جو خواب اڻپورو رهجي ويو. غربت جي ڪري انگريزي اسڪول ۾ داخلا وٺي نه سگهيو ۽ ديني تعليم جي حاصلات لاءِ ”ڀينڊي شريف“ جي مدرسي ۾ داخلا ورتائين. اتي هن ديني تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ذهني خوراڪ واسطي مدرسي جي لئبريري مان ڪتاب کڻي خوب مطالعو ڪيو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ 1965ع ڌاري کيس ڪجهه ٻين شاگردن سان گڏ، هڙتال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مدرسي مان ڪڍيو ويو. تنهن کان پوءِ پاڻ ”سجاول“ ضلعي ٺٽي جي مدرسي ”الهاشميھ“ ۾“ داخلا ورتائين، جيڪو مرحوم سيد عبدالرحيم شاهه سجاوليءَ جو برپا ڪيل هو. پرڪجهه وقت کان پوءِ کيس پنهنجي باغيانه خيالن جي ڪري اُتان پڻ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو، انهيءَ جو سبب هي هو ته 1965ع جي پاڪ-هند جنگ جي دوران مدرسي جي استادن مدرسي ۾ هڪ جلسو ڪوٺايو، جنهن ۾ استادن، شاگردن کي پاڪ فوج ۾ رضاڪار طور ڀرتي ٿيڻ جي تلقين ڪئي ۽ جنگ کي جهاد جو نالو ڏنو ويو، پر عبدالواحد آريسر پنهنجي مطالعي جي آڌار تي سمجهيو ته اها جنگ جهاد نه پر ”سپر پاورس“ جي پاليٽڪس جو نتيجو آهي. هن جنگ ۾ رضاڪارانه طور ڀرتي ٿيڻ ۽ جنگ کي ”جهاد“ جو نالو ڏيڻ جي مخالفت ڪئي. اتي تقرير ڪندي پاڻ چيائين: ”هيءُ جنگ اڳتي هلي، ڪنهن سپر پاور جي چوڻ تي بند ٿي ويندي ۽ اسين ”جهاد“ جي نالي ۾ رسول الله ﷺ جن جي حڪم جا تابعدار نه پر آمريڪا ۽ روس جا تابع ٿي وينداسين.“
    سجاول واري مدرسي مان نڪرڻ کان پوءِ، تعلقي ڊگهڙي جي ڳوٺ ”ڪنگوري نوحاڻي“ ۾ اچي داخلا ورتائين. انهي مدرسي جو هڪ سُٺي خوبي اها هئي ته اُتي هڪ شاندار لئبرري هئي، جنهن ۾ اردو، سنڌي، عربي ۽ فارسي ڪتابن جو وڏو ذخيروه موجود هو، تنهن ڪري عبدالواحد آريسر دل کولي پڙهيو، تنهن کانسواءِ اُتي هڪ دوست وٽ جديد سنڌي ادب ايندو هو. جيڪو هو کائنس اُڌارو وٺي پڙهندو هو. ائين آريسر جي خيالن ۾ پختگي ايندي ويئي.

    لکڻ جي شروعات
    عبدالواحد آريسر پنهنجو پهريون مضمون مذهبي جذبن جي اظهار لاءِ لکيو. جنهن جو عنوان ”ربيع الاول جو چنڊ“ هو، جيڪو ميرپور خاص مان نڪرندڙ هڪ هفتيوار اخبار ”همدرد“ ۾ ڇپيو. سندس ٻيو مضمون ”بادل“ رسالي ۾ ڇپيو. انهيءَ دوران پاڻ هڪ ناول ”عجيب زندگي“ پڻ لکيائين ۽ هڪ پبلشر کي ڇپجڻ جي لاءِ موڪليائين، جيڪو ڇپجي نه سگهيو ۽ گم ٿي ويو. ان وقت اهي مضمون ”عبدالواحد آهه“ جي نالي سان ڇپيا هئا. تنهن کان پوءِ آريسر ڪجهه ڪهاڻيون ۽ هڪ ڊرامو ”هو جي ويا ڪالهه“ پڻ لکيو.

    ’پيغام‘ جو اجراء
    ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي جذبن جي اظهار واسطي 1972ع ۾ پنهنجو رسالو ”پيغام“ جي نالي سان ڪڍيو. رسالي کي جيتوڻيڪ ڪنهن جماعت جي مدد حاصل نه هئي، پر پوءِ به اهو رسالو گهڻو ڪامياب ويو. ان وقت نڪرندڙ سنڌي رسالن ۾ ”روح رهاڻ“ بند ٿي چڪو هو. باقي ٻيا جيڪا رسالا نڪرندا هئا انهن ۾ طارق اشرف جو ”سهڻي“ مدد علي سنڌي جو ”اڳتي قدم“، ”عبدالغفور ميمڻ جو ”ملير ڊائجسٽ“ ۽ ”تحريڪ“ رسالو جنهن جو ايڊيٽر ”پٿر سنڌي“ هو ۽ اهو ”سنڌي عوامي تحريڪ“ جو ترجمان رسالو هو.
    عبدالواحد آريسر جي ادارت ۾ نڪرندڙ ”پيغام“ 1973ع تائين هليو. ”پيغام“ رسالو سنڌ ۾ قوم پرست فڪر جو ترجمان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو،

    سياسي زندگي
    آريسر جي ان وقت جماعتي وابستگيءَ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ سان ٿي چڪي هئي. پاڻ محترم جي-ايم-سيد کان ڪافي متاثر ٿيا، جنهن سان سندس 1968ع ۾ ملاقات ٿي ۽ اها وابستگي اڃا تائين هلندي پئي اچي. اڳتي هلي جڏهن ”جيئي سنڌ محاذ“ جو چيئرمين ٿيو ۽ ڪافي سال ان عهدي تي رهيو. جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ ”جيئي سنڌ قومي محاذ“ ٺهيو ته پاڻ انهن جو پهريون چيئرمين ۽ اڳتي هلي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. 1973ع ۾ گرفتاري جا وارنٽ نڪرڻ جي ڪري جيل ۾ وڌو ويو. جتان وري 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ آزادي مليس. کيس ٻيو ڀيرو 1979ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا ۾ گرفتار ڪري هڪ سال قيد، ڏهن ڦٽڪن ۽ ڏهن هزار روپين جي ڏنڊ جي سزا ڏني ويئي. عبدالواحد آريسر کي 11فيبروري 1981ع تي ڦٽڪا هنيا ويا. سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ کيس جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ڪيو ويو. عبدالواحد آريسر کي ٽيون ڀيرو 1992ع ۾ گرفتار ڪيو ويو.
    ”پيغام“ رسالي جو ذڪر ڪندي عبدالواحد آريسر هڪ هنڌ لکيو آهي:
    ”رسالي ۾ ڪهاڻين ۽ شاعريءَ کان وڌيڪ سياسي ۽ تاريخي مضمون هوندا هئا. جيڪي آئون پاڻ مختلف نالن سان لکندو ۽ ترجمو ڪندو هوس. انهيءَ ڪري شاعري ۽ ڪهاڻين جي سلسلي ۾ جيڪو مواد ايندو هو، اهو آئون نياز همايونيءَ جي مشوري سان بنا رک رکاءُ جي ڇپي ڇڏيندو هوس.“
    عبدالواحد آريسر پنهنجي مصروف سياسي زندگي سان گڏ، ڪڏهن به پنهنجي قلم کي نه روڪيو. سندس قلم سنڌي ادب کي نثر جا ڪيترائي شاندار ڪتاب ڏنا آهن. انهن مان ڪن ڪتابن ۾ ته آريسر جو نثر ڪنهن خوبصورت دوشيزهه جي نرت جيان نچندو ٿو نظر اچي، تنهن کانسواءِ آريسر جون جيل ڊائريون، سياسي ۽ سماجي مضمون، سنڌ جي سياسي صورتحال جو سٺو تجزيو ٿا ڪن ۽ قومي تحريڪ جو اهم رڪارڊ آهن.
    البت، هتي اهو فيصلو مشڪل آهي ته عبدالواحد آريسر کي ليکڪن جي ڳڻپ ۾ شمار ڪجي يا سياستدانن ۾، ڇاڪاڻ ته هو هڪئي وقت ٻنهي ميدانن جو شهه سوار رهيو آهي.
    عبدالواحد آريسر جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
    جي-ايم-سيد، روح جا ريلا، مٽي هاڻا ماڻهو (فرانز فينن جي ڪتاب جو ترجمو)، ماڻهو ميگهه ملهار، چانڊوڪيون ۽ چيٽ، سنڌي سماج جو جائزو، مجيب ۽ ڀٽو، قومي تحريڪ، قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون، ترم ياترا، ماڙين ماريس ڪينڪي، اسان جيئن جيئي ڪو، وريا واهرو، ڳچي ڳانا لوهه ۾، تقريرون، سر جي صدا سُر ۾، روئداد هڪ رات جي، پرهه جو پيغام وغيره.


    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

    سنڌي ٻوليءَ ۾ جن ماڻهن لوڪ ادب جي اهيمت کي سمجهيو ۽ انهيءَ کي سهيڙي ۽ سموهي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ابتدائي ڪئي، انهن ۾ جيڪڏهن صحيح معنى ۾ ڪنهن جو نالو وٺجي ته اهو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ئي هو. سندس لوڪ ادب جي تعارف کان علاوه ”لغت“ واري ڪم ۾ به وڏي خدمت ڪيل آهي.

    سوانح
    عبدالڪريم سنديلو 13ڊسمبر 1919ع تي ڳوٺ ”مهراب خان سنديلو“ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سهراب خان هو. سنديلو صاحب، سنڌي فائينل پاس ڪري، سنڌي پرائمري استاد ٿيو. انهيءَ دوران پاڻ ڀائرن سان گڏ لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو، جتي سندس گهر لڳ ”جلال“ نالي هڪ وڏو قابل سگهڙ رهندو هو. جنهن جي صحبت ۾ ”سنديلي صاحب“ ۾ لوڪ ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿي. پاڻ جلال سان ڪچهرين ۾ ڏور-ڳجهارت جڳ فن سکيو ۽ لوڪ ادب قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين.
    پاڻ پرائمري استاد جي حيثيت سان جتي به رهيو، اُتي سگهڙن سان ڪچهريون ڪري، سندن سيني ۾ محفوظ لوڪ ادب کي لکي محفوظ ڪندو ويو. سنديلي صاحب پنهنجي سڄي زندگي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ڏيڻ ۾ گذاري. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ وڏي محنت ڪري، مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ بي.اي، ايم.اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيائين، پاڻ مختلف هنڌن تي تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. هڪ سال 54-1953ع ۾ ”جامع سنڌي لغات“ جي عملي ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. پاڻ 1974ع ۾ پي-ايڇ-ڊي ڪيائين ۽ انهيءَ کان پوءِ 1979ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي جي پرنسپال جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين. ان کان پوءِ کيس سندس علمي ۽ ادبي صلاحيتن ۽ لياقتن سبب کيس جنرل ضياءُالحق پاران ”مجلس شورى“ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1984ع ۾ کيس ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي مڃتا طور ”صدارتي ايوارڊ“ ”تمغهء امتياز“ ڏنو ويو. انهيءَ کان سواءِ کيس ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ مليا. جهڙوڪ: سچل ايوارڊ، پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان ادبي انعام ۽ نائين-ڏهين جي سنڌي ڪتاب تي ”ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ ايواڊ مليو.

    تصنيف ۽ تاليف
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هڪ پورهيت اديب هو. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ پرائمري اُستاد کان ڪئي، ۽ پنهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۾ وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪئي ۽ ادبي ميدان ۾ سنڌي ادب کي بي بها موتي ميڙي چونڊي ڪتابي صورت ۾ ڏنا. سندس ادبي ڪم ۽ ڪتاب جو مختصر تعارف هيٺ اچي ٿو.
    لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ڪيل ڪم ۽ ڇپيل ڪتاب.

    (1) وينجهار
    سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۾ جن اديبن ۽ محققن ڪوششون ڪيون، انهن ۾ سنديلي صاحب کي اوليت جو شرف حاصل آهي. لوڪ ادب جي سلسلي جي شروعاتي ڪتابن ۾ جناب عبدالحسين موسوي جا ڪتاب ”سرهاڻ“ ۽ ”سڳنڌ“ به وڏي اهميت رکن ٿا، پر سنديلي صاحب جو ڪتاب ”وينجهار“ منفرد حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ لوڪ ادب جي سٺي صنفن جو فني تعارف ڏنو ويو آهي، ۽ هر صنف جو مواد پڻ ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب ڊسمبر 1950ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو. هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب ايم ـ اي جي نصاب ۾ شامل ٿيو ۽ رڳو 1960ع تائين هن ڪتاب جا اٺ ڇاپا ڇپيا ۽ پوءِ به ڇپجندا رهيا.

    (2) سنڌ جو سينگار
    ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪتاب لوڪ ادب جي صنف سينگار بابت آهي ۽ 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مهاڳ طور ٻن اکرن ۾ ”سينگار شاعري بابت وصف جامع انداز“ ۾ بيان ڪئي ويئي آهي، تنهن کان پوءِ سينگار جي شاعرن جا سينگار بابت بيت ڏنا ويا آهن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف پڻ ڏنو ويوآهي. ڪتاب جو ٻيو حصو معنى ۽ شرح بابت آهي. سينگار جي بيتن ۾ جيڪي ٻين ٻولين جا لفظ آيل آهن، تن لفظن جي اصل نسل جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي. انهن جو بنياد ۽ معنى سمجهائي ويئي آهي. هن ڪتاب سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت جو بي بها خزانو آهي.

    (3) ڏهس نامون
    هي ڪتاب ”لوڪ ادب جي صنف ۽ سينگار“ شاعريءَ سان تعلق رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ سنديلي صاحب ”ڏهس نامي“ جا بيت ڏنا آهن. ڏهس جا بيت به سينگار جا بيت ئي آهن.

    (4) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو
    1974ع ۾ سنديلي صاحب ”سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪتاب انهيءَ مقالي تي مشتمل آهي، جيڪو ”سنڌالاجي“ 1986ع ۾ ڇپرايو. ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ: پرولي، ٻهڳڻن جا ٻول، هنر، دڙهو، ست سري، سينگار، ڏهس، ڏور، مناظرا، مداحون ۽ مناجاتون، معجزا،ٽيهه اکريون، مولود، لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻين جو تحقيقي جائزو ڏنو ويو آهي. تنهن کان سواءِ هر صنف جو، فني سٽاءُ ۽ تاريخي ارتقا ڏيئي، هر صنف مان نمونو ڏنو ويو آهي.
    لوڪ ادب کان علاوه سنديلي صاحب جو سنڌي لغت تي پڻ چڱو موچارو ڪم ڪيل آهي، جن ۾ ٻي ڪم کان سواءِ سنڌي شاعريءَ جي ٽه مورتي جي پوين ٻن شاعرن، ”سچل ۽ سامي“ تي پڻ لغت جي حوالي سان ڪم ڪيل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڇپيل ڪتابن ۽ ڪم جو هيٺ جائزو پيش ڪجي ٿو.
    تحقيق لغات سنڌي
    سنديلي صاحب جي لغت ۽ لوڪ ادب سان دلچسپي ۽ انهن تي تحقيق سندس من پسند مشغلو رهيو. هي ڪتاب پڻ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ڏسيائين. جيئن ”نوَ لکو هار“ يا ”چندن هار“ تي اهو نالو ڪيئن پيو. اڪبر بادشاهه ”نورتن“ ڪهڙي خيال کان اختيار ڪيا. ”ٻٽيهه“ يا ”ڇٽيهه“ لکڻ (پڇڻ) ڪهڙا آهن. اهي ۽ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون موتين جيان چونڊي ادبي مالها تيار ڪئي اٿس. هي لغت بيحد مقبول ۽ ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا اٿس.

    سچل لغات
    سنڌي لغت تي ڪيل ڪم جي سلسلي ۾، هي ڪتاب به انهيءَ جي هڪ ڪڙي آهي. ”سچل“ جي رسالي ۾ جيڪي انوکا لفظ آيل آهن، هن ڪتاب ۾ انهن جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. دستور موجب پاڻ هر لفظ جو بنياد پڻ ڏنو آهي. انهيءَ سان گڏ صوفيانه اصطلاحن ۽ فقرن جي معنى به سمجهائي ويئي آهي.

    سامي ڌاتو ڪوش
    سامي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر آهي، پر بدقسمتيءَ سان مٿس ايترو تحقيقي ڪم ٿي نه سگهيو آهي. سنديلي صاحب ساميءَ جي سلوڪن ۾ آيل انوکن ۽ ٻين ٻولين جي لفظن جي لغت مڪمل ڪري، ”سامي ڌاتو ڪوش“ جي نالي سان شايع ڪئي، جيڪا پهريون ڀيرو 1978ع ۾ ڇپي ۽ تنهن کان پوءِ ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ پاران ٻن جلدن ۾ آندل ”ساميءَ جا سلوڪ“ ۾ پڻ لغت طور ڇپي ويئي.
    سنڌي اساسي شاعريءَ تي ڪم
    سنديلي صاحب لوڪ ادب ۽ لغت کان سواءِ سنڌي اساسي ۽ عوامي شاعريءَ تي پڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي. انهي سلسلي ۾، لاڙڪاڻي ضلعي جي ٽن باڪمال عوامي شاعرن حسين ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ ۽ حاجي خانڻ چنجڻي جو ڪلام گڏ ڪري، سهيڙي، سموهي، سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو. هي ٽيئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هر ڪتاب ۾ مقدمي کان سواءِ شاعرن جي مختصر سوانح ،ان جي ڪلام جي فني، لغوي، معنوي خوبين ۽ خصوصيتن تي پڻ روشني وڌي ويئي ِآهي.
    مٿين ڪم کان سواءِ سنديلي صاحب ايم اي لاءِ ”لاڙڪاڻي ضلع جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکيو، جيڪو اڃا ڇپجي نه سگهيو آهي.

    ساميات
    سنڌي شاعريءَ جي ٽه مورتي مان ”سچل ۽ سامي“ تي سنديلي صاحب ڪافي ڪم ڪيو آهي. ساميءَ تي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ”سامي ڌاتو ڪوش“ کان سواءِ هڪ ڪتاب ”ساميءَ سنديون سپون“ پڻ ترتيب ڏنائين، جنهن ۾ سنڌي زبان جي هن بلند پايه شاعر جا چونڊ سلوڪ ڏنا ويا آهن، جيڪي ڪُل ٻه سئو آهن. ”ٻيو حصو“ معنى ۽ مطلب تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ساميءَ جي سلوڪن ۾ آيل هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ڏکين لفظن جي معنى سمجهائي ويئي آهي. نه فقط ايترو پر هر لفظ جو بنياد ۽ سلوڪن جي ڪن سٽن، فقرن ۽ ويدانتي واين جي سمجهاڻي به ڏني ويئي آهي.

    پهاڪن ۽ اصطلاحن تي ڪم
    سنديلي صاحب سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن تي پڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي،جنهن جا ٻه ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ ۽ ”اصطلاحن جي اصليت“ ڇپجي چڪا آهن.

    (1) پهاڪن جي پاڙ
    هن ڪتاب ۾ الف کان وٺي ”ي“ تائين الفابيٽ جي حساب سان 122پهاڪن جو وچور ڏنل آهي ۽ هر پهاڪي جي وجود ۾ اچڻ بابت جيڪو واقعو، پس منظر ۽ تاريخي حڪايت کيس معلوم ٿي سگهي آهي. اها بيان ڪئي اٿس. يعني پهاڪن بابت هي ڪتاب روايتي نوعيت جو نه آهي. پر هر پهاڪي بابت تحقيق ڪري پنهنجو تحقيقي نتيجو ڏنو اٿس.
    (2) اصطلاحن جي اهميت
    هن ڪتاب ۾ اصطلاحن جي اصليت بابت ڪيل تحقيق پيش ڪئي ويئي آهي. هر اصطلاح بابت جاکوڙ ڪري، ان جي لغوي ۽ معنوي پهلوءَ جي اصليت بيان ڪري، اصطلاح جي معنى سمجهائي ويئي آهي. شروع ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان هيٺ اصطلاح جي وصف، افاديت ۽ تاريخي حيثيت بيان ڪئي ويئي آهي. سنڌي زبان ۾ هزارين اصطلاح ملن ٿا، پر هن ڪتاب ۾ فقط اهي اصطلاح ملن ٿا، جن بابت پاڻ تحقيقي ڪم ڪيو اٿس.

    ڪلاسيڪي ڪتابن جا رهبر ۽ درسي ڪتاب
    ڊاڪٽر سنديلي، استادن ۽ شاگردن جي رهبري ۽ آساني لاءِ مختلف ڪلاسيڪي نثر توڙي نظم جي ڪتابن جا رهبر به لکيا جهڙوڪ: رهبر ديوانِ گل، رهبر روح رهاڻ، رهبر سير ڪوهستان وغيره. هنن ڪتابن ۾ اصل ڪتاب/شعر جو مفهوم نهايت چٽائيءَ سان سمجهايو ويو آهي. ايتري قدر جو ديوان گل جي شرح ۾ لکندي هر غزل جو بحر ۽وزن به ڏنو اٿس.
    سنديلو صاحب، ’بيورو آف ڪريڪيولم‘ جي نظرثاني ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ هو ۽ پهرين کان وٺي ڏهين ڪلاس تائين سمورن سنڌي ڪتابن جي نظرثاني جو ڪم پڻ ڪيائون.
    نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ کان سواءِ ڊاڪٽر سنديلي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سان گڏجي نائين ڏهين ڪلاس جو ”سنڌي“ ڪتاب به لکيو، جنهن کي پاڪستان جي سڀني ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ”ٽيڪس بوڪس“ ۾ بهترين ٽيڪسٽ بوڪ قرار ڏنو ويو.
    انهن کان سواءِ ڊاڪٽر سنديلي درسي نوعيت جا ٻيا ڪتاب به لکيا: جهڙوڪ: علم بديع، انگي اصول، تاريخ سنڌ، اسلامي تاريخ وغيره.
    مٿين ڪمن کان سواءِ پاڻ سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب بابت ڪيترائي مضمون پڻ لکيا اٿس، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل اٿس ۽ هڪ ڪتاب ”مڪليءَ جو سير“ جيڪو پروفيسر محبوب علي چنا جو، مڪلي جي مقام بابت تحقيق تي مشتمل آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ نئين زندگيءَ ۾ قسط وار ڇپيو هو، اهو سنڌي ادبي بورڊ جي چوڻ تي ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي چڪو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي هن وڏي محقق 2 جنوري 1990ع تي وفات ڪئي.


    علي بابا

    نثار حسيني، علي بابا جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۾ لکي ٿو:
    ”علي بابا، سنڌي ساهت جو اهو اڻٿڪ، اربيلو ۽ مست الست ليکڪ آهي، جيڪو جُڳن کان ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي کان ڪشمور تائين، موهن کان سون مياڻيءَ تائين ۽ کيرٿر کان کاري تائين سنڌ جي اتهاس کي کيڙيندو رهيو آهي.“

    سوانح
    علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ 1940ع ڌاري ڪوٽڙي ضلع دادوءَ ۾ جنم ورتو. علي محمد اڳتي هلي ”علي بابا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. علي بابا جو واسطو روايتي ”رند“ قبيلي سان آهي، جيڪو پنهنجي مشهور قومي ’سردار مير چاڪر خان رند‘ جي حوالي سان مشهور آهي. علي بابا جا وڏڙا، اوڻيهين صدي ۾ ، بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو.
    علي بابا پرائمري تعليم نانگو لائين ميونسپل اسڪول ڪوٽڙي ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ شيردل خان ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو. پاڻ جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪر کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، علي بابا پوءِ وري اسڪول جو منهن نه ڏٺو.
    علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. اُتي هن ستن سالن تائين ڪم ڪيو، تنهن کان پوءِ علي بابا هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ٿي ڪم ڪيو. 1965ع کانپوءِ نوڪرين جي انهن جهنجهٽن کان آجو ٿي لکڻ پڙهڻ کي لڳو ۽ لکڻ ئي علي بابا جي گذر سفر جو وسيلو بنجي ويو .
    انهيءَ دور (1965ع) ڌاري علي بابا لکڻ شروع ڪيو، سندس شروعاتي ڪهاڻيون شمشيرالحيدري ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. علي بابا لکڻ جي حوالي سان ملندڙ اُتساهه جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو:
    ”منهنجي ننڍپڻ جي ماحول ۾ کوڙ شيون هيون، منهنجو طبيعت جو لاڙو به هو. ڪتاب به هئا. ڏاڍا سٺا ڪتاب هوندا هئا. ٻارن جي لاءِ باتصوير سوشلسٽ ڪتاب ايندا هئا، جنهن ۾ ڏيکاريل هوندو هو ته ڪيئن نه هڪ غريب گهر ۾، هڪ انگريز ڪٽنب ماني جي ميز تي ويٺل آهي. ۽ ڪاٺ جي اڻ غريباڻي ميز تي انهن جي حصي ۾ گدري جون اڻپور يون ڦارون آهن. ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. انهن ڪتابن جو به منهنجي تربيت ۾ هٿ آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اسان جي ڳوٺ (ڪوٽڙي) ۾، اسان جو هڪڙو مائٽ، ستن ستن ڏينهن جي لمبي ڪٿا کڻندو هو. اهو شخص پنهنجي خوبصورت انداز ۾ ڳالهه کڻندو هو، سيف الملوڪ جي، حاتم طائي يا شهزادي، شهزادن ۽ پرين جي ۽ اها ٽي ٽي ڏينهن يا ڇهه ڇهه ڏينهن هلندي هئي. پر ان جي ڳالهه کڻڻ جي انداز ايترو ته سهڻو هوندو هو، جو اسان جي اکين اڳيان فلم هلندي هئي ۽پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان ڳالهه جا ڪردار اسان جي خوابن جا مهمان ٿي رهندا ها.“
    علي بابا ننڍي وهي ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ انهي وقت هو جيڪو ڪجهه لکندو هو، تنهن جو ڪو واضح تصور وٽس نه هو ۽ لکي پنا ڦاڙي ڇڏيندو هو، پر اڳتي هلي انهي شوق ئي کيس باقاعده لکاري بنائي ڇڏيو.
    علي بابا، سنڌي ٻولي جو اهو پورهيت اديب آهي، جنهن پنهنجي قلم کي مڪمل سچائي سان لکڻ ۾ مصروف رکيو. هن پنهنجي قلم مان لڳ ڀڳ ٽن سئون کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون. ٽيلي ڊراما لکيا، ريڊيي لاءِ ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون. فلم اسٽوريون لکيون، اسٽيج ڊراما لکيا.
    علي بابا هڪ سئو کان به وڌيڪ ٽي وي ڊرامه ۽ سيريل لکيون، جن مان هڪ ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ (1976ع ۾) کي ميونخ جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏيئي ”ايوارڊ“ سان نوازيو ويو. انهيءَ ميلي ۾ دنيا جي 79 ملڪن حصو ورتو. انهي کان سواءِ علي بابا جي ٻين به ڪيترن ئي ڊرامن شهرت حاصل ڪئي ۽ مڃتا ايوارڊ کٽيا. علي بابا جي ٻين مشهور ڊرامن ۾ ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو ، هوشو شيدي، رقص حيات (اهو موهن دڙي جي ناچڻي ۽ زندگي بابت هو) وغيره شامل آهن.
    علي بابا جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1983ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي نالي سان ڇپيو. جنهن ۾ علي بابا جون ارڙهن ڪهاڻيون شامل هيون. ڪتاب تي لکيل مهاڳ نما مضمون ۾ نصير مرزا لکي ٿو:
    ”پهرين ڪهاڻي کان آخري ڪهاڻي تائين، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ارتقا جو ساٿ ڏيندي، مسلسل نئون علي بابا جنم وٺندو رهيو آهي. موضوع جي لحاظ کان سندس ڪهاڻي ”فور فيسڊ“ رهي آهي. سماجي، سياسي، تاريخي ۽ هاڻي داخلي، سماجي ۽ سياسي ريفرنس سان لکيل ڪهاڻين ۾ هن سوسائٽي جي اندرين ڀڃ ڊاهه کي ڏاڍي ذهانت سان لکيو آهي. سياسي پارٽي جي مينيفيسٽو سان ميچ ڪن ٿيون ته گڊ! نه ته سياسي طور تي، توڻي ادب ۾ علي بابا نه هن پاسي نه هُن پاسي!
    ......اها حقيقت به آهي ته، علي بابا وٽ اظهار مان ماڌيم طور پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجو ايڊيم آهي. نواڻ ڀريو، بلڪل اوريجنل!“
    علي بابا جي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ (ڀاڱو پهريون-1994ع) ۾ ڇپيو، هن ۾ علي بابا جون ڪُل 59ڪهاڻيون شامل آهن.
    علي بابا جو ناول ”موهن جودڙو“ (حصو پهريون) 1985ع ۾ شايع ٿيو. اهو ناول پهريون ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار ٿي ڇپيو هو. انهيءَ ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو:
    ”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻولي کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“
    علي بابا ”موهن جو دڙو“ ناول جو ٻيو حصو مڪمل ڪري ڇو نه سگهيو آهي. انهي جو جواب ۾ علي بابا هڪ انٽرويو ۾ چيو:
    ”تون يقين ڪر ته لکڻ جي ڌنڌي ۾ منهنجو ارڪو ترڪو چٽ ٿي ويو. سهڻا گهوڙا هئا، عاليشان بگيون هيون، ٽي گهر هئا، سڀ تباهه ٿي ويا، ڇو ته مان انهن ڏانهن ڌيان نه ڏيندو هوس ۽ نه ئي انهن جي مرمت ڪرايم. جيڪي پئسا هٿ ۾ ايندا هئا ته وڃي ڪتاب خريد ڪندو هوس ۽ ٽي ٽي چار چار ڏينهن سوچيندو هوس ته منهنجو ناول اڳتي ڪيئن وڌي؟ ڪهڙو ڪردار ايندو هاڻي؟ ڇاڪاڻ ته مان پلان ڪري نه لکندو آهيان ته ڀئي هاڻي هي آهي، ۽ پوءِ هو ايندو ۽ پوءِ فلاڻو. فلاڻو هوندو ئي ڪونهي. اڳيان بلڪل هڪ ڀت هوندي آهي. ڪابه شئي نظر نه ايندي آهي. اهي سڀ شيون هڪٻئي جي مهابي پاڻ ئي تخليق ٿينديون وينديون آهن. پنهنجي وقت سان، جيئن ماڻهو پنهنجي وقت سان ڄمندا ۽ مرندا آهن. جيڪڏهن ان وقت تائين ڪو ڪردار مري چڪو آهي ته مون ناهي ماريو. ضرورتن ۽ حالتن ماريو آهي. مان ته هڪ بي وس تلخيقڪار آهيان، منهنجي هٿ ۾ ڪجهه ڪونهي. مان ته خدا جي ۽ انهن جي رحم ڪرم تي هوندو آهيان.“
    مٿين ناول کان سواءِ علي بابا، ٻارن لاءِ پڻ هڪ ناول ”سنڌباد جو سفر“ لکيو آهي. اهو ناول 1993ع ۾ ڇپيو. انهيءَ ناول جي لکڻ جي وارتا بيان ڪندي علي بابا مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”مون هي ناول ”سنڌباد جوسفر“ 1992ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. سچ ته انهي ناول مون کي ڇٺي جي ٿڃ ياد ڏياري ڇڏي. پوءِ به مان محسوس ڪريان ٿو ته مان ان ناول سان بلڪل نباهي نه سگهيو آهيان. ڪٿي ته برابر مون انهيءَ ناول کي هڪ ننڍڙي ٻار جيان لکيو آهي ته، ڪٿي وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان. ڪٿي ٻولي ٻاراڻي آهي ته ڪٿي علي بابا جو قلم هلي ويو آهي. سڄي ناول ۾ مون پاڻ کي وچ ۾ لڙڪندي محسوس ڪيو آهي. ان ڪري اها ڳالهه ٻارڙن تي ٿو ڇڏيان. هو انهي ڳالهه کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن. مون ناول ۾ ”سنڌ باد“ سيلاني کي سنڌي ڏيکاريو آهي ۽ ڪوشش ڪئي اٿم ته باقي سڀ ڪردار سنڌ سان تعلق رکندڙ هجن! جيئن هوٿل پري، گوڪل ديوَ، پاراشر رشي، ته جيئن ناول اصلوڪو ۽ سنڌي لڳي. سڄي ناول ۾، مون ڪٿي به ڪردارن هٿان رت وهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، حقيقي زندگيءَ ۾ سنڌ ۾ ايترو ته رت وهايو ويو آهي، جو ان جي گنجائش نه رهي آهي.“
    علي بابا جي ڪهاڻي جا ڪردار انڌا ،گونگا،ٻوڙا نه پر پنهنجو وجود پاڻ مڃائيندڙ، هن ڌرتي جا ڌڻي، اظهار ۽جرئت جا مالڪ آهن. علي بابا ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ، جنهن به صنف کي ڇهيو آهي، انهن کي شاندار ۽ جاندار بنائي ڇڏيو اٿس. اها تخليقي سگهه ئي آهي جيڪا علي بابا جي ذهن ۽قلم جي ميراث آهي ۽ اها سگهه ۽ ميراث شل سدائين سلامت رهي.


    عبدالواحد سنڌي

    سنڌ هيرن کاڻ آهي، انهيءَ جي ٻاڙي ٻاڙي تي اهڙا ماڻڪ موجود آهن، جن جي ڪَٿ ڪرڻي ئي ڪونهي. موتي پرڪاش چواڻي:
    صرافن ڪٿي ڪٿ نه هيرن سچن جي،
    ڪٿيائون ته ڪنڪر جي قيمت ڪٿيائون.
    مولوي عبدالواحد سنڌي به اهڙو ئي هڪ املهه ماڻڪ هو، جنهن پنهنجي سڄي حياتي، علمي ۽ ادبي خدمت ڪندي گذاري.

    سوانح:
    عبدالواحد سنڌي، 1912ع ۾ ڳوٺ ڀليڏنو تعلقه پنو عاقل، ضلع سکر ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو عبدالوارث عرف وارث ڏنو هو. عبدالواحد اڃا ننڍو ئي هو، جو سندس والد گذاري ويو. پهرين عبدالواحد ”مدرسته قاسم العلوم“ گهوٽڪي ۾ پڙهيو. اُتي کيس انگريزي پڙهڻ جي شوق پيدا ٿيو. پاڻ مولانا دين محمد وفائي جي مدد سان سر عبدالله هارون کان اسڪالرشپ حاصل ڪري، 1922ع ۾ جامعه مليه دهلي ۾ وڃي داخل ٿيا، جتي عبدالواحد کي مولانا محمد علي جوهر، ڊاڪٽر محمد علي بجنوري، خواجا عبدالحئي جهڙا استاد مليا. محنتي ته اصل کان هئا، تنهنڪري نوڪري به ڪندا هئا ته تعليم به حاصل ڪيائون. کيس ”بورڊنگ هائوس جي هر منزل“ جو انچارج بنايو ويو.

    دين جي تبليغ
    جامع مليه ۾ پڙهڻ جي دوران واندڪائي واري وقت ۾ ٻاهر وڃي دين جي تبليغ به ڪندا هئا. ضلع فيروزپور جيڪو عيسائيت جي تبليغ جو ڳڙهه بڻجي چڪو هو. عبدالواحد اتي وڃي تبليغ ڪندا هئا ۽ مناظرا به ڪندا هئا. ان دوران پاڻ ڪجهه ڪتاب به لکيائون، جن ۾ عيسائي پادرين کي سندن سوالن جا جواب ڏنل هئا. انهن ڪتابن ۾ ”رسول پاڪ ڪون ٿي، ڪيسي ٿي، کيا سکهايا“ ۽ ٻيو ”قرآن پاڪ کيا هي اور اس ني کيا کر دکهايا“ مشهور آهن. اهي ڪتاب ٻارن جي تعليم ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. مولانا جڏهن ”الجامع“ ۾ پڙهندا هئا. تنهن ڪري جيڪي به ڪتاب يا مضمون لکيائون، انهن ۾ مولوي عبدالواحد ”جامعي“ لکندا هئا. ان عرصي ۾ هڪ ڀيري سندس ملاقات مولانا عبيدالله سنڌي سان ٿي، مولانا کانئس پڇيو ”جامع رسالي ۾ پٺاڻن جي حڪومت تي مضمون تو لکيو آهي؟“ مولانا عبدالواحد جي ”ها“ ڪرڻ تي مولانا سنڌي گهڻو خوش ٿيو ۽ سندن ڪتاب ”رسول پاڪ کون تهي ۽ قرآن پاڪ کيا هي“ جي مسودي تي عبدالواحد جامعي لکيل ڏسي ناراض ٿيا، پنهنجي ننهن سان جامعي ڊاهي، ان جاءِ تي ”سنڌي“ لکيائون ۽ چيائون ”توکي سنڌي لکندي شرم ٿو ٿئي، آئون سيالڪوٽ ۾ پئدا ٿيس ۽ ڀرچونڊيءَ ۾ مسلمان ٿيس ۽ پاڻ کي سنڌي لکندو آهيان. گورنمينٽ جي رڪارڊ تي به سنڌي آهيان“ ان کانپوءِ مولانا عبدالواحد پاڻ کي ”سنڌي“ لکڻ لڳو.

    ادبي خدمتون
    مولانا عبدالواحد سنڌي هڪ عالم ۽ اديب هو. کيس اردو، سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ تي سٺي مهارت حاصل هئي. پاڻ شاگرديءَ واري زماني کان ئي لکڻ جو ڪم ڪندا رهيا.جامعه مليه جي رسالي ۾ به اردوءَ ۾ تاريخي، تحقيقي مضمون لکندا هئا. ان دور ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کانسواءِ پاڻ ننڍن ٻارن لاءِ ”اسلام ڪي مشهور سپهه سالار“ ۽ ”اسلام ڪي مشهور اميرالبحر“ڪتاب لکيائون، جيڪي گهڻا پسند پيا. پاڪستان اچڻ کانپوءِ به مولانا ٻارن لاءِ ڪافي دلچسپ ۽ معلوماتي ڪتاب اردو ۾ لکيا. جن مان ڪجهه هي آهن (1)روٽي کس ني پکائي (2)بندر اور نائي (3)مينڊک اور کوا (4)لومڙي اور گهر (5)جادو کا گهر (6)هپو جپو (7)چل ميري مٽکي (8)تاڪ دهنا دهن تاڪ (9)پهر مين چونڪ گيا (10)پان کها کر طبله بجا کر (11)تارا دهري تارا (12)پکڙ دم ڪٽي ڪو (13)دال تو خوب پکي (14)پانچ بوني (15)ديو ڪو ڪس نه هرايا شامل آهن.

    مولانا ۽ نئين زندگي
    پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ 15نومبر 1948ع تي پاڪستان جي آبادڪاري جي وزارت پاران پاڪستان جي انتظام هيٺ، خبرن جي هڪ بليٽن اردو ۽ سنڌي ۾ شايع ٿيڻ لڳي. مولانا سنڌي انهي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. اها پندرهن روزهه شايع ٿيندي هئي. جنوري 1950ع ۾ ساڳئي بليٽن کي هڪ خاص علمي ۽ ادبي پرچي لاءِ وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي حوالي ڪيو ويو. ان جو پهريون پرچو مولانا عبدالواحد سنڌي جي ادارت هيٺ فيبروري 1950ع ۾ نڪتو .ان کانپوءِ اهو پرچو هر مهيني باقاعده ڇپجڻ لڳو.
    مولانا عبدالواحد سنڌي جون صلاحيتون، انهيءَ پرچي جي ادارت ڪندي صحيح معنى ۾ نڪري نروار ٿيون. هن پنهنجي محنت ۽ اورچائي سان پرچي کي اوڄ تي رسائي ڇڏيو. اهو هڪ ڪارنامو هو. نئين زندگي جي تاريخ دراصل سنڌي ادب جي تاريخ آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ جيڪو جمود پيدا ٿيو هو، اهو ”نئين زندگي“ ٽوڙيو ۽ مولانا سنڌ ۾ سنڌي اديبن جي جيڪا همٿ افزائي ڪئي، اها سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم مقام والاري ٿي، جنهنجو ذڪر ڪندي رشيد ڀٽي لکي ٿو:
    ”اسان همعصر اديبن ۽ اسان کانپوءِ جي همعصر ادبي ٽولي جي همت افزائي (ويندي زوري ويهي لکرائڻ) مولوي صاحب ڪئي. تنهن سنڌي ادب کي ڄڻ نئين زندگي ڏيئي ڇڏي. ٻيا دوست اعتراف ڪن يا نه پر مان پنهنجي ادبي نشونما ۾ مولوي صاحب جي قدرداني، همت افزائي ۽ استاد جيان لڪڻ کڻي ڪم وٺڻ واري ڪردار جو وڏو هٿ سمجهندو آهيان.
    سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي نويس عورتن کي متعارف ۽ سندن همت افزائي ڪرڻ ۾ به مولوي صاحب جو نالو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم جڳهه والاريندو. ثميره زرين مهتاب محبوب، رشيده حجاب جا نالا انهي سلسلي ۾ ڳڻي سگهجن ٿا، جن جي پهريان افسانا ’نئين زندگي‘ ۾ مولانا عبدالواحد سنڌي ئي شايع ڪيا.
    مولانا عبدالواحد نه فقط نئين زندگي رسالو هلايو، پر سنڌي ادب ۾ بهترين ۽ معياري ڪتابن جي واڌاري ڪرڻ لاءِ نئين زندگي جي اشاعتي سلسلي جا اٺ ڪتاب، سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، جن ۾ سنڌ جي نمائنده اديبن جون لکڻيون محفوظ ڪيون ويون. اهي ڪتاب هي آهن (1)مهراڻ جون موجون (2)مهراڻ جون ڇوليون (3)مهراڻ جا ماڻڪ (4)مهراڻ جو موتي (5)شاعرن جو سرتاج: شاهه عبداللطيف ڀٽائي (6)منصور ثاني سچل رحه (7)سوڀون سرگهرن (8)ماڪ ڀنا رابيل. هي ڪتاب گهڻي ڀاڱي سيد حسام الدين راشدي، ثميره زرين،خديجه خانم دائود پوٽو ۽ عطا محمد حامي ترتيب ڏنا. پر باقي سڀ ڪم مولانا عبدالواحد سنڌي ئي ڪيو.
    رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ ڪجهه وقت ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جي رسالي ”اديون“ ۾ هٿ ونڊائيندو رهيو.
    مولانا عبدالواحد سنڌي 3جنوري 1988ع تي وفات ڪئي.


    ع . ق . شيخ

    ع ق شيخ عام طرح آرٽسٽ جي حوالي سان مشهور هو، پر سنڌي ادب ۾ سندس دلچسپي مصوري کان گهٽ ڪونه هئي. ورهاڱي وقت سنڌ ۾ جيڪي چڱا فڪشن لکندڙ پيدا ٿيا. ع ق شيخ انهن مان هڪ هو.

    سوانح
    ع ق شيخ جو پورو نالو عبدالله قادر بخش شيخ آهي. سندس جنم ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”گڊڙو“ ۾ 8مارچ 1914ع تي ٿيو. سندس پيءُ مفتي، پرهيزگار، اُستاد، عالم ۽ حڪيم هو. ديني تعليم گهر ۾ ۽ اوائلي تعليم ٽنڊي سومري ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين، ننڍي هوندي کان ئي سندس ذهني لاڙو فن ۽ ادب ڏانهن هو. پهريائين لڪي لڪي ڪتاب پڙهندو هو يا وري اُبتيون سبتيون ليڪون ڪڍڻ ۽ رنگن سان چٽ چٽڻ سندس ذوق هو ۽ اڳتي هلي شيخ صاحب جي ذوق هڻي وڃي هنڌ ڪيو.
    عمر سارو ڪتاب ته گهڻائي پڙهيائين، پر يونيورسٽي جو ڪوبه امتحان پاس ڪري نه سگهيو. ميٽرڪ ۾ پڻ ٽي دفعا ناپاس ٿيو. البت هاءِ اسڪول واري وقت هو ڊرائنگ گريڊ امتحان پاس ڪري سگهيو.
    ٻه ٽي سال زراعت کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، پوءِ کيس ڊرائنگ ماستري ملي ۽ ٿرپارڪر جي شهر مٺي ۾ پهريون ڀيرو جوائن ڪيائين. ان جي ٽريننگ لاءِ هن کي انهيءَ زماني ۾ هندستان جي مشهور اداري ”سر جي جي اسڪول آف آرٽ بمبئي“ ۾ وڃڻو پيو. بمبئي ۾ هڪ سال 39-1938ع ۾ رهي، هو ٽريننگ ڪري واپس موٽي آيو، پر فن جي ديويءَ اهڙي ڇڪ ڪيس، جو هو سن 1942ع ڌاري هٿين خالي، لڪ چوري وڃي بمبئي ۾ ساڳئي اسڪول آف آرٽ ۾ پهتو. اتي واندڪائي ۾ ڪم ڪري پئسا ڪمائيندو هو، جنهن مان اسڪول جي في ڏيندو هو ۽ پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. ڏيڍ سال کانپوءِ پيءَ جي بيماري جي ڪري فني تعليم اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيو ۽ پيءُ جي اصرار تي ميرپور خاص ۾ ئي رهي پيو، جتي هن کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ماستري ملي ويئي، جلد ئي هن جي بدلي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ ٿي، جتي هو شروعات ۾ ڪاليج واري حصي ۾ ئي رهيو ۽ پوءِ ڊرائنگ ٽيچرس ڪلاس ۽ ميوزم جو انچارج ٿيو.
    حيدرآباد ۾ رهندي ع ق شيخ ميٽرڪ، بي اي ،ايم اي، ايل ايل بي جا امتحان پاس ڪيا ۽ لئبرري سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما پڻ حاصل ڪيائين.انهيءَ وچ ۾ سنڌ تعليم کاتي طرفان 61-1960ع ۾ کيس هڪ سال لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو،جتي ويسٽ آف انگلينڊ اڪيڊمي آف آرٽس برسٽل يونيورسٽي برسٽل ۾ فن جي وڌيڪ سکيا ورتائين.
    ع ق شيخ هڪ مصور به هو ته اديب پڻ، کيس افسانوي ادب سان خاص دلچسپي هئي. سندس لکيل افسانا سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. سنڌي افسانن ۾ جن ليکڪن حقيقت نگاري آندي، ع ق شيخ انهن مان هڪ هو سندس هڪ افسانو ”حيدرآباد؟“ 1947ع ۾ ٿيل ورهاڱي جي موضوع تي نهايت اهم افسانو آهي ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ ايندڙ اسان جي اردو دان ڀائرن جي روين جي چٽي عڪاسي ڪري ٿو. انهيءَ افساني جي هيءَ پيرا ڪيتري نه حقيقت پسنديءَ جي عڪاسي ٿي ڪري.
    ”بيٺلن مان هڪڙي ڄڻي چيو، ”شڪر آهي ڪپڙو ملي ته ٿو مهانگو يا سهانگو نه ته ڪنٽرول جي زماني ۾ ته ڪپڙو ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو“ وري ٻئي ٽٽل ڦٽل اردو ۾ چيو ”دو روپيا وٺينگا؟“ اهي اکر ٻڌندي دڪاندار جي چهري جو رنگ بدلجي ويو. ڳوٺاڻن کي هيٺ مٿي نهاري چرئي وانگر رڙ ڪري چوڻ لڳو، ”جائو جائو، بڙي آئي ليني والي، دو روپئي مين تو ٽاٽ ڪي بوري بهي نيه ملتي.....جا، جا! تمهاري باب دادا ني پهنا تها.“
    ع ق شيخ جي افسانن جي مجموعو ”محبت جي راهه تي“ 1998ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو ويو،جنهن ۾ هن جا 34 افسانا شامل آهن،انهن افسانن جو جائزو وٺندو ”ناشر جي نوٽ“ ۾ غلام رباني آگرو لکي ٿو: ”ع ق شيخ جي هن ڪتاب ۾ جن ڪردارن جا نقش چٽيا آهن، سي خيالي ڪونهن، نه وري اسان جي آسپاس گهمندڙ ڦرندڙ انسانن کان مختلف آهن، بلڪه هو بهو انهن جا عڪس آهن.
    ....ع ق شيخ جي لکڻي ۾ هڪ قسم جي فطري سادگي ۽ رواني آهي. سندس هر تحرير پڙهندڙ جي ذهن تي نقش وانگر چٽجي وڃي ٿي.“
    ع ق شيخ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن جي ڪتابن جي ڪور ڊزائينن کانسواءِ شيخ اياز جي شروعاتي ڪتابن جون ڪور ڊزائينون به ٺاهيون، جيڪي سندس فني ڪاريگري جو ثبوت آهن.
    ع ق شيخ جي ڇپيل ڪتابن ۾ (1)کهه کٿوري (2)نازو (3)تاريخ اسلام (4)داستان اندلس (5)، محبت جي راهه تي (افسانا)، (6) خط (ع ـ ق ـ شيخ جا خط)، (7) ڪوهه قاف شيخ (ع ـ ق ـ شيخ جي لکڻ جي اينٿالاجي) 2010ع (مرتب: نصير مرزا) شامل آهن.
    ع ق شيخ 15 آگسٽ 1991ع تي وفات ڪئي.


    عبدالحئي پليجو

    سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي وڏي اهميت آهي. سنڌي ٻولي جو پهريون سفرنامو مرزا قليچ بيگ جو ”ڏاڙهياڙي جيل جو سير“ چيو وڃي ٿو. انهي کانپوءِ ڪيترائي سفرناما لکيا ويا، جن سيٺ گنگارام تلوڪ چند جو ”دنيا جو سير“، جيڪو پهريون ڀيرو 1939ع ۾ ڇپيو، تنهن کانسواءِ ٻين سفرنامن ۾ ڊاڪٽر ڪريم ڏني راڄٻر جو ’آمريڪا جوسير‘ وغيره اچي وڃي ٿو. پر حقيقي معنى ۾، سنڌيءَ ۾ سفرنامي کي جنهن صحيح معنى ۾ متعارف ڪرايو اهو الطاف شيخ آهي. جنهن جي سفرنامن ۽ سفري ڪتابن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. الطاف شيخ کانپوءِ، جنهن ليکڪ سنڌي ۾ لکجندڙ سفرنامن کي نئون رخ ڏنو، اهو عبدالحئي پليجو آهي.

    سوانح
    عبدالحئي پليجي جو جنم 31جنوري 1945ع تي ٺٽي ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ ”ٻنون“ ۾ ٿيو. عبدالحئي پليجي شروعاتي تعليم ٻني ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم نور محمد هاءِ اسڪول، مسلم ڪاليج حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ لا ڪاليج مان حاصل ڪيائين. ايل ايل بي پاس ڪرڻ کانپوءِ هن ڪجهه وقت رسول بخش پليجي جي جونيئر جي حيثيت سان وڪالت ڪئي ۽ انهيءَ کانپوءِ 1972ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو، جيڪا هن نَوَ سال ڪئي. نيٺ پنهنجي والد ارباب نور محمد پليجي جي وفات کانپوءِ 1980ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي اچي پنهنجي زمينداري سنڀالڻ سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو مشغلو شروع ڪيائين.

    ادبي اوسر
    عبدالحئي جو والد نورمحمد پليجوسنڌ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت ٿي گذري آهي. هن کي سياست ۽ ادب سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. هن جي سنڌ جي وڏي سياسي شخصيت محترم جي ايم سيد سان گهڻي ويجهڙائپ هوندي هئي. ارباب نور محمد پليجي جي ايم سيد جو ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ ڇپرايو، جنهن تان مُلن ڪاوڙجي مٿس ڪفر جي فتوى ڪڍي. ارباب نور محمد پليجي وٽ ٻيو به ڪيتريون ئي ادبي ۽سياسي شخصيتون اينديون رهنديون هيو. اهڙي ماحول ۾ عبدالحئي پليجي جي ذهني اوسر ٿي ۽ انهن کان متاثر ٿي ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ’انجمن نوجوان ٻنون‘ جو بنياد وڌائين ۽ هڪ لائبريري قائم ڪري ادبي ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪيائين. ”سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت“ ۽ ”ٻنون ايڊيو ڪيشن ڪميٽي“ جي پليٽ فارم تان وقت بوقت سيمينار ،هيلٿ ڪئمپون اسڪولن جي شاگردن ۾ ذهني آزمائش ۽تقريري مقابلا ڪرائيندو رهيو.
    عبدالحئي پليجو، جڏهن مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو ته ان وقت مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي حيدرآباد مان هڪ هفتيوار اخبار ڪڍندو هو جنهن ۾ هن جون مزاحيا لکڻيون شايع ٿينديون هيون.تنهن کانپوءِ ڪجهه شاعري به ڪيائين، جيڪا سهڻي، سارنگ ۽ هندستان مان نڪرندڙ رسالي رابيل ۾ شايع ٿي. انهيءَ وقت هڪ ڪهاڻي به لکيائين، جيڪا مسلم ڪاليج حيدرآباد جي مئگزين ۾ ڇپي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي دوران روزاني عبرت اخبار جي هفتيوار شاگردن جي صفحي ۾ ’سنڌوءَ جي هن پار‘ جي عنوان سان لکندو هو. انهي صفحي جو انچارج اسلم آزاد هوندو هو. يونيورسٽيءَ ڇڏڻ کانپوءِ، عبدالحئي پليجو نوڪري جي مصروفيت سبب لکڻ جاري رکي نه سگهيو. نيٺ نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ 1981ع کان باقاعده لکڻ جي شروعات ڪيائين، انهي سلسلي ۾ هو هڪ هنڌ لکي ٿو ”اها به حقيقت آهي ته غلام حسين رنگريز جيڪر منهنجو ويجهو دوست نه هجي ها ته شايد وري لکڻ ممڪن نه ٿئي ها“.

    شاگرد سياست
    پنهنجي گهراڻي جي سياسي پسمنظر جي ڪري عبدالحئي پليجو شاگردي واري دور ۾، ڪجهه وقت سنڌ جي شاگرد سياست ۾ پڻ سرگرم رهيو. پاڻ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو نائب صدر، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس يونين جو صدر رهي چڪو آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي دوران پاڻ 4مارچ واري تحريڪ ۾ پڻ سرگرميءَ سان حصو ورتائين ۽انهيءَ تحريڪ جي مهڙ واري دستي ۾ شامل هو. انهي دور ۾ هو ٻه دفعا جيل پڻ ويو. 4 مارچ جو ڏينهن سنڌ جو قومي ۽ شاگرد سياست ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. شيخ اياز چواڻي: 4 مارچ سنڌ جو ”مئي ڊي“ آهي. اڳتي هلي عبدالحئي پليجي شاگرد سياست واري دور تي هڪ جامع ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ لکيو، جيڪو 1989ع ۾ شايع ٿيو. اهو 4مارچ ۽ سنڌ جي شاگرد سياست تي پهريون جامع ڪتاب آهي، نه ته انهي کان اڳ مسعود نوراني، رسول بخش پليجي، يوسف لغاري انهي تحريڪ تي ڪجهه ليک لکيا، جيڪي پوءِ ”4مارچ ۽ سنڌي جوڌا“ جي سري هيٺ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا. انهيءَ سلسلي جو ٻيو ڪتاب پروفيسر اعجاز قريشي جو ترتيب ڏنل ”4 مارچ ۽ اڄ جي سنڌ“ آهي. منهنجي خيال ۾ عبدالحئي پليجو جيڪر ٻيو ڪجهه نه به لکي ها ته به اهو ڪتاب کيس زنده ۽ جاويد رکڻ جي لاءِ ڪافي آهي. ڪتاب جي اهميت بيان ڪندي مهاڳ ۾ ف - م - لاشاري لکي ٿو:
    ”عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب جيڪو هڪ لحاظ کان سندس سياسي سرگرمين جي ڊائري به آهي، ان ڪري به هڪ اهم دستاويز آهي جو اُن ۾ ڏنل مواد منجهان اسان کي پنهنجو هڪ زبردست ۽ تاريخي سياسي تجربو سامهون اچي ٿو. جنهن حوصلي، ترتيب ۽ تنظيم سان شاگرد تحريڪ هلي ۽ ان اڳتي هلي جهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي، جو خود حڪمرانن کي اصل ۾ نه، ته به اصولي طرح ون يونٽ کي هڪ سياسي بداخلاقي سمجهي ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پيو. هن ئي چوٿين مارچ جي ڏينهن کي اسان هينئر پيمانو بڻائي ڳالهين کي پرکيون ٿا.“

    سفرناما:
    عبدالحئي پليجي جي پهريون ڪتاب The Rule sindh for fifteen years آهي، جيڪو انهن ڪامورن جي لسٽن تي ٻڌل آهي. جن پاڪستان ٺهڻ جي شروعاتي پندرهن سالن تائين مختلف ادارن جي صورت ۾، سنڌ مٿان حڪمراني ڪئي. عبدالحئي پليجي جو پهريون سفرنامو ڪتابي صورت ۾ 1983ع ۾ ”ڏوريم ڏيساور“ جي نالي سان ڇپيو. جنهن جو مهاڳ الطاف شيخ لکيو. انهي سفرنامي کي تمام سٺي پذيرائي ملي، جنهن عبدالحئي پليجي جي همت وڌائي ۽ هو انهيءَ ميدان ۾ پنهنجي منفرد ۽ معلوماتي سفرنامن سان اڳتي وڌڻ لڳو.
    عبدالحئي پليجي جي سفرنامن جي منفرد خوبي اها آهي ته انهن ۾ وندر ۽ ورنهن سان گڏ، معلومات جو ڀنڊار پڻ ملي ٿو، جنهن ۾ سفر ڪيل ملڪن جي سياسي، جاگرافي، تاريخي، ڌرمي ۽ معاشي صورتحال جي پڻ ڇنڊڇاڻ ڪيل هوندي آهي.
    عبدالحئي پليجي جا هيستائين اٺ سفرناما شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي مختلف ملڪن جي سير ۽تفريح تي مشتمل آهن، جن جو وچور هن ريت آهي.
    (1) ڏوريم ڏَيساور (1983ع)
    (2) هو جي وڻ ولات جا (1984ع)
    (3) ڪنواريون ۽ ڪنول (1985ع)
    (4) ديس بديس (1987ع)
    (5) اُتر لڳا آءُ پرين (2002ع)
    (6) ڪجل ڀنل نيڻ (2001ع)
    (7)پريان سندي پار ڏي (2004ع)
    (8)بندر مون ڏور ٿيا (2005ع)
    (9) اسان پنڌ پرين ڏي (آتم ڪهاڻي) (2010ع)
    (10) ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون (2010ع)
    مٿين ڪتابن کانسواءِ عبدالحئي پليجي جو هڪ ترتيب ڏنل ڪتاب ”هي وري نه ورندو وڻجارو“ پڻ ڇپيل آهي، جيڪو سندس والد ارباب نور محمد پليجي جي وفات کانپوءِ سندس شخصيت تي لکيل مختلف ليکڪن جي مضمونن جو مجموعو آهي.

    عجائبات عالم:
    سفرنامن ۽ شاگرد سياست تي لکيل ڪتاب کانسواءِ عبدالحئي پليجي جو اهم ڪتاب ”عجائبات عالم“ آهي، جيڪو 2004ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ دنيا جي 75 عجائبات بابت تاريخي معلومات سان گڏ تصويرون پڻ ڏنل آهن. جهڙوڪ: مصر جا اهرام، موهن جو دڙو، ديوار چين، برٽش ميوزيم، ٽوڪيو ٽاور، وائيٽ هائوس، توپ ڪپي ميوزيم، بابل جا باغ، تاج محل، انگلش ٽيونل، نياگرا آبشار وغيره شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:
    ”مون کي يقين آهي ته هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد پڙهندڙن جي مطالعي لاءِ جتي دنيا جي تاريخ جي مواد جي سلسلي ۾ اضافو ڪندو، اتي اهي پڙهندڙ جيڪي جاگرافي، جيالاجي، ائنٿرا پالاجي، آرڪيالاجيءَ جهڙن علمن ۾ دلچسپي رکندا هوندا، انهن لاءِ هي ڪتاب نهايت ئي معلوماتي ۽ ڪارائتو ثابت ٿيندو...... هي ڪتاب جنهن انداز سان لکيو ويو آهي ۽ جنهن طرز بيان سان هرماڳ جو منظر چٽيو ويو آهي، ان لاءِ محترم عبدالحئي پليجي جي طرز تحرير جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي.“
    عجائبات عالم سنڌي ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي ۽ اهو ڪتاب ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ادب ۽ ٻولي هر قسم جي ڪتابن سان مالا مال ٿيندي پئي وڃي.


    عثمان علي انصاري

    سنڌي ادب ۾ مرحوم عثمان علي انصاري جو نالو ٽن حوالن طور ورتو وڃي ٿو. هو سنڌي ٻوليءَ جي شروعاتي ڪهاڻيڪارن مان هو. سندس افسانا شڪارپور مان آسو مل راجپال جي ادارت هيٺ نڪرندڙ ماهوار ”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپبا هئا .سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”پنج“ 1937ع ۾ ڇپيو. سچل سرمست ۽ شاهه جي رسالي جي ترتيب ۽ تدوين.

    سوانح
    عثمان علي انصاري ولد هدايت علي انصاري 21آڪٽوبر 1901ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1918ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ علي ڳڙهه ويو. جتي 1921ع ۾ انٽر پاس ڪيائين. بعد ۾ هڪ سال لاءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهڻ ويو ۽ 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. ساڳئي سال وڌيڪ تعليم لاءِ انگلينڊ ويو، اتي تعليم وٺڻ وقت هيءُ خانگي پڙهائي مان پيسو ڪمائي، خرچ جي پورائي ڪندو هو. 1925ع ۾ انگلينڊ مان ايم اي ۽ جرنلزم ۾ ڊپلوما وٺي واپس موٽيو. موٽڻ بعد ”بمبئي ڪرانيڪل“ اخبار ۾ سيد عبدالله بريلوي وٽ ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪيائين.
    1925ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله کيس ميرپورخاص مدرسي جو هيڊماستر ڪري رکيو. جتان پوءِ 1927ع ۾ بدلي ٿي نوشهروفيروز آيو. اتي هو 1933ع تائين رهيو ۽ پوءِ کيس ٻيهر ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۾ رکيو ويو. 1940ع ۾ کيس ڪراچي ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتي 1947ع تائين رهيو. پوءِ کيس ايس ٽي ڪاليج ڪراچي جو پرنسپال ڪري رکيو ويو، جتان چئن سالن کانپوءِ 1950ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر مقرر ٿيڻ جي ڪري کيس ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. 1957ع ۾ پاڻ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيائين.
    ڪجهه وقت کانپوءِ 1961ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو، سندس اصلوڪي ملازمت تي واپس گهرايو ويو ته عثمان علي انصاري ڪجهه عرصي لاءِ بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. ان کان اڳ پاڻ تڏهوڪي ”سنڌي ادب جي ترقي لاءِ صلاحڪار بورڊ“ جو 1940ع کان وٺي 1950ع تائين لاڳيتو سيڪريٽري ٿي رهيو. اهو بورڊ اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ بڻيو ۽ 1946ع ۾ شروع ٿيل ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جو چيئرمين رهي چڪو هو.
    بورڊ ۾ رهندي سندس خدمتن جي اعتراف طورسائين جي ايم سيد لکي ٿو:
    ”سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر 1951ع ۾ ٺهڻ بعد ان تي گڏجي ميمبر ٿي ڪم ڪيوسون. هي انهن ڏينهن ڊائريڪٽر آف اسڪولس هو. هن ادبي بورڊ کي زور وٺائڻ لاءِ گهڻي محنت ۽ سرجوشي سان ڪوشش ڪئي.“

    تصنيف ۽تاليف
    عثمان علي انصاري ڪهاڻيون ته شروعاتي دور ۾ لکيو، جن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي، پر پاڻ پاڻ سچل سرمست ۽شاهه لطيف تي بنياد طور تي نئين انداز سان ڪم ڪيائين.

    سچل سرمست جو سنڌي ڪلام
    حضرت سچل سرمست جي سنڌي ڪلام جي ترتيب ۽ تدوين انصاري صاحب جو اهم ڪم آهي، جيڪو پاڻ 1952ع ۾ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ڪوشش ڪري، سچل جو وڌ کان وڌ سنڌي ڪلام شامل ڪيائين.انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ مرزا علي قلي بيگ وارو نسخو (ٻنهي جلدن ۾)، پوڪرداس وارو نسخو، هريسنگهه وارو نسخو، آغا غلام نبي وارو نسخو، نماڻي فقير وارو نسخو ۽ ٻين ڪجهه قلمي نسخن کي ڀيٽي، ترتيب ڏئي، انهيءَ تي هڪ شاندار مقدمو لکي تيار ڪيائين. جيڪو پوءِ 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو.

    شاهه ڀٽائي تي ڪم
    انصاري صاحب کي علم و ادب سان خاص طور تي شاهه ڀٽائي سان وڏو عشق هو. مهراڻ رسالي جي شروعاتي دور ۾ هن شاهه جي ڪن سُرن تي کوجنا ڪئي. نيون پڙهڻيون معنائن سان ڏيئي، پنهنجا اهي مقالا ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرايا هئائين. ان کانسواءِ ڪراچي مان نڪرندڙ هڪ سنڌي رسالي ”اڄ ڪلهه“ ۾ پڻ اهو سلسلو جاري رکيائين. انهيءَ سلسلي ۾ سندس مقالو ”شاهه جي ڪيمياگري“ وڏي اهميت رکي ٿو. 1957ع ۾ جڏهن انصاري صاحب ميرپورخاص کان حيدرآباد ويندي ڪار جي حادثي ۾زخمي ٿيو ته انهن ڏينهن پاڻ شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ جو خاڪو مرتب ڪيائين.انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي پاڻ لکيائين:
    ”آگسٽ 1947ع ۾ آئون جڏهن اسپتال مان موٽي گهر آيس ته هنڌ تي پيئي پيئي شاهه جو رسالو کڻي پيو پڙهندو هوس. زماني ۾ مون کي خيال پيدا ٿيو ته جيڪر ڪن قلمي نسخن کان ڀيٽي تصديق ڪريان ته شاهه جي ڪن ڪن بيتن جون پڙهڻيون در حقيقت ائين آهن يا نه، جيئن ڪن ڇپيل نسخن ۾ ڏيکاريون ويون آهن“
    بيماري مان چاڪ ٿي پاڻ انهي ڪم کي جنبي ويو ۽ لڳ ڀڳ ڏهه ڇاپي ۽ قلمي نسخا اڳيان رکي انهن جون پڙهڻيون ڀيٽي ٺاهي ڪم شروع ڪيائين. سندس انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندڙ غلام رباني لکي ٿو: ”انصاري صاحب ڪراچي کان ويهارو ميل پري ملير ۾ ڪهڙو شڪار ڪندو هو، تنهن جي ته مون کي خبر ڪونهي. البت هڪ ڏينهن پنهنجي ”فارم هائوس“ مان اندران ننڍيو ننڍيو اڇن ڪاغذن جون بنديون کڻي آيو. ٻه ٽي بنديون سڄي جون سڄيون، شاهه جو شعرن سان ڀريل هيون. انهن مان ڪي مون کي پڙهي ٻڌايائين ۽ انهن جي معنى مطلب سمجهايائين.“
    انصاري صاحب اهو رسالو پنهنجي زندگي ۾ ئي تيار ڪري ڇڏيو هو، پر اهو سنڌي ادبي بورڊ کي سندس وفات کانپوءِ مليو، جنهن جو ذڪر ڪندي غلام رباني آگرو لکي ٿو:
    ”سندس وفات کان ڪجهه سال پوءِ سندس پيارو شاگرد ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، موجودهه رسالي جومسودو ڇپائي لاءِ بورڊ جي آفيس ۾ کڻي آيو. مسودو نيري رنگ جي پراڻي ريشمي پوتڙي ۾ ويڙهيل هو. جڏهن کوليم ته حيران ٿي ويس.سڄو رسالو لڳ ڀڳ مڪمل هو. منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اٿيو ته انصاري صاحب سنڌي ادبي بورڊ سان وابسته هو، پوءِ به خبر ناهي ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ رسالي جي ڇپائي ڇو نه شروع ڪرايائين.“

    رسالي جي پڙهڻي
    رسالي جي مقدمي ۾ انصاري صاحب مختلف بيتن جي پڙهڻين تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي ۽ مثالن سان سمجهايو اٿس ته شاهه جي رسالي ۾ ڪافي بيت اهڙا به داخل ڪيا ويا آهن، جيڪي مختلف شاعرن جا چيل آهن ۽ اهي شاهه جي محفل ۾ پڙهيا ويندا هئا. پوءِ مؤلفن بنا ڪنهن تحقيق جي اهي شاهه جا ڄاڻائي رسالي ۾ داخل ڪري ڇڏيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ شاهه جي ڪيترن ئي بيتن جو مثال پنهنجي مقدمي ۾ پيش ڪيو اٿس. نموني طور ’سر سارنگ‘ جي چوٿين داستان جو ڏهون بيت حاضر آهي. موجوده رسالن ۾ اهو بيت ٽن سٽن جو لکيو ويو آهي. اهو بيت هن ريت آهي:
    ڍَٽ ڍَري پٽ پيئون، وڄن ڪيا ڌرم،
    واحد وڌائي ڪيا، ڪُنڍن ساڻ ڪرم،
    سنگهارن شَرمَ، رک منهنجا سپرين.
    انصاري صاحب جي دليل موجب، مٿينءَ بيت مان ٽين سٽ نالي واري هئي، تنهن کي مؤلفن ڪيرائي، اهو بيت لطيف جي نالي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. سندس چواڻي اهو پورو بيت عيسى سگهڙ جو آهي، جوهن ريت درج ٿيل آهي.
    ڍَٽ ڍري پٽ پيئون، وڄن ڪيا ڌرم،
    واحد وڌائي ڪيا، ڪُنڍين ساڻ ڪرم
    اوئي ٿي ”عيسو“ چئي، ڇاڇر سڀڪا ڇم
    سنگهارن شرم، رک منهنجا پيرين.
    ”پوري بيت ۾ خيال فرمايو ته اوهان کي ڪنهن به سٽ مان نه ڀٽائي جو حسين تخيل ڏيکاربو ۽ نه سندس سلاست، لفظ ڌرم جو استعمال به غور طلب آهي. معنى ڪئي وئي اٿس ڀلايون،يعني ته ڌرم ڪرڻ جي محاوري کان ڪم ورتو ويو آهي. پڇاڙي واري سٽ ۾ باوجود وڄن جي ڌرم ڪرڻ ۽ ڪُنڍين سان ڪرم ڪرڻ کانپوءِ به ايئن ظاهر ڪيو ويو آهي ڄڻ ته سنگهارن جي لڄ به خطري کان خالي نه آهي.“
    مقدمي ۾ اهڙن ڪيترن ئي بيتن تي بحث ڪيو ويو آهي. انصاري صاحب پنهنجي رسالي ۾، شاهه جي بيت هئڻ جو ماپو پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي اخلاق جون تصويرون قرار ٿو ڏي، جيئن مقدمي ۾ لکي ٿو:
    ”جنهن (شاهه لطيف) پنهنجي منهن مان ڪو گٿو اکر نه اُچاريو، جنهن مصلح ڪڏهن چُمي يا بوسه جو لفظ به ڪم نه آندو هجي. ان جي ڪلام ۾ هيءُ سٽ داخل ڪرڻ کي مان ڇا چوان؟ ”پريان جي پستان جو، فاقو ئي فرحت،“ جيڪڏهن مون جهڙي گنهگار کي اها سٽ نقل ڪندي ئي شرم ٿو اچي ته اهڙي سٽ کي ڀٽائي جي سٽ قبول ڪندي ته انهن مؤلفن صاحبن کي قيامت جي ڏينهن جواب ڏيڻو پوندو (ص 42).“
    تنوير عباسي رسالي تي تبصرو ڪندي انصاري صاحب جي مٿين ڳالهه جي هنن لفظن ۾ وضاحت ٿو ڪري:
    ”حقيقت اها آهي ته شاهه لطيف جو قصور اهوآهي جو هو سيد هو ۽ هڪ درگاهه سان تعلق هئس. ان ڪري اسان جي عالمن تي اهو فرض ٿي پيو آهي ته هو ان کي مافوق الفطرت ثابت ڪن،هو انسان نه هو، نه سندس سيني ۾ دل هئي، نه ان ۾ دل ۾ درد هو، شاعر نه هو، پر ان کان مٿڀرو ولي هو، پر شاهه لطيف ته عطا جي شعر وانگر:
    ڪفر ڪافر راو دين ديندار را
    ذره درد عطا را..
    شاهه ته دل ۾ درد رکندڙ، هڏ ماس ۽ چم وارو انسان هو، جنهن جي شاعري درد ۽ عشق سان ٽمٽار آهي.“
    انهيءَ رسالي تي انهي جي جوڙجڪ ۽ اهميت تي وڌيڪ بحث مباحثو عالمن جو ئي ڪم آهي.
    عثمان علي انصاريءَ جو اهو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو پنجٽيهه سال دربدر ٿيڻ کانپوءِ 1997ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن رسالي کي نئين سر ترتيب ڏئي،نظر مان ڪڍي ڇپائي لائق بنائڻ ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو وڏو ڪردار آهي. رسالي جا ڪل صفحا 816 آهن.
    مٿين رسالن کانسواءِ عثمان علي انصاري جا ٻيا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.
    درس عمل (1936ع) پنج (ڪهاڻيون 1937ع) گمراهه دوست (ترجمو-1939ع) ادبي انتخاب (1944ع) يوناني فلسفو (ترجمو 1951ع) جنهن جو ٻيو ڇاپو ”الا ڏاهي ۾ ٿيان“ جي نالي سان ڇپيو، جرم وفا (ترجمو-ناٽڪ) ۽ سنڌي نثر-
    عثمان علي انصاري 2سيپٽمبر 1962ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


    هز هائنس مير علي نواز ”ناز“

    سنڌي ادب جو ڪوبه تذڪرو، سنڌ جي ٽالپر حاڪم گهراڻي جي علمي ۽ ادبي خدمتن کانسواءِ مڪمل نه سمجهيو ويندو. حيدرآباد جي مير عبدالحسين سانگي ۽ خيرپور جي مير علي نواز ”ناز“ جو سنڌي شعر و ادب ۾ پنهنجو ڌار مقام آهي.
    هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن جي شڪست کانپوءِ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي. ٽالپر ڪجهه وقت ته مير فتح علي خان جي سربراهيءَ ۾ متحد رهيا ۽ سنڌ جي مرڪزي حيثيت قائم رهي، پر جلد ئي منجهن اڻبڻت پيدا ٿي، جنهن جي نتيجي ۾، حيدرآباد ۾ مير فتح علي خان، ميرپورخاص ۾ مير ٺارو خان، ۽ خيرپور ۾ ميرسهراب خان پنهنجون ڌار ڌار حڪومتون قائم ڪيون. ميرن جي انهيءَ نا اتفاقي سندن حڪومت ۽ سگهه کي ڪمزور ڪيو. 1843ع جي مياڻي ۽ دٻي جي جنگين جي نتيجي ۾ ميرن جي سنڌ تان حڪومت ختم ٿي. البت، خيرپور جو مير مراد علي خان، جيڪو منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين ڌارين انگريزن سان وفادار رهيو. کيس انهيءَ وفاداري جي صلي ۾ خيرپور ضلعي وارو علائقو هڪ ڏيهي رياست جي صورت ۾ مليو. اها رياست 1843ع کان وٺي 14آڪٽوبر 1955ع تائين قائم رهي. ان تي مير مراد خان ۽ سندس اولاد مان پنجن حاڪمن هڪ سئو ٻارهن سال حڪومت ڪئي .
    هزهائينس مير علي نواز ”ناز“ انهيءَ رياست جو ٽيون نمبر حڪمران هو. مير صاحب 9 آگسٽ 1884ع تي ڪوٽڏيجي ۾ جنم ورتو. هو وڏي ناز ۽ نعم سان پليو. سندس جنم تي خوب خير خيراتون ۽ شادمانا ڪياويا. خزانن جا منهن کلي ويا ۽ انهي عيش ۽ جون محفلون مهينن تائين قائم رهيون .
    مير صاحب جي تعليم ان وقت جي لائق استادن جي حوالي ڪئي ويئي. انگريزي تعليم جي لاءِ هندستان جي وڏي تعليمي ماهر خواجا غلام سبطين جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. کيس خواجا صاحب جي رفاقت ۾ چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخل ڪيو ويو. اتي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ کيس، ”امپيريل ڪئڊيٽ ڪور ديرادون“ موڪليو ويو. فوجي سکيا وٺڻ بعد هو ڪيپٽن ريڊئي جي ساٿ ۾ ولايت ويو ۽ نَوَ مهينا لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ هن سڄي يورپ سان گڏ مصر، ايران ۽ عراق جو به سير ڪيو. ولايت مان موٽڻ کانپوءِ هوهندستان جا به ڪافي شهر گهمندو، خيرپور آيو. انهيءَ سفر کيس دنيا جي لاهين چاڙهين کان گهڻو واقف ڪيو ۽ ڪافي مشاهدا ۽ تجربا پلئه پيس.
    رياست خيرپور جي والي ۽ سندس والد مير امام بخش خان 8فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي ۽ مير علي نواز ”ناز“ کي برادري جي پڳ ٻڌرائي ويئي. 25 جون 1921ع تي سرڪاري طور تي سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي .
    مير صاحب ولي عهدي ءَجي زماني کان ئي يورپ ۽ هندستان جي سير ۽ سفر جي ڪري گهڻو تجربو پرايو هو. سندس دل جوش ۽ جذبي سان ڀريل ۽ دماغ بهترين صلاحيتن سان سينگاريل هو. سندس ذات ۾ قوم ۽ وطن جي بهتريءَ لاءِ وڏيون اميدون هيون. کيس به پنهنجي رياست کي مثالي رياست بنائڻ جو خيال آيو. گاديءَ تي ويهڻ شرط رياست ۾ وڏا سڌارا آندائين. رعيت تان ڇيڙ ۽ بيگر جي پراڻي مصيبت معاف ڪيائين. تعليم تي اڳين کان وڌيڪ ڌيان ڌريائين. رياست جي سموري زمين جي ماپ ڪرائي ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا. خيرپور شهر ۾ پاڻي جي نلڪن ۽ بجلي جو بندوبست ڪيو ويو.
    سرڪاري نوڪرن لاءِ پينشن جو بندوبست ڪري، سندن سروس بوڪ رکيا ويا. اڳين عدليا ميرصاحب ۽ وزيرن جي هٿ ۾ هوندي هئي، پر هاڻ عدالتي کاتو کولي ڊسٽرڪٽ جج، سيشن جج ۽ سب جج مقرر ڪيا ويا. انهن سڌارن سبب رياست جي آبادي وڌي ويئي ۽ اُپت ۾ واڌارو ٿيو. رياست ۾ خوشحالي ۽ هرڪو سکيو ستابو ٿيندو ويو، جنهن ڪري ميرصاحب جي عوام ۾ هر دلعزيزي وڌندي ويئي.
    ميرعلي نواز ”ناز“ بنيادي طرح هڪ آزاد طبيعت جو ماڻهو هو. ولايت ڀيٽيل هيس. سو لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرب بالي جي محبت ۾ وٺجي ويو. شايد قدرت کي اهو ئي منظور هو. مير صاحب جون اکيون مائي صاحبه ۾ ۽ وري مائي باليءَ جون اکيون ميرصاحب جي مايا ۾ کپي ويون. ٿورن ئي ڏينهن جي ميل ميلاپ کانپوءِ مائي بالي مائٽن سان ملڻ جي بهاني، ميرصاحب جو ارڪو ترڪو کڻي لاهور هلي ويئي. ائين ٻين ٽپڙن سان گڏ ميرصاحب جاوڏن کان ورثي ۾ مليل اٺن لکن جا هيرا جواهر به هضم ٿي ويا.
    بيگم اقبال عرف بالي جو لاهور وڃڻ ڇا ٿيو. ميرصاحب کي جدائي جهوري وڌو. وڏا وس ڪيائين، منٿون ميڙون ڪيائين، ويندي بمبئي جي گورنر کي درخواست ڪيائين، جيئن محب موٽي ملي ۽ جدائي جي ڊگهي رات ختم ٿئي. پر وريو ڪجهه به نه ۽ ميرصاحب جدائي جي باهه ۾ جلندو رهيو. آخر هڻي ڌڻي سالن کانپوءِ وڃي مير صاحب جي منٿن جو اثر ٿيو ۽ مائي بالي ”هيرا منڊي“ مان نڪري خيرپور آئي ۽ميرصاحب جي پَٽ راڻي بڻي.
    ائين عشق ۾ جلڻ، جدائي جي غم ۽ پوءِ محبوب جي ملڻ۽ درٻارين ۽ٻين ماڻهن طرفان فضول خرچين ۽ رياست جي ڪاروهنوار ڏانهن ڌيان نه هئڻ سبب، رياست جو نه رڳو خزانو خالي ٿي ويو، پر انتظام به درهم برهم ٿيڻ لڳو. راوي روايت ڪن ٿا ته ميرصاحب جو سالو ميان بگو سَون جا نوٽ سُلفي ۾ وجهي ساڙڻ لڳو. حال وڃي اتي بيٺو جو ڪجهه مهينا سرڪاري ملازمن کي پگهارون به ملي نه سگهيون. اهو حال ڏسي برطانيا سرڪار، وزارت جو عهدو ڪڍي، رياست جي حڪومت جو انتظام هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو.
    ان ڪري ميرصاحب جا اختيار گهٽجي ويا ۽ سندس خرچ پکي لاءِ به ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويو. نيٺ وڏي ڊڪ ڊوڙ کانپوءِ ٻن ٽن سالن ۾ اها ڪائونسل ختم ڪرائي، وزير ورتو ويو. ڪائونسل جي ناڪامي کانپوءِ هوصرف آئيني سربراهه رهيو ۽ حڪومت جي سڄو ڪاروهنوار انگريز وزير جي هٿ ۾ رهيو. محدود پگهار مان مير صاحب جي خرچ جو پورائو ٿي نه سگهيو ۽ هو ڏاڍو ڏکيو وقت گذارڻ لڳو. هڪ طرف عشق جو ڪاروبار، ٻئي طرف اختيارن جي ڪمي ۽ تنگدستيءَ سندس زندگي کي زهر بنائي ڇڏيو. پنهنجي غم غلط ڪرڻ لاءِ هو سارو وقت شعر و شاعري، راڳ ويراڳ ۽ شيل شڪار ۾ گذارڻ لڳو.
    ميرعلي نواز ”ناز“ بنياد طور تي هڪ جذباتي ۽ عاشقانه مزاج ماڻهو هو. سنڌ کان ٻاهر هندستان جي جداجدا جڳهن ۽ يورپ، ايران ۽مصر جي مختلف شهرن جي سير سفر ڪري، فطرت جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. ان کانسواءِ گهر ٻار کان وڇڙي وڃڻ، ڪافي وقت جي شفقت کان محروم رهڻ ۽ عشق جي اوڙاهه ۾ اچڻ ڪري، سندس دُکي دل مان دانهون نڪرڻ لڳيون. دراصل اهي دانهون پرت جو پچارون بڻجي، سندس دلي جذبن جي ترجماني ڪرڻ لڳيون ۽ موزون لفظن جي سانچي ۾ اچي شعر بڻجي ويون. هو وڇوڙي جا ورلاپ ڪندي هڪ سٺو شاعر بڻجي ويو. غم غلط ڪرڻ لاءِ سخن جي مشق جاري رکيائين ۽ شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس تخلص ”ناز“ هو ۽ آغا قزلباش دهلي جو شاگرد هو .
    ميرصاحب جي همعصر ۽ شاعر دوستن ۾ مولوي محمد صادق راڻيپور وارو، مرزا قليچ بيگ، نواب گل محمد خان زيب جهل مگسي وارو، مخدوم الهه بخش عاصي کهڙن وارو، فقير هدايت علي نجفي، عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي اڪثر وٽس اچي روح رچنديون ڪندا هئا.
    اردوشاعرن مان آغا شاعر قزلباش، مولانا سُهاءِ، حفيظ جالندهري ميرصاحب جا مداح ۽ درٻاري شاعر هئا.
    ميرصاحب هڪ درويش ماڻهو هو، هو مذهبي ڇڪتاڻ کان پري هوندو هو. سندس دلي تمنا هوندي هئي ته سنين ۽ شيعن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ گهرجي. ان لاءِ هن راڻيپور جي مشهور اديب ۽ عالم مولانا محمد صادق جي مدد سان هڪ اردو رسالو ”دعوت الاعتمام بدين الله الاسلام“ لکي شايع ڪرايائين ۽ ”دين الله“ نالي هڪ خدائي تحريڪ جو بنياد رکيائين. هن تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هر فرقي مسلمان کي عام دعوت ڏني ويئي اها تحريڪ به شهنشاهه اڪبر جي ”دين الاهي“ وانگر ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ ميرصاحب جي وفات بعد ختم ٿي ويئي .
    ميرصاحب، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ شاعري ڪئي.
    ميرعلي نواز ”ناز“ 28ڊسمبر1935ع تي وفات ڪئي. سندس لاش کي ٻه سال امانت طور ڪوٽڏيجي جي امام بارگاهه ۾ رکيو ويو. جتان 19 فيبروري 1937ع تي ڪربلا معلى موڪليو ويو.
    ميرعلي نواز ”ناز“ جا نثر ۽ نظم ۾ ڪل 13 ڪتاب تصنيف ڪيل آهن، جيڪي هن ريت آهن.
    (1)خلوت عشق (2)طوفاني عشق (3)آتش عشق (4)بياض ناز (شاعري) (5)خمڪده خيام مئڪده نازڪ (عمر خيام جي پنجاهه رباعين جو منظوم ترجمو) (6)گنجينئه خرد (رباعيون جن جو فارسي ترجمو فقيرهدايت علي نجفي (تارڪ) لعلو رانوڪ واري ڪيو) (7)گلدسته ناز (اردو غزل) (8)ڪليات ناز (اردو) (9)سياحت يورپ (هي ڪتاب اردو ۽انگريزي ٻنهي زبانن ۾ يورپ جي سفر بابت آهي) (10)داستان ليلى مجنون (نثر-اردو-انگريزي) (11)خطبهءَ مدارت (12)دعوت الاعتمام بدين الله لاسلام (نثر ۾) (13)گاڊس رليجن (هي ڪتابڙو مٿين ڪتاب دعوت الاعتمام جو انگريزي ترجمو آهي) اهي سڀ ڪتاب سندس زندگي ۾ ئي شايع ٿيل آهن.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ميرصاحب جي سنڌي، سرائيڪي ۽ چونڊ اردو ڪلام جو مجموعو ”ڪليات ناز“ پڻ ڇپرايو ويو آهي. جيڪو 213صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ميرصاحب جو ڪجهه اڻ ڇپيل ڪلام پڻ شامل اشاعت ڪيو ويو آهي. انهي ڪتاب جو مؤلف پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ آهي.


    عبدالغفور الستي

    سنڌ جي ادبي تاريخ ۾، قومي تحريڪ جي حوالي سان، ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب فرضي نالن سان ڇپائي ورهائيندڙ ۽ ع غ سنڌي جي نالي سان شاعري ڪرڻ ۽ عبدالغفور ميمڻ جي نالي سان حيدرآباد مان ماهوار ”ملير ڊائجسٽ“ ڪڍي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وارو، هاڻوڪو فقير عبدالغفور الستي، ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي.

    سوانح
    عبدالغفور الستي 21جنوري 1931ع ۾ دڙي ۾، ارباب حاجي محمد صالح ميمڻ جي گهر جنم ورتو. پرائمري ۽ مڊل تائين تعليم دڙي ۽ ميرپور بٺوري ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم يعني چوٿين درجي انگريزي کان، ستين درجي يا مئٽرڪ تائين 1943ع کان 1948ع تائين، سنڌ مدرسة السلام ڪراچي ۾ حاصل ڪيائين، جتي محترم محمد ابراهيم جويو سندس استاد هو ۽ محترم رسول بخش پليجو ساڻس گڏ پڙهيو.
    سنڌ مدرسي ۾ شاگرد هئڻ وقت، پاڻ پنهنجي هٿ سان هڪ هفتوار سنڌي اخبار ”جمهور“ شروع ڪيائين جيڪا فقط مدرسي جي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جي لاءِ هئي.
    کيس شاعري جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. دڙي ۾ پاڻ انهن ڏينهن ڪافيون ڪڇندو هو ۽ نچندو هو. سندس ناناڻي نُک مان سندس نانو جيڪو کورواهه جو هو ۽ مسجد جو پيش امام هو، سو شاعر هئڻ سان گڏ مولودي پڻ هو.
    سندس پهريون شعر پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ ”الوحيد“ اخبار ۾ 1947ع ۾ ”نوجوان اُٿو“ جي نالي سان ڇپيو.
    ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، 1948ع کان 1949ع تائين اي وي اسڪول دڙي ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. هن پڙهائي دوران سنڌ مدرسي مان سنڌي فائينل به پاس ڪئي، تنهن کانپوءِ پاڻ اين اي ڊي ڪاليج ڪراچي مان اسپيشل اوورسيز ڪورس ڪيائين ۽ 57-1956ع ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج سکر مان سول ڊپلوما ڪيائين.
    هن ٻي نوڪري 1950ع کان شروع ڪئي، جيڪا 1960ع تائين جاري رهي.پاڻ سول انجنيئرنگ ايريگيشن پي ڊبليو ڊي ۾ اورسيئر ۽ 1960ع ۾ ڪجهه وقت ايس ڊي او به ٿي رهيو. 1961ع ۾ نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين، تنهن بعد 1961ع تائين لوئر سنڌ بئريج ۾ سول ٺيڪيداري ڪيائين.

    ادبي سرگرميون
    جيتوڻيڪ سندس لکڻ جي شروعات 1947ع کان ٿي چڪي هئي، پر هن باقاعده 1955ع کان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعري ڇپجڻ لڳيس. انهيءَ کانسواءِ عبرت اخبار ۾ سندس ڪجهه مضمون به ڇپيا. سندس شاعري هفتيوار انسان، نئين زندگيءَ ۽ روح رهاڻ وغيره ۾ ڇپجندي هئي. هفتيوار انسان ۾، سندس سنڌي ٻولي تي هڪ طويل نظم پڻ ڇپيو.
    انهيءَ ئي قومپرستي واري جذبي تحت، هن سنڌ جي قومي هلچل ۾ پڻ بهرو وٺڻ شروع ڪيو. پاڻ قومپرست خيالن کان سنڌ مدرسي واري دور ۾ اُستاد محمد ابراهيم جويي جي صحبت ۽ خيالن کان متاثر ٿيو، جنهن انهيءَ زماني ۾ هڪ ڪتاب انگريزي ۾ ”سنڌ بچايو برصغير بچايو“ لکي ورهايو هو.
    عبدالغفور ميمڻ، 1961ع کان ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۽سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ هي ڪنهن پارٽي ۾ شامل نه ٿيو، پر عملي طور تي سندن جلسن ۽ جلوسن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ انهن جي هر ممڪن مالي مدد به ڪندو هو، تنهن کانسواءِ هي سنڌي ماڻهن ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا لکي ڇپرائي سڄي سنڌ ۾ ورهائيندو هو ۽ مختلف اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا شعر ۽ مضمون پڻ لکيائين. انهيءَ وقت سندس لکيل ڪتابن ۾، ”سنڌ جون عورتون اُٿو“ قابل ذڪر آهي، جيڪو پاڻ گل محمد ميمڻ جي فرضي نالي سان لکيائين، اهو 70-1969ع جو زمانو هو.
    سندس ٻيو ڪتابڙو ”هي بيت ستايل سانگين جا“ جي نالي سان 1971ع ۾ ڇپيو، تنهن کانسواءِ ”سنڌي ٻولي“ تي فرضي نالي سان هڪ طويل نظم پڻ لکي ڪتابي صورت ورهايائين.

    ملير ڊائجسٽ جو اجراءِ
    پاڻ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ۽ واڌ ويجهه لاءِ 1971ع ۾ ”ملير ڊائجسٽ“ جي نالي سان حيدرآباد مان هڪ ماهوار رسالو پڻ ڪڍيائين، جيڪو 1974ع تائين هليو، جنهن قومي سجاڳي آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ ۾ ”رت سان لکيل سنڌي ٻولي جو وچن“ ۽ ”سونن نالن وارو دستاويز“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ مقبول سلسلو هوندو هو، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن جا ٻولي بابت مضمون لکرائي ڇپيائين. پوءِ اهي سڀ مضمون گڏي ”سنڌي ٻولي کي للڪار“جي نالي سان 1973ع ڪتابي صورت ۾ ڇپايائين، جنهن جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا ڇپيا. ”ملير ڊائجسٽ“ رسالي ڪيترائي نوان لکندڙ پڻ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو.
    ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ 1973ع واري آئين جي خلاف ايڊيٽوريل لکڻ ۽ آئين ۾ ڏنل قومي خودمختياري ۽ قومن کي نئين پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ريفرنڊم ڪرائڻ جي گهر ڪرڻ تي انهي وقت جي وزيراعلى ممتاز علي ڀٽي کيس جيل ۾ وجهي ڇڏيو. ترت پوءِ ممتاز ڀٽي جي جاءِ تي غلام مصطفى جتوئي وزيراعلى ٿيو، جنهن نه رڳو ملير ڊائجسٽ، پر سهڻي، سوجهرو، اڳتي قدم، مارئي ۽ ٻين ٽن سئو سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي پابندي وجهي ڇڏي. رسالي جي ايڊيٽوريل ۾ هن لکيو، ”هي نئون پاڪستان ساڳيو پراڻو ون يونٽ آهي. پاڻ ان کان به وڌيڪ سخت ۽ خطرناڪ جنهن ۾ ننڍيون قومون استحصال ۾ مري وينديون“.
    کيس پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ 56 ڏينهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ۾ رکيو ويو.
    جيل مان آزاد ٿيڻ ۽ رسالي تي پابندي پوڻ کانپوءِ پاڻ علي محمد راشدي سان وڃي مليو، جنهن کيس نيشنل سينٽر اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر لائبريريز ڪري رکيو، جتي ٽي سال کن نوڪري ڪيائين ۽ پوءِ 1977ع ۾ استعيفا ڏئي ڇڏيائين.

    شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو
    1977ع ۾ نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ وري اچي ٺيڪيداري شروع ڪيائين ۽ گڏوگڏ شاهه جي رسالي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو شروع ڪيائين. جيڪو 1986ع ۾ ”سنڌ مان بهشتي سوجهرو“ Celestial sunrise from Sindh جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. اهوهڪ شاندار ڪم هو، جو پاڻ شاهه جي فڪر ۽ پيغام سان دلي ۽روحاني لڳاءُ جي ڪري ڪيائين. سندس چوڻ موجب: ”رسالي ۾ روح جون سڀ خوشيون هيون، پر جيڪا نعمت مون کي انهيءَ مان ملي، سا اها ته جيئن لکيل لفظ مون کي خوشيون ڏنيون آهن، تيئن ٻين ماڻهن تائين به لکيل لفظ پهچايان، تنهنڪري اها تعليم سنڌي نياڻين تائين پهچايان. ويتر سُر مارئي ان ڳالهه کي وڌيڪ وزن وٺرايو. اها نه فقط انساني بدن ۽ روحَ جي آزادي جي پُڪار هئي. پر هڪڙي سنڌي عورت جي روپ ۾ ظلم ۽ زاريءَ خلاف سڀني کي سڏ هو، مارن کي مدد خاطر-اهو ظلم ۽ زور اڄ به مٿس روا هو، سڄي سنڌ ۾“.
    سندس انهيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه جي رسالي ۾ لطيف سائين جي 786ع چونڊ بيتن جو منظوم ترجمو ڪري ڏنو ويو آهي. جن مان هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.
    جيڪي ڏٺو مون، سو جي ڏٺو جيڏئين،
    گهر ورَنين سان، هوند گهڻن گهوري ڇڏيا.
    (سر سهڻي -7)
    ترجمو:
    What had I seen, had they ever seen,
    Those they all my friends.
    The house full of maidens had been,
    Renounced by them for Him, the one.

    نياڻين جي تعليم جوڪم
    شاهه جي رسالي جي ترجمي دوران سر مارئي جي مطالعي هن ۾ سنڌي عورت جي مظلوميت خلاف عجيب تحرڪ پيدا ڪيو ۽ ڀتين تي لکڻ شروع ڪيائين. ”ٻار پڙهايو-سڀ غريب ٻار پڙهايو“ ۽ انهيءَ تحريڪ کي زور وٺرائڻ جي لاءِ ”الست“ نالي هڪ سماجي تنظيم قائم ڪيائين. ائين اڳتي هلي انهيءَ نالي جي پويان هو ”الستي“ سڏجڻ لڳو. انهي ڪم کي اڳتي وڌائڻ خاطر پاڻ ڪيترائي ڪتابڙا، مضمون ۽ شعر لکي. پڙهيل حلقن ۾ پرچار ڪيائين. اهڙن ڪتابڙن ۾ (1)سنڌي ٻارن کي تعليم ڪيئن ملندي؟ (اصلاحي ڊرامو)، (2) سنڌي استادن کي سڏ، (3)Prayer of A Girl child on earth for education، (4) ڀلي آئين ڀلاپرين (محمد ابراهيم جويي جي 91 جنم ڏينهن تي خراج تحسين) شامل آهن.
    ادبي حوالي سان اَلستي وقت بوقت مختلف ادبي نالن سان سنڌي، توڙي انگريزي ۾ مضمون ۽شاعري لکندو رهيو آهي، جن ۾ ع غ سنڌي، عبدالغفور ميمڻ، عبدالغفور آف دڙو ۽ عبدالغفور الستي شامل آهن. هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو مطالعي ۽ مشاهدي ۾ گذاريو، جنهن جي نتيجي ۾ جنهن نتيجي جي پهتو، سو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو اٿس:
    ”انسان سڀ خدا جومظهر آهن، هي رنگ، نسل، قوم ۽ ملڪ، ڪلچر يا مذهب جا جيڪي به فرق آهن، اهي سڀ انسان ذات ۾ رنگينيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ آهن ته جيئن اها هڪجهڙي نه لڳي. هڪڙي ئي گلشن حيات ۾ جداجدا ۽ مختلف رنگن ۽ خوشبوئن جا گل لڳن. تنهنڪري سڀني انسانن سان صحبت ڪرڻي آهي. ڪنهن کان به ڪنهن فرق جي ڪري نفرت ڪرڻي ڪونهي. ڪنهن کي به نقصان پهچائڻو ڪونهي، سڀني جي اندر خدا موجود آهن.“

    خدا سان محبت ڪر، ان کي انسان سمجهي
    انسان جي خدمت ڪر، ان کي خدا سمجهي

    مٿين ڪمن ۽ ڪتابن کانسواءِ شاهه جي تعليم کي پکيڙڻ لاءِ شاهه جي رسالي جا سُر وار ننڍا ننڍا پاڪيٽ سائيز ڪتابڙا چونڊ بيت معنى ۽ سمجهاڻي سميت لکي ڇپائي پڌرا ڪيائين. اهڙا ٽي ڪتابڙا ڇپيل آهن.
    الستيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“ جي نالي سان لکي، جيڪا 2008ع ۾ شايع ٿي.
    عبدالغفور الستي جي هڪ ڪهاڻي ”مور کي“ اردوءَ کانسواءِ انگريزي ۾ ترجمو ٿي اڳوڻي ”يو ايس ايس آر“ مان نڪرندڙ ”اسپونتڪ“ رسالي ۾ ڇپجي چڪي آهي، جيڪو سوويت يونين جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شايع ٿيندو هو.
    مٿس ڪتابن کانسواءِ، الست تنظيم کي 2004ع ۾ اسراءِ (ESRA) پاران ٺٽي ضلع ۾ مليل بالغن جي تعليم واسطي پراجيڪٽ لاءِ عبدالغفور الستي جو جوڙيل ”الستي پهريون ڪتاب“ نهايت منفرد قسم جو ڪم آهي.


    عبدالغفار ”تبسم“

    سنڌي شاعري ۾ موسيقيت جي حوالي سان، جن شاعرن جي ڌار سڃاڻپ آهي ۽ انهيءَ ۾ هنن خوب مڃتا ماڻي آهي. انهن ۾ عبدالغفار ”تبسم“ جي سڃاڻپ سڀني کان نرالي آهي.

    سوانح
    عبدالغفار ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي، 20نومبر 1951ع تي ڳوٺ ميرپور ڀٽو، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1966ع ۾ بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾، ۽ ايم اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾، ٻي پوزيشن حاصل ڪري پاس ڪيائين.
    ڪاليج واري دور 1972ع ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ اسٽوڊنٽس يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو نائب صدر به ٿي رهيو. هن تقريري مقابلن ۾ ڪيترائي انعام پڻ کنيا. ان کان اڳ 1963ع ۾ الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن نئون ديرو شاخ جو باني ۽ نئون ديرو ڊراميٽڪ سوسائٽي جو صدر ۽ سرپرست پڻ رهيو. هن پليٽ فارم تان ”شيرين فرهاد“ آغا حشر ڪاشميري جوسنڌي ترجمو ڪيل ڊرامو ”باغبان“، تاريخي ڊرامو ”ليلا چنيسر“ ۽ ٻيا ڊراما پڻ پيش ڪيا ويا.
    عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترن ئي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪيو، جنهن ۾ 1974ع ۾ پيش ٿيل ڊرامون ”بري هن ڀنڀور ۾“ به شامل آهي. پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيو، جنهن ۾ ٽيليويزن جي پروگرام ”سنڌ سينگار“ جوميزبان ڪمپيئر 1981ع کان 1982ع تائين رهيو. 1983ع ۾ پاڻ هڪ سنڌي فلم پڻ ٺاهيائين. هڪ سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ ۾ هيرو ۽ ايس گل جي فلم ”سهڻا سائين“ ۾ ولين جو ڪردار اداڪيائين.

    نوڪريون
    عبدالغفار ”تبسم“ پهرين 1972ع ۾ استاد، پوءِ فئملي پلاننگ آفيسر، پوءِ 1983ع ۾ يو بي ايل بئنڪ ۽ آخر ۾ 1975ع ۾ پي آءِ اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشلا جي دوران 1981ع ۾ ملازمت تان لاهڻ کانپوءِ ٺيڪيداري به ڪيائين. 1983ع کان 1987ع تائين نئون ديرو ميونسپالٽي جو چيئرمين ٿي رهيو. 1990ع ۾ نوڪري ۾ بحال ٿيو ۽ هن وقت پي آءِ اي ۾ پنهنجون ذميداريون نڀائي رهيو آهي.

    ادبي اوسر
    عبدالغفار ”تبسم“ 1964ع ڌاري شاعري شروع ڪئي. پاڻ پهريون شعر 1966ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جي زير اهتمام مخدوم طالب المولى جي صدارت هيٺ ٿيندڙ مشاعري ۾ پڙهيائين. انهي کان اڳ پاڻ هڪ ناول لکڻ شروع ڪيو. انهي جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو: ”منهنجي پهرين پين جو نب ناول تي هليو آهي. جنهن جون قسطون اڃان تائين مون وٽ آهن. منهنجي هڪ آس اها به آهي ته مان هڪڙو ناول لکان ۽ ڀرپور لکان ۽ ان ۾ ئي پنهنجي شاعراڻي تاس جي پورائي ڪري سگهان ۽ اها منهنجي زندگي جي اهم لکڻي هجي.“
    عبدالغفار ”تبسم“ جو پهريون شعري مجموعو ”گلشن جهڙا گل“ 1966ع ۾ ڇپيو. عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترائي سال روزاني عوامي آواز لاءِ قطعو لکندو رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪيسٽون رليز ٿيون آهن. هي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر آهي، جنهن جي آمريڪا مان 1999ع ۾ سي ڊي رليز ٿي.
    عبدالغفار ”تبسم“ شاعري کانسواءِ سفر نامو ۽ آتم ڪهاڻي پڻ لکي آهي. سندس آمريڪا جوسفرنامو ”زندگي تنهنجا رنگ هزار“ ۽ آتم ڪهاڻي ”سي ئي جوڀن ڏينهڙا“ 1994ع ۾ شايع ٿي. عبدالغفار ”تبسم“ جا هيستائين اٺ شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن جو وچور هن ريت آهي. گلشن جهڙا گل (1966ع) شفق وارا ڇانورا (1982ع) مٽي جا سُر (1991ع) سوچون صحرا سراب (1995ع) نيڻن جي آڳر (1996ع) ڪندي ڪناري ناوَ (1999ع) موسيقي، موسم ۽ تبسم (2003ع) اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لڇن (2004ع). سج آرسيءَ ۾ (2005ع).


    عبدالحق عالماڻي

    جديد سنڌي ڪهاڻي جوسفر، جيڪو نادر بيگ مرزا کان شروع ٿيو. اهوسفر اڃا به جاري آهي ۽ ڪجهه لوڏن ۽ لمن جي باوجود به ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو پيو وڃي.
    سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان مرحوم عبدالحق عالماڻي جو نالو به اهم حيثيت والاري ٿو، عالماڻي،علي بابا، ماڻڪ، مشتاق شوري،شوڪت شوري ۽ مدد علي سنڌي جوهمعصر ڪهاڻيڪار هو، پر موت اسان کان عالماڻي جلد کسي ورتو ۽ سنڌي ٻولي کي عالماڻي جي قلم مان وڌيڪ ڪهاڻيون ملي نه سگهيون.

    سوانح
    عبدالحق عالماڻي، 1 جنوري 1941ع تي ڳوٺ حسين خان عالماڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي ورتائين. مائٽن جي اڍنگي رويي هجڻ جي باوجود ٽلڪي ٽلڪي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين ۽ مسلم ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو.
    عالماڻي 1965ع ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. ان وقت سنڌ ۾ ون يونٽ کي ٽوڙائڻ ۽ سنڌي زبان کي قومي زبان بنائڻ واري هلچل زورن تي هئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا سڀئي اديب ۽ شاعر ڪنهن نه ڪنهن نموني سياست ۾ حصو وٺي رهيا هئا. انهيءَ هلچل ۾ ٻين رسالن سان گڏ ماهوار ’روح رهاڻ‘ جووڏو حصو هو. روح رهاڻ نون ليکڪن جي هڪ کيپ تيار ڪئي هئي. عالماڻي به روح رهاڻ کان ئي لکڻ جي ابتدا ڪئي.
    ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۽ حيدرآباد جي ماحول سبب عبدالحق عالماڻي جي لکڻين ۾ سياست جو عمل دخل وڌيڪ رهيو ۽ هن پنهنجي اڳيان لکڻ جو مقصد سنڌ ئي رکيو هو. ان ڪري هن جي ڪهاڻين ۾ رومانسزم جو عنصر به شامل ٿي ويو هو، هن جي ڪهاڻين جا گهڻا ڪردار ٻين سمورين ڳالهين ۽ لڳ لاڳاپن کي ٽوڙي، سنڌ جي لاءِ قرباني ڏيڻ جي لاءِ نڪري آيا هئا. ڪي ڳوٺن مان شهرن ۾ اچي جلسن، جلوسن ۾ شريڪ ٿي رهيا هئا ته ڪي شهر ڇڏي سنڌ جي ٻيلن ۾ گوربلا ٿي رهڻ لڳا هئا.
    عالماڻي جي ڪهاڻين ۾ سنڌي شاگرد جوڌا ۽ سورما هئا ۽ سنڌ کانسواءِ ٻي ڪا وائي هنن جي وات نه هئي. ون يونٽ ٽٽڻ تائين سنڌي ادب تي گهڻي ڀاڱي اها ئي لهر ڇانيل رهي.
    انهيءَ سلسلي ۾،عالماڻي جي هڪ ڪهاڻي ”سوريءَ جنين سيج“ جو مرڪزي ڪردار جمال چوي ٿو. ”هيءُ هلچل منهنجي خوابن جي تعبير آهي، اهي خواب مون ڳوٺ جي ننڍڙي اسڪول ۾ ڦرهي پڙهندي ڏٺا هئا. مون کي ياد آهي. جڏهن اسڪول جي ڀت تي لڳل هن نقشي کي ڏسندوهوس ته ائين لڳندو هوم، ڄڻ سنڌو ڪنهن سهاڳڻ جي سينڌ وانگر خوشحالي جو روپ وٺي نڪتي آهي،پر اڄ اها سڀاڳي ٻاجهه جي ديوي مٿي ۾ واريءَ جاٻُڪ وجهيو پئي ماتم ڪري. سندس وارث مري ويا آهن. ڌارين جا سُڪل ٻوٿ سندس رت پَت چوسي ويا آهن.هوءَ ته هاڻي صدين جا پُور به وڃائي ويٺي آهي. پنهنجن جي ڪيل گهاون جا سور ويٺي سهي“.
    عبدالحق عالماڻي هڪ قومپرست ليکڪ هو. سندس خيالن جو ڪعبو سنڌ هئي. سندس پيار سان ٻڏل نگاهن جو مرڪز ڌرتي ماتا ئي هئي.
    عالماڻي جي حياتي ڏکن سورن عذابن ۾ اسري ۽ نسري، هو اڃا اڻ سمجهه ٻارڙو هو، جو قسمت هن کان پيءُ جي پيار جو ڇانورو کسي ورتو ۽ کيس يتيمي جي نٽهڻ اُس ۾ کڻي اڇليو. هن وٽ پوڙهي ماءُ کانسواءِ ٻيو ڪوبه اهڙو سهارو نه هو،جيڪو سندس ڳوڙها اگهي. ائين عالماڻي جي ننڍپڻ بي سهارا گذريو،جن جو عڪس ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس ڪهاڻين ۾ نمايان نظر ايندو.
    سنڌ جون سياسي حالتون ۽ ٻهراڙي جي ڇوڪرن جو شهرن ۾ رهڻ به اهڙا موضوع هئا. جن تي عالماڻي گهڻو سوچيندو ۽ لکندو هو. چوٿين مارچ واري تحريڪ کانپوءِ هن جون سنڌ جي نئين نسل ۾ وڏيون اميدون هيون. هن کي پڪ هئي ته ”هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن هن سرزمين جا پيڙهيل ۽ نپوڙيل انسان جلهه ڪري هن ڌرتي جي پاتار ۾ پيٺل نيئر ٽوڙي نڪرندا.“ عالماڻي اهي خواب ڏسندو هو ته ڌرتي جون ڌيئرون پنهنجي ٻچڙن جو دان ڏينديون، ننڍا نيٽا، جواڻ جماڻ سرجي سئن هڻي نڪرندا.
    پر اڳتي هلي، زندگيءَ جي آخري سالن ۾ عالماڻي سنڌ جي نوجوانن جي ڪريل حالت ڏسي مايوس ٿي ويو هو. دانشورن ۽ شاگردن ۾ وڌندڙ لالچ ۽ مفاد پرستي سڄي تحريڪ کي ختم ڪري ڇڏيو. هر ڪنهن جا اگهه هئا. انهن سمورين ڳالهين هوندي به عالماڻي جي لکڻيءَ ۾ مايوسي ۽ فرسٽريشن نه آئي. هن کي ادب ۾ داخليت واري ڳالهه نٿي آئڙي، جيتوڻيڪ سندس ٻيا هعصر ڪهاڻيڪار مشتاق شورو، شوڪت شورو، مدد علي سنڌي، ماڻڪ ۽ ڪجهه ٻيا ادب ۾ داخليت پسندي جا وڏا وڪيل ۽ پرچارڪ هئا.
    اڳتي هلي سندس ڪهاڻين جا موضوع بدلجي ويا ۽ اهي محدود قومپرستي واري دائري ۾ محدود هئڻ جي بدران وسيع ٿي ويا هئا. هن جي ڪهاڻين ۾ هاڻ مثالي ڪردارن جي بدران عام ماڻهو ۽ انهن جي روزاني زندگي اچڻ لڳي ۽ عالماڻي پنهنجي اندر جي سڄي پيڙا ۽ آنڌ مانڌ کي پنهنجي ڪهاڻين اوتي وڌو.
    عبدالحق عالماڻي ڦوهه جوانيءَ ۾ 24اپريل 1975ع تي ڪينسر وگهي وفات ڪئي. سندس لکيل ڪهاڻيون ”روح رهاڻ“ ۽ ٻين رسالن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون آهن، جن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، جيئن عالماڻي جون ڪهاڻيون نئين نسل لاءِ انهن جي تخليقي جوهر ۾ نڪري نروار ٿين.
    ڪهاڻين کانسواءِ عالماڻي هڪ ناول ”هي جيون،هي سپنا“ به لکيو، جيڪو بهرحال اڻ ڇپيل ئي رهجي ويو.
    عالماڻيءَ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”ڪارو ڪارونڀار“ ڇپيل آهي، جيڪو سندس وفات کانپوءِ.چونڊ ڇهه ڪهاڻيون گڏ ڪري، جولاءِ 1976ع ۾ سندس پهرين ورسي جي موقعي تي سنڌي اڪيڊمي پاران شايع ڪرايو ويو، جيڪو سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ اهم حيثيت والاري ٿو .


    غلام مصطفى قاسمي

    ڪن شخصن جي علمي حيثيت ايتري ته وڏي هوندي آهي جو ڪجهه صفحن ۾ اُن جي شخصيت ۽ڪم جو احاطو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. علامه غلام مصطفى قاسمي به اهڙن شخصن مان هو.

    جنم ۽ تعليم
    غلام مصطفى قاسمي 24جون 1916ع تي لاڙڪاڻي ضلع جي تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ رئيس ڀنڀي خان چانڊيي ۾ جنم ورتو. (ڪن هنڌن تي سندس جنم جو سال 1924ع پڻ لکيل آهي). سندس والد صاحب جو نالو حافظ حاجي محمود هو. پاڻ شروعاتي تعليم پنهنجي والد پاران قائم ڪيل ديني مدرسي مان ورتائون. بعد ۾ کين ميرو خان جي عربي مدرسي ۾ موڪليو ويو. جتي پاڻ فارسيءَ جونصاب مڪمل ڪري، عربي جوگرامر ”صرف“ شروع ڪيائون. اڳتي هلي انٽر ڪرڻ کان پوءِ پنجاب يونيورسٽيءَ مان عربي جو اعلى امتحان Course in Arabic High Proficiency پاس ڪيائون. تنهن کان سواءِ علامه صاحب اورينٽل ڪاليج فتح پور، دهلي مان طب جي فن ۾ مهارت حاصل ڪري ”حڪيم الحڪماء“ (فاضل طب) جي سند حاصل ڪئي. علامه صاحب اعلى تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان مولانا حافظ علامه دينپوري کان تصوف جي قادري طريقي ۾ دست بيعت ٿيو.

    عملي زندگي
    قاسمي صاحب پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ميرو خان جي سرڪاري اسڪول ۾ عربيءَ جي اُستاد جي حيثيت سان ڪئي. پاڻ دهلي جي هڪ مسجد ۾ ٿوري عرصي جي لاءِ مفتي پڻ ٿي رهيا. تنهن کان سواءِ پاڻ ڪراچي جي کڏي ۾ مدرسھ ”مظهرالعلوم“ جا شيخ الحديث، سنڌ مدرسي، ڪراچي ۾ عربي ءَ جا اُستاد ۽ سنڌ معلم آرٽس ڪاليج ۾ اسلاميات جا ليڪچرار پڻ رهيا. اڳتي هلي 1964ع کان 2002ع تائين شاهه ولي الله اڪيڊمي جا ڊائريڪٽر رهيا. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جا اعزازي پروفيسر به رهيا ۽ مختلف مضمونن ۾ ايم فِل ۽ پي- ايڇ ڊي لاءِ رهبر هئا. انهن مضمونن ۾ سنڌي، اردو، عربي، فارسي، اسلامي تاريخ، اسلامي ڪلچر، ۽ تقابلي اديان شامل آهن. گڏ ڪيل انگن اکرن موجب علامه صاحب جي نگراني ۾ پي-ايڇ-ڊي جا مقالا مڪمل ڪندڙن جو انگ 61 آهي.
    علامه قاسمي صاحب علم ادب کان هٽي صحافت جي ميدان ۾ پڻ جوهر ڏيکاريا. ڪراچي مان نڪرندڙ ”نئين سنڌ“ اخبار جو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ايڊيٽر پڻ رهيو. پاڻ ان دور ۾ جيڪي ايڊيٽوريل لکيا اٿائون، تن مان سنڌ دوستي، سياسي ۽ قومي مسئلن بابت هاڪاري سوچ جي ڀرپور عڪاسي ٿيل نظر اچي ٿي.
    اهڙي ئي هڪ ايڊيٽوريل بعنوان ”مهاجرن جي سيلاب کي روڪيو وڃي“ ۾ لکن ٿا:
    ”زبان قومن جي گڏڪرڻ جو هڪ وڏو اوزار آهي ۽ ان جي حفاظت ۽ رکپالي ديس ۽ وطن جي هر هڪ باشندي جواولين فرض آهي. هتي ڪن اردو اديبن، اردو ٻوليءَ لاءِ هيءَ آواز اٿاريو آهي ته پاڪستان معنى اردو. ڪنهن ٻوليءَ بابت اهو غلبو ۽ زيادتي اسين هرگز مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون. اسين اردو ٻوليءَ جي اهميت جا انڪاري نه آهيون، مگر ان جي اها ته معنيٰ نه آهي ته صوبن جي اصلي زبان کي بلڪل نظرانداز ڪيو وڃي. انگريز، اسان جي لاءِ جيتوڻيڪ ڌاريان هئا،پر انهن به ائين نه ڪيو: جيئن اڄڪلهه اهڙو غلط رجحان پيدا ٿي رهيو آهي ۽ اسانجا ڪي مت جا موڙها، سنڌي اديب انهيءَ غلط رجحان جو شڪار ٿي دوکو کائي،اردوءَ کي سنڌ جي پيداوار سڏي رهيا آهن...... (نئين سنڌ ڪراچي 18جولاءِ 1953ع) “
    مٿينءَ ٽڪري مان علامه صاحب جي، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ حيثيت جي حوالي سان انومان ظاهر ٿين ٿا.
    تنهن کان سواءِ علامه صاحب 1964ع کان 2002 تائين ”الرحيم“ (اردو ۽ سنڌي) 1972ع کان 2002تائين ”الولي“ جا ايڊيٽر پڻ رهيا. 1977ع کان وٺي 1989ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين پڻ رهيا.
    علامه صاحب جي اها خوش قسمتي هئي ته پاڻ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي کان ’معارف القرآن‘ ۽ ’شاهه ولي الله جو فلسفو‘ سکيا، خاص ڪري شاهه ولي الله جا ڪتاب حجة البالغھ، بسطعات، البدور، البازغھ، خيرالڪثير ترجمة القرآن وغيره پڙهيائون. پاڻ سنڌ ۾ شاهه ولي الله جي تعليمات ۽ فڪر جي وڏي اٿارٽي ليکبا هئا ۽ شاهه ولي الله جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيائون.
    علامه صاحب، پاڻ کي ”قاسمي“، سندن دارالعلوم ديوبند جي استاد محمد قاسم نانتوي جي نسب سان سڏائيندا هئا.
    هڪ مضمون ۾ علامه صاحب پنهنجي سياسي، فڪري ۽ ادبي اوسر جي حوالي سان لکي ٿو:
    ”پير تراب علي شاهه راشدي، سنڌ جو هڪ اديب، عالم ۽ وڏو زيرڪ سياستدان هو. اسان جي راشدي ڀائرن به پير صاحب کاڻ گهڻو ڪجهه پرايو. پاڻ کي به اهو چڱو موقعو ملي ويو، جو اُتي آياسين، ڪڏهن ڪڏهن ته علمي ۽ ادبي ڳالهين ۾ ساري رات لنگهي ويندي هئي. ۽ صبح جو ٻانگ مهل پير صاحب حويلي ۾ هليا ويندا هئا ۽ آءٌ مدرسي ۾ ايندو هئس. شاهه صاحب، مولانا ابوالڪلام جي تحريڪ جو عاشق هو. مولانا جي اخبارن ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ جا فائيل وٽن محفوظ هئا. اهي کڻي ڪي خاص مضمون مونکي پڙهي ٻڌائيندا هئا. حضرت اُستاد جي تربيت ۽ پير صاحب تراب علي شاهه جي ادبي ۽ علمي مجلسن، مون ۾ به اخبارن ۽ سنڌي ادب سان وڏو چاهه پيدا ڪيو. ان سان گڏ انگريزي سامراج جي خلاف وطن جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ گهڙي پيس. ان وقت فقط هڪئي ڪانگريس جماعت هئي، جنهن وطن جي آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽي هئي. مسلم ليگ عملي ميدان ۾ گهڻو پوءِ آئي. اٽڪل پندرهن سورهن سالن جي عمر ۾ مون کي مقامي ڪانگريس جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. اڳتي هلي ضلع لاڙڪاڻي جو وائيس پريذيڊنٽ ٿيس ته ”ڪاڪو ڪوڏو“ مل پريذيڊنٽ هو ۽ هوندراج دُکايل آزادي جا ترانا ڳائيندو هو. هن عهدي ۽ لاڳاپي ڪري سنڌ جون سنڌي اخبارون مون وٽ اينديون هيون. ان دور ۾ ننڍن شهرن مان هڪ هفتيوار سنڌي اخبار ”طوفان ميل“ باقاعده نڪرندي هئي، جيڪا ”مارئي“ يا ”برسات“ جيڏي هوندي هئي، منهنجا ان وقت ”الوحيد“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ليک ڇپبا هئا.“
    ڪانگريس کان سواءِ علامه صاحب جي سياسي وابستگي جميعت الطلباء ديوبند (سنڌي شاخ) ۽ جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي (1939ع) سان پڻ رهي. جنهن جو باني مولانا عبيدالله سنڌي هو.
    علامه صاحب جون تصنيفون
    تاج جويي پاران، علامه جي شخصيت ۽ علمي خدمتن جي مڃتا طور مرتب ڪيل ڪتاب ”عالمن جو آفتاب“ ۾ (جيڪو ڊيمي سائيز جي 436 صفحن تي ٻڌل آهي) علامه صاحب جي تصنيفن، ترجمن، ايڊٽ ڪيل ۽ مقدمه لکيل ڪتاب جو تعداد 48 ڄاڻايو ويو آهي. تنهن کان سواءِ اٺ ڪتاب اڻ ڇپيل ڄاڻايا ويا آهن. انهن 48 ڪتابن مان ڪن اهم ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: مفيد الطلبا في شرح تعريف الاشيا (عربي) جيڪو پاڻ دارالعلوم ديوبند ۾ شاگردي دوران لکيو هئائين، شاهه جو رسالو (معنى سان)، قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير، مقالات قاسمي، ديني ڪتابن جو ڪئٽلاگ، تمدن عرب (تفسير سورتھ سبا)، ”سماجي انصاف اور اجتماعيت شاهه ولي الله کي نظر مين“ وغيره اهم آهن.
    مٿين ڪتابن کان سواءِ علامه صاحب رسالي ”الرحيم“ جا ڪي خاص نمبر پڻ شايع ڪيا. جن مان ڪي هن ريت آهن: ”الحاج سيد عبدالرحيم سجاولي نمبر“، ”مولانا عبيدالله سنڌي نمبر“، ”عثمان مروندي نمبر“، ”پير روضي ڌڻي وارن جي ملفوظات نمبر“، مشاهير سنڌ نمبر“، ”تيرهين صدي جا مشاهير نمبر.“
    علامه صاحب مخدوم معين ٺٽوي ۽ محمدهاشم ٺٽوي جي معيار جو عالم هو. پر سندس شخصيت جي سادگي جو اهو عالم هو ته هو پنهنجي ذات کان ان حد تائين غافل رهيو، جو پنهنجي جنم جو سال ڪڏهن 1924ع ۽ ڪڏهن 1916ع ٻڌائيندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ مولانا عبيدالله سنڌي وانگر پنهنجي ذات کان وڌيڪ علم کي اهميت ڏني، مولانا سنڌي جي زندگي به عجيب هئي. چون ٿا ته آخر وقت تائين ٻن ڪپڙن (شلوار ۽ قميص) ۾ زندگي گذاريائون، جڏهن سندن وڳو ميرو ٿيندو هو ته ان جي ڌوپڻ ۽ سُڪڻ تائين هڪ چادر ويڙهي ويهندا هئا. ساڳئي طرح علامه قاسمي جي زندگي به توڪل تي گذري.
    سنڌ جي هن جيد عالم 11ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.


    غلام محمد گرامي

    ڪي ماڻهو علم و ادب جو روشن مينار هوندا آهن، جيڪي پري کان ئي پنهنجي روشنيءَ جي ذريعي واٽون پيا ڏسيندا آهن. غلام محمد گرامي مرحوم به اهڙن ماڻهن منجهان هو. گرامي صاحب، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمت ۽ فڪر و نظر جي تنوع جي حيثيت سان خاص مقام حاصل ڪيو آهي. پير علي محمد راشديءَ جي لفظن ۾ ”جنهن ٻوليءَ ۾ هن قسم جو قلم آهي، اها ٻولي نه مرندي!“

    سوانح
    غلام محمد گرامي ولد جاڙيو خان بلوچ، ميهڙ ضلع دادو ۾ 30 سيپٽمبر 1920ع تي جنم ورتو. شروعات ۾ مدرسن ۾ پڙهيو، پر گهڻو ڪجهه ذاتي مطالعي، تجسس، عالمن،اديبن ۽ بزرگن جي صحبت مان حاصل ڪيائين. پاڻ 1943ع ۾ حيدرآباد آيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ حيدرآباد ۾ رهي پيو. پهريائين سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ واري جي تحريڪ تي ”جامع عريبيھ“ ۾ استاد ٿي رهيو. ان کانپوءِ 1951ع کان 1953ع تائين ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ فارسيءَ جو استاد ٿي رهيو.

    صحافت
    پاڻ صحافت جي شروعات 1943ع کان ڪيائين، ڪيترن ئي رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جهڙوڪ: ”شاعر“ الزمان“، ”پاسبان“ هالا،”آفتاب“ ڪراچي، ”عرفان لطيف“ حيدرآباد، ”ترجمان“ ميرپورخاص،ڪن اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون به لکيائين. جهڙوڪ: هلال پاڪستان حيدرآباد، عبرت حيدرآباد، وغيره.پاڻ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو. ۽ رسالي ”مهراڻ“ جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو ۽ 1958ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ”سھ ماهي مهراڻ“ جو ايڊيٽر رهيو. پاڻ سڄي عمر ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل رهيو ۽ پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريندو رهيو. حقيقت ۾ جتي پاڻ ”مهراڻ“ رسالي کي پنهنجي قلم جي جوهر وسيلي اهم ادبي ۽ تحقيقي پرچو بنائي ڇڏيائين، اتي مهراڻ ۽ گرامي لازم ۽ ملزوم هئا.
    گرامي صاحب انيڪ خوبين جو مالڪ هو. هو عالم به هو ته دانشور به هو. شاعر به هو ته اديب به هو، صحافي هو ته نقاد پڻ هو. اسلامي تصوف جو ڄاڻو هئڻ سان گڏ مغربي ۽ مشرقي فڪر ۽ فلسفي جو اڀياس ڪندڙ پڻ هو. قديم علمن ۽فنن سان دلي لڳاءُ هئڻ سان گڏ، جديد رجحانن سان به ميل جول رکندڙ هو. هن نه رڳو قديم روايتن کان منهن نه موڙيو، پر جديد رجحانن سان پڻ نباهيائين، هن وٽ قدامت پسندي ۽ روايت پسندي به هئي ته نون لاڙن ۽ قدرن جو کليءَ دل سان آڌرڀاءُ به هو. وٽس قديم ۽ جديد جو سهڻو امتزاج نظم اچي ٿو.
    گرامي صاحب جدت پسند طبيعت جو مالڪ هو ۽ جدت پسند ۽ ترقي پسند لاڙن کي ترجيح ڏيندو هو ۽ قديم ادب جو جائزو به جديد رجحانن جي روشنيءَ ۾ وٺندو هو. سندس ڊگهو مقالو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“ جيڪو پهرين ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو ۽ پوءِ ڌار ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. جنهن انهيءَ دور ۾ رجعت پسند طبقي ۾ وڏو ٻڙدڪ مچايو، نتيجي ۾ مٿس ڪافي تنقيدون به ڇپيون، پراهو مقالو هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
    گرامي صاحب تمام گهڻو لکيو. پاڻ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي تحريرون،مقالا، تقريرون، گذارشون، تبصرا، تعزيت ناما، ڪتابن جا مقدما ۽ تقريطون وغيره لکيائين. انهيءَ سان گڏ گرامي صاحب هڪ سٺو شاعر پڻ هو. پاڻ غزل ۽ نظم پڻ لکيائين. جدت ۽ انفراديت پسندي سندس شاعريءَ جون خاص خوبيون آهن.
    سندس تحريرن جو دفتر ايترو ته ٽڙيل ۽ پکڙيل آهي، جو انهن کي باقاعده سهيڙڻ جي ضرورت آهي. سندس انقلاب آفرين تحريرن سان اختلاف ڪندي نه رڳو ڪتابن جا ڪتاب لکيا ويا، پر کيس فتوائن سان پڻ نوازيو ويو، پر پاڻ پنهنجي نصب العين ۽ فڪر تان تِر جيترو به نه هٽيو. سندس چواڻي:
    ”مقصد، تحقيق ۽ تصديق جي اهڙي هنڌ تي پهچڻ گهرجي، جتي هماليه هٽي سگهي ته ڀلي هٽي، باقي پنهنجي عقيدي ۾ ڪوبه فرق يا ڦير اچڻ نه گهرجي.“
    سنڌي ادب ۾ سندس تحرير ۽ اسلوب جو انداز،پنهنجي حسن ۽ نکار جي ڪري ڌار مقام پيدا ڪيو آهي. ٻيو ته سندس لکڻي جذباتي ۽ لفاظيءَ جي طلسم کان آجي نظر ايندي. پڙهندڙ هڪ معنوي روح محسوس ڪندو، جو لفظن جي حسن ۽ تناسب جي لباس ۾ نظر ايندو.
    گرامي صاحب ”مهراڻ“ جي لاءِ گذارشون لکيون آهن. اهي ”ادب عاليھ“ جو هڪ بهترين مثال آهن. گهڻو ڪري علم ۽ فن جي هر مسئلي تي بحث ڪيو اٿس، انداز بيان ۽ اسلوب تحرير اهڙو ته دلپذير، ولوله انگيز ۽ جاذب نظر اٿس، جو افساني ۽ ڊرامي، ناول ۽ ڪهاڻي کان به وڌيڪ دلڪش ۽ روح آفرين ٿو محسوس ٿئي. حقيقت ۾ انهن گذارشن کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙڻ جي گهرج آهي.
    گرامي صاحب “مهراڻ“ جي ايڊيٽري واري زماني ۾ ”مهراڻ“ جا ڪيترائي اهم نمبر پڻ ڪڍيا، جن ۾ شاعر نمبر 1969ع، سندي تنقيدي جائزي جي لحاظ کان سنڌي تنقيدي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.
    گرامي صاحب ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا۽ ترجمو ڪيا. جن ۾ ”تاريخي افسانا ۽ ڊراما“، ”قائداعظم جون تقريرون“، ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“، ”ويا سي وينجهار“ (جيڪو سندس وفات کان پوءِ سيد بچل شاهه ترتيب ڏنو) ”ديوان بلبل“، ”مسلمان ۽ تعليم“، ”جام جم“، ”مزاحيات“ ۽ اڻ ڳڻيا مقالا ۽ مهراڻ لاءِ لکيل گذارشون اهم آهن. تازو سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس گڏيل لکڻين جو پهريون جلد ”گرامي جون لکڻيون“ جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي.
    اياز قادري ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ لکي ٿو:
    ”گرامي صاحب هڪ سٺي نثر نويس سان گڏ بهترين شاعر پڻ هو. پاڻ شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. پر هو بنيادي طور تي غزل جو شاعر هو. پارسي ديوانن جي ڪثير مطالعي ۽ بزم مشاعرن سان گهري ناتي سبب سندس غزلن تي پراڻو رنگ ڇانيل هو ۽ سندس ٻولي پارسي آميز گلقند هئي، جا ڪڏهن ڪڏهن مشڪل به ٿي ويندي هئي. ڪيترن غزلن ۾ هن نوان ۽ وڻندڙ خيال پڻ پيش ڪيا آهن. غزل ۾ سندس درجو اُستاد وارو هو.“
    جناب غلام محمد گرامي 15سيپٽمبر 1976ع تي وفات ڪئي.


    غلام نبي مغل

    جديد سنڌي ڪهاڻي جو سفر جيڪو نادربيگ مرزا کان شروع ٿيو، اڳتي هلي انهي سفر ۾ ڪيترن ئي نالن جا واڌارا ٿيا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان رخ ڏنا. غلام نبي مغل جو نالو انهن ۾ نهايت سگهاري حيثيت ٿو رکي، جنهن نه رڳو سنڌي ڪهاڻي پر ناول کي به وڏي اوج ڏني.

    سوانح
    غلام نبي مغل، 12مارچ 1944ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم کان پوءِ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد، بي-اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۽ ايل ايل بي لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. اڳتي هلي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ جي عهدي تائين پهتو.

    ادبي سفر
    غلام نبي مغل 14سالن جي عمر لکڻ جي شروعات ”اردو ڪهاڻين“ سان ڪئي. ان وقت سندس ڪهاڻيون اردو مخزن ”ادب لطيف“ ۽ ڪراچي مان نڪرندڙ رسالي ”نيا راهي“ ۾ ڇپبيون هيون. 1960ع ڌاري جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”بدمعاش“ پڙهڻ کان پوءِ سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. سنڌيءَ ۾ پهرين ڪهاڻي ”تر“ لکيائين، جيڪا حميد سنڌي جي رسالي ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپي. سندس ٻي ڪهاڻي ”شيشي جو گهر“ مهراڻ 1962ع جي ڪنهن پرچي ۾ ڇپي.
    ان کان پوءِ هو لڳاتار ڪهاڻيون لکي ڇپرائڻ لڳو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سندس شمار سنڌ جي پهرين صف جي ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس ڪهاڻين جو پهريون ڳٽڪو ويهن سالن جي عمر ۾ 1964ع ۾ ”نئون شهر“ جي نالي سان ڇپيو. هيستائين سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا: ”رات جا نيڻ“ (1969ع)، ”رات منهنجي روح ۾“ (1979ع)، ”سٺ ستر اسي“ (1990ع)، (جيڪو سندس 25 سالن دوران لکيل چونڊ سترهن ڪهاڻين تي مشتمل آهي). ”عورت ۽ پيار“ (1994ع) ۾ شايع چڪا آهن.
    غلام نبي مغل جي ڪهاڻين جا ٻين ٻولين ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن. 1963ع ۾ هندستان ۾ ”سنڌي شارٽ اسٽوريز“ جي نالي سان هڪ ڪتاب انگريزي ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ”حشو ڪيولراماڻي“ اٺ ڪهاڻيون هند جي سنڌي ليکڪن جون ۽ چار ڪهاڻيون سنڌ جي ليکڪن جون ترجمو ڪري شامل ڪيون، جن مان هڪ غلام نبي مغل جي ڪهاڻي ”شيشي جو گهر“ پڻ هئي. تنهن کان سواءِ ڪجهه ٻين ڪهاڻين جو اردو ۽ پنجابيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس ڪهاڻي ”شيشي جو گهر“ ٻه ڀيرا ڊرامي جي روپ ۾ پڻ ٽيلي ڪاسٽ ٿي چڪي آهي.
    غلام نبي مغل 1959ع ۾ مرحوم طارق اشرف سان گڏجي ”اداره ادب نو“ نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو، جنهن طرفان ٻين ڪجهه ڪتابن کانسواءِ شمشيرالحيدري جو پهريون شعري ڳٽڪو ”لاٽ“ پڻ شايع ڪيو ويو. 1970ع ۾ جڏهن طارق اشرف ماهوار ”سهڻي“ جاري ڪيو ته انهيءَ ۾ غلام نبي مغل نه رڳو سندس ٻانهن ٻيلي رهيو، پر پس پردهه رهي، سهڻي جي جياپي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. سهڻي جي ٻي دور ۾ پڻ طارق اشرف کي ’مغل‘ جو ساٿ رهيو ۽ انهي ۾ مغل جي ڪالم ”يڪ نعره حيدري“ سٺي مقبوليت ماڻي. ائين غلام نبي مغل هڪ سٺو ڪالم نويس پڻ رهيو آهي. سندس ٻيو ڪالم ”اڇا اکر“ جي نالي سان روزاني ”برسات“ ۾ شايع ٿيندو هو.
    غلام نبي مغل، سنڌي ڪهاڻي کي روايتي موضوعن کان هٽي ڪري، ڪجهه نوان موضوع پڻ ڏنا. سيڪس جي موضوع تي مغل جون ڪهاڻيون خاص ڪري ”ريشمي وار“ نه صرف سهڻي پيرائيي ۾ لکيل آهن، پر تعميري ادب ۾ پڻ ڳڻيون وڃن ٿيون. مغل جي ڪيترن ئي ڪهاڻين تي فحاشي جا الزام پڻ لڳا. مغل جي ڪهاڻين جا اڪثر موضوع شهري ۽ مڊل ڪلاس جا مسئلا آهن. تنهن کان سواءِ شهر جا لوفر،بدمعاش، ڳنڍيڇوڙ، عورتن جا دلال، رازا، واڍا، موچي ۽ فقير وغيرهه سندس ڪهاڻين جا ڪردار آهن.
    غلام نبي مغل جي هڪ ڪهاڻي ”ٻوساٽ“ کي پڙهڻ کان پوءِ مشهور ليکڪ ڪاڪي منگهارام ملڪاڻي لکيو:
    ”مون جڏهن هن نوجوان جي ڪهاڻي ’ٻوساٽ‘ پڙهي ته سچ پڇو، مان واقعي حيران ٿي ويس. سنڌي ادب ۾ حقيقت پسندي ۽ زندگي جي اونهاين کي شايد ڪو ڪهاڻيڪار ايترو ڪاميابيءَ سان لکي سگهيو هجي، جهڙو مغل لکيو آهي.“
    غلام نبي مغل جي ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي، تنوير عباسي لکي ٿو:
    ”غلام نبي مغل انهن ٿورن ڪهاڻيڪارن مان آهي، جن وٽ موضوع توڙي اسلوب جي لحاظ کان انفراديت آهي. 1960ع ۾ جڏهن غلام نبي مغل لکڻ شروع ڪيو ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ان وقت گهڻو ڪري ڳوٺاڻو ماحول ۽ ڪردار موضوع بنيل هئا. غلام نبي مغل وٽ شهري زندگيءَ جي پيچيدگين وارو انوکو موضوع آهي، جيڪو هن جي شهري زندگي جي اونهي مشاهدي توڙي اڀياس جي شاهدي ڏي ٿو.سندس ڪردار به شهري زندگي جي وچولي توڙي هيٺين طبقي مان کنيل آهن، جن جي روش، ٻولي، توڙي نفيسات جي اپٽار اونهي اڀياس ۽ گهري مشاهدي کان سواءِ ناممڪن آهي.“
    ساڳئي ڳالهه جي تسلسل کي وڌائيندي ظفر حسن، مغل جي ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکيو:
    ”آئون سمجهان ٿو ته غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف سنڌ ۾ اهي پهريان ڪهاڻيڪار آهن، جن نه رڳو پهريون ڀيرو شهري جيوت کي پنهنجو ٿيم بنايو، پر لوڪيشن ۽ اسٽائيل ۾ پڻ نواڻ آندي.“
    انهي سلسلي ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي راءِ پڻ اهميت جوڳي آهي، هو لکي ٿو:
    ”غلام نبي مغل جوافسانو ٺڙڪ ٺڳي ۽ منافقت کان آجو آهي، ۽ اصلي آهي. ڇاڪاڻ ته مغل انهيءَ زندگيءَ جي باري ۾ لکي ٿو، جيڪا سندس آسپاس ۾ وهي واپري ٿي. هو انهن هارين نارين ۽ مالوندن جي باري ۾ نٿو لکي، جن وٽ اسان ڇڙو هفتو مهمان ٿي به نه گذاري سگهندا آهيو، پر پوءِ به لکندا، انهن جي باري ۾ ئي آهيون ۽ڪوڙ هڻندا آهيون.“

    غلام نبي مغل جاناول
    ڪهاڻي سان گڏ غلام نبي مغل، ناول نگاريءَ ۾ پڻ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي. سندس چار ناول: ”اوڙاهه“ (1994ع)، ”دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ“ (1996ع) ۾ ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“ (2001ع) وطن واويلا (2008ع) ڇپيل آهن. سندس ناول ”اوڙاهه“ کي سنڌي ٻولي جو طويل ناول چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. اهو ناول سنڌ جي انهي سڄي تاريخي جاکوڙ بابت آهي، جنهن ۾ ساڍن چئن سئو سالن جي تاريخ کي سوشو-پوليٽيڪل حوالي سان پيش ڪيو ويو آهي ۽ مغل جي لفظن ۾ ته:
    ”سنڌي جي سورن ۽ ڏچن جو ڪارڻ به اهوئي رهيوآهي ته شهري وچولو ڪلاس ۽ شهري هيٺيون وچولو ڪلاس وجود ۾ رهيو ناهي، مٿين، اميرن ۽ سردارن جي ڪلاس هميشھ ڌارين توڙي پنهنجن حاڪمن سان پنهنجي چڱ مڙسيءَ کي بچائڻ جا سودا ڪيا آهن.“
    ”مونکي ساهه کڻڻ ڏيو“، سنڌي سماج جي هڪ المناڪ ڪلچر ڪارو ڪاري جي موضوع تي لکيل آهي. انهي موضوع تي اهو پهريون ناول آهي. انهيءَ موضوع تي ٻيو ناول محمد انور بلوچ جو”باک ڦٽي جو سوجهرو آهي“. هي هڪ پرچاري ناول آهي، جنهن ۾ ليکڪ نهايت مناسب ۽ سگهارن لفظن ۾ ”مظلوم عورت“ جي وڪالت ڪئي آهي. مهاڳ ۾ انهي جي وضاحت ڪندي مغل لکي ٿو:
    ”هن موجود دور جو انسان (مرد ۽ عورت) وڌيڪ ذهين آهي. هڪٻئي جا حق سڃاڻن پيا ۽ زندگي جا اصول ڦيرو کائن پيا. ويهين صدي ۾ اسان گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي ۽ ايڪويهه صديءَ ۾ تمام گهڻي اميد آهي ته سونا (ناول جي هيروئن) کي ڀاءُ رائفل جون گوليون نه هڻندو ۽ سونا جي ماءُ کي، پيءُ ڪات سان ڳڀا نه ڪندو ۽ نڪي وڏيرو زور تي ’ڪاري‘ ٿيل عورت جي دلالي ڪندو ۽ نڪي پاڻ، پٽس يا ٻيا ڪاري ٿيل، بي واهي عورت کي فقط ”ساهه کڻڻ“ جي مهلت ڏيئي، اُن جي جسم ۾ مڻ گندي پاڻياٺ جا ڀري ڇڏيندا. ڪمزور جاندار، سازش، دولاب ۽ ويڙهه جا اڻ ـ سڌا طريقا ئي اختيار ڪري سگهي ٿو. عورت به تاريخ جي طويل عرصي ۾ ضرور ائين ڪيو آهي، جنهن کي شهزور مرد، ديوتا ۽ مرد جا ئي ٺاهيل خدا ۽ قانون برداشت نه ڪري سگهيا ۽ عورتي کي ذليل ٿيڻو پيو ۽ تاريخ جي هر دڳ تي پنهنجو رت هارڻو پيو ۽ ’ٻئي نمبر‘ جي انسان جي صورت اختيار ڪرڻ پئي.“
    مٿين تخليقي ڪم کان سواءِ غلام نبي مغل 1965ع ۾ فرينچ ليکڪ ’پيري لوئي‘ جي ناوليٽ ”وومين اينڊ دي پيٽ‘ جو ترجمو ڪيو جيڪو ”عورت ۽پيار“ جي نالي سان شايع ٿيو. 1995ع ۾ مغل پنجابي ليکڪ ’فخر زمان‘ جي ناول ”بنديوان“ جو انگريزي مان ترجمو ڪيو، جيڪو ”قيدي“ جي نالي سان ڇپيو.
    غلام نبي مغل کي سندس ڪتاب ”رات روح منهنجي روح ۾“ تي 1979ع ۾ سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ پاران سال جي بهترين افسانوي ادب جو انعام مليو ۽ سندس ناول ”وطن واويلا“ تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 2010ع ۾ سال جي بهترين ڪتاب جو ”سنڌ سنگت رشيد ڀٽي ايوارڊ ڏنو ويو.


    غلام رباني آگرو

    سنڌي ٻولي کي جن ليکڪن پنهنجي شاندار نثر جي ذريعي مالامال ڪيو. انهن ۾ غلام رباني آگري جو نالو اهم آهي. تنهن کانسواءِ هو ورهاڱي کانپوءِ جديد سنڌي ڪهاڻي جي ”پهرينءَ دور“ جي ٽن مک ڪهاڻيڪارن جي ٽمورٽي (جمال ابڙو، حفيظ شيخ ۽ رباني) ۾ پڻ ڳڻيو ويندو آهي.

    سوانح
    غلام رباني، نوشهروفيروز ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ”آگري“ ۾ 5نومبر 1933ع تي پيدا ٿيو.سندس پيءُ تعليم کاتي ۾ ماستر هو ۽ سندس پهريون استاد پڻ. علم و ادب ۾ سندس گهراڻي جي روايت پراڻي هئي. شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ نوشهروفيروز ويو، جتان 1951ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. پوءِ وڌيڪ تعليم حيدرآباد مان ۽ ايل ايل بي جو ڪورس ڪراچي مان ڪيائين. پهرين ٻن سالن تائين ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ مولانا عبدالواحد سنڌي سان گڏ نوڪري ڪيائين ۽ 1957ع جي آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان نوڪري جي شروعات ڪئي، بورڊ انهيءَ دور ۾ ”گل ڦل“ شروع ڪيو ۽ کيس انهيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ”ٽن چئن سالن تائين مون ڏاڍي دلچسپي سان اهو رسالو ڪڍيو، جنهن سان ٻاراڻي ادبي کي ڪافي فروغ مليو.“ رباني پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو. پاڻ 1959ع کان وٺي 1964ع تائين گل ڦل جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جنهن دوران ٻارن لاءِ سوين دلچسپ ليک لکيائين.
    1970ع کان وٺي 1976ع تائين رباني سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي رباني هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو.
    ”سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل رهڻ جي ڪري، ڇو ته اهو ادارو سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب بابت ڪتاب ڇپرائيندو هو ۽ مون کي انهن ڪتابن کي ڏسڻون ۽ انهن بابت گهڻو ڪجهه ڪرڻون پوندو هو. ان وقت اديبن جي سامهون هڪ سوال اهو به هو ته سنڌي ڪلچر ڇا آهي، بلوچي ڪلچر ڇا آهي، پنجابي ڪلچر ڇا آهي؟ پختون ڪلچر ڇا آهي، جڏهن مون ڪلچر جو اُڀياس ڪيو ته مون محسوس ڪيو ته زبان ۽ مذهب،اهي ٻئي شيون ڪنهن به ڪلچر جي جوڙجڪ ۽ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. انهيءَ پسمنظر ۾ مون جڏهن سنڌي ڪلچر جو اڀياس ڪيو ته انهيءَ نتيجي تي پهتس ته سنڌ جي ڪلچر تي مذهب جي گهري ڇاپ آهي يا ائين کڻي چئجي ته سنڌي مسلم ڪلچر، سنڌي غير مسلم ڪلچر کان بلڪل مختلف آهي. جيڪڏهن منهنجي انهي ڳالهه کي ڪلچر جي عام تشريج يعني Way of life جي روشنيءَ ۾، سنڌ جي مسلم ڪلچر کي پرکينداسين ته انهيءَ ڳالهه جي تصديق ٿي ويندي، يعني روز مره جي زندگي ۾، ڪپڙي لٽي ۾، کاڌي پيتي ۾، فن تعمير ۾ ۽ ايتري قدر جو زبان ۽ لفظن جي چونڊ ۾ به سنڌ جو مسلم ڪلچر بلڪل منفرد آهي، تنهنڪري مون انهي موضوع تي مضمونن جي هڪ سيريز شروع ڪئي. اهي مضمون هر هفتي ”هلال پاڪستان“ ۾ شايع ٿيندا هئا.“
    1976ع ۾ جڏهن شيخ اياز،سنڌ يونيورسٽيءَ جو ’وائيس چانسلر‘ مقرر ٿيو ته غلام رباني سنڌ يونيورسٽي جي ’پرو وائيس چانسلر‘ مقرر ٿيو، جتي هو 1979 ع تائين رهيو. 1984ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ ساڳئي عهدي تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ وفاقي وزارت تعليم کيس اسلام آباد گهرايو، جتي هو ”اڪيڊمي ادبيات پاڪستان“ جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي رهيو. اتان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بورڊ جو سيڪريٽري ۽ پوءِ چيئرمين مقرر ٿيو.

    ادبي اوسر
    رباني پنهنجي ادبي ڪيريئر جي شروعات 54-1953ع ۾ هڪ افسانا نگار جي حيثيت سان شروع ڪئي.افسانا نگاريءَ ۾ سندس دلچسپي وڌڻ جوسبب ”سنڌي ادبي سنگت“ پاران ڪرايل افساني نگاريءَ جو هڪ مقابلو هو. انهي ۾ پنجاهه کن افسانا نگارن حصو ورتو، جن مان رباني جي افساني کي پهريون نمبر قرار ڏنو ويو. ”اهو انعام ملڻ تي مون کي ٻن ڳالهين جو اندازو ٿيو.“ رباني ٻڌائي ٿو ”هڪ ته مون ۾ لکڻ جي صلاحيت موجود آهي، ٻيو هي ته سنڌ ۾ انهي وقت سٺا افسانا لکندڙ نه ِآهن، نه ته هڪ نئين لکندڙ کي پنهنجي پهرين ئي افساني تي ڪيئن انعام ملي وڃي ها. اهو سوچي مون انهي پاسي وڌيڪ ڌيان ڌريو.پوءِ ڇهه ست سال افسانا لکندو رهيس“.
    رباني جي افسانن جو مجموعو ”آب حيات“ جي نالي سان شايع ٿيو. سندس اهومجموعو سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. سندس افسانا چيني، جرمني، فارسي، اردو ۽ هندي ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي چڪا آهن. جرمني ۾ انهن افسانن جو ترجمو ڊاڪٽر اين ميري شمل ڪيو.
    رباني ڪافي ترجما پڻ ڪيا آهن، جن ۾ سراج سان گڏ ”چونڊ مختصر آمريڪي افسانا“ ڪتاب ترجمو ڪيائين. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو ويو تنهن کانسواءِ رچرڊ برٽن جي هڪ ڪتاب Falconry in the valley of Sindh مان ڪجهه بابن جو ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپايائين. انهيءَ ڪتاب ۾ ٻڌايو ويو اهي ته اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ سنڌ ۾ باز جي ذريعي شڪار ڪيو ويندو هو. انهيءَ کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ ”سنڌ ۾ شڪار“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن ۾ اهي ۽ ڪجهه مضمون محمد اسماعيل عرساڻي جا شامل آهن.
    غلام رباني جي ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ ”جهڙا گل گلاب جا“ (ٻه ڀاڱا) ۽ ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ (1997ع) شامل آهن.

    جهڙا گل گلاب جا
    هي ڪتاب ويهين صدي جي عظيم مشاهيرن، تاريخ ساز بزرگن، عالمن ۽ شاعرن جي تذڪري تي مشتمل آهي. ڪتاب جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي نصير مرزا لکي ٿو:
    ”ڄاڻڻ گهرجي ته تقريبن ست سئو صفحن تي پکڙيل ۽ ٽيويهن شخصيتن کي موضوع بنائي لکيل هي دستاويز، صرف انهن ئي شخصيتن جو رڪارڊ پيش ڪو نه ٿو ڪري، پر انهن شخصيتن جي حوالي سان، سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ سنڌ سان ٿيل تاريخي واقعن جو اتهاس پڻ هنن خاڪن ذريعي قلمبند ٿي، رباني صاحب جي شاهڪار نثر ۾ محفوظ ٿي ويو آهي“.
    ڪتاب جي اهميت بيان ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:
    ”هي ڪتاب سنڌ جي پوري هڪ دور جي تاريخ آهي. جيڪڏهن ان جي مضمونن ۽ عنوانن کي الڳ الڳ ڪري، هرهڪ تي ويهي تحقيق ڪبي ته منجهائنس گهڻو مواد ملي سگهندو. مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ واري ڪاوش (ڪيئي ڪتاب) وانگر، هن ڪتاب ۾ به سنڌ جي جديد دور جي تاريخ جا ”ڪيئي ڪتاب“ سمايل آهن. ر باني صاحب جن جن بزرگن جي باري ۾ پنهنجا تاثر ۽ تجربا لکيا آهن، تن جي باري ۾ سنڌ جي محقق، مورخن ۽ سماجيات جي شاگردن لاءِ تحقيق ۽اڀياس جا ڪيئي دفتر کولي ڇڏيا اٿس.“

    سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ
    رباني جو هي ڪتاب ٽن قابل احترام هستين پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاوالحق ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز جي سوانح ۽ تذ ڪري تي مشتمل آهي. ڪتاب جي لکڻ جومقصد بيان ڪندي ليکڪ لکي ٿو:
    ”سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ“ لکڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته سنڌ جي انهن اعلى هستين جي زندگين جو مطالعو ڪجي، جيڪي برزگن جي چوڻ موجب سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جا معمار آهن.“
    هي ڪتاب به رباني جي مٿين ڪتاب جيان سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪري نويسي ۾ اهم واڌارو آهي ۽ انداز و بيان به نهايت دلچسپ اٿس. غلام رباني پاڪستان جي ڪيترن ئي ناميارن علمي ۽ادبي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. 1986ع ۾ پنجابي ادبي بورڊ کيس گولڊ ميڊل ڏنو. پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل ضياءُ الحق کيس ادبي خدمتن جي اعتراف طور ”تمغه امتياز“ ڏنو.
    غلام رباني آگري 17 جنوري 2010ع تي وفات ڪئي.


    ڊاڪٽر غلام علي الانا

    سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي سڃاڻپ ماهر لسانيات، محقق ۽ تعليمدان واري آهي. صوتيات، لسانيات، تعليم ۽ ثقافت هن جي پسند جاموضوع آهن. جن تي الانا ڪافي نور نچويو آهي ۽ سنڌي ٻولي جو دامن مالا مال ڪيو آهي.

    سوانح
    غلام علي ولد الهه ڏنو الانا خواجا، 15مارچ1930ع تي ڳوٺ تڙ خواجا، تعلقي جاتي، ضلع ٺٽي جي هڪ نهايت غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم تڙ خواجا ۾، ثانوي تعليم ميرپور بٺوري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ حاصل ڪيائين. ميٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان1949ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. ميرپور بٺوري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ کيس سيٺ محب علي خواجا پڙهايو، جيڪو نه رڳو شاعر هو، پر راڳ سان به گهڻي دلچسپي هوندي هيس. غلام محمد الانا جي زندگيءَ تي سيٺ محب علي خواجا جو وڏو اثر رهيو آهي. بي اي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان، ايم اي آنرس سنڌي، سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. هي پهرين ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ اُستاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 27جنوري 1958ع کان استاد جي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. 1962ع ۾ آغا خان اسڪالرشپ تي اعلى تعليم وٺڻ جي لاءِ ولايت روانو ٿيو. جتان لنڊن يونيورسٽيءَ جي معروف اداري ”اسڪول آف اورينٽيئل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز“ مان ايم اي (لسانيات) جي ڊگري 1963ع ۾ وٺي واپس وريو، جنهن کانپوءِ هن 1971ع ۾ علامھ غلام مصطفى قاسمي جي رهبريءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. کيس اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته سنڌ يونيورسٽي مان سڀ کان پهرين پي ايڇ ڊي جي ڊگري هن حاصل ڪئي. سندس مقالي جو عنوان ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا 1963ع ۾ سنڌالاجي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. اهو ادارو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت جنوري 1963ع ۾ قائم ٿيو، جنهن جو مقصد سنڌ جي لوڪ ورثي ۽ تاريخ کي مختلف صورتن ۾ محفوظ ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ هو. پهرين اهو ”سنڌ اڪيڊمي“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو ۽ 1964ع ۾ انهي جو نالو بدلائي ”انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي“ رکيو ويو . جتي هو آگسٽ 1983ع تائين رهيو. الانا صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ 1977ع ۾ پروفيسر جي عهدي تي پهتو، پر سنڌالاجي جي عهدي جي اضافي چارج وٽس ئي رهي. سنڌالاجي کي عروج تي رسائڻ ۾ الانا صاحب جون خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا 9آگسٽ 1983ع کان 18اپريل 1989ع تائين ”علاما اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد“ جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 1990ع ۾رٽائرڊ ڪيائين، جنهن کانپوءِ 1993ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو 28جولاءِ 1995ع تائين رهيو. بعد ۾ 1998ع ۾ هن کي ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جتي هي آگسٽ 2001ع تائين رهيو.
    ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ جو چيئرمين رهڻ جي دوران هن وڏي محنت سان سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪيترائي اهم عملي قدم کنيا. جهڙوڪ هڪ جلدي سنڌي لغت جي اشاعت، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي تياري، مختلف موضوعن تي وقت بوقت سيمينار ڪرائڻ، روينيو ۽ آهي ۽ سنڌي ۾ لکيل پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهن سندس ٻيو اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي“ (1979ع) آهي، جيڪو گهڻو پسند پيو ۽ ٻولي بابت بنيادي ڪتابن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس ٽيون اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي جو اڀياس“، سنڌالاجي پاران 1987ع ۾ ڇپيو، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ سندس ماهرانه صلاحيتن کي داد ڏيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي.
    سندس ڪجهه ٻين اهم ڪتابن جو تعارف هن ريت آهي.

    سنڌي نثر جي تاريخ
    هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1966ع ۾ ڇپيو. هيستائين انهي ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ 28 نثر نويسن جو تعارف ڪرايو ويو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ الانا لکي ٿو:
    ”هن ڪتاب جي اهميت پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪري سگهن ٿا. هيءَ پهريون ئي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قابل ۽مشهور نثر نويسن جي زندگي جي احوال سان گڏسندن ادبي خدمتن کي گڏ ڪري انهن تي روشني وڌي ويئي آهي. شروع ۾ جامع مقدمو ڏنو ويو آهي جو پنهنجي سر نثر واري حصي ۾ هڪ قيمتي اضافو آهي، ڇاڪاڻ ته هن مقدمي ۾ نه صرف نثر جي ابتدا ۽ ارتقا تي روشني وڌي ويئي آهي. پر زماني ۽ ماحول توڙي سياسي ۽ سماجي اثرن جي ڪري سنڌي نثر ۾ جيڪي اهم ۽ مکيھ تبديليون آيون آهن، تن جو وضاحتي بيان ۽ تبصرو به ڪيو ويو آهي.“

    لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ
    هي ڪتاب الانا صاحب جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز آهي، جيڪا پاڻ غلام مصطفى قاسمي جي نگراني هيٺ 1971ع ۾ مڪمل ڪيائين ۽ 1976ع ۾ سنڌ الاجي پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپي. ”پيش لفظ“ ۾ ٿيسز بابت خيالن جو اظهار ڪندي الانا صاحب لکي ٿو:
    ”هيءُ ٿيسز گهڻي محنت ۽ مطالعي جو ڦل آهي. هن ٿيسز ۾ ڪتابي مواد گهٽ ۽ اصلوڪو ۽ اڇوتو مواد گهڻو آهي. جو لاڙ جي ڌار دفتري ٻوليءَ جون لغتون ۽ ڪتاب تيار ڪرائڻ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان اها ڳالهه قبول ڪرائڻ ته آئنده ڪميشن جو امتحان ڏيندڙ غير سنڌي اميدوارن لاءِ اهولازمي هوندو ته هو سنڌي ءَ جو خاص امتحان پاس هجن، جنهن جي ڪورس ٺاهڻ ۽ڪلاس هلائڻ جو ڪم ”سنڌي لئنگئيج اٿارٽي“ جي بلي هوندو.

    ادبي اوسر
    غلام علي الانا جي ادبي زندگيءَ جي شروعات افساني لکڻ سان ٿي. ان وقت هي اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ پڙهندو هو. شروع شروع ۾ ٿوري شاعري به ڪيائين ۽ ”ناشاد“ تخلص ڪم آڻيندو هو. الانا جا اهي افسانا ۽ شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپيا هئا. الانا جي انهن افسانن جو مجموعو ”چور“ جي نالي سان 1954ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. افسانن کانسواءِ هڪ ناول ”لاش“ به لکيائين. جيڪو 1952ع ۾ ڇپيو، پر اڳتي هلي محسوس ڪيائين ته سندس طبيعت ”ساڀيا ادب“ يعني تاريخ طرف وڌيڪ آهي، پوءِ جڏهن هو مولانا غلام محمد گرامي جي صحبت ۾ آيو ته سندس انهيءَ لاڙي جي حوصلي افزائي ٿي. انهي جوذڪر ڪندي الانا هڪ انٽرويو ۾ چيو: ”ٻن ماڻهن منهنجي ادبي زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو، انهن ۾ هڪڙو هو مولانا غلام محمد گرامي، ٻيو هو مرحوم سلطان علي فدائي، انهن ٻنهي بزرگن جي اثر جي ڪري ”ڪرئيٽو لٽريچر“ يا تخليقي ادب ڇڏي يعني افساني ۽ ناول کي ڇڏي طبيعت جو سارو رجحان تاريخ ۽ ثقافت طرف وڌي ويو. انهيءَ ڪري مون افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا ۽ تاريخي مضمونن ۽ سنڌ جي آرڪيالاجي ۽ سنڌ جي تهذيب۽ تمدن طرف منهنجو رجحان هليو ويو. انهيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ مولانا گرامي جو آهي جيڪو مون کي انهيءَ پاسي گهلي ويو. “
    الانا صاحب لسانيات جي ماهر جي حيثيت سان سڄي ملڪ ۾ مڃيل حيثيت رکي ٿو ۽ انهيءَ موضوع تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم، مضمونن، مقالا ۽ ڪتاب لکيا اٿس، انهي ڏس ۽ سندس لکيل ڪتاب ”سنڌي صوتيات“ لسانيات جي شاگردن لاءِ بنيادي اهميت وارو ڪتاب ڌار ماڳن ۽ مڪانن تان هٿ ڪيو ويو آهي. لاڙ جي ثقافت جو مڪمل احوال هن ٿيسز ۾ آڻڻ آسان نه آهي، تنهن هوندي به ڪن مکيه مکيه پهلوئن تي روشني وڌي ويئي آهي.“
    الانا صاحب جي ڇپيل تحقيقي ۽ ترتيب ڏنل سنڌي اردو ۽ انگريزي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    1- لاش (ناول-1952ع) 2- چور (ڪهاڻيون-1954ع)، 3- ناصر خسرو ايراني (سوانح 1961ع)، 4- منتخب ديوان فاضل (ترتيب-1964ع)، 5- سنڌي صورتخطي (1964ع)، 6- سنڌي نثر جي تاريخ (1966ع)، 7- ادبي اوسر (ترتيب-1967ع)، 8- سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ (1971ع)، 10- علمي آئينو (ترتيب-1972ع)، 11- سنڌي زبان جي بنيادي لغت (ساٿي ايڊيٽر-1973ع)، 12- سنڌي زبان جي ڪاروباري لغت (ساٿي ايڊيٽر1973ع)، 13- سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد (1974ع)، 14- سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري (1974ع)، 15- سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي (1974ع)، 16- پهريون سنڌي ڪتاب (غير مادري زبان)، 17- سنڌي معلم، 18- منتخب سنڌي شاعري. 19- لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (1976ع)، 20- تحريک پاکستان مين سندهه کا حصه (اردو)، 21- سنڌي اٺون ڪتاب، 22- سنڌي ٻولي جو اڀياس، 23- ورثو، 24- Arabic element in Sindh، 25- Information to sindhi literature، 26- سنڌي ٻولي جي ارتقا (2006ع)، 25- سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر (2010ع).
    ڊاڪٽر غلام علي الانا کي سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم تي مڃتا طور ڪيترن ئي ادبي انعامن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو. 1993ع ۾ صدر پاڪستان پاران علاما اقبال يونيورسٽيءَ ۽ سنڌالاجي ۾ ڪيل بهترين خدمتن جي مڃتا طور ”ستاره امتياز“ جو سول ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.


    غلام حسين رنگريز

    سٺ وارو ڏهاڪو، ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۽ سنڌ جي قومپرست تحريڪ جي اُڀار جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ اهم حيثيت والاري ٿو. انهيءَ ڏاڪي ۾ سنڌ جي باشعور اديب سنڌ جي حقن ۽ تشخص جي جدوجهد ۾ مهڙ واري دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو .انهي وقت سنڌ اندر ڌارين خلاف، اديبن سان گڏ وطن دوست ماڻهن، شاگردن ۽ ٻين طبقن به اهم ڪردار ادا ڪيو، غلام حسين رنگريز انهيءَ دور ۾ مهڙ واري دستي جو هڪ اهم رُڪن ٿي اُڀريو.

    سوانح:
    غلام حسين رنگريز 18اپريل 1945ع تي ميرپور بٺوري ۾ شفيع محمد رنگريز جي گهر ۾ جنم ورتو. شرعاتي تعليم ميرپور بٺوري ۾ ئي حاصل ڪيائين. اڳتي هلي ايم اي پوليٽيڪل سائنس، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. پاڻ 1963ع ۾ پرائمري استاد ٿيو. 1967ع ۾ سيڪنڊري استاد ٿيو ۽ 1977ع ۾ وائيس پرنسپال جي عهدي تان رٽائرد ڪيائين.

    ادبي اوسر
    غلام حسين رنگريز کي اسڪول جي زماني کان وٺي ادبي ڪتابن جي پڙهڻ، مضمونن ۽ شعرن لکڻ سان خاص دلچسپي رهندي آئي.تنقيد، شاعري ۽ فلسفو، علم، ۽ فن سندس پسنديده موضوع رهيا آهن. انهن ڏينهن ميرپور بٺوري ۾ ”بزم ادب“ ۽ ”تحريڪ تعمير ادب“ جون ادبي محفلون ٿينديون هيون. جن ۾ رنگريز سرگرميءَ سان حصو وٺندو هو ۽ انهن ادارن سان سلهاڙجڻ سان سندس لکڻين ۾ پختگي، مقصديت، معنويت، رنگ ۽ رچاءَ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس وابستگي سنڌي ادبي سنگت سان ٿي، جنهن جي ڪري مٿس جديد ۽ ترقي پسند اثرن رنگ ڄمايو.
    غلام حسين رنگريز جي علمي ۽ ادبي تربيت ۾ عبدالفتاح عبد بٺورائي جوبه وڏو حصو رهيو، جيڪو پنهنجي وقت جوانتهائي ذهين، ڄاڻو، تحرير توڙي تقريرجو شهسوار ۽ بهترين شاعر پڻ هو. عبدالفتا عبد، نه رڳو ”بزم صوفياءِ سنڌ“ سان لاڳاپيل هو، پر هو جديد فڪر ۽ قومپرستي واري شعور سان مالامال هو. رنگريز سندس ساٿ ۾ نه رڳو ادبي سر گرمين، پر قومي تحريڪن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو ۽ ذهني طور تي محترم جي ايم سيد جي قومي فڪر ۽ترقي پسند سوچ جي ڪري مقامي توڙي غير مقامي سطح تي عتاب جونشانو بنايو ۽ کيس 1974ع ۾ گرفتار ڪري اڍائي مهينا سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رکيو ويو. مٿس الزام هو ته هن محترم جي ايم سيد جي ڪراچي ۾ ٿيل سالگرهه جي موقعي تي ٿيل مشاعري ۾ پنهنجو شعر پڙهيو.
    نه رڳو اهو پر مارشلا جي دور ۾ کيس ذهني ۽ جسماني طور تي تنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڳوٺ ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي مان بدلي ڪري مختلف هنڌن تي رکيو ويو. ائين رنگريز پنهنجي ترقي پسند سوچ ۽فڪر رکڻ سبب مٺياڻي،نوابشاهه، حيدرآباد، خيرپور ميرس ۽ ڪراچي ۾ نوڪريءَ سانگي هلندو رهيو. سندس اها دربدري ڪيترائي سال جاري رهي. انهيءَ دوران غلام حسين انگريز جا تحقيقي، علمي ۽ ادبي مقالا نهايت اهم حيثيت والارين ٿا. تنهن کانسواءِ پاڻ ڪهاڻيون لکيائين۽ ترجما پڻ ڪيا اٿس. گڏوگڏ هڪ سٺو ڪالم نويس پڻ رهيو آهي. سندس ڪالم ”جي چوانءِ سچ“ ڪافي وقت ”عوامي آواز“ ۾ ڇپجندو رهيو.

    سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
    غلام حسين رنگريز جي سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي ۽ سندس غير تڪراري شخصيت هئڻ جي ڪري 1988ع ۾ کيس ان وقت سنگت جو بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو جڏهن سنگت پنهنجي غير تڪراري ۽متحده محاذ واري حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ سخت ڪوشان هئي. رنگريز جو سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل وارو دور حقيقي معنى ۾ سنگت جو اڪيڊمڪ دور رهيو. پاڻ پنهنجن ٻن سالن جي پيريڊ دوران،سنگت کي حقيقي معنى ۾ ادبي تنظيم بنائڻ لاءِ زبردست ڪوشش ڪيائين ۽ انهيءَ ۾ڪامياب ويو،نه رڳو اهو پر انهي وقت ٺهندڙ سنڌي قومپرستن جي اتحاد ”سنڌ قومي اتحاد“ بابت به سنگت جو موقف چٽي نموني رکيائين ۽ سنگت کي ڪنهن سياسي اتحاد ۽ تنظيم جي ذيلي فرنٽ کان بچائڻ ۽ فڪري طور تي متحده محاذ طور قائم رکڻ لاءِ زبردست ڪوششون ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڪافي ويجها دوست پڻ مٿس ناراض ٿيا. اڳتي هلي اهو اتحاد پان مرادو اختلافن جي ور چڙهي ختم ٿي ويو ۽ وقت ثابت ڪيو ته غلام حسين رنگريز جو موقف صحيح هو.
    تنهن کانسواءِ 1988ع وارين ملڪي چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ بحال ٿيل جمهوريت ۽ مارشلا جي خاتمي تي پڻ تنظيمي طور تي سنڌي ادبي سنگت جو لائحه عمل ۽ پاليسي طور، ڪاروباري ڪميٽي کان هڪ دستاويز منظور ڪرايائين. سنگت جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو، جو سنگت موجوده ملڪي صورتحال ۽ جمهوريت بابت چٽو لائحه عمل اختيار ڪيو ۽ جمهوري عمل جي آجيان ڪئي ويئي، انهي لائحه عمل واري دستاويز ۾ چيو ويو:
    ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ، ملڪ ۾ بحال ٿيل جمهوريت تي مشروط اطمينان جو اظهار ڪندي، هن نقطه نظر جي پذيرائي ڪري ٿي ته جمهوريت جي قيام سان گڏ،ان جي استحڪام جي لاءِ سوچڻ، لوچڻ ۽ لکڻ به اديب جي ذميدارين ۾ شامل آهي.
    سنڌي ادبي سنگت چاهي ٿي ته هن ملڪ جي سڀني ماڻهن کي سڀئي جمهوريت حق ۽ آزاديون بنا ڪنهن امتياز ۽ تخصيص جي ملڻ گهرجن، جمهوريت جي قيام ۽ استحڪام جو مدار وڌيڪ جمهوريت هئڻ تي آهي.
    جمهوريت جي قيام بعد اديب ۽ عوام جو رول ختم نٿو ٿئي، پر ويتر وڌي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن جي آپيشاهي، ساڻس لاڳاپيل مستقل مفادن جي ڦرلٽ ۽ ڪامورا شاهيءَ جو ڏاڍ هڪ طرف وڌڻ جو خطرو درپيش رهي ٿو ته ٻئي طرف جمهوريت دشمن قوتن جي سازش جا سلسلا تيز ٿيو وڃن. اهڙي صورتحال ۾ اديب ۽ عوام جو محض ڪنهن مخصوص گروهه جي فائدي ۾ ملڪي معاملن کان لاتعلق رهي خوشفهمين جي جنت ۽ فرحت جي خيالي ننڊ سمهڻ جو عمل درست نه آهي. انهيءَ ٻٽي ذميواري کي شعوري طرح سمجهڻ ۽ زندهه مسئلن تي بنا ڪنهن مصلحت جي خيالن جو اظهار ڪرڻ جمهوري روايتن ۽ قدرن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
    سنڌي ادبي سنگت نه لازمي طور تي حڪمرانن جي حمايت لاءِ ٻڌل آهي ۽ نه لازمي طرح مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهڻ جي لاءِ تيار آهي. هر اهو ڪم جيڪو سنڌي قوم، ٻولي ۽ ادب لاءِ نفع بخش هوندو، ان جي حمايت ڪئي ويندي ۽ هر اهو عمل جنهن سان سنڌي قوم کي، ادب ۽ ٻوليءَ کي تر جيترو به ڇيهو رسندو، ان جي مخالفت ڪرڻ، سنگت جو آئيني، انساني ۽ اخلاقي فرض هوندو....“
    انهن سڀني ڳالهين ۽ ڪمن کان به وڌيڪ غلام حسين رنگريز جو سنگت جي حوالي سان اهم ڪم ”سنگت پبليڪيشن“ جو قيام ۽ انهي طرفان چار پرچا ڪڍڻ هو. رنگريز جي انهي اهم قدم سبب سنگت پنهنجي حقيقي ادبي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ لڳي، سنگت پبليڪيشن جا اهي چار ئي پرچا سنگت جي تاريخ ۽ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والارين ٿا.
    انهن چئن پرچن کانسواءِ غلام حسين رنگريز پنهنجي سيڪريٽري جنرل واري دور جي ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ پڻ ڇپائي پڌري ڪئي. جيڪو پڻ سنگت جو اهم رڪارڊ آهي ۽ سنگت جي ماضيءَ جي سڄي تاريخ ۾، رنگريز جو ئي ٻه سالا دور اهڙو آهي، جنهن دوران مرڪز توڙي شاخن جي هر ٿيندڙ سرگرمي، انهيءَ ڪتابڙي ۾ محفوظ آهي.
    غلام حسين رنگريز جي علمي ۽ قلمي پورهئي طور چار ڪتاب هيستائين ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته شاعري ترجمي، ۽ مضمونن جا ڪتاب قلمي صورت ۾ وٽس موجود آهن. هيٺ انهن ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
    1- سرمد ڇا ٿو سوچي
    هي ڪتاب رنگريز جي تاريخي ۽ تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سندس مضمون ’ڌاريان ۽تاريخ جو جائزو‘، ’هنڌ خالي ڪريو تحريڪ‘، ’حقيقت حجاج جي‘ (حجاج بن يوسف بابت) انسان جي تلاش (يوناني ڏاهي ديوجانس قلبي بابت) سرمد ڇا ٿو سوچي. (صوفي سرمد شهيد بابت) ۽ ’ڏو ٿي سا ڏورين‘ شامل آهن. هي ڪتاب حقيقت ۾ تاريخ جون جهلڪيون آهن، جيڪو ڌارين پاران ٿيندڙ قومي جبر۽ مذهبي آڙ ۾ ٿيندڙ جبر بابت حقيقتن تان پردو کڻي ٿو.

    2- وکر سو وهاءِ
    غلام حسين رنگريز جو هي ڪتاب ادبي مضمونن جومجموعو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ف م لاشاري ڪتاب بابت پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”غلام حسين رنگريز جي مضمونن جي هن ڪتاب جو مقصد ۽ مواد منجهان ثابت ٿئي ٿو ته سڀني انسانن جو ماڳ ساڳيو آهي. ”وکر سو وهاءِ“ ۾ همعصر عالمي ادب منجهان هڪ سگهاري چونڊ ڪري، موضوعن تي محنت سان لکي، هڪ طرف ادب جي ڪردار ۽ اهميت کي نروار ڪيو ويو آهي، ته ٻئي پاسي پنهنجي دور جي سنڌي ادب جون ڪجهه هيڻايون سامهون آنديون ويون آهن، ته جيئن کين ختم ڪري سگهجي.....هڪڙي پاسي هعمصر عالمي ادب جي اهم نمونا آهن. ۽ ٻئي طرف پنهنجي هيڻاين کي ظاهر ڪري سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ تخليقي عمل کي سگهارو بنائڻ جو ارادو آهي.“

    3- غلام جا ٽهڪڙا
    هي ناٽڪ مشهور الف ليلوي داستانن منجهان آهي، پر اهو الف ليلى جي مروج نسخي ۾ نه آهي. هن جو سنڌي ترجمو انگريزيءَ تان ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪبير چوڌري بنگالي مان انگريزي ۾ آندو. الف ليلى جي ٻين آکاڻين جي ڀيٽ ۾ فلسفياڻي خيال آرائي ۽دل ڇهندڙ شاعري جو ميل آهي. بيشڪ هن ڪتاب جو ترجمو، سنڌي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آهي. هن جو تعاروف مولانا گرامي لکيو آهي.

    4- اکين اُڃ اَپار
    هي غلام حسين رنگريز جي شاعري جو مجموعو آهي. جنهن ۾ سندس گيت، غزل وايون ۽ نظم شامل آهن. هي ڪتاب 2005ع ۾ ڇپيو.


    ڊاڪٽر فهميده حسين

    سنڌي ادب ۾ فهميده حسين جو نالو ”گهڻ رُخي“ شخصيت طور ورتو وڃي ٿو. هو هڪئي وقت ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، محقق، مترجم ۽ ايڊيٽر جي سڃاڻپ رکڻ سان گڏ تعليمي ماهر جي حيثيت سان به سڃاتي وڃي ٿي.

    سوانح
    فهميده حسين 5جولائي 1948ع تي ٽنڊوڄام ضلع حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد يعقوب ميمڻ آهي، جيڪو پنهنجو دور جو مشهور اُستاد هو. هن کي پڻ ادب سان ڪافي شغف هو. سندس هڪ ڪتاب حافظ شيرازي جي چونڊ شعر جو سنڌي ترجمو ”ديوان حافظ“ جي نالي سان 1983ع ۾ شايع ٿيو. هن جو تخلص ”نياز“ هو. هن پنهنجي اولاد جي اهڙي ته سهڻي تربيت ڪئي، جو اڳتي هلي سندس وڏو فرزند سراج نه رڳو سنڌي ٻولي جو ناميارو ليکڪ بنيو، پر وڏو محقق ۽ قانوندان بنيو. سندس ٻيو نمبر پٽ عبدالحق عظيم پڻ سٺو ليکڪ ۽ بادل رسالي جو ايڊيٽر رهيو ۽ فهميده حسين پنهنجي جدا ۽ منفرد سڃاڻپ پيدا ڪئي.
    فهميده حسين شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. سندس والد محمد يعقوب ”نياز“ سندس پهريون استاد هو. ميٽرڪ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. بي ايس سي ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان ۽ ايم اي (انگريزي) ٻي پوزيشن ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ٻي پوزيشن سان ڪئي، ايل ايل بي ۽ پي ايڇ ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي جي موضوع ”شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ“ هو.
    ڊاڪٽر فهميده حسين 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيو ڪيشن ۾ انگريزي جي ليڪچرار مقرر ٿي. 1978ع کان ڪراچي يونيورسٽي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جتي پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن رهي. 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽي جا ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر“ جي ڊائريڪٽر رهي ۽ 2008 کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن آهي.

    ادبي اوسر
    ڊاڪٽر فهميده حسين جو ننڍي هوندي کان ئي ڪتابن ۽ علم و ادب سان رابطو رهيو. هن پهرين ڪهاڻي 1958ع ڌاري لکي، جڏهن هوءَ چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي. پنهنجي پهرين ڪهاڻين لکڻ جي وارتا جو ذڪر ڪندي هن لکيو:
    ”منهنجي ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري هوندي هئي. جنهن جي دل پڙهڻ ۾ ڪانه لڳندي هئي. سدائين گم سم ۽ ماٺ ماٺ رهندي هئي. غائب دماغ اهڙي هوندي هئي، جو ڪلاس ۾ ڪا ٽيچر کانئس ڪو سوال ڪندي هئي ته ائين ڇرڪ ڀريندي هئي، ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا مان واپس آئي هجي. اُستادن مٿس نالو رکي ڇڏيو هو ”ڪُند ذهن“! جڏهن منهنجي ان سان دوستي ٿي تڏهن مون کي خبر پئي ته گهر ۾ ماٽيلي ماءُ جي رويي ۽ پيءُ جي بيحسيءَ هن کي زندگيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيو هو ۽ هن کي ڄڻ پڙهائي سميت ڪنهن به شئي سان دلچسپي ڪانه هئي....مون هن جي ڏک کي محسوس ڪري روئي ڏنو هو ۽ پنهنجا جيڪي تاثر لکيا هئم، تن کي ”ڪُنڊ ذهن“ جو عنوان ڏئي بابا کي ڏيکاريو هئم. بابا ان کي ڪهاڻي سڏيو هو ۽ ان کي ڪنهن رسالي ۾ ڇاپڻ لاءِ موڪلي ڏنو هو“
    فهميده حسين جي گهر ۾ تمام گهڻا ڪتاب هوندا هئا. ڪيترا ٻارن جا رسالا پڻ ايندا هئا،جيڪي هوءَ شوق سان پڙهندي هئي.انهن ڏينهن ۾ ٻارن جي رسالن ۾ سندس لکيل ڪهاڻيون ڇپبيون هيون. هن جي اها مشق مئٽرڪ تائين جاري رهي، پوءِ 1967ع ۾ ڊي جي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران اُتي جي ادبي سوسائٽي جي سرگرمين ۾ سرگرم حصو وٺندي هئي ۽ ڪاليج جي سالياني مخزن ۾ ڪهاڻيون لکيائين. انهي ئي دور ۾ باقاعده ادبي رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽مضمون ڇپجڻ شروع ٿيس.

    ادبي صفحن ۽ رسالن جي ادارت
    1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ته کيس ”بادل“ رسالي ۾ عورتن جو ڀاڱو ايڊٽ ڪرڻ جي آڇ ٿي. پاڻ ٻه سال اها ذميداري خوش اسلوبيءَ سان نڀايائين. 1971ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ موٽي آئي ۽سندس وڏو ڀاءُ سراج الحق ميمڻ پيپلز پارٽي جي دور ۾ روزاني ”هلاپاڪستان“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ته فهميده حسين ”سگهڙين سٿ“ جي نالي سان ڀينرن جو صفحو سنڀالڻ شروع ڪيو. انهي صفحن کي سنڀالڻ دوران پاڻ ڪيترن ئي فرضي نالن سان مختلف ليک ۽ ڪهاڻيون وغيره لکيائين، جن ۾ تسنيم يعقوب، فهميده تسنيم، فهميدا ميمڻ ۽ فهميده حسين جا نالا شامل آهن، جنهن جوذڪر ڪندي هن لکيو. ”فرضي نالن ۾ هزارين صفحا لکيا اٿم، پر جڏهن ادبي تاريخ ۾ منهنجي حصي جي ڪٿ ٿيندي ته انهن مان ڪيترائي صفحا خارج ٿي ويندا.“
    اڳتي هلي جڏهن روزاني ”جاڳو“ جو اجراءَ ٿيو ته فهميده حسين ان پاران عورتن جو صفحو ”سرتيون“ پڻ سنڀاليو. انهي ۾ پڻ سندن ڪافي ليک اصل توڙي فرضي نالن سان ڇپيا.
    فهميده حسين ماهوار ”سوجهرو“ جي پهرين دور (ستر واري ڏهاڪي) جي شروعات ٽيم ۾ پڻ شامل هئي. انهيءَ ۾ پاڻ ڪيترائي انٽرويو ڪري شايع ڪرايائين.
    1988ع ۾ جڏهن ملڪ مان مارشلا جي خاتمي کانپوءِ محترم بينظير ڀٽو جي حڪومت قائم ٿي ته فهميده حسين پنهنجي ڀيڻ انيسا رحمٰن جي نالي سان عورتن جو هڪ ماهوار رسالو ”سگهڙين سٿ“ ڪڍيو، جيڪو ٻه سال کن هليو. انهي ۾ هن ڪيترن ئي نين ليکڪائن جي همت افزائي ڪئي.

    سيمينار ۽ ڪانفرنسون
    1. سنڌ جي سماج ۾ عورتن کي نه صرف ادب پر ٻين ميدانن ۾ پڻ اڳتي آڻڻ لاءِ هن ڪافي پاڻ پتوڙيو سال 1972ع ۾ هن ”سگهڙين سٿ“ جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي سنڌي ليکڪائن جي همت افزائي ۽سڃاڻپ لاءِ پهرين ادبي ڪانفرنس (صرف عورتن جي ادب بابت) ڪوٺائي جنهن جي صدارت ماهتاب محبوب ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ سموري سنڌ مان اهم ليکڪائن اچي شرڪت ڪئي.
    2. اپريل 1981ع ۾ سنڌ جي تاريخ جي پهرين عورت ڪانفرنس ڪراچي جي شاهه لطيف اسڪول ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي سيڪريٽري فهميده حسين هئي. ان يادگار ڪانفرنس ۾ سموري سنڌ مان تعليمي ماهر عورتن، سماجي ڪارڪنن ۽ اديبائن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
    3. شاهه لطيف چيئر واري مدي دوران هڪ بين الاقوامي،هڪ قومي ڪانفرنس ۽ ڪيترا سيمينار ڪرايائين ۽ انهن جا مقالا ايڊٽ ڪري شايع ڪرايا.

    ڪلاچيءَ جو اجراء
    1998ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر فهميده حسين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر مقرر ٿي ته پاڻ ٻين ڪيترن ئي رٿائن سان گڏ هڪ سه ماهي تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ جو اجراءَ ڪيائين. انهي تحقيقي جرنل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ سان گڏ ٻين موضوعن تي پڻ مواد ڇپجندو آهي. اڳتي هلي انهيءَ جا اردو ۽ انگريزي سيڪشن به شروع ڪيا ويا.
    سندس دور ۾ ٽماهي ڪلاچي تحقيقي جرنل جا چاليهه پرچا باقاعدگي سان نڪتا، جيڪو سنڌي رسالن جي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي. ان کانسواءِ سندس دور ۾ ٻاويهه ڪتاب شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي تحقيقي انداز ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا.
    ڊاڪٽر فهميده حسين شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي انسائيڪلو پيڊيا وارو پراجيڪٽ منظور ڪرائي ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ اڃا اهو ڪم هلندڙ آهي. ان کانسواءِ ٻانهي خان شيخ جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو (مڪمل معنائن ۽ اُچارن سان) ڇاپيو ۽سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت تيار ڪئي.

    بحيثيت ترجمي نگار
    ڊاڪٽر فهميده حسين هڪ سٺي ترجمي نگار پڻ آهي. هن ’جي اي گريئر سن‘ جي مشهور ڪتاب Linguistic survey of India جو سنڌي ۾ ترجمو ”برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو“ جي نالي سان ڪيو. جيڪو 2000ع ۾ ”سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري“ پاران شايع ڪيو ويو. هي ضخيم ڪتاب ڊاڪٽر صاحبه نهايت محنت ۽ خوش اسلوبيءَ سان ترجمو ڪيو. ڪتاب ۾ مترجم جي حيثيت سان، ڪتاب جي اهميت جو بيان ڪندي هوءَ ”مترجم پاران ٻه لفظ“ ۾ لکي ٿي:
    ”هي ڪتاب سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد، ارتقا توڙي سٽاءُ ۽ ساخت يا گرامر جي بيان ۾ بنيادي ۽اهم ڪتاب رهيو آهي. جيتوڻيڪ ان کانپوءِ، ان کان وڌيڪ بهتر ۽ وڌيڪ تحقيق وارا ڪيئي ڪتاب اچي چڪا آهن، ڪيترائي نوان نظريا ان جي رد ۾ پيش ٿي چڪا آهن، پر ته به هن ڪتاب جي اهميت گهٽ ڪانه ٿي آهي. سنڌي جي دادري ٻولين ۽ لهندا سان رشتي ناتي قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ گريئرسن جو پنهنجي ليکي هڪ جداگانه ۽ منفرد رايو آهي. ۽ ان مان ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سميت ڪيترن ئي عالمن پنهنجن ڪتابن ۾ استفعادو ڪيو آهي ۽ اهو سنڌي ٻولي جي تاريخ جي بيان ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو“.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا ترجمي جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”هي ڪتاب نه فقط هڪ جڳ مشهور ڪتاب آهي پرسنڌي ۽ لهندا زبانن جي ڳالهائيندڙن لاءِ هي هڪ اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. هيءَ ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد“ جي مطالعي، سنڌي ٻولي جي (گرامر) جي مطالعي، سنڌي ۽ برصغير جي ٻين زبانن جي تقابلي مطالعي، سنڌي ۽ لهندا جي لهجن جي اونهي تقابلي اڀياس ۾ تمام گهڻي مدد ڪري ٿو. هي ڪتاب هر دور ۾ پنهنجي اهميت جتائيندو رهيو آهي ۽ اڳتي جتائيندو رهندو“.
    مٿين ڪتابن ۽ رسالن جي ايڊيٽنگ، ترجمي ۽ سهيڙ کانسواءِ ڊاڪٽر صاحبه جا ٻيا ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ مقالا پڻ مختلف رسالن، جهڙوڪ: ڪلاچي وغيره ۾ ڇپيل آهن. سندس هفتيوار ڪالم ”الامان اڏري ويندي سانءِ“ ڪافي سالن تائين روزاني عوامي آواز ۾ پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائيندو رهيو.
    ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌجي ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان تان ”سنڌي اردو بول چال“ پرگرام ذريعي سموري سنڌ جي غير سنڌين لاءِ تدريسي ڪورس پڙهايو، جيڪو لاڳيتا ست سال هليو.
    اهڙو ساڳيو ڪورس هن وقت 2009ع ۾ پڻ ريڊيو پاڪستان تان پڙهائي رهي آهي.
    ان کانسواءِ هوءَ ريڊيو ۽ ٽي وي پرگرامن ۾ ڪمپيئر ۽ماڊسٽر طور پڻ شامل ٿي چڪي آهي.

    سماجي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي
    ڊاڪٽر فهميده حسين ملڪ جي اهم علمي، ادبي ادارن سان پڻ واڳيل رهي. جهڙوڪ ميمبر بورڊ آف گورنرس اڪاڊمي ادبيات پاڪستان، سنڌ يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جي ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر، سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر، سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي جي صلاحڪاري بورڊ جي ميمبر پڻ رهي. ان کانسواءِ 1981ع ۾ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ٿيندڙ ”عورت ڪانفرنس“ جي سيڪريٽري مقرر ٿي، سنڌي عورتن جي پهرين تنظيم ”سنڌي عورت تنظيم“ جي باني ۽ پهرين جنرل سيڪريٽري پڻ رهي. سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئشن جي خواتين شاح جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري هڪ کان وڌيڪ ڀيرا رهي آهي ۽ مرڪزي بورڊ آف ڊائريڪريٽر جي ميمبر پڻ آهي.
    ڊاڪٽر فهميده حسين کي سندس علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن جي عيوض مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ، ميڊل، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون مليل آهن.جن ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان بهترين تحقيقي ليکڪا جو ايوارڊ 1995ع ۾، سگا طرفان بهترين ليکڪا جوايوارڊ 1996ع ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد پاران سندس ڪتاب ’ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ‘ تي 2002ع جي بهترين سنڌي ڪتاب جو انعام پڻ مليو. ڊاڪٽر فهميده حسين جا ٻيا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.
    (1)شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ (جنهن جو اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڇپيل آهن.) (2) هوائن جي اَڌار (سفرنامو) (3) ادبي تنقيد: تنقيد فن ۽ تاريخ (1997ع) (4) هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون (ڪهاڻيون 2003ع) (5) سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت (ترتيب: 2004ع)، سنڌي ـ اردو بول چال (2011ع) ۽ ٻيا ڪيترائي سهيڙيل ڪتاب شامل آهن.


    فضل احمد بچاڻي

    ڪنهن به ٻولي جو ادبي عمل پنجن بنيادن تي ٻڌل ٿئي ٿو. اهي آهن: ”تخليق، ترجمو، تنظيم، تنقيد ۽ تحقيق“ جنهن به ٻولي جا رکوال انهن پنجن بنيادن مان ڪنهن به هڪ بنياد کي نظرانداز ڪري ويهن ٿا، اهي عمارت جي تعمير واري ڪم جا مزدور ته ٿي سگهن ٿا، پر ڪاريگر نه، جيئن ڪاريگر جو ڪم هوندو آهي هڪ مڪمل ۽ خوبصورت عمارت ٺاهڻ، تيئن ٻوليءَ جي جهولي ڀريندڙ جو ڪم هوندو آهي ٻوليءَ جي مڪمل خدمت ڪرڻ ۽ نه هڪ مزدور جيان مزدوري وهي جند ڇڏائڻ..
    ترجمي جي اهميت رڳو اها ڪونهي ته هڪ ٻولي جا شهپارا ٻي ٻولي ۾ پڙهڻ جي لاءِ ملن ٿا، پر ترجمو هڪ اهڙو شعوري عمل آهي، جنهن ذريعي هڪ حساس فرد پنهنجي ٻوليءَ ۾ نوان خيال ۽ نوان پئمانا متعارف ڪرائي ٿو. ’ترجمي جي ٻي اهميت آهي بين الاقواميت.. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته انسان انفراديت پسند آهي ۽ خاص ڪري پوري انسانيت جي رنگ ۾ رتل ٿئي ٿو. هڪ انسان جا تجربا ۽ مشاهدا هن جا پنهنجا هوندي به پوري انسانيت جاتجربا ۽مشاهدا هوندا آهن.۽ پوري انسانيت جا تجربا ۽مشاهدا هڪ فرد جا تجربا ۽ مشاهدا ٿيندا آهن. وحدت ۾ ڪثرت ايئن ٿئي ٿي ۽ ڪثرت ۾ وحدت جو اهو ئي راز آهي، ترجما علم ۽ ادب جي دنيا ۾ وحدت ۽ ڪثرت جي انهيءَ عمل کي وڌائين ٿا. ترجمي جي ذريعي مترجم پڙهندڙن جي منهن ۾ جڙتو زبان ڏيڻ جي بدران سندن ٻولي ۾ کين ٻين جي تجربن ۽مشاهدن کان آگاهه ڪري ٿو .“
    ورهاڱي کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ ۾ منظم نموني ترجما ڪيا ويندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ انهي جي اهميت تمام گهٽ ماڻهن محسوس ڪئي. مرحوم فضل احمد بچاڻي به انهن مان هڪ هو، جنهن پنهنجن ترجمن وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي مالامال ڪيو.

    سوانح
    فضل احمد بچاڻيءَ 11اپريل 1934ع تي ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ٽنڊي الهيار ۾ ئي حاصل ڪيائين. بي اي 1961ع ۾ ايم اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. فضل احمد لکڻ جي شروعات 1956ع کان ڪئي. سندس پهريون ليک ”گل ڦل“ رسالي ۾ ڇپيو. پهريون افسانو ”نوري“ اپريل 1956ع ۾ ماهوار ”تقاضا“ لاڙڪاڻي ۾ ڇپيو. فضل احمد جو پهريون غزل ماهناما ”فلمي دنيا“ حيدرآباد جي جنوري 1957ع واري پرچي ۾ ڇپيو. انهيءَ سال ”سنڌي ادبي سنگت“ پاران سندس افساني ”سوکڙي“ کي بهترين افسانو قرار ڏنو ويو.سندس پهريون تنقيدي ليک ماهوار ”هلال پاڪستان “ حيدرآباد جي جنوري 1958ع واري پرچي ۾ ڇپيو. پهريون مضمون ”سروري ميگزين“ هالا جي 1956ع واري پرچي ۾ ڇپيو. سڀ کان پهريون اردو غزل ماهناما ”آپڪي صفت“ جي نومبر 1960ع واري پرچي ۾ ڇپيو. تنهن کانسواءِ هفته روزه ”ليل ونهار“ ماهناما ”آداب عرض“ وغيرهه ۾ به سندس اردو مضمون ۽ افسانا شايع ٿيندا رهندا هئا.
    فضل احمد بچاڻي سڀ کان پهرين نوڪري رواني ”فتح اسلام“ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي. تنهن کانپوءِ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو. اول اطلاعات کاتي ۾ اسسٽنٽ ۽ پوءِ ميرپورخاص ضلعي جو پبليڪيشن آفيسر بڻيو. اتان استعيفا ڏيڻ کانپوءِ حبيب بينڪ لميٽيڊ ۾ نوڪري ڪيائين ۽ اسسٽنٽ وائيس پريذيڊنٽ جي حيثيت ۾ استعيفا ڏيئي حيدرآباد ۾ پيٽرول پمپ کوليائين. ٿورو وقت ٻنيون ٻارا سنڀالڻ جي ڪوشش ڪيائين. نيٺ 1979ع بعد ۾ سڀ ڪم ڇڏي گوشئه نشيني ۽ تصنيف ۽ تاليف جو شغل اختيار ڪيائين.
    فضل احمد بچاڻي 23آگسٽ 1987ع تي وفات ڪئي.

    ادب لاءِ ڪوشش
    1961ع ۾ ٽنڊوالهيار ۾ ”دالترجمه سنڌ“ قائم ڪري ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري ڇپايائين. سندس ترجمو ڪيل ۽ اصلوڪن لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    1-سپون (خليل جبران جي چونڊ افسانن جو مجموعو-پهريون ڇاپو جولاءِ 1961ع ۾ ڇپيو)
    2-عاشي (هينري رائڊر هيگرڊ جي ڪتاب SHE جومڪمل ترجمو-پهريون ڇاپو 1961ع ۾ ڇپيو)
    3-روح جي ڳولا (انگريزي ڪتاب SHADOWs In the wal جو ترجمو 1961ع)
    4-نازبو:طبعزاد افسانن جو مجموعو 1962ع
    5-عجب اسرار: Belive it or not جي طرز تي تاليف ۽ترتيب ڏنل 1962ع
    6-سڌارٿ: (هرمن هيس جي نوبل انعام يافته ناول جو ترجمو 1982ع).
    7-سزاجا سک (آسڪر وائلڊ جي خطن ۽ مضمونن جو ترجمو:1983ع)
    8-آسيه:عاشي جي واپسي (هينري رائڊر هيگرڊ جي ڪتاب: Aesha the Return of She جو مڪمل ترجمو-1983ع)
    9-تصوير جو خون (آسڪر وائلڊ جي ناول Picture of Dorian Grayجو مڪمل ترجمو-1983ع)
    10-سورن سانڍياس (وڪٽر هيوگو جي ناول La-miserableجوترجمو-اڻ ڇپيل)
    11-اڳي ائين هياس (ڀاڱو پهريون) يادگيريون 1984ع.
    12-اڳي ائين هياس (ڀاڱو ٻيو) يادگيريون 1985ع.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ مرحوم فضل احمد بچاڻيءَ جا ٻيا انيڪ افسانا، مضمون، شعر لکيل ۽ ترجما ڪيل آهن.


    فقير محمد لاشاري

    سنڌي ادب ۽ صحافت جي گهڻ پاسائين شخصيتن ۾ ”فقير محمد لاشاري“ جو نالو مٿڀرو نظر ايندو. هو هڪئي وقت هڪ بي باڪ صحافي، سٺو ڪهاڻيڪار، بهترين نقاد، سٺو نثر نويس ۽سياسي تجزيه نگار هئڻ سان گڏ، هڪ بهترين نظرياتي ورڪر ۽ ترقي پسند فڪر جي آبياري ڪندڙ هو.

    سوانح
    فقير محمد لاشاري 4سيپٽمبر 1951ع ۾، گاجي کهاڙو، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محترم محمد حسن لاشاريءَ جي گهر۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ورتائين. سيڪنڊري جي تعليم مئٽرڪ سوڌي هاءِ اسڪول وارهه مان ڪيائين.ان وقت گاجي کهاوڙ ۾ وڌيڪ تعليم جون سهولتون نه هيون، تنهن ڪري هو روزانو ڇهه ميل سائيڪل تي چڙهي هاءِ اسڪول وارهه پهچندو هو. ان وقت کيس تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ جن تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، تن کيس سڄي زندگي ۾ جدوجهد ڪرڻ جو هڪ سٺو سبق ڏنو. مئٽرڪ کان پوءِ انٽر ڪامرس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيائين. ڪاليج جي تعليم دوران سندس واسطو ترقي پسند تحريڪ سان ٿيو.
    1972ع ۾ فقير لاشاري پرائمري ماستر مقرر ٿيو. ان نوڪريءَ جي سلسلي ۾ کيس گاجي کهاوڙ ۽ لاڙڪاڻي ضلع جي ٻين ڳوٺن ۾ پنهنجو خدمتون سرانجام ڏيڻيون پيون.
    هاءِ اسڪول وارهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران، کيس محمد ابراهيم ميراڻيءَ جهڙو لائق استاد مليو. جيڪو هڪ روشن خيال ۽ قوم پرست شخص هو. هن نه رڳو شاگردن ۾ قومپرستيءَ وارا جذبا جاڳايا، پر منجهن سنڌي ۽ترقي پسند ادب پڙهڻ جو شوق جاڳايو. فقير محمد به اُن استاد جي صحبت ۾ ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند سوچ ڏانهن مائل ٿيو. سندس انهن ڪوششن جي ڪري، نوجوان نسل پيري مريدي،وڏيرا شاهي ۽ ٻين اهڙين خراب ريتن ۽ رسمن جي خلاف پرچار ڪرڻ انهن جي اثرن کان نڪرڻ شروع ڪيو.
    ان عرصي دوران، گاجي کهاوڙ جي مقامي وڏيري کي لاشاري مرحوم جون اهي سرگرميون نه وڻيون ۽ فقير محمد لاشاري مٿان، ملحد، ڪافر، ۽ ڪميونسٽ هئڻ جا الزام هڻي تعليم کاتي جي عملدارن کي درخواستون ڪيون ويون،نتيجي ۾ مٿس انڪوائري ڪرائي ويئي. بهرحال درخواست گذار ته انڪوائري آفيسر ته دٻاءُ وجهي، رپورٽ پنهنجي حق ۾ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وڏيرا شاهي اُتي مات کائي ويئي.
    اڳتي هلي، فقير محمد، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي سنگت ۾ آيو، جيڪو اُن وقت ”ارباب سنڌي“ جي نالي سان لکندو هو. ڊاڪٽر ارباب جو لاشاري جي خيالن ۽ سرگرمين تي وڏو اثر پيو. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو سنڌ جي ترقي پسند قوم پرست سياست ۾وڏو ڪردار رهيو آهي.
    اهو سڄو عرصو فقير محمد لاشاري پرائمري ٽيچر رهيو. 77-1976ع دوران هواُتان استعيفى ڏيئي ڪمپرهينسو هاءِ اسڪول عزيز آباد ڪراچي ۾ سنڌي لينگويج ٽيچر ٿيو. ان ئي دور ۾ ايم اي اڪنامڪس ۽ ايل ايل بي پڻ ڪري ورتائين.

    صحافت ۾ آمد
    فقير محمد لاشاري 1977ع ۾ ’هلال پاڪستان‘ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور شامل ٿيو. ائين سنڌي صحافت ۽ادب جو شاندار سنگم سامهون آيو. انهي کان اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان مختيار ڪاريءَ جي لاءِ ٿيل لکت جي امتحان ۾ پاس ٿيو. پاڻ ٻه هزار اسي اميدوارن ۾ ٽيون نمبر آيو هو. بهرحال وقت جي سرڪار، کيس سياسي سببن جي ڪري اهو آرڊر نه ڏنو ۽ائين سنڌي صحافت کي فقير محمد جي روپ ۾ هڪ سگهارو قلمڪار ملي ويو، جنهن روايتي صحافت جا هڙيئي ٽرينڊ ئي بدلائي ڇڏيا. جنهن سان سماجي جوڙجڪ ۽ ترتيب ۾ صحافت جي حيثيت اهم تسليم ٿيڻ لڳي.
    پوءِ 1981ع ۾ ”هلال پاڪستان“ انتظاميه هفتيوار ”هلال پاڪستان“ مئگزين شروع ڪيو ته فقير محمد انهيءَ جو انچارج ٿيو. انهيءَ هفتيوار ايڊيشن جا ڪُل 52 پرچا نڪتا، جيڪي ادب ۽ صحافت جو نهايت شاندار سنگم هئا. اڳتي هلي فقير محمد پنهنجي شخصي ڪوششن سان ”هلال پاڪستان“ انتظاميا کان اخبار جي ماهوار ”ايڊيشن“ جي طور تي ”هلال مخزن“ ڪڍڻ جي منظوري ورتي. انهي مخزن، مارشل لا جي انهيءَ انهي اونداهي دور ۾ حقيقي معنى ۾ ٻاٽ ۾ لاٽ جو ڪردار ادا ڪيو ۽انهيءَ مخزن وڏو نالو ڪڍيو، جنهن ۾ هن ڪجهه مستقل سلسلابه هلايا ۽ ڪجهه عالمي ادب جي چونڊ ڪتابن جو اختصار به ترجمو ڪري هلايو. تنهن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي پسند ادب به ان ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپجڻ شروع ٿيو. مخزن جي مقبوليت جي ڪري اخبار کي به ڪافي فائدو پهتو. ماهوار صورت ۾ انهيءَ مخزن جو پهريون پرچو جولاءِ 1982ع ۾ نڪتو، جنهن ۾ مخزن ڪڍڻ جي مقصد کي بيان ڪندي لاشاري لکي ٿو ”ذميوار سنڌي صحافت، علم ادب سان پنهنجي لاڳاپي کي محسوس ڪري ۽ اها ماڻهن جي امانت آهي.“
    اها مخزن، ڏيڍ سال کن هلي ۽ پوءِ بند ڪرڻي پيئي، ڇاڪاڻ ته اخبار جي انتظاميا کيس گهربل آزاديءَ ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي هئي. بهر حال، ان مخزن فقير محمد لاشاري کي مشهوريءَ جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.
    ’هلال پاڪستان‘ ۾ نوڪريءَ ۾ هوندي، اخبار جي ڪارڪنن کيس ”هلال پاڪستان ورڪرز يونين“ جو صدر چونڊيو هو. فقير محمد لاشاري جي سربراهيءَ ۾ يونين جي ڪارڪنن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ جنهن جي ڪري ڪافي ڀيرا کيس اخبار جي انتظاميه جي ناراضگيءَ سان به منهن ڏيڻو پيو.

    عوامي آواز ۾
    جولاءِ 1989ع ۾، ڪراچيءَ مان پهرين مڪمل طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ سنڌي اخبار ”عوامي آواز“ جاري ٿي. فقير محمد انهن ڪجهه ماڻهن مان هو، جن ”عوامي آواز“ کي پير ڄمائڻ ۾ مدد ڪئي. پر پوءِ اخبار جي انتظاميه جي روين سبب نوبت اچي اها بيٺي جو مالڪن ماڳهين اخبار کي بند ٿي ڪيو. انهيءَ موقعي تي فقير محمد لاشاريءَ کي آڇ ڪئي ويئي ته هو اخبار جو چيف ايڊيٽر ٿئي. ڪجهه ڳڻ ڳوت ڪري ۽لکڻ جي مڪمل آزاديءَ جي آڇ کيس اهو عهدو قبول ڪرڻ تي راضي ڪيو ۽ هن ”هلال پاڪستان“ مان استعيفى ڏيئي اچي ”عوامي آواز“ جوائن ڪئي. فقير محمد جي ”عوامي آواز“ جوائن ڪرڻ سان اخبار ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو. هن پنهنجي صلاحيتن سان ٽن مهينن جي اندر ئي اخبار جي اشاعت ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏي. اخبار ۾ آندل ٻين تبديلين کان سواءِ خاص شئي سندس ايڊيٽوريل هوندا هئا. جيڪي عوام ۽ نوجوان طبقي ۾ ڪافي مقبول ٿيا. سندس چونڊ ايڊيٽوريلن جي ڇپيل ٻن مجموعن ”رُڃ جهڙي سماج ۾ موري جي رڙ“ پڙهڻ سان اهو چڱي پر اندازو ٿئي ٿو ته انهن ۾ سنڌ سان پيش ايندڙ اڪيچار مسئلن جي سٺي ڇنڊڇاڻ ڪيل هوندي هئي ۽ اهي ايڊيٽوريل ان دور جي ”سنڌ“ جي حالتن جي صحيح عڪاسي ڪن ٿا. سندس انهيءَ محنت ۽ انقلابي ڪردار جي ڪري اڳتي هلي نه رڳو سنڌي صحافت کي نوان موڙ مليا، پر ٻين اخبارن به پنهنجي حالت سڌارڻ شروع ڪري ڏني ۽ اخبارن ادارن ۾ حالتون ٺيڪ ٿيڻ لڳيون.
    فقير محمد جو ”عوامي آواز“ سان ساٿ سال يا سوا سال رهيو. ان بعد انتظاميه جي باهمي چپقلش ۽ رويي جي بدلجڻ ڪري فقير محمد کي اخبار کي الوداع چوڻو پيو ۽ فقير محمد بي روزگار بنجي ويو. ”عوامي آواز“ جي چيف ايڊيٽري جي انهي دور ۾ هو دليل ۽ بيباڪيءَ سان سنڌ جي ڪيس جو دانشور سورمو ٿي اڳيان آيو.

    جاڳو جو اجراءِ
    بيروزگاريءَ جي انهيءَ عرصي ۾ سندس ذهن ۾ هڪ نئين اخبار ڪڍڻ جو خيال آيو. هڪ اهڙي اخبار جيڪا بنيادي طرح آزاد ۽ ترقي پسند سوچ تي ٻڌل هجي. سندس ذهن ۾ هڪ اهڙي اخبار جو خاڪو هو، جيڪا غريب ۽ مسڪين عوام جو آواز هجي. هن پنهنجي دوستن سان ان رٿ تي ڳالهايو ۽ کين قائل ڪيو ۽ پندرهن ويهن دوستن جي اشتراڪ سان ”ڀٽائي پبلشنگ هائوس“ جو بنياد وجهي روزانو ”جاڳو“ جو اجراء ڪيو. اهڙي طرح اخبار جو پهريون پرچو پهرين جنوري 1991ع تي نڪتو.
    اخبار جو اِجراء فقير محمد جي زندگيءَ جي اهم مقصد هو ۽ آزاد صحافت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ۾ انهيءَ اخبار جو وڏو ڪردار رهيو آهي. اخبار جاري ٿيڻ سان ڪيترن ئي مسئلن پڻ منهن ڪڍيو، پر فقيرمحمد انهن کي مڙس ٿي منهن ڏنو ۽ اخبار جي آزادي واري پاليسي کي فقيرنهايت ئي مٿانهون رکيو. ان سلسلي ۾ هو ڪنهن به ٺاهه لاءِ تيار نه هو. سنڌ جي مسئلن تي لکڻ بعد کيس گهڻيون تڪليفون سهڻيون پيون ۽ دڙڪن کي منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ وقت سنڌ جو وزير اعلى ڄام صادق علي هو، جنهن سنڌي ماڻهن سان پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ ڪيئي عقوبتون ڪيون. فقير جي قلم مان نڪتل لفظ اهڙي وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن جي داد رسيءَ هوندا هئا. انهي دور ۾ پاڻ جيڪي ايڊيٽوريل لکيائين، سي سندس زندگي جا شهپارا آهن. بي باڪ ٿي لکڻ جي نتيجي ۾ کيس نه رڳو ڄام صادق عليءَ پاران ڌمڪيون مليون، پر کيس زمين الاٽ ڪرڻ ٻين مالي فائدن جي به آڇ ڪئي ويئي، پر فقير اهي ڌمڪيون سهندو ۽ آڇون ٺڪرائيندو رهيو.
    اڄ ٻيئي همراهه دنيا ۾ موجود ڪونهن، پر ڄام صادق عليءَ کي تاريخ ۾ سٺن لفظن سان ياد نه پيو ڪيو وڃي ۽ فقير محمد کي سنڌ هڪ سپوت ۽ بهادر پُٽ جي حيثيت سان ياد ڪري رهي آهي. جنهن مرڻ گهڙي تائين پنهنجو ڪردار ۽ قلم سنڌ لاءِ ئي استعمال ڪيو. افسوس جو ”جاڳو“ اخبار لاشاري جي وفات کان پوءِ گهڻو عرصو هلي نه سگهي ۽ بند ٿي ويئي.

    سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
    ڪنهن دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار سنڌي ترقي پسند ادب ۽ سنڌي جي حقن جي لاءِ هليل هلچلن جي حوالي سان نهايت سگهارو هو. مرڪزي سنگت کي ڇڏي ڪري ڪراچي شاخ جو ڪردار هڪ ڌار ۽ سگهاري حيثيت رکي ٿو. ڪراچي اچڻ سان فقير محمد سنگت جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. فقير محمد اٽڪل ستن سالن تائين ڪراچي سنگت جو سيڪريٽري رهيو. انهي جي شروعات سندس عملي سياست کان ڌار ٿيڻ سان ٿي. فقير عملي طور تي سنگت ڪراچيءَ کي هڪ گڏيل پليٽ فارم جي شڪل ڏني ۽ انيڪ اهڙا پروگرام ڪرايا، جن مستقل ۾ وڏي ڇاپ ڇڏي ۽ سنگت جي پليٽ فارم تان بدر ابڙي جو ڪتاب ”تنقيد نگاري جو ارتقائي جائزو“ ۽ محمد ابراهيم جويي سان ملهايل شام جي حوالي سان ڪتاب ”ادبي گڏجاڻي“ اهم حيثيت رکن ٿا. انهيءَ دور ۾ سنگت جي سنڌ جي سماجي ۽ ادبي صورتحال ۾ حيثيت رکن ٿا. انهيءَ دور ۾ سماجي ۽ ادبي صورتحال جو تجزيو ڪندي 28 آگسٽ 1986ع ۾ شاخ جي ٿيل چونڊن ۾ سالياني رپورٽ پيش ڪندي، فقير محمد انهيءَ جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:
    ”سنگت ۽ سنڌي توڙي انساني سماج هڪ ٻئي سان ڳتيل آهن ۽ هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪن ٿا. هڪ ٻئي تي دٻاءُ وجهن ٿا. ڪن هنڌن تي هڪ ٻئي سال ٺاهه ڪن ٿا. ڪن هنڌن تي هڪٻئي کي خونخوار نظرن سان ڏسن ٿا. هڪڙي پاسي انسانن جي وڏي اڪثريت اهنجن ۽ بقاءُ جي سخت صورتحال منجهان گذرندي، اناج اُپائي ٿي، ڪارخانا هلائي ٿي ۽ ايئن زندگيءَ جو ڪاروبار هلي ٿو. پئداوار بقا جي مسئلي سان ڳنڍيل آهي. خوشحالي،محبت ۽ پيار جي پئداوار کانسواءِ تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. جتي ڏڪر ۽ اڻاٺ آهي، اُتي محبتون ماڻجن ٿيون. ماڻهو، ماڻهوءَ جو گوشت ڪچو کائڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. آدمخوري، ڪنهن فيشن يا ڪنهن ڊش جوشوق نه پر ڪن حالتن جونتيجو آهي، جتي پورهيو ۽ پئداوار آزاد آهن، اُتي خوشيون آهن،ٽهڪ آهن. گيت، ناچ ۽ موسيقي آهي. تهذيب ۽ڪلچر جون پاڙون انساني پورهئي تي بيٺل آهن. ۽ سنڌي ادبي سنگت اهوسڀ شعوري طرح سمجهندي، اڄ به آدم خوريءَ جي نين شڪايتن جي خلاف آهي. ان ڪري، آدم خوريءَ جي نمائندگي ڪندڙ طبقن ۽ انهن جي ادارن جي هٿان پورهئي ۽ نتيجي ۾ پيار، ڪلچر ۽ تهذيبي قدرن سان ٿيندڙ هٿ چراند جي خلاف هڪ واضع قوت آهي.... سنگت اهڙين سماجي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي .“

    تصنيفون
    فقير محمد لاشاري جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: ”سنڌ جا سور“ (مضمون 1986ع)، ”در تتيءَ جي دانهن“ (مضمون-1988ع)، ”سگهارو هماليا، هيڻا ماڻهو“ (نيپال جو سفرنامو)، ”سنڌ پيپلز پارٽيءَ کان ڄام صادق عليءَ تائين“ (مضمون - ايڊيٽوريل)،”ڇپر جا سونهان“ (شخصيت ۽ چونڊ لکڻيون- 1994ع)، رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ (ٻه ڀاڱا.“
    انهيءَ کان سواءِ فقير محمد جا اڃا اڻ ڳڻيا ايڊيٽوريل، مضمون، مهاڳ،تجزيا ۽ ڪهاڻيون ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ موجود آهن.
    ”جاڳو“ اخبار جي ادارت دوران، سنڌي اخبارن جي تنظيم ”سنيڪ“ جو قيام، سندس ڪوششن سان عمل ۾ آيو ۽ انهي پليٽ فارم کي سنڌ جي اجتماعي مسئلن واسطي، اخبارن کي اجتماعي موقف اختيارڪرڻ لاءِ ڪم آندو ويو.
    فقير محمد لاشاري 17جولاءِ1993ع تي لاهور ويجهو ضلعي گجر خان وٽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو ۽ کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ دفنايو ويو. فقير محمد لاشاري کي 14آگسٽ 1994ع تي پيپلزپارٽي جي حڪومت طرفان سندس خدمتن جي مڃتا طور ”ستاره امتياز“ جو اعزاز ڏنو ويو.


    قمر شهباز

    سنڌي ادب ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي صحيح معنى ۾ آل رائونڊر چئجي ته اهو قمر شهباز ئي آهي، جنهن هڪئي وقت شاعري،ڪهاڻي، ڊراما ۽ ڪالم نويسيءَ جي ميدانن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا.

    سوانح
    قمر الدين ولد محمد مقبول ٻگهيو، ادبي دنيا ۾ ”قمر شهباز“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، 13 اپريل 1938ع تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. قمر شهباز پرائمري کان بي اي تائين نوابشاهه ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي. 1955ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1959ع ۾ بي اي پاس ڪيائين. 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. نوابشاهه ۾ پڙهڻ دوران پرائمري تعليم پاڻ جناب ايم ايڇ خواجا جي نگراني ۾ حاصل ڪئي. جيڪو هڪ وڏو مدبر ۽ تعليمي ماهر هو.
    قمر شهباز پهرين ليڪچرار طور نوڪري جي شروعات ڪئي. جيڪا هن ميرپور خاص، نوابشاهه، شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪئي. پاڻ نوڪري جي دوران ايئر فورس ۾ چونڊيو ويو ۽ تربيت به حاصل ڪيائين، پوءِ کيس سول ۾ گهرايو ويو، تنهن ڪري ڪامپيٽيٽو جو امتحان ڏيئي سول سروسز ۾ آيو. بعد ۾ وزارت صحت، ايڪسپورٽ پروموشن بيورو، ٽريڊنگ ڪارپوريشن ۾ نوڪريون ڪيائين. 1985ع کان گيهه ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي پهتو ۽ اتان ئي رٽائرڊ ڪيائين. قمر شهباز جي شادي 1965ع ۾ مشهور افسانه نگار ارشاد سومرو سان ٿي، جيڪا هاڻ ارشاد قمر جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.
    ادبي سفر
    قمر شهباز ننڍي هوندي کان ئي، جڏهن هو انگريزي چوٿون ڪلاس پڙهندو هو. لکڻ شروع ڪيو. سندس پهريون شعر سندس هڪ استاد جي مان ۾ هو، جيڪو هن انهيءَ جي رٽائرڊمينٽ واري تقريب ۾ پڙهيو، جنهن جو هڪ بند آهي:
    غريبن جو حامي ۽ فلاڻن جو يار
    اسان جو سائين عبدالستار.
    ان کانپوءِ پاڻ هڪ ننڍڙو رسالو شروع ڪيو، جيڪو ڪتابت ڪري هٿوهٿ وڪڻندا هئا. بعد ۾ ان کي ”چڻنگ“ جي نالي سان ”سائيڪلو اسٽائيل“ ڪري ڪڍيائين.ان زماني ۾ پاڻ مزاحيه شاعري ”پاهوڙي“ جي تخلص سان ڪندو هو. سندس پهرين ڪهاڻي، جڏهن هو اڃا پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. دادو مان نڪرندڙ ماهوار ”اسان جي منزل“ ۾ شايع ٿي. اڳتي هلي گل محمد چنا، نوابشاهه مان ”ادا“ نالي رسالو ڪڍيو. قمر شهباز انهيءَ سٿ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن ۾ هن هڪ دلچسپ تنقيدي سلسلو ”چئي ڇا ٻڌايان“ جي نالي سان شروع ڪيو. ”ادا“ رسالو ٻه سال هليو، پر انهي سنڌي ادب کي ڪئين وڏا نالا ڏنا. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي گل محمد چنا پنهنجي مضمون ”قمر منهنجو دوست“ ۾ لکي ٿو:
    ”اهو قمر ئي هو، جنهن جي صلاحيت شناس نظر امر جليل، برده سنڌي، نظر سنڌي، يوسف شاهين، آغا سليم ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي تي پئي. ”ادا“ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان انهن سڀني چوٽي جي اديبن توڙي شاعرن کي ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. “
    1954ع ۾ جڏهن ون يونٽ جو منصوبو منظرعام تي آيو ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽ شاگرد انهيءَ جي خلاف سينو سپر ڪري ميدان ۾ لهي آيا، جنهن جو ذڪر ڪندي قمر شهباز چوي ٿو:
    ”لکڻ سان ڪمٽمينٽ اصل ۾ ان زماني کان شروع ٿي، جڏهن ون يونٽ جي خلاف هلچل شروع ٿي. ان ۾ اسين اڪيلا نه هئاسين. ان ۾ سڀ گڏ هئاسون. سنڌي ادبي سنگت جو وڏو عمل دخل هو، جنهن جون باقاعدگيءَ سان گڏجاڻيون ٿينديون هيون. ان ۾ ويندا هئاسون، پوءِ اسان جي سامهون هڪ واضع مقصد اچي ويو“.
    انهيءَ هلچل جي دوران قمر شهباز جا قومي گيت به فضا ۾ گونجڻ لڳا، جيڪي اهڙن جلسن ۾ جان وجهي ڇڏيندا هئا. انهن سڀني ۾ هڪ گيت وڌيڪ مشهور ٿيو:
    وطن جي راهه ۾، وطن جا نوجوان شهيد ٿيو
    يا بچايو سنڌ کي، يا سورمو شهيد ٿيو.
    انهيءَ هلچل ۾ حصو وٺڻ تي قمر شهباز، امر جليل ۽ ٻين تي وارنٽ نڪتا، انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي امر جليل لکي ٿو:
    ”وٺ پڪڙ ٿي، قمر ۽ مان ڪراچي هليا آيا آهيون. گم ٿي ويا آهيون. سائين ايڇ ايم خواجا جي ٻڌايل ليکڪن کي پڙهڻ ۾ لڳي ويا آهيون. هال ڪين، وڪٽر هيوگو، جوزف ڪانراڊ ۽ ٻيا انيڪ ليکڪ“.
    قمر شهباز جاشروعاتي افسانا ادا، مهراڻ، نئين زندگي، فردوس ۾ باقاعدهه ڇپجندا هئا. ان زماني ۾ ”هلال پاڪستان ميگزين“ باقاعده نڪرندو هو، جنهن پاران ڪهاڻين لکڻ جو مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ قمر شهباز پڻ حصو ورتو ۽ سندس ڪهاڻي کي پهريون نمبر مليو. انهي مان کيس گهڻو اُتساهه مليو ۽ روح رهاڻ ۽سهڻي صيح معنى ۾ هن جي ادبي آبياري ڪئي.

    ڊراما نگاري
    قمر شهباز، شاعر ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان مڃتا ماڻڻ کانسواءِ ٽيليويزن ۽ ريڊيو لاءِ پڻ ڊراما لکياآهن. جيڪي تمام گهڻو مقبول ٿيا. ڊرامن لکڻ سان گڏ ڊرامن ۾ صداڪار جي حيثيت سان حصو وٺڻ سندس دلي شوق رهيو. ريڊيو لاءِ سندس لکيل ڊرامن مان ”واچوڙن ۾ لاٽ“ ”ڪاري“، ”قرض مرض فرض“ ”رشتا“، ۽ ”تنهنجون ڳالهيون“ ۽ ٽيليويزن لاءِ لکيل ڊرامن مان ”راهون جداجدا“،”واريءَ سندو ڪوٽ“ ۽ ”شڪست“ بيحد مقبول ٿيا.
    ان کانسواءِ هن اسٽيج ڊراما، مضمون،ڪالم لکيا ۽ ڊاڪيومينٽري فلمون پڻ ٺاهيون آهن. اهڙي ئي هڪ ڊاڪيومينٽري فلم تي کيس هڪ عالمي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.
    قمر شهباز جو مزاحيا ڪالمن ”ڄڃ پرائي“ ۽ ”احمق نچي“ نهايت گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي.

    شاعري
    قمر شهباز لکڻ جي شروعات شاعري کان ڪئي ۽ پوءِ ڪهاڻين ۽ڊرامن طرف ويو. سندس چونڊ شاعري جو مجموعو ”چنڊ رهين ٿو دور“ 1988ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. جنهن جي پيش لفظ ۾ هو لکي ٿو:
    ”هن مجموعي ۾ منهنجي شروعاتي دور کان وٺي اڄ تائين ڪيل شاعري جا ڪجهه شعر شامل آهن. چونڊ ڪرڻ نه مراد هئي نه وري ممڪن. پنهنجي ڪهاڻين، ڊرامن ۽ مضمونن جيان شعر پڻ سنڀالي سهيڙي حفاظت سان رکي نه سگهيو آهيان.“
    ڪتاب جي مهاڳ ۾ شمشيرالحيدري قمر شهباز جي شاعري جي ڇنڊڇاڻ ڪندي لکي ٿو:
    ”هن مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جن ۾ موضوع ۽ انداز جي گونا گوني ۽ انفراديت موجود آهي. موضوع ۽ انداز جو انتخاب هن هر صنف جي مزاج ۽گهرج آهر ڪيو آهي. تنهن هوندي به سندس طبيعت جي اندورني ڪيفيتن اهڙو وجداني ماحول پيدا ڪيو آهي. جو اڪثر ڪري سندس گيت غزل ۽ وائي ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. ٻولي، انداز ۽ بيان جي طريقي ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪو اهڙو مرحلو سامهون اچي ته اهو سندس تخليقي عمل ۾ گمشدگي جو نتيجو سمجهڻ کپي.“
    قمر شهباز تمام گهڻو لکيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون (1983ع). اٺون گهر (چونڊ ڪالم) ضمير جو موت (1992ع) ريڊيو، ٽي وي، ڊرامن جو مجموعو ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (1987ع) ۽ رام بخشاڻي جي آتم ڪهاڻي Taking the high Roadجو ترجمو ”آکيرا آڪاس“ ۾ (2005ع) شامل آهن.
    قمر شهباز 5 مئي 2009ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


    قاضي فيض محمد

    سنڌ جي هن مرد مجاهد ۽ مجذوب لاءِ محترم جي ايم سيد لکي ٿو: ”قاضي (فيض محمد) صاحب مخلص، اڻٿڪ، جوشيلو، جذباتي قومي ڪارڪن آهي، قرباني جو مادو منجهس گهڻو آهي. جڏهن به قومي ڪم جي تقاضا ٿي ته هي وقت ۽ پئسي وغيره جي پرواهه نه ڪري، هڙئون وڙئون خرچ ڪري، ڪم ۾ ڪاهي پوندو آهي. هن قحط الرجالي جي حالت ۾ اهڙن ماڻهن جي اڪثر کوٽ رهي ٿي“
    قاضي فيض محمد جي آتم ڪهاڻي ”منهنجو سفر“ پڙهڻ سان محترم جي ايم سيد جي مٿين لفظن جي هوبهو عڪاسي ٿئي ٿي. البت منهنجي لاءِ انهي ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ بيحد ڏکيو آهي ته قاضي صاحب جو شمار سياستدانن ۾ ڪجي يا عالمن ۽اديبن ۾. سياست ۾ ته هن سرگرمي سان حصو ورتو، پر ادبي کيتر ۾ هو شاعر هئڻ سان گڏ ناول نويس به هو. سندس لکيل ٽي ناول ”جنسار“ ”اڻ ڄاڻ“ ۽ ”ٻاويهه سو ٻاويهه“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.

    سوانح
    قاضي فيض محمد 23نومبر 1908ع تي هالاڻي ضلع نوشهروفيروز ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم هالاڻين ۾ ورتائين. ثانوي تعليم هالاڻي، خيرپور ميرس، نوشهروفيروز جي هاءِ اسڪولن ۾ ورتي ۽ سن 1929ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. 1935ع ۾ بي ايس سي ۽ 1940ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين.

    عملي زندگي
    قاضي فيض محمد عملي سياسي زندگي 1919ع ۾ خلافت ۽ ڪانگريس جي هلچل ۾ حصو وٺڻ سان شروع ڪئي. 1928ع ڌاري جڏهن سائمن ڪميشن جا ميمبر گاڏي مان پڊعيدن اسٽيشن کان لنگهيا ٿي ته هن ٻين شاگردن سان گڏ وڃي اسٽيشن تي ”سائمن گو بئڪ“ جا نعرا هنيا هئا. 1922ع ڌاري قاضي صاحب خيرپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، ان وقت ۾ علاما آءِ آءِ قاضي خيرپور رياست ۾ سيشن جج هو، جنهن جي بابرڪت صحبت کان مستفيض ٿيو. 1933ع ۾ جڏهن ڪراچي ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1942ع ۾ جڏهن بنگال ۾ ڏڪار پيو ته قاضي صاحب خاڪسار تحريڪ طرفان والنٽيئر ٿي ٻن مهينن جي لاءِ بنگال ويو. 1943ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1948ع ڌاري هاري ڪميٽيءَ ۾ داخل ٿيو. 1951ع ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. ان عهدي تي هي ٻه سال رهيو. 1952ع ڌاري ميان افتخارالدين سڀني قومپرست ڪارڪنن کي ”آزاد پاڪستان پارٽيءَ“ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته قاضي صاحب به ان ۾ شامل ٿيو. 1956ع ۾ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ جو سنڌ لاءِ جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهي وقت حسين شهيد سهروردي پاڪستان جو وزيراعظم هو، جنهن ون يونٽ جي فائدي ۾ بيان ڏنا ۽ خارجا پاليسي ۾ اهڙو رويو اختيار ڪيو، جيڪو عرب قومپرستي جي خلاف هو. انهن ڳالهين تان قاضي صاحب ڪيترن ئي دوستن سميت عوامي ليگ تان استعيفا ڏيئي ٻاهر نڪري آيو ۽ پاڪستان نيشنل پارٽي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ڪجهه وقت کانپوءِ نيشنل عوامي پارٽي ٺهي ته قاضي فيض محمد سنڌ نيشنل پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. ساڳئي وقت هن جي هارين سان همدردي پڻ هلي آئي. الاٽي هارين کان جڏهن پاڪستان سرڪار زمين کسي، مهاجر دعويدارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته قاضي صاحب ان خلاف هارين جي جدوجهد هلائي ۽ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪيائين. انهي تحريڪ جو تفصيلي ذڪر سندس ڪتاب ”هاري ڪميٽي ۽ الاٽي تحريڪ“ ۾ ملي ٿو.
    قاضي فيض محمد 66-1965ع ۾ شيخ مجيب الرحمان جي دعوت تي سندس ڇهن نقطن کان متاثر ٿي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ کيس عوامي ليگ جو سينيئر نائب صدر چونڊيو ويو. 1970ع وارين چونڊن ۾ قاضي صاحب نوابشاهه مان عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي لاءِ اميدوار بيٺو، پر مقامي سياسي رسه ڪشين جي ڪري ڪامياب ٿي نه سگهيو.
    1971ع ۾ بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ قاضي صاحب جو ڪنهن به پارٽي سان واسطو نه رهيو ۽ پاڻ ڪجهه وقت ملڪي حالتن جي ابتري سبب بنگلاديش ۽ پوءِ انگلينڊ ۾ جلاوطن ٿي رهيو، جتان موٽڻ کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي کيس ڪجهه عرصو نظربند ڪري رکيو. قاضي صاحب پنهنجو پويون وقت نوابشاهه ۾ وڪالت ڪندي گذاريو ۽ 13آڪٽوبر 1982ع تي 74سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
    قاضي فيض محمد، علاما آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۾رهيو هو. هو هڪ سچو صوفي، عاشق رسول، سنڌ جو شيدائي هئڻ سان گڏ هڪ فلسفي، مفڪر، ناول نگار، شاعر، موسيقار ۽ سنڌ واد آرٽسٽ هو .

    ادبي خدمتون
    قاضي فيض محمد، پهريون ادبي مضمون 1931ع ۾ لکيو جنهن جوذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”ستين درجي انگريزيءَ ۾ يعني ميٽرڪ ۾ هوس، جڏهن اسان جي استاد عثمان علي انصاري وٽ سندس هڪ دوست آيو، جنهن کيس چيو ته هو اسان جو امتحان وٺڻ ٿو گهري. استاد اسان کي مضمون لکڻ جي لاءِ ڏنو. عورت جنهن جو مڙس پرديس ۾ مري ٿو وڃي، جا تڏي تي ويٺي آهي ته ٻاهر سندس پٽ گاڏي هيٺ اچي فوت ٿي ٿو وڃي، انهي عورت جي ڪيفيت ۽ هوءَ ڪيئن روئندي هوندي، اُهو اسان کي انگريزيءَ ۾ اظهار ڪرڻو هو، ان مضمون ۾ مان پهريون نمبر آيس. انهي کانپوءِ شعر ۽مرثيا لکيم ۽ پڙهيم.“
    ائين قاضي فيض محمد جي لکڻ جي ابتدا ٿي. هن پنهنجو پهريون ناول ”جنسار“ 1954ع ۾ سکر جيل ۾ لکيو.
    هيٺ قاضي فيض محمد جي ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

    جنسار
    پهريون ڀيرو 1956ع ۾ ٻيو ڀيرو 1980ع ۾ سڌاري ۽ واڌاري سان شايع ٿيو. ناول جي پيش لفظ ۾ مقبول ڀٽي لکي ٿو: ”قاضي فيض محمد جو ”جنسار“ سنڌي ۾ هيل تائين سمورن اصلي لکيل ناولن جو صحيح معنى ۾ سرتاج آهي. هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان ۾ اهڙا ناول تمام ٿورا لکيا ويا آهن. سچ ته هن نئين قسم جي ”ناول“ ۾ فاضل مصنف سنڌ جي نوي سيڪڙو سٻاجهڙن جي اصلي صورت عڪس ڪري، هن ملڪ جي سنجيده ۽سمجهدار طبقي کي هڪ معاشرتي ۽ ذهني انقلاب آڻڻ لاءِ اثرائتي نموني ۾ دعوت فڪر ڏني آهي.“

    2- ٻاويهه سئو ٻاويهه
    هي ناول 1979ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ ۾ اهو پهريون ناول آهي، جيڪو مستقل بيني کي متعارف ڪرائي ٿو ۽ سنڌ ۾ مستقل بيني کي قاضي صاحب هن ناول ”2222“ جي ذريعي متعارف ڪرايو. ناول جو جائزو وٺندي محترم محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
    ”هن ناول ۾ قاضي صاحب پنهنجي پياري وطن ۽ ان جي غريب ماورئڙن جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي خواب سڄي انسان ذات جي بهتر مستقبل جو خواب آهي.“

    3-اڻڄاڻ:
    هي قاضي فيض محمد جو ٽيون ناول آهي، جيڪو 1993ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول پڻ قاضي صاحب جي اڳين ٻنهي ناولن جيان پنهنجي سنڌ وطن جي حالتن جو علامتي انداز ۾ مرثيو ئي آهي. جيڪو هن پنهنجي مخصوص اسلوب ۾ چٽيو آهي. قاضي فيض محمد جي ٽنهي ناولن ۾ سنڌ انهي جا اٻوجهه لوڪ انهن جا درد ۽ مسئلا ئي مرڪزي حيثيت رکن ٿا.
    4-علاما آءِ آءِ قاضي
    قاضي فيض محمد، علاما آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۾ رهيو هو ۽انهي جي تربيت جي رنگ ۾ رچيو هو. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1981ع ۾ قاضي صاحب جي يادن جي حوالي سان ڇپيو هو ۽ پوءِ 1991ع ۾ ناز سنائي مذڪوره مضمون ۽ ڪجهه ٻيا مضمون قاضي صاحب جا، فيض محمد ڏي لکيل خط گڏي ”علاما آءِ آءِ قاضي“ جي عنوان سان ڇپايو. بلاشڪ هي ڪتاب علاما آءِ آءِ قاضي جي شخصيت بابت بهتر ڄاڻ مهيا ٿو ڪري.

    5-منهنجو سفر
    قاضي فيض محمد جي آتم ڪهاڻي آهي، جيڪا هن 1975ع ۾ لکي. پر بدقسمتيءَ سان سندس وفات کان سترهن سال پوءِ 1999ع ۾ شايع ٿي. حقيقت ۾ هي ڪتاب نه رڳو هڪ شخص جي آتم ڪهاڻي آهي پر هڪ دور جو تاريخي دستاويز پڻ آهي، جيڪو مستقل جي سنڌ جي اڏڻ ۾، ماضي جي تجربن مان سکڻ جو اهم دستاويز آهي.

    6-هاري ڪميٽي ۽الاٽي تحريڪ
    قاضي فيض محمد، سنڌي هارين جي حقن لاءِ 1957ع ۾ تحريڪ شروع ڪئي ۽ جولاءِ، آگسٽ 1957ع ۾ انهيءَ سلسلي ۾ صدر پاڪستان اسڪندڙ مرزا جي بنگلي جي سامهون هڪ وڏو مظاهرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ 16-17 هزار هاري شريڪ ٿيا. ڪتاب انهي تحريڪ جو دستاويز ۽ انهي جي يادن تي ٻڌل آهي. ڪتاب جي اهميت بيان ڪندي پبلشر لکي ٿو:
    ”هي يادون، اسان جي شڪستن ۽ سوڀن جو مختصر داستان آهن. ۽ اهي يادون اسان جي گهڻي رهنمائي ڪري سگهن ٿيون. اسان جون ننڍيون ننڍيون شڪستون وڏي سوڀ ۾ بدلجي سگهن ٿيون.“ هي ڪتاب 1984ع ۾ شايع ٿيو.
    مٿين ڪتاب کانسواءِ قاضي فيض محمد جي شاعري ۽ سنڌي توڙي انگريزي ۾ لکيل مضمونن ۽ ڪيل تقريرن جو پڻ ڪافي مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس پونيئرن وٽ محفوظ آهي.


    ڪيرت ٻاٻاڻي

    سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو، ”ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ دانشور جي حيثيت ۾ امر آهي ۽ هڪ ساهتڪار جي حيثيت ۾ به هن جي اهميت گهٽ نه آهي. مون کي هن جون ڪافي ڪهاڻيون وڻيون هيون.“
    ساڳئي طرح محترم عبدالواحد آريسر ڪيرت بابت لکي ٿو، ”اڄ جڏهن مون کان مختلف اخبارن جا عيوضي اهو پڇن ٿا ته سائين جي ايم سيد کانپوءِ جيئي سنڌ هلچل يا سيد جي خواب جو ڇا ٿيندو ته آئون کين اهو جواب ڏيندو آهيان ته سيد جي خواب جي پڄاڻي ٿيڻي ناهي، پر انهي سان گڏوگڏ منهنجي ذهن ۾ هڪ شخصيت جي تصوير اُڀرندي آهي ۽ اها تصوير آهي ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي جنهن کي سيد جي جدوجهد دوران هند جي سنڌين جو سائين جو ايم سيد قرار ڏنو ويو آهي.“
    ڪيرت ٻاٻاڻي جون نه فقط هند ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن، پر هن سنڌي ٻوليءَ کي هندستان ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ ٿيل جدوجهد ۾ سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو.

    سوانح
    ڪيرت ٻاٻاڻي 3جنوري 1922ع ۾ ڳوٺ مورو لاکو تعلقي سڪرنڊ، ضلع نوابشاهه ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو چوئٿرام ٻاٻاڻي هو. ڳوٺ جي ابتدائي تعليم بعد ”ولس هاءِ اسڪول“ نوابشاهه (جيڪو هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول نوابشاهه، مشهور ”خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه“ جي برانچ آهي) ۾ حاصل ڪئي. هن اسڪول ۾ تعليم جي دوران ڪيرت جي من ۾ قومپرست خيالن جو سلو اُڀريو، جنهن کي وري سندس قابل استاد روچيرام ٿانواڻي پاڻي ڏئي وڌايو. اتان کان هن شاگرد سياست شروع ڪئي. پهريائين سنڌ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ضلعي نوابشاهه جو آرگنائيزر، پوءِ صوبي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ 1940ع ۾ آل انڊيا ليول تي وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. 9آگسٽ 1942ع تي ”ڪَئٽ انڊيا تحريڪ“ جي سلسلي ۾ نوابشاهه ۽ سکر جي جيلن ۾ 11مهينا جيل ڪاٽيائين. ميٽرڪ نهايت سٺين مارڪن سان پاس ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ کانپوءِ نتيجو نڪرڻ شرط ڪاليجي تعليم لاءِ ڪراچي هليو آيو، جتي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. جتي شيخ اياز ۽ ٻين سان واقفيت ٿيس. ڪاليجي تعليم جي دوران فين وڌائڻ خلاف بک هڙتال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس ڪجهه وقت جي لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو.
    جيل ۾ رهڻ دوران هو ڪجهه وقت سوڀي گيانچنداڻي سان گڏ رهيو. جنهن جي صحبت ۾ ڪيرت ڪميونسٽ خيالن کي قبول ڪيو ۽ ڪانگريس جي سياست کي الوداع چيائين. هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌ جو هڪ وڏو سياسي ذهين حشو ڪيولراماڻي انگلينڊ مان واپس آيو ۽ سوڀي گيانچنداڻي سان گڏجي ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس“ جو پايو وڌو. ڪيرت ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس“ ۾ شامل ٿيو. ان وقت هڪ ٻيو انقلابي ڪردار گوبند مالهي ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ ۽ ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس“ جي مورچن تي سرگرم هو. سوڀي، حشو ۽ ڪيرت جڏهن شاگرد مورچو سنڀاليو ته گوبند مالهيءَ ادبي محاذ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو .سوڀي سان گڏ ڪيرت پڻ ادبي ڪلاسن ۾ شريڪ ٿيندو هو، جيڪي پهرين ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ جي آفيس ۾ ۽ بعد ۾ ميٺارام هاسٽل ۾ ٿيندا هئا. انهن ئي ڏينهن ڪيرت لکڻ شروع ڪيو، جنهن جو ذڪر ڪندي هو پنهنجي سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو. ”منهنجو ليکڪ ٿيڻ هڪ اتفاق آهي، جيئن اڄ جي دنيا ۾ ڪنهن جو ڪلاڪار ٿيڻ اتفاق آهي ته ڪنهن جو وزير ٿيڻ.“
    1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته سنڌ جي هڪ وڏي باشعور حصي کي جلاوطن ٿيڻو پيو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪيرت ٻاٻاڻي جو خاندان ته لڏي ويو، پر هن سنڌ نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. نيٺ کيس ملڪ دشمن قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو ۽ 11مهينن جي قيد کانپوءِ جڏهن ڪيرت آزاد ٿيو ته کيس سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم نامو ڏنو ويو. ان حڪم ملڻ جي باوجود به هن سنڌ نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ڏينهن حيدر بخش جتوئي جي ”هاري حقدار“ اخبار اچي سنڀاليائين، پر کيس ايترو ته تنگ ڪيو ويو جو نيٺ مجبور ٿي 8 مئي 1949ع تي ڪيرت ٻاٻاڻي کي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع چوڻون پيو.

    هند ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون
    ڀارت وڃڻ کانپوءِ هن وڪالت جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ سنڌماڊل هاءِ اسڪول (بمبئي) ۾ ماستري ورتائين، جتي هن اسڪول کي ”سنڌيت جي هلچل جو مرڪز“ بنايو ۽جنم ڀومي بنا پنهنجي ”اصليت ۽ سنڌيت“ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪيائين. هن 1957ع ۽ 1958ع جي دهلي ۽ بمبئي جي سنڌي سميلين کانپوءِ ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي ۽ موجوده سنڌي لپي بچائڻ جي اها جدوجهد شروع ڪئي، جنهن اڳتي هلي ڀارت سرڪار کي مجبور ڪيو ۽ اتان جي ملڪي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو.
    ڪيرت ٻاٻاڻي 1967ع کان وٺي، ”سنڌي ٻولي ساهت سڀا“ سان واڳيل رهيو آهي ۽ 1972ع کان 1980ع ۾ 1987ع کانپوءِ به ان جو صدر رهيو ۽ گانڌيدام ۾ ڪڇ جي سنڌين سان گڏجي سنڌي ٻولي، تهذيب، ادب،سنگيت ۽ سنڌيت کي بچائڻ ۽ منظم ڪرڻ ۾ رڌل رهيو ۽ان سڄي جدوجهد جو روح روان ڪيرت ٻاٻاڻي رهيو.
    هند ۾ ترقي پسند سنڌي ادب جي ٽه مورتي طور ڪيرت، گوبند ۽ اُتم مشهور رهيا آهن ۽ ترقي پسند ساهت کي زور وٺرائڻ ۾ هر مورچي تي اٽل رهيا آهن.
    تنهن کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي محترم جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب ڀارت ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا، جن جو هت ڇپجڻ ممڪن نه هو.
    جهڙوڪ:
    (1)پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل
    (2)سنڌ ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟
    (3)Sindhu desh a nation in chains A case of sindhu desh شامل آهن.
    تنهن کانسواءِ پيپلز پارٽي جي باني مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي تي ظفر اُڄڻ جي ترتيب ڏنل ڪتاب Bhutto speaks from grave جڏهن ٻيو ڪو ڇپائي نه سگهيو ته نه رڳو اهو ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ڇپرايو، پر انهيءَ جو مهاڳ پڻ لکيائين. اهڙي طرح جي ايم سيد جي ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ پڻ ڪيرت ٻاٻاڻي لکيا.
    ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار به آهي. سندس ڪهاڻين ۾ خيالن جي اُڏام سان گڏ، اهي فني پختگي ۽ بامقصد موضوعن تي لکيل هونديون آهن. هن جو زندگيءَ ڏانهن رويو فقط رسمي ڪونهي، پر احساساتي ۽ جمالياتي پڻ آهي. هن وٽ زندگي جو هڪ ڪارج آهي، هو چئي ٿو:
    ”مون کي ٻن ڳالهين وچ ۾ چونڊ ڪرڻي آهي، هڪ پاسي آهي من جي اُڇل کي چٽڻ، ٻئي پاسي آهي انسانن جي اڇل کي سنوارڻ، اوهين من اڇل جا رچيندڙ بڻجو، ڪلاڪار سڏايو، مان من اڇل جو سنواريندڙ،مالهي سڏائڻ ۾ خوش آهيان. دنيا بهتر بڻجي،دنيا وڌيڪ شوڀنيڪ ٿئي، دنيا انسان جي رهڻ لائق بڻجي، ڇا اها گهٽ ڳالهه آهي.“
    ڪيرت جي سماجي ۽ سياسي خدمتن سان گڏ،هن جون ڪلچرل ۽ ادبي خدمتون به ڪي گهٽ ناهن. هن جي تخليقي پورهئي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هي ادبي کيتر جو پڻ شهسوار آهي.
    ڪيرت جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

    ڪهاڻين جا مجموعا:
    (1)هوءَ (1956ع) (2)درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو (1966ع) (3)نه ليلى نه مجنون (4)اوهان سڀ ننگا آهيو (1993ع). اهو ڪتاب سنڌ ۾ به ڇپيو.
    ناٽڪ: سوريءَ سڏ ٿيو-(1972ع)
    تنقيدي ادب: (1)ادب ۾ قدرن جو سوال (اپريل 1974ع) جنهن ۾ ادب ۽ حقيقت نگاري، سنڌي ساهتڪارن جا مسئلا، سنڌي جديد ناول، ڪهاڻي ادو عبدالرحمٰن، دئپت جو جنم، اتهاس جو رٿ،سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد مضمون/مقالا شامل آهن. (2)اوک ڊوک (1981ع) تنقيدي مضمون، جن تي تعليم کاتي طرفان انعام مليس. (3)سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد (مڪمل ۽ ورهاڱي کان 1982ع تائين جي 35 سالن جو تفصيلي جائزو ورتل-1984ع) (4)پيهي منجهه پاتال (1985ع) جنهن آرميڪ چٽا ڀيٽي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو.
    سوانح: لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت (1980ع). انهيءَ ڪتاب تي کيس ”سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ،“ مليو، جنهن ۾ پنج هزار روڪ، قدرشناسي جو سرٽيفڪيٽ، سونو ٻلو ۽ روس جي دوري جي ٻن هفتن جي دعوت مليس.
    سفرنامو: جيڪي ڏٺو مون (سوويت روس جي ٻن هفتن جو سفرنامو).
    آتم ڪهاڻي: ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم (سنڌ ۾ 2000ع ۾ ڇپي).
    مضمون: امن جي افق ڏانهن (1987ع).
    لوڪ ڪهاڻيون: اٻول راڻي (1982ع).
    خط: سوسڏ، سو پڙاڏو.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي ٽي ڪتاب ترجمو ڪيا. جن ۾ (1)مالو، مئڪسم گورڪي جو ناول (1985ع) (2)ڪولي (ملڪ راج آنند جو ناول-1960ع) (3)مرهٽي ساهتيه جي تاريخ.
    ان کانسواءِ: چونڊ سنڌي مضمون (1988ع) ۽ چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (1989-ايڊيٽ ڪيل)جن تي کيس ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام پڻ ملي چڪا آهن.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جا سوين مضمون سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهن.


    گوبند مالهي

    گوبند مالهي، سنڌي ادب جو اهو محسن آهي جنهن ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هند ۾، ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ جي آبياريءَ ۾ نمايان حصو ورتو. هو هندستان ۾ ”سنڌيت“ جي هلچل جي بانين منجهان هو ۽ ترقي پسند ادبي ٽمورتي ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي جي اُتم جو هڪ حصو هو. گوبند مالهي هڪئي وقت ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، ترجمي ۽ مضمون نويسي جي صنفن ۾ پاڻ موکيو.

    سوانح
    گوبند مالهي 5آگسٽ 1921ع تي ٺارو شاهه ضلع نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾ ئي حاصل ڪيائين. ميٽرڪ 1939ع ۾ پاس ڪيائين. سياست جي شروعات 1940ع کان، ڊي جي ڪاليج ۾ فين وڌائڻ جي تحريڪ ۾، حشو ڪيولراماڻي جي صحبت ۾ اچي ڪيائين ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. سياسي سرگرمين جي دوران 1942ع ۾ جيل يا ترا به ڪيائين. ان کان اڳ 1941ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي سان واقفيت ٿي چڪي هيس، جنهن سندس شخصيت تي گهڻا اثر ڇڏيا. 1943ع ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ سان واسطو ٿيس ۽ انهيءَ جي طفيل ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو، ”نئين دنيا ڪياب گهر“ پاران برڪت علي آزاد، گوبند پنجابي ۽ ٻيا سنڌي ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو جهنڊو کڻي اڳتي وڌيا، پر گوبند مالهي کي اهو شرف مليو ته هو ان زماني ۾ ترقي پسند ساهت کيتر جو باني بڻجي. نئين دنيا ڪتاب گهر سان واقفيت کي مالهي پنهنجي زندگي جو اهم واقعوقرار ڏيندي لکي ٿو ”مان اڄ تائين ائين وسهندو آهيان ته جيڪڏهن مان”نئين دنيا ڪتاب گهر“ سان وابسته نه ٿيان ها ته مسلسل ۽ اٽوٽ ادبي زندگي قائم رکي نه سگهان ها .“
    1947ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر پاران ”نئين دنيا“ جي نالي سان ماهوار رسالو شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ گوبند مالهي جو وڏو حصو هو ۽ هوئي ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. اهو رسالو ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ به جاري رهيو،جنهن سنڌ اندر ساهت ۾ انقلاب جو آغاز ڪيو. گوبند مالهي کانپوءِ بهاري لال ڇاٻڙيا، لڇمڻ راجپال، ڪيرت ٻاٻاڻي انهيءَ جا ايڊيٽر ٿيا. ”نئين دنيا“ جي ڪردار جو ذڪر ڪندي ڪيرت ٻاٻاڻي لکي ٿو:
    ”نئين دنيا ڪنهن اتهاسڪ دور جي هڪ ڏياٽي هئي، جنهن بيابان کي روشن ڪيو ۽ ڪيترين ئي روايتن کي پٺيان ڇڏي هڪ نئين راهه روشن ڪئي هئي. ’نئين دنيا‘ هڪ مخزن نه هئي، هڪ تحريڪ هئي، جنهن جي اردگرد پروانا ترندا هئا .“
    ورهاڱي ٿيڻ جي ڪري ”نئين دنيا“ مخزن بند ٿي ويئي.جيڪا پوءِ 1948ع ۾ ٻيهر بمبئي مان گوبند مالهي جي ڪوششن سان شروع ٿي ۽ گڏوگڏ نئون ساهت منڊل جو بنياد به رکيو ويو، جنهن جو گوبند مالهي سيڪريٽري بڻيو. 1950ع ۾ ”نئون ساهت منڊل“ جو نالو بدلائي ”سنڌي ساهت منڊل“ رکيو ويو ۽ انهيءَ جي پليٽ فارم تان پهريون سميلن سڏايو ويو.
    ”نئين دنيا“ ڪتاب گهر پاران، پهريون ترقي پسند ڪهاڻين جي مجموعو ”ريگستاني ڦول“ شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ سوڀي گيانچنداڻي، گوبند پنجابي ۽ شيخ عبدالستار جون ڪهاڻيون شامل هيون. انهي ڪتاب جو مرتب گوبند مالهي هو.
    گوبند مالهي 1944ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو ڪراچي لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 44-1945ع ۾ مالهي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين ۽ انهي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو.
    1947ع ۾ جڏهن اُپکنڊ ۾ انگريز سامراج جي خلاف تحريڪ زورن تي هئي ۽ ٻئي پاسي نوان اقتصادي نظريا نروار ٿي دنيا جي هڪ وڏي حصي جا ڀال ڀلائي چڪا هئا. 1946ع ڌاري ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر گربخشاڻيءَ جي رهمنائي هيٺ اهڙن خيالن ۽ نظرين جي حامي شاگرد اديبن ۽ شاعرن هڪ جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جو نالو ”سنڌي ادبي سرڪل“ رکيو ويو. ان سرڪل جي سرگرمين ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ رزاق، ارجن شاد، روشن آرا مغل ۽سندري اُتمچنداڻي حصو وٺندا هئا.
    1947ع جي ڌاري ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هم خيال اديبن جن ۾ شيخ اياز، احسان بدوي، نعيم صديقي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي، سندري اُتمچنداڻي ۽ روشن مغل جا نالا قابل ذڪر آهن. تنظيم جون سرگرميون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو، پر تنظيم اڃا پهريون سرگرميون ئي مس شروع ڪيون جو ورهاڱو ٿي ويو. هندو سنڌي اديبن جي گهڻائي هندستان هلي ويئي، جنهن ڪري تنظيم جو سرگرميون ختم ٿي ويون.

    ادبي خدمتون
    گوبند مالهي 1935ع کان جدا جدا رسالن ۽ اخبارن ۾ ليک لکڻ ۽ شعر ڇپائڻ شروع ڪيا. انهيءَ جو هڪ سبب هي هو ته گوبند مالهي جو جنم جنهن گهر ۾ ٿيو اتي اڳ ۾ ئي هڪ وڏي لائبريري موجود هئي. سندس وڏي ڀاءُ جي اها عادت هوندي هئي ته جڏهن به ڪو نئون ڪتاب ايندو هو ته کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاري اهو ڏاڍيان پڙهندو هو، ائين منجهس ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو.
    لکڻ جو شوق به ڀاءُ کان پرايائين.جيڪو ”هند سماچار“ ۾ ’ٺارو شاهه نواسي‘ جي قلمي نالي سان ڪهاڻيون ۽ مضمون لکندو هو. هن جون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل لکڻيون پڙهي گوبند مالهي کي به لکڻ جو شوق ٿيو. سندس پهرين لکڻي 1934ع ۾ ڇپي، جڏهن سندس عمر تيرنهن سال هئي. اڳتي هلي گوبند مالهي ادب جي مختلف صنفن ۾ پاڻ ملهايو.
    ناول نويسي
    گوبند مالهي سنڌي ناول جو تمام وڏو نالو آهي. گوبند مالهي جو پهريون اصلوڪو ناول ”آنسو“ 1952ع ۾ ڇپيو. ان وقت سنڌي ۾ اصلوڪا ناول آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. گوبند مالهي ناول لکي سنڌي ناول جي پيڙهه بڻيو. ”آنسو“ ناول ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ اهم ناول ليکيو وڃي ٿو. هن ناول ۾ سنڌ مان لڏي وڃڻ کانپوءِ بمبئي شهر ۾ ۽ ان جي آسپاس شرنارٿي ڪئمپن ۾ رهايل سنڌي عوام جي زندگي جي تصوير چٽي ويئي آهي.
    گوبند مالهي جو ٻيو ناول ”زندگي جي راهه تي“ آهي، جيڪو به 1952ع ئي ڇپيو. هن ناول بابت جڳديش لڇاڻي لکي ٿو:
    مالهي ناول ”زندگي جي راهه تي“ ۾ هاڻوڪي سماجڪ حالتن سان گڏو گڏ گڏيل ڪٽنب جي زواليت تي به روشني وڌي آهي. “
    ساڳئي سال گوبند جو ٽيون ناول ”جيون ساٿي“ ڇپيو. هن ناول جو موضوع پيار جي شادي آهي، جنهن ۾ معاشري جي معاشي حالتن، ريتن ۽ رسمن جو بيان ڪيل آهي. هن ناول ۾ ٽن مختلف جوڙن جي زندگيءَ جو احوال آهي، جيڪي دل توڙي دماغ کان ڪم وٺي، سماجي رنڊڪن کي بردباري سان منهن ڏيئي، ختم ڪن ٿا ۽ آخر ۾ سچا ساٿي بنجن ٿا.
    1953ع ۾ گوبند مالهي جا ٽي ناول ”پيار جي پياس“، ”من جو ميت“ ۽ ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ ڇپيا. ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ هند ۽ سنڌ جو بهترين ناول لکيو وڃي ٿو. هن ناول کي 1953ع جو بهترين ناول جو انعام مليو.
    گوبند مالهي جي اچڻ کان اڳ سنڌي ناول خاموش، بي جان ۽ شور غل کان خالي هو، پر مالهي جي ايندي ئي ناول ۾وڏو انقلاب آيو.
    گوبند مالهي جيتوڻيڪ هڪ ڪهاڻيڪار به هو، پر هي ناول جي کيتر ۾ وڌيڪ ڇڪجي ويو. انهيءَ جو سبب بيان ڪندي هو چوي ٿو:
    ”زندگي ڀر مون للڪارون قبول ڪيون آهن. ڪهاڻيءَ کان ناول طرف متوجه ان ڪري به رهيو آهيان، جو منهنجي پنهنجي زندگي جو ڪئنواس به ڪافي وڏو رهيو آهي. ان جي ڊيگهه، ويڪر ۽ ڪنهن حد تائين گهرائي نهايت وسيع رهي آهي .“
    ”گوبند مالهي جي ناولن ۾ شروعاتي دور ۾ لڏپلاڻ، ڪئمپن ۾ سنڌين جي دربدر زندگي ۽ سنڌ جي ياد، سنڌين جو جذبو، سندس ناول ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ ۾ ملي ٿو. انهي کانسواءِ ”شرم ٻوٽي“ ”ڏيهي ٿيا پرڏيهي“ ناولن ۾ سنڌي ۽ سنڌ جي زندگي جي جهلڪ ملي ٿي .
    مٿين کانسواءِ گوبند مالهي ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا آهن، جيڪي هن ريت آهن: چنچل نگاهون، للڪار (1954ع) عشق ناهي راند (1955ع) شرم ٻوٽي (1956ع) لوڪ آهي ٻوڪ (1957ع) ديسي سيڻ ڪجن (1958ع)، ڏيهي ٿيا پرڏيهي (1961ع) محبت جي راهه ۾ (1975ع) جي سوري ڀانئين سيج، هڪ انسان سئو طوفان، پرديسي پريتم، پيار جي پياس، انقلابي سپاهي، سونهن جا سوداگر، تون مان هوءَ، مسوريءَ جي راڻي، وغيره شامل آهن.
    گوبند مالهي، ادب براءِ زندگي جو قائل هو. هن پنهنجي لکڻين ۾ انهي جوئي پرچار ڪيو. جيئن پاڻ ”پريتم ويو پرديس“ (1968ع) جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”مان ڪلا زندگي لاءِ واري سڌانت جو حامي آهيان. منڊ کان وٺي منهنجي شروعاتي رچنائن ۾ ٻين ترقي پسند ليکڪن جي تصنيف جيان، ڪلا کان وڌيڪ زور مسئلن ۽ انهن جي حل تي هو. آهستي آهستي مون ڪلا کي وڌيڪ مهتو پئي ڏنو آهي، پوءِ به منهنجي ڪابه ساهيتڪ رچنا بي مقصد ڪانهي، صرف وندر جو وسيلو نه آهي.“
    گوبند مالهي جو ناول ”شرم ٻوٽي“ هندي ۽ گجراتي، ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ هندي ۽ مليالي ۽ ”سمگلر“ گجراتي ۾ ترجمو ٿي ڇپيا. مالهي جي ناولن جو تعداد چاليهن کان به مٿي آهي.

    ترجمي نگاري
    گوبند مالهي نه رڳو اصلوڪو ساهت لکيو، پر جڏهن به گهرج محسوس ڪيائين ته ٻين ٻولين مان چونڊ ناولن ۽ ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجما پڻ ڪندو رهيو. جن جو پڻ ڪافي تعداد آهي. ڪهاڻين کانسواءِ ڪيترائي ناول پڻ ترجمو ڪيائين، جن ۾ ڌرتي ماتا (تاراشنڪر بئنر جي)، سنيتا (جيئندر ڪمار)، تاني (لن يو تانگ)، ماءُ (مئڪسم گورڪي)، ساٿي (يشپال)، انقلابي شاهراهه (آنچل) ۽ چاندني رات (دوستو وسڪي) وغيره شامل آهن.

    ناٽڪ نويسي
    گوبند مالهي ناول ۽ ڪهاڻي کانسواءِ ناٽڪ جي ميدان جو پڻ شهسوار رهيو. کيس انهيءَ کيتر ۾ آڻڻ وارو مشهور بنگالي ناٽڪ نويس ”رتوڪ گهٽڪ“ آهي. گوبند مالهي نه رڳو اصلوڪا ناٽڪ لکيا، پر ڪيترن ئي مشهور ليکڪن جي ڪهاڻين کي ناٽڪ جو روپ ڏيئي پڻ پيش ڪيائين. جن ۾ منشي پريمچند جي ڪهاڻي ”ڪفن“، مسافرون ڪي ليئي (گورڪي جي لومر ڊيپٿس تي هندي ۾) گاءِ ڪي چوري (بنڪم چندر جي ڪهاڻي) تي شامل آهن، سندس اصلوڪن ناٽڪن ۾ ”نمي“، ”گستاخي معاف“ ”گهوٽ ڪنوار راضي“ اهم آهن. سندس سنڌي ناٽڪن جو مجموعو ”گهوٽ ڪنوار راضي“ جي نالي سان ڇپيو. مالهي ڪجهه ناٽڪ هنديءَ ۾ پڻ لکيا.
    گوبند مالهي، سنڌي ناٽڪ جي ترقي لاءِ خوب پتوڙيو. مدن جماڻي چواڻي ”اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته اڄ بمبئي ۾ سنڌي ناٽڪ جي، جا هيءَ جوت جڳمڳ جلي روشني بخشي رهي آهي، ان روشن جوت ۾ گوبند مالهي جو تيل آهي.“
    مالهي ڳچ وقت تائين (1954ع کان) انڊين پيپلس ٿئيٽر جو جنرل سيڪريٽري ۽ نائب صدر پڻ رهيو. گوبند مالهي سنڌي ٻولي تسليمي تحريڪ جومکيه اڳواڻ پڻ هو. 1953ع ۾ ”سنڌي ٻولي سڀا“ جو پايو رکندڙ ۽ انهيءَ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ ڊگهي عرصي تائين انهي پليٽ فارم تي پنهنجو خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
    مٿين ڇپيل ڪتابن کانسواءِ گوبند مالهيءَ جي ٻين ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.

    ايڊٽ ۽ ترتيب ڏنل
    ريگستاني ڦول، پرهه ڦٽي، سوويت يونين، سڀاڻي اسان جوآ، تعليم، لاٽ، چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (جيڪو ساهتيه اڪيڊمي پاران ڇپرايو ويو. هندي، مرهٽي ۽ گجراتي ۾ پڻ ترجمو ٿيو).

    ڪهاڻين جا مجموعا
    ”اها به آکاڻي آهي“ ۽ ”اڳتي قدم.“

    يادگيريون
    پهريون پيار

    آتم ڪهاڻي
    ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون، ادب ۽ اديب، سنڌڙي منهنجي جندڙي (چار ڀاڱا) جيڪي پوءِ سنڌ ۾ ”سنڌڙي منهنجي جندڙي“ جي نالي سان ڇپيا.
    گوبند مالهي 10فيبروري 2001ع تي وفات ڪئي.


    گرداس واڌواڻي

    سنڌي ڪالم نويسي به ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري سنڌي صحافت. ڪالم لکندڙ، ڪنهن مخصوص موضوع تي لکڻ جي بدران، هر موضوع تي خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. گرداس واڌواڻيءَ جو نالو ڪالم نويسيءَ جي حوالي سان تمام مٿانهون ليکيو وڃي ٿو. هن جي لکيل ڪالمن جي اهميت بيان ڪندي ناميارو ليکڪ حميد سنڌي لکي ٿو:
    ”ڪنهن زماني ۾ جڏهن مون مطالعو شروع ڪيو ته آسان ۽ مٺي زبان وارا تمام گهڻا شهپارا منهنجي نظر مان گذريا. انهيءَ دور ۾ مون کي ڪڏهن لعل چند امرڏنو مل پسند ايندو هو ته ڪڏهن ڪشنچند ’بيوس‘ ته ڪڏهن ليکراج عزيز،انهيءَ سونهري دور ۾ سهل ۽ دل لڀائيندڙ زبان استعمال ٿيندي هئي، جن مان ڪجهه لفظ مون به اختيار ڪيا. مون جڏهن پهريون ڀيرو ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جا ڪالم پڙهيا ته مون کي اهو زمانو ياد اچي ويو. جڏهن زبان پينگهه ۾ لڏڻ جو سرور مکڻ ۽ ماکي جو لطف ڏيندي هئي. ڪاڪا جي لکڻين ۾ جيڪا مٺاس آهي. اها اڄ جي قلمڪارن ۾ بنهه گهٽ ٿي نظر اچي. ڪاڪي پنهنجي ڪالمن ۾ هن دنيا جون ڪهاڻيون ۽ وساريل ڳالهيون نهايت خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيون آهن.“

    سوانح
    گرداس واڌواڻي جو جنم 7جون 1911ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس واسطو حيدرآباد جي عامل گهراڻي سان هو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ 1929ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. انهي وقت سنڌ جا سڀ اسڪول ۽ ڪاليج بمبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هئا. گرداس واڌواڻي پنهنجي ادبي زندگي جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪراچي مان ڪئي.1931ع ۾ کيس واپس حيدرآباد ڏاڏي وٽ وڃڻو پيو، جو سندس والد شهدادپور ۾ هو.
    گرداس واڌواڻي ويهن سالن جي عمر ۾ صحافت اختيار ڪئي ۽ سنڌي روزنامه ”ديش متر“ سان لاڳاپو ٿيس. انهي اخبار جو ايڊيٽر ’کيمچند دتارام‘ هڪ بهادر صحافي هو. گرداس واڌواڻي 1931ع کان 1939ع تائين هڪ رپورٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. انهي دوران گرداس واڌواڻي سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ جي سلسلي ۾ مختلف شخصيتن، دانشورن، سياستدانن کان انٽرويو ورتا، جيڪو سلسلو گهڻو مقبول ويو ۽ ڪراچي جي وڏي سنڌي اخبار ”الوحيد“ انهن انٽرويوئن کي جيئن جوتيئن شايع ڪيو.
    تنهن بعد هن انگريزي صحافت جوائن ڪئي ۽ ”سنڌ آبزرور“ ۾ پروف ريڊر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ”مسٽر ڪي پنيا“ انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر هو. 1943ع ۾ ڊاڪٽر تارا چندلالواڻي شام جي پهرين اخبار ”ڪراچي ڊيلي“ شروع ڪئي ته هن انهيءَ ۾ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. سندس ڪم کي ڏسندي ڊاڪٽر تاراچند کيس سنڌجي ٻي وڏي اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ رکيو.
    1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته گرداس واڌواڻيءَ جوسڄو ڪٽنب هندستان لڏي ويو، پر هي هتي ئي رهي پيو. جيتوڻيڪ ڪجهه دوستن سندس سلامتي جي خيال کي نظر ۾ رکندي کيس سنڌ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو. پر هن انڪار ڪيو ۽ ڪراچي ۾ سدائين لاءِ رهي پيو ۽ پنهنجي ڪرت يعني صحافت کي لڳو رهيو. 1948ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ هندو مسلم فسادن جي بيباڪي سان رپورٽنگ ڪيائين.
    ”سنڌ آبزرو“ بند ٿي ته دادا گرداس ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ شامل ٿيو. جنهن جو ايڊيٽر هڪ انگريز ”رابرٽ ٽيلرڪو سارن“ هو، پر ڪجهه وقت کانپوءِ اها اخبار بند ٿي ويئي. انهي کانپوءِ گرداس واڌواڻي ”هندستان اسٽينڊرڊ“ ۽ مدراس جي ”هندو“ اخبار جو رپورٽر مقرر ٿيو. 1961ع ۾ ”مارننگ نيوز“ جوائن ڪيائين. 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ جي ڪري ”هندستان اسٽينڊرڊ“ ۽ ”هندو“ڇڏڻيون پيس.
    ائين گرداس واڌواڻي زندگي جا ايڪيتاليهه سال صحافت کي ڏنا، پوءِ نيٺ 1972ع ۾ صحافت ڇڏي ڏنائين.
    ورهاڱي کان اڳ هن سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي ان وقت جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون.
    گرداس واڌواڻي 1974ع کان روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ ”جيڪي ڏٺو مون“ جي عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيو، جن ۾ هو پنهنجي زندگي جا انيڪ مشاهدا ۽ تجربا بيان ڪندو رهيو.
    انهيءَ کانسواءِ گرداس واڌواڻي ٻارن لاءِ به ڪافي ڪجهه لکيو. هن ڊنمارڪ جي مشهور ٻارن جي ليکڪ اينڊرسن جون ڪهاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي ”شاهي بلبل“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
    گرداس واڌواڻي جي لکڻ جو انداز نهايت وڻندڙ ۽ سليس هوندو هو.ممتاز مهر جي لفظن ۾:
    ”گرداس واڌواڻي جو انداز بيان وڻندڙ ۽ منفرد آهي، سندس ڪالمن جو رنگ ادبي آهي. ڪي ڪالم ته انشائيه (ESSAYS ) لڳندا آهن ۽ ادبي شهپارن جو درجو رکن ٿا.“
    گرداس واڌواڻي جي ساروڻين ۽ ڪالمن جا چار ڪتاب (1)جيڪي ڏٺو مون (1980ع) (2)ساروڻيون (1981ع) جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي انعام پڻ ڏنو (3)ڳالهه ٻولهه (1982ع) ۽ (4)جڏهن آدم آيو (1987ع) شايع ٿيل آهن.
    برک صحافي علي نواز وفائي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهاڳ ۾ سندس لکڻين جو جائزو وٺندو لکي ٿو:
    ”هي ڪتاب مسٽر واڌواڻي جي آزمايل آزمودن، تلخ تجربن، مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ سمجهجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ان کان علاوه پنهنجي يادگيرين، قصن ۽ ڪهاڻين کي جنهن اديبانه انداز ۾ ادا ڪيو آهي، ان جو اندازو صرف پڙهندڙ ئي لڳائي سگهندا.“
    گرداس واڌواڻي جا اهي ڪالم / مضمون/ ساروڻيون سنڌ جي اتهاس جو هڪ باب آهن، جن جي مطالعي کانسواءِ پنهنجي تاريخ جو مطالعو اڻپورو ٿو لڳي.
    گرداس واڌواڻي کي سندس صحافتي خدمتن جي ڪري ”گرو“ يعني ”مرشد“ ڪري سڏيو ويندو هو.
    هن لڳ ڀڳ اسي سالن جي عمر ۾ 1991ع ۾ پولوڪ پڌاريو.
    دادا گرداس واڌواڻي کي خراج تحسين پيش ڪندي برک صحافي يوسف شاهين داداجي ڪتاب ”جڏهن آدم آيو“ جي مهاڳ ۾ لکيو:
    ”دادا هڪ ليکڪ، هڪ صحافي ۽ اديب کان وڌيڪ وڏو انسان ۽ مثالي سنڌي آهي. هي جڏهن پنهنجي لکڻين جي ذريعي، مٺن لولن،لال ليارن، پڪن ٻيرن، ٻاجهر جي ڍوڍن، چانورن جي چلهن جي ڳالهه ٿو ڪري، تڏهن تاريخ جو هڪ اهڙو باب اٿلون ڏيئي، اکين جي اڳيان اُڀري اچي ٿو، جنهن ۾ لڙڪ ۽ مرڪ، وڇوڙي ۽ وصال جا ڪئين داستان لڪل آهن.ولر کان وڇڙيل، 74سالن جي هن پيرسن، زندگي جا چاليهه سال اڪيلي سر گذاري ڇڏيا آهن، نه مٽ نه مائٽ، نه ڀيڻ نه ڀاءُ، نه چاچو نه مامون، نه ڪو عزيز قريب سڀ هن کان وڇڙي ويا. سڀ هن کي ڇڏي ويا، پر هن سنڌ کي نه ڇڏيو، پنهنجي امڙ کي نه ڇڏيو. شال! اها ساڃهه، اهو نينهن سڀني کي نصيب ٿئي.“
    دادا گرداس جي انهيءَ ڪيفيت کي نصير مرزا پنهنجي هڪ نظم ۾ هن ريت چٽيو آهي:
    هو سڀ
    جيڪي هُن جا گهر ڀاتي هئا
    ايئرپورٽ ۽ سمونڊ جي ڪناري
    هوائي جهازن ۽ آگبوٽن ۾ چڙهي
    برن پٽن ۽ بيابانن مان ٿيندا
    دنيا جي نقشي ۾ گم ٿي چڪا آهن
    سندن اُجاڙ
    ڀڙڀانگ ۽ ڀانڀاڙ حويليءَ ۾
    بس رڳو
    ڪنهن وشال ٽيبل تي ٻرندڙ
    ڄاڻ ته اجهامندڙ ڏيئو
    ۽هڪڙو البم
    سنڌ ۾ هنن جي آخري نشاني آهي.


    لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

    سنڌي ادب ۽ ٻولي لالچند امر ڏني مل تي سدائين فخز ۽ ناز ڪندي رهندي، جنهن نه رڳو سنڌ ۾، پر ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هندستان لڏي ويو ته اُتي به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. سائين جي ايم سيد جي لفظن ۾ ”هن گهڻي خدمت ڪئي. هي پڪو محب وطن هو “. سنڌ سان ايتري ته محبت هيس، جومرڻ کان اڳ وصيت ڪئي هئائين ته ”منهنجي هاٺي سنڌو درياءَ ۾ داخل ڪئي وڃي. منهنجي گنگا سنڌو آهي “.

    سوانح:
    سرڳواسي لالچند ولد امر ڏنومل جڳتياڻي، 25جنوري 1985ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سنڌي کيس گهر ۾ پڙهائي ويئي. پوءِ هيرانند اڪيڊمي مان ميٽرڪ تائين انگريزيءَ ۾ تعليم ورتائين. ميٽرڪ 1903ع ۾ پاس ڪيائين. 1904ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پڙهڻ سان گڏ نوڪري به ڪندو هو. 1918ع تائين ائين ڪيائين. ڪجهه وقت سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪيائين. ڪجهه وقت پروفيسري به ڪيائين.

    ادبي خدمتون:
    لالچند امر ڏني مل هڪ ماستر جي حيثيت سان پنهنجي ادبي زندگي شروع ڪئي ۽ هڪ اعلى اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت سان هي جهان ڇڏيائين. ادب جي هر صنف تي ڪتاب لکيائين. سنڌي زبان، شاهه لطيف، تصوف، گهرو زندگي، سماجي معاملا، ناول، ڊراما، ڪهاڻيون ۽مضمون لکيائين. ”پاڻ هڪ پختو فنڪار سليس ۽ سهڻي زبان لکندڙ ۽ ظرافت آميز عبارت جو صاحب هو. سندن زبان مٺي، سليس، صاف ۽ سهڻي هئي. عربي، فارسي،هندي ۽ سنسڪرت جي ڏکين لفظن کان پاسو ڪيو اٿس. جنهن ڪري سندس زبان ۽ عبارت عام فهم آهي .
    طبيعت صوفياڻي هئس، تنهنڪري اسلامي تصوف جو مطالع ڪيائين، ويدانت جا ورق ورايائين ۽ ڀيٽيائين، ڏٺائين ته هرهنڌ حق آهي۽ اهو هڪ آهي. فساد ۽ فتنو ته اجايو آهي . انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي صوفياڻي ڪم کان متاثر ٿيو ۽ ٿيا سافيڪل سوسائٽي ۾ آيو ۽ اتي به پنهنجي هر دلعزيز شخصيت کي خوب چمڪايائين .
    لالچند امر ڏني مل پنهنجي صوفياڻي طبيعت جي ڪري ”پيغمبر اسلام“ جي تاريخ نهايت دلپذير انداز ۾ لکي، جنهن ڪري ڪي دوست کيس مذاق طور لالچند مان ”لعل محمد“ سڏيندا هئا. لالچند امر ڏني مل لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي قلم هلايو، سنڌي ٻولي، شاهه لطيف، ڊراما، تصوف، گهرو زندگي، سماجي معاملا وغيره تي ڀرپور نموني لکيو.
    لالچند امر ڏنو مل ڪانگريس جي هلچل جي ڪري 1922ع ۾ جيل ۾ پڻ ويو ۽ ديس جي آزاديءَ جي هلچل ۾ چڱو بهرو وٺندو رهيو. صحافتي دنيا ۾ 1929ع ۾ گوپالداس ليکراج جي جاري ڪيل اخبار ”پرڪاش“ ۾ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ خدمتون سرانجام ڏنائين.
    1930ع ڌاري لالچند، ڄيٺمل ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ برپا ڪئي. انهي طرفان نڪرندڙ ڪتابن جو ڏيڍ سال تائين ڄيٺمل ايڊيٽر رهيو، تنهن کانپوءِ اها ذميداري لالچند کنئي. ان سوسائٽي لاءِ ”عمر مارئي“ لکيائين. سندس مضمونن جا مجموعا ”ڦلن مٺ“ ۽ ”سدا گلاب“ فڪر ۽ زبان جي لحاظ کان عمدا ۽ معياري آهن. سدا گلاب، جيتوڻيڪ ٽئگور جي گارڊنر (GARDNAR) جي گيتن تان ورتل آهي، پر ترجمو آزاد ۽ نهايت سهڻو ڪيل آهي. ائين لڳي ئي ڪونه ٿو ته ڪو ”سدا گلاب“ ترجمو آهي.
    1923ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ ”رابيندر ناٿ ٽئگور“ ناٽڪ منڊلي جو افتتاح ٿيو. ان منڊلي جو برک اڳواڻ به لالچند امر ڏنومل هو.
    1940ع ۾ جڏهن ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو ويو (جيڪو پوءِ سنڌي ادبي بورڊ بنيو) ته ان ۾ هن اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. سنڌي لغت کي تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، انهيءَ جو به اسسٽنٽ ٿي رهيو ۽ سنڌي لغت جي تياري لاءِ ڪوششون ورتائين. بورڊ طرفان 1946ع ۾ ”مهراڻ“ رسالي جي اشاعت عمل ۾ آندي ويئي ته پاڻ انهي جي ادارت ڪيائين.
    لالچند امر ڏني مل 1932ع ۾، جڏهن شاهه لطيف جي ورسي پهريون ڀيرو ميران محمد شاهه ڀٽ شاهه تي ملهارائي ته انهي ۾ به بهرو ورتو، تنهن تنهن کانسواءِ سنڌ هاري ڪميٽي کي برپا ڪرڻ ۾ پڻ هن جو گهڻو حصو هو.
    لالچند امر ڏني مل 18اپريل 1954ع تي وفات ڪئي. سندس وصيت موجب سندس هاٺيون 18ڊسمبر1956ع تي سنڌو ندي جي حوالي ڪيون ويون.

    تصنيفون
    لالچند امر ڏني مل جي لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    1- سيڻ ڪي ويڻ (ڊرامو)، 2-نقد ڌرم (ڊرامو)، 3- چوٿ جو چنڊ (ناول)، 4- ڪشني جا ڪشٽ (طبعزاد ڪهاڻي)، 5-، ڏکن ڏڌي زندگي،
    - شاهاڻو شاهه (شاهه لطيف بابت)، 7- سچل سونهارو، 8- بيرنگي باغ جو گل (ٻه ڀاڱا-خليفي گل هالائي تي تنقيد)، 9- سدا گلاب (نظماڻو نثر)، 10- ڦلن مٺ (مضمون)، 11- عمر مارئي (ڊرامو)، 12- لڳ ننڍو جي گهڻو، 13- سون ورنيون دليون (ترجمو)، 14- ڪيرت رس، 15- پرمانند، 16- هندو نارين سان ويل، 17- سهڻي ميهار (ڊرامو)، 18- سچ تان صدقي (ناول)، 19- برونو، 20- حضرت محمد رسول الله، 21- مسافري جو مزو ۽ سير جو رنگ، 22- ماتمين کي دلداري، 23- سر ڪيڏارو، 24- حر مکي جا، 25- پريم جا ٻوڪ، 26- هندستان جي تاريخ (ڀاڱو پهريون)، 27- لڄاوتي،
    28- شاعراڻا گل، 29- ماڻڪ موتي لال، 30- ڀنڀور، 31- عملدار ڪين رعيت آزاد، 32- رام بادشاهه، 33- ميران، 34- سنڌي ٻولي جونچوڙ،
    35- جيل جي ڊائري، 36- شاهه جا ڪي سر، 37- سامي جا سلوڪ
    38- ننڍڙا ناٽڪ.
    ڪجهه ڪتابن جو جائزو:

    1- چوٿ جو چنڊ
    هي ناول سنڌي جي شروعاتي طبعزاد ناولن مان ڳڻيو وڃي ٿو، پهريون ڀيرو 1909ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو پلاٽ رواجي آهي، پر ليکڪ انهيءَ ۾ پنهنجي قلم وسيلي گهڻو چس پيدا ڪيو آهي. مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”ڪتاب لکي تيار ڪيم ۽ ڪيترن سڄڻن کي ڏيکاريم تن مان گهڻن جي صلاح ٿي ته بيشڪ ڇپائينس پر ته به پئي ترسيس ته متان ڪو اهڙو اجايو، سجايو ۽ گٿو حرف وڌو هجيم، جو ڪن اشرافن اخلاق جي عشق ۾ سرگردان صاحبن کي نه وڻي ۽ ڪراهت کان قيءَ اچي وڃين.“

    2- سون ورنيون دليون
    لالچند طبعزاد لکڻ سان گڏ ڪن ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا جن مان انگريزي ۾ لکيل ناول Hearts of Gold جو ”سون ورنيون دليون“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. مهاڳ ۾ پاڻ لکي ٿو. ”مون هن کي سنڌي ويس هن لاءِ ڍڪايو، جو چيم، پنهنجي ديس ڀاين کي ڏيکاريان جو ’سون ورني دل‘ وارا جيو جتي ڪٿي ٿين ٿا.“

    3- سدا گلاب
    اهو پهريون ڀيرو هو، جو سنڌيءَ ۾ نظماڻو نثر لکيو ويو نه ته اڳ ۾ سنڌي ۾ هن قسم جا نظماڻا ٽڪرا نه لکيا ويا هئا. مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”آئون ڄاڻان ٿو ته سنڌي ساهت جي چمن ۾ هي سدا گلاب نپٽ نوان آهن، پر سنڌين کي هڪ واري اها طرز اچي ويئي ته انهن جي سڳنڌ جو ساءَ ڪيئن وٺجي ته پوءِ پڪ اٿم جو پاڻيهي پيا ڍڪ ڀريندا ته هي سدا گلاب برابر جيءَ کي جياريندڙ ۽ پريم سان پُر آهن.“


    ليکراج عزيز

    سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ليکراج عزيز هڪ يگاني هستي هو. هن سنڌي نثر توڙي نظم ۾ پاڻ ملهايو ۽ انهن ٻنهي صنفن ۾ هن وڏي عزت ۽شهرت حاصل ڪئي. ليکراج عزيز اڌ صدي تائين سنڌي ادب تي ڇانيل رهيو ۽ ان کي مالا مال ڪندو رهيو.

    سوانح
    ليکراج ڪشچند ميرچنداڻي 19ڊسمبر 1897ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سندس والد ڪشنچند نائون مل هڪ وڏو زميندار هو. انهيءَ هوندي به هو پڙهيو ۽ ايگزيڪيوٽر انجنيئر ٿيو. ليکراج عزيز شروعاتي تعليم ”نولراءِ هيرانند اڪيڊمي هاءِ اسڪول“ ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ به ان ئي اسڪول مان 1915ع ۾ پاس ڪئي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، بمبئي پڙهڻ ويو، جتي هو ”ايلفسٽن ڪاليج“ ۾ داخل ٿيو، پر گريجوئيشن جو امتحان ڏيئي نه سگهيو، پر عشق جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. اهڙي طرح ليکراج ڪاليجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ پوءِ اها وري ڪڏهن به پوري ڪري نه سگهيو.

    شعر و شاعري
    ليکراج کي بمبئي ۾ عشق جي اهڙي ته چوٽ لڳي جو هو سڀ ڪجهه ڇڏي وڃي پيءُ جي جواهرات جي دڪان تي ويٺو ۽ وري اها نازنين به نه مليس، جنهن سان پيچ اڙايو هئائين، انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”هاڻي جيتوڻيڪ مان فارغ هوس ۽ دل به پريشان هئي ۽ روح بيقرار، اندر ۾ هڪ بُٺ پئي ٻريو، جنهن کي نه اکين جو آب اجهائي ٿي سگهيو ۽ نه ڪنهن جي وصال جو پاڻي. گهر ۾ راحت جو سامان موجود هوندي به منهنجي دل ملول ٿي رهي. اوطاق جي تنهائي ۾ مجرد گذارڻ لڳس. سڀني کان ڪناراڪشي ڪري پئي بسر ڪيم. جڏهن به دل، غم جو بار لاهي نه سگهندي هئي ۽ منهنجا احساس بي اختيار منظوم (شعر ۾) ٿي نڪرندا هئا، تڏهن اهي هڪ ڪاپيءَ ۾ درج ڪري ڇڏيندو هوس “
    شاعري جو اهوشوق اڳتي هلي دوستن جي صحبتن ۽ ڪتابن جي مطالعي جي ڪري پختو ٿيس. انهن ڏينهن، حيدرآباد ۾ سندس گهر جي ويجهو مشاعرن جون محفلون ٿينديون هيون .جن ۾ ان وقت جا مشهور شاعر پنهنجو ڪلام ٻڌائيندا ۽ داد وٺندا هئا. ليکراج عزيز اهڙن شاعرن ۾ ٻڌندڙ جي حيثيت سان شريڪ ٿيندو هو ۽ انهن مان فيضياب ٿيندو هو.
    هڪ ڀيري نيٺ ڪجهه دوستن جي زور ڀرڻ تي هو هڪ مشاعري ۾ شريڪ ٿيو، جنهن جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي. انهيءَ ۾ هن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو، جنهن جو ذڪر ڪندي ليکراج لکي ٿو. ”مان جڏهن شعر پڙهڻ کان واندو ٿيس تڏهن (مرزا قليچ بيگ) چيائين، جي عزيز مشق ڪندو آيو ته هڪ ڏينهن سندس جهڙو شاعر سنڌ ۾ ڳولهيو مشڪل لڀندو.“
    انهيءَ همت افزائي، کيس پنهنجو ڪلام شايع ڪرائڻ تي اُتساهيو ۽ انهي سان گڏ سنڌي ۽ اردو شاعريءَ جي اڀياس سندس شعر ۾ ڪافي سڌارا آندا. عزيز جي ڪلام جو پهريون مجموعو ”ڪليات عزيز“ جي صورت ۾ 1938ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي خوب پذيرائي ملي.
    ”ڪليات عزيز“ جي پهرين ڀاڱي ۾ غزلن جو ديوان ۽ ٻيون صنفون هيون، ٻي ڀاڱي ۾ ”مصر جي راڻي“ ۽ ”ڪيمياگر“ نالي ٻه مثنويون هيون. ان وقت (1936ع ڌاري) سنڌيءَ ۾ شاعرن جا 7-8 ديوان مس نڪتل هئا.
    ”ڪليات عزيز“ جو مهاڳ، ٽکڙ جي مشهور شاعر بسمل ٽکڙائيءَ لکيو. جنهن ۾ هن عزيز ۽ هن جي ڪلام جي اهميت بيان ڪندي لکيو:
    ”حيدرآباد پنهنجي شاعريءَ جي تاريخ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ارباب ڪمال شاعر ۽ نڪته نواز سخنور پيدا ڪيا آهن. اهو داستان ڊگهو آهي، پر جيڪڏهن هي سوال ڪجي ته هنن جي عهد ۾ سنڌي شاعريءَ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي، زبان جي صفائي ۽ خيالن جي وسعت ڪٿي وڃي پهتي آهي ۽ شاعريءَ جا مختلف عنوان، حسن اسلوب، بندش جي خوبي، مضمونن جي بلندي، طرز ادا جي ندرت (نرالپ) محاورن جي ڪثرت، تخيل، تشبيهه، استعاره، جدت، جوش بيان وغيره ڪهڙي بلند پايي تي پهتا آهن ته ان جي جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ درد سري ڪرڻ ۽ ورق گرداني جي ڪابه ضرورت ڪانهي. مسٽر عزيز جو ڪلام حاضر آهي. جنهن ۾ شاعري جي هرهڪ پهلوءَ جا اهڙا لاجواب مثال پيش ٿيل آهن، جي هر ڪنهن قادر الڪلام سخنور جي شعر ۾ هئڻ گهرجن.“
    ليکراج عزيز جو ”ڪليات“ ۽ ڪلام هندو توڙي مسلم عوام ۾ سٺي مقبوليت حاصل ڪئي، جنهن جو ذڪر ڪندي پير حسام الدين راشدي مرحوم ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ لکي ٿو:
    ”شعر چوڻ جو هندن کي سو ڏانءُ ڪونه ايندو هو. پهريون شاعر جيڪو مون ٻڌو، سو ليکراج ڪشچند عزيز هو، جنهن پنهنجي شعر جا ڪتاب انهيءَ دور ۾ ڇپايا ۽ جنهن جي شاعريءَ ۾ فارسي اکرن جي ڪثرت هوندي به اوريجنل خيال هئا ۽ پنهنجي ماحول سان تعلق رکندڙ ڳالهين کي بيان ڪيو ويو هو“.

    ناٽڪ نويسي
    ليکراج عزيز هڪ سٺي شاعر هئڻ سان گڏ، ناٽڪ نويس به هو. 1931ع کانپوءِ ٽن سالن جي اندر هڪٻئي پٺيان هن ٽي وڏا ناٽڪ: ڪمار اجيت سنگهه (1931ع) غريبان مار (1931ع) ۽ مسٽر مجنون (1931ع) لکيا ۽ اسٽيج تي پيش ڪيا. انهن ٽنهي ناٽڪن جي ٻولي نهايت سليس، سهڻي ۽ اصطلاحن سان ڀرپور آهي. پويون ناٽڪ مسٽر مجنون، جڳو آڏواڻي سان گڏ لکيائين.
    انهن ناٽڪن جي ڪاميابي بابت پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو:
    ”ليکراج پنهنجو شاعراڻو قلم ناٽڪ نويسيءَ تي خوب هلائيندو هو. هن صاحب ٽي سٺا ناٽڪ لکيا. سندس پهريون ناٽڪ ”ڪمار اجيت سنگهه“ (1931ع) راجپوت تاريخي کيل هو، جو اسٽيج تي چڱيرڙو بيٺو هو. سندس ٻيو ناٽڪ ”مسٽر مجنون“ هڪ سچو مذاقي کيل هو، جنهن جي پٺيان نئين زماني جي مجنن ۽ لئلائن تي سماجي طنز لکيل هئي. هيءَ ناٽڪ 1933ع ۾ بلڪل ڪاميابيءَ سان حيدرآباد ۾ ڪري ڏيکاريو ويو. هن جهڙو ڪامياب مڪمل مذاقي کيل سنڌ ۾ ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. عزيز صاحب جو آخري ناٽڪ ”غريبان مار“ خود عزيز جي زمينداري پيشي تي ٻڌل مسڪين هارين ۽ زميندارن جي ظلمن بابت اثرائتو کيل هو.“
    ليکراج عزيز چوٿون ناٽڪ ”هارجيت“ جي نالي سان 1931ع ۾ لکيو. جو پڻ اڳين ناٽڪن جيان اسٽيج ڪيو ويو. جيڪي سڀ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيا. سندس انهن ناٽڪن تي تبصرو ڪندي برک ليکڪ اي جي اُتم پنهنجي ڪتاب ”ليکراج عزيز“ (1986ع)۾ لکي ٿو:
    ”ليکراج عزيز جا هي ٽي ننڍا وڏا ناٽڪ نه رڳو زندگي جي ٽن مکي پهلوئن (سماجي، ملڪي ۽ اقتصادي) جي ترجماني ڪن ٿا. پر مائيدار ۽ محاويدار ٻوليءَ ۽ ناٽڪي فن جو پڻ مثال پيش ڪن ٿا.
    ناٽڪن ۾ ڏنل سڀاويڪ گفتگو، ٺهڪيل رٿا، سيرت نگاري ۽ واقع نگاري اهڙي ته سڦل آهي، جو ڀانئجي ٿو ته عزيز کي نه صرف ناٽڪن لکڻ، پر اهي پيش ڪرڻ (اسٽيج) جي فن جي به پوري پوري پروڙ هئي.“

    مضمون نويسي
    ”ڪليات عزيز“ جي اشاعت کانپوءِ 1941ع ۾ ليکراج عزيز جي مضمونن جو مجموعو ”ادبي آئينو“ شايع ٿيو. جنهن کيس مضمون نويسن جي پهرين صف ۾ آڻي بيهاريو. ”ادبي آئينو“ ۾ 29مختلف موضوعن تي مضمون شامل هئا. هي ڪتاب نه رڳو ان وقت، پر اڄ به سنڌي ادبي مضمون نويسيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ان وقت کان وٺي ورهاڱي تائين ”ادبي آئينو“ سان ملندڙ جلندڙ مضمونن جو ايڪڙٻيڪڙ مجموعو نڪتو هو. سنڌ سرڪار جي ادبي صلاحڪار بورڊ عزيز جي ان ڪتاب تي 1941ع ۾ انعام به عطا ڪيو هو، جيئن کيس ”ڪليات عزيز“ ۽ ”غريبان مار“ ناٽڪ تي به انعام مليا هئا.
    پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ”ادبي آئينو“ جي ادبي ڪٿ ڪندي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو:
    ”منجهس هر قسم جا بياني، مذاقي، ادبي، فيلسوفاڻا مضمون هئا، جي سڀ موزون اصطلاحي ٻولي ۾ پيش ڪيل هئا. هن ڳٽڪي به سنڌي مضمون نويسي کي چڱي اوج ڏني.“
    ليکراج عزيز جي مضمونن جي اهميت ان مان به ثابت ٿئي ٿي، جو سندس ڪيترن ئي مضمونن کي درسي ڪتابن ۾ به شامل ڪيو ويو. جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته هو نه رڳو هڪ سٺو شاعر ۽ ناٽڪ نويس هو، پر چوٽيءَ جو نثر نويس به هو.

    سنڌيت جي هلچل ۾ حصو
    ڀارت ۾ سنڌي جاتي جي هستي برقرار رکڻ ۽ سنڌي ٻولي، لپي، ادب کي سلامت رکڻ جي لاءِ سنڌي اديبن جيڪا هلچل هلائي، ليکراج عزيز انهيءَ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. هو 1962ع ۾ ”سنڌي ساهت منڊل“ جو صدر ۽ 1959ع ۾ شروع ٿيل ”سنڌي لپي سڀا“ جو آخر تائين صدر هو. هو ”بمبئي يونيورسٽي بورڊ آف اسٽڊيز“ جو ميمبر به هو.
    ليکراج عزيز 1956ع ۾ڪي سي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيوته هن اتي ”سنڌي ادبي دنيا“ جي نالي سان ”تنظيم“ ٺاهي، جيئن انهن ۾ ادبي ذوق پيدا ٿئي.
    1966ع ۾ ليکراج عزيز جي ڪتاب ”صراحي“ کي ساهيتيه اڪيڊمي ايوارڊ ڏنو ويو، پوءِ 1967ع ۾ دهلي ۽ بمبئي ۾ سندس مان ۾ ميڙ ڪوٺايا ويا.
    ان ئي زماني ۾ هند سرڪار ”سنڌي ٻوليءَ“ کي تسليم ڪري ڀارتي جوڙجڪ جي اٺين شيڊيول ۾ ٻين ٻولين سان قومي ٻوليءَ طور شامل ڪيو، جنهن لاءِ سنڌي ليکڪن خاص طور زبردست تحريڪ هلائي هئي ۽ پروفيسر ليکراج عزيز انهن جو هڪ سرگرم رُڪن هو.

    ليکراج جا ڪتاب
    ليکراج عزيز جا ننڍا وڏا ڪل 19ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو وچور هن ريت آهي. 1-ڪمار اجيت سنگهه (ناٽڪ 1931ع) 2-غريبان مار (ناٽڪ 1931ع) 3-مسٽر مجنون (ناٽڪ 1933ع) 4-ڪليات عزيز (پهريون ڀاڱو-غزلن جو ديوان 1938ع) 5-ڪليات عزيز (ٻيو ڀاڱو: ٻه مثنويون (1938ع) 6-ادبي آئينو (مضمون 1941ع) 7-گلزار عزيز (شعر 1944ع) 8-شاعراڻي شمع (شعر 1944ع) 9-پيغام عزيز (قومي شعر: 1964ع) 10-پڇتاءُ جا لڙڪ (ٽي مثنويون 1946ع) 11-آبشار (شعر 1953ع) 12-گل و خار (تنقيد 1955ع) 13-صراحي (غزلن جو ديوان: 1963ع)14-سامي (تنقيدي مضمون 1965ع) 15-للڪار (قومي گيت: 1965ع) 16-سوز و ساز (شاعري: 1970ع) 17-ٻڳهڻ ٻول (ٻارن لاءِ ڪويتائون: 1970ع) 18-ڪلهه جي ياد (متفرقه: 1971ع) 19-سنڌي اصطلاح (ڀاڱو پهريون: جيڪو سندس وفات کان پوءِ 1976ع ۾ ڇپيو.)
    پروفيسر ليکراج ڪشچند عزيز 19آگسٽ 1971ع تي وفات ڪئي.


    مخدوم طالب المولى

    سنڌي ادب ۾، مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘ جي نالي جي وڏي اهميت آهي. مخدوم صاحب جو جنم 4آڪٽوبر 1919ع تي هالا ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو مخدوم غلام محمد صديقي هو. مخدوم صاحب جو خاندان صدين کان علمي و ادبي لحاظ کان، هڪ مثالي ڪردار جو مالڪ رهيو آهي. سندن وڏو مخدوم نوح رحمتھ الله عليھ جنهن قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ تفسير لکيو هو. تنهن کان پوءِ سندن خاندان جو هڪ ٻيو بزرگ فتح محمد صاحب ٿي گذريو آهي، جيڪو بلند پايه جو اديب ۽ ليکڪ هو. هن هڪ ڪتاب ”فتحي“ لکيو هو. اهڙي طرح مخدوم غلام رسول صديقي به وڏو اديب ٿي گذريو. سندس والد محترم پڻ شاعر هو، تنهن کان سواءِ سندس چاچو مخدوم غلام حيدر به سٺو ليکڪ هو. سندس ڪتاب ”سفينھ النوح“ مشهور آهي.
    مخدوم محمد زمان، پنهنجي والد مخدوم غلام محمد جي وفات کان پوءِ درگاهه مخدوم نوح سرور رحمتھ الله عليھ جا سترهون سجاده نشين ٿيو.
    مخدوم صاحب شروعاتي تعليم درگاهه جي مجاور آخوند حافظ ولي محمد وٽ قرآن پاڪ جي پڙهڻ سان شروع ڪئي، تنهن کان پوءِ حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان انجم هالائي وٽ سنڌي تعليم مڪمل ڪئي. فارسيءَ جي شروعاتي تعليم مرحوم غلام حيدر صديقي ۽ بعد ۾ مولوي عبدالحئي ڦلپوٽي ۽ مولوي محمد عالم وٽ حاصل ڪئي.
    مخدوم محمد زمان، مولانا عبيدالله سنڌي جو به شاگرد هو. جيڪو سندس والد مخدوم غلام محمد ۽ مخدوم غلام حيدر جو پڻ استاد هو. مولانا سنڌي اڪثر هالا ۾ ايندو هو.
    مخدوم محمد زمان کي شاعري ۽ راڳ جوننڍي هوندي کان ئي شوق هو. سندس پهرين تخلص ’بيوس‘ ۽ پوءِ ’فدائي‘ هو. بعد ۾ ’زمان شاهه‘ ۽ ’طالب‘ اختيار ڪيائين. نيٺ ’طالب المولى‘ اختيار ڪيائين، جنهن جوسبب بيان ڪندي پاڻ هڪ انٽرويو ۾ فرمايواٿن:
    ”ان زماني ۾ مون ڪي تخلص اختيار ڪيا. جهڙوڪ: طالب، هڪ ڏينهن جمعي جي نماز پڙهي رهيو هئس ته اسان جي درگاهه جي خطيب حاجي قابل انصاري، جيڪو جمعي يا عيد جو خطبو پڙهندو هو ۽ اُن ۾ ’طالب المولى مذڪر‘ جو لفظ چوندو هو. سندس خطبو ٻڌي منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته ’طالب المولى‘ تخلص اختيار ڪريان، تنهن کان پوءِ اهو تخلص اختيار ڪيم.“
    پاڻ 1946ع ۾ هالا ۾ انجمن علم و ادب جو بنياد وڌائون ۽ ادبي ڪمن سان دلچسپي هئڻ جي ڪري هالا ۽ ’الزمان پرنٽنگ پريس‘ به قائم ڪيائون. جتان هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ نڪرنديون هيون.سال 1950ع ۾ ماهوار ’فردوس‘ جاري ڪيائون ۽ 1952ع ۾ ماستر جمع خان غريب ’سيتا‘ شهر مان ماهوار رسالو ’طالب المولى‘، سندس ئي سرپرستيءَ ۾ ڪڍيو. اڳتي هلي حيدرآباد مان ’شاعر‘ رسالو سندس ئي سرپرستي هيٺ نڪتو.
    1952ع ۾ مخدوم محمد زمان ’طالب المولى‘ ’جمعيت الشعراءُ سنڌ‘ جو سرپرست چونڊيو ويو، جنهن ۾ پاڻ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنائون. مخدوم صاحب تعليم جي سرپرستي جي ڏس ۾ ’سروري اسلاميھ ڪاليج، هالا‘ جي ايجوڪيشن بورڊ جي پريزيڊنٽ طور به قابل تحسين خذمتون سرانجام ڏنائون. پاڻ 1954ع ۾ روح ادب سنڌ اداري جو بنياد رکيائون، جنهن پاران ماهوار رسالو ’روح ادب‘ جي نالي سان حيدرآباد ۾ شايع ٿيندو هو.
    سندس علمي ۽ ادبي ذوق ۽ خدمتن کي نظر ۾ رکندي سندس ئي هڪ معتقد پير علي محمد ريلائي نومبر 1955ع ۾ ’بزم طالب الموليٰ‘ جو بنياد رکيو، جنهن جو پڻ مخدوم صاحب ئي سرپرست هو.
    مخدوم طالب المولى پهريون ڀيرو 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن ٿيو. البت پاڻ بورڊ جا ميمبر 1955ع کان هئا. سندس چيئرمينيءَ واري انهيءَ دور ۾ بورڊ جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن.
    مخدوم طالب المولى علمي و ادبي سرگرمين کان سواءِ سياسي ميدان ۾ به سرگرم رهيا ۽ ٽي ڀيرا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر پڻ رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکيو ته پاڻ پارٽيءَ جي باني ميمبرن ۾ هئا ۽ پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن هالا ۾ سندن ئي ميزباني هيٺ ٿيو ۽ کيس پارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمين چونڊيو ويو .جنهن عهدي تي پاڻ تاحيات رهيا.
    مخدوم طالب المولى جو ون يونٽ ٽوڙائڻ ۾ به اهم ڪردار رهيو، جنهن جو ذڪر ڪندي رسول بخش پليجو پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
    ”منهنجي اکين اڳيان پنجويهه سال اڳ جو سندن اهو ڪردار ياد ايندو آهي. ان وقت حاڪم طبقي ۽ ان جي سياست سان واڳيل هڪڙو ماڻهو (طالب المولى) سنڌ پاران وڙهندڙ اديبن جي فقراءُ لڏي جو، خالص علمي ۽ ادبي مورچي تي پاسو جهليو بيٺو رهيو ۽ ڪڏهن به سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ ترقي پسند، وطن دوست اديبن جو ساٿ ڇڏي، کانئن منهن نه موڙيائين.“
    مخدوم ’طالب المولى‘ کي سندن علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران 1965ع ۾ ”تمغھ پاڪستان“ ۽ 1992ع ۾ ”تمغھ امتياز“پڻ ڏنو ويو.
    مخدوم طالب المولى11جنوري 1993تي وفات ڪئي.
    مخدوم طالب المولى جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو تعداد ٻاويهه کن ٿيندو جن ۾ طبع زاد، ترتيب ۽ ترجمو پڻ شامل آهن، جن جو مختصر تعارف هن ريت آهي.
    (1) بهار طالب: هي سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو 1946ع ۾ هالا مان شايع ٿيو.
    (2) رباعيات طالب: هي رُباعين جومجموعو اٿس، جيڪو پهريون ڀيرو 1946ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1990ع ۾ شايع ٿيو.
    (3) اسلامي تصوف: هي ڪتاب تصوف جي حوالي سان ترتيب ڏنل مضمونن جومجموعو آهي، جيڪو 1951ع ۾ شايع ٿيو.
    (4) شيطان: هي ڪتاب 1951ع ۾ ڇپيو.
    (5) خودشناسي: سندس هي ترجمو ڪيل ڪتاب 1952ع ۾ شايع ٿيو.
    (6)امام غزاليءَ جا خط: امام غزاليءَ جي خطن جو ترجمو ڪيل هي مجموعو 1953ع ۾ ڇپيو.
    (7)ياد رفتگان:سنڌ جي چونڊ مرحوم شاعرن جي مختصر زندگيءَ جو احوال، فوٽو ۽ ڪلام سميت ”الزمان پريس هالا“ طرفان 1953ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو ڀيرو نئين سر واڌاري سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1994ع ۾ شايع ٿيو.
    (8) مثنوي عقل و عشق: هي ڪتاب طويل مثنويءَ تي مشتمل آهي، جنهن جي آخر ۾ مثنويءَ ۾ ڪم آيل قرآن شريف جي آيتن جو ترجمو ۽ ڏکين لفظن جي معنى پڻ ڏني ويئي آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو ”اداره روح ادب“ سنڌ طرفان 1955ع ۾ ٻيو ڀيرو 1983ع ۾ ”بزم طالب المولى“ هالا شاخ طرفان شايع ڪيو ويو.
    (9) ڪچڪول: شاعريءَ جو چوٿون مجموعو، جيڪو 1955ع ۾ شايع ٿيو.
    (10) ڪافي: هي ڪتاب، سنڌي شاعريءَ جي قديم صنف ”ڪافي“ تي تحقيقي ڪتاب آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1958ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1962ع ۾ شايع ٿيو.
    (11) شانِ سروري: شاعريءَ جو پنجون مجموعو، 1962ع ۾ پڌرو ٿيو.
    (12) بي پير اکيون: شاعريءَ جو ڇهون مجموعو، جيڪو سڄو سندس هٿ اکرن ۾ ڪتابت ڪري ڇپيو ويو آهي. آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنائون پڻ ڏنيون ويون آهن.
    (13)ڇپر ۾ ڇڙيون: شاعريءَ جو هي مجموعو پهريون ڀيرو 1971ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو. ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن ۾ ڦرهي ڏني ويئي آهي.
    (14) مضامين طالب المولى: علمي ۽ ادبي مضمونن جو مجموعو.
    (15) ديوان طالب المولى: هي ڪتاب 1982ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي روايتي 52 اکرن بدران 58 اکرن جي ترتيب سان رديف رکيا آهن، جن ۾ پاڻ، لهه، مهه، تنوين، ۾ غنھ، نهه، ڻهه، جا ڇهه اکر وڌايا آهن، جن جي واڌاري بابت مخدوم صاحب ”ديوان“ جي مهاڳ ۾ تفصيل سان دليل ڏنا آهن.
    (16) مصريءَ جون تڙون: مخدوم صاحب جي ملفوظات تي مشتمل هي ڪتاب 1990ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو (Pieces of Sugar Candy) جي نالي سان ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪيو، جيڪو 1997ع ۾ شايع ٿيو.
    (17) سندا وسين سنڌڙي: بيتن جو هي مجموعو ”طالب المولى اڪيڊمي“ هالا طرفان 1990ع ۾ شايع ٿيو.
    (18) چهنڊڙيون: مخدوم صاحب جي قطعن جو هي مجموعو 1992ع ۾ ”طالب المولى اڪيڊمي هالا“ پاران ڇپيو.
    (19) منهنجو ننڍپڻ: مخدوم صاحب جي ننڍپڻ جي يادگيرين تي ٻڌل هي ڪتاب 1993ع ۾ شايع ٿيو.
    (20) بهار ستان: رباعين جو هي مجموعو، 1994ع ۾ ”طالب المولى اڪيڊمي“ پاران شايع ٿيو.
    (21) لُغات سنڌي مُخففات: مخدوم صاحب هي ڪتاب پنهنجي دوست ۽ مريد مرحوم احمد خان ”آصف“ مصراڻي جي مدد سان لکيو 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب بابت ناشر پاران ۾ لکيو ويو آهي:
    ”لغات سنڌي مخففات“ پنهنجي موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان قواعد، صوتيات ۽ زبانداني جي ماهرن لاءِ وڏي وٿ آهي. فاضل مصنف جي علمي بصيرت، گيرائي ۽ مطالعي جي گهرائي لاءِ سندس هي ڪاوش منفرد، بي مثل ۽ بي بها آهي. هن مواد ڇپجڻ سان سنڌي زبان تي تحقيقات جو رُخ بدلبو ۽ هڪ نئين باب جو خاطر خواهه اضافو ٿيندو، جڏهن به سنڌي ۾ صوتيات تي لکبو ته هي ڪتاب ان جي رهبري ڪندو ۽ هن جي تذڪري کان سواءِ اها تحقيقات تشنھ سمجهي ويندي.“


    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

    سنڌ ۾ سُرت ڀرين ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جي کوٽ ڪونهي، جن سنڌي ٻوليءَ کي علمي ۽ ادبي ذخيري سان مالا مال ڪيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به اهڙن ئي ماڻهن منجهان هو.

    سوانح
    ڊاڪٽر عبدالمجيد، 17آڪٽوبر 1913ع تي، شڪارپور ضلع جي ”لکي“ تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ماڙيءَ“ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي غلام حسين ميمڻ هو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ سيڪنڊري شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1952ع ۾ پاس ڪيائين. شڪارپور مان قرائت ۽ فارسي جي تعليم پڻ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ کان پوءِ ”سول انجنيئرنگ“ ڊپلوما ڪيائين. ڊپلوما کان پوءِ پاڻ ڪجهه وقت ايريگيشن کاتي ۾ اوورسيئر به ٿي رهيو. اڳتي هلي بي-اي، ايم-اي (سنڌي) ۽ ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) ۽ ايم اي (مذاهب عالم) ۾ خانگي طور ڪيائين. 1962ع ۾ ”لا ڪاليج سکر“ مان ايل ايل بي پڻ پاس ڪيائين.
    پاڻ 1954ع کان وٺي 1963ع تائين اوورسيئر رهيو، پر پوءِ اها ڇڏي ليڪچرار ٿيو. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مولانا غلام مصطفى قاسميءَ جي رهبريءَ هيٺ ”بيان العارفين سنڌي جي ترتيب ۽ اپٽار“ تي تحقيقي مقالو لکي پي-ايڇ-ڊي ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب مختلف هنڌن تي ليڪچرار ۽ پرنسپال جون خدمتون سرانجام ڏيندو، 1990ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پيشھ ورانه مصروفيتن کان سواءِ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور طرفان 1988ع کان ايم-فِل ۽ پي-ايڇ-ڊي جي لاءِ شاگردن لاءِ گائيڊ. سنڌي ادبي بورڊ،سنڌالاجي اڪيڊمڪ ڪائونسل، سنڌ يونيورسٽي،اڪيڊمڪ ڪائونسل شاهه لطيف يونيورسٽي قومي نصاب ڪاميٽي، بورڊ آف اسٽيڊيز سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، بورڊ آف اسٽيڊيز شعبه اسلامڪ ڪلچر ۽ مذاهب عالم، شاهه لطيف يونيورسٽي ۽ لاڙڪاڻي ”هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو ميمبر ۽ سنڌ ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻي جو چيئرمين رهيو.
    ڊاڪٽر صاحب، ننڍي هوندي کان ئي سگهڙن جي ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ سبب ادب ڏانهن مائل ٿيو ۽ انهن جا ڏور، بيت ۽ ڳجهارتون قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائون، جيڪو پوءِ 1961ع ۾ ”ڏور“ جي نالي سان شايع ٿيو. سندس ڇپايل پهريون ڪتاب ”ملان نصيرالدين جا لطيفا“ آهي، جيڪو مُلان نصيرالدين جي سوانح ۽ ٽوٽڪن تي ٻڌل آهي. اهو ڪتاب 1961ع ۾ ئي ڇپيو هو. ڊاڪٽر صاحب جا سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ اسي کان به وڌيڪ ڪتاب لکيل ۽ ڇپايل آهن. سندس پسند جا موضوع سنڌ جي سماجي ۽ ادبي تاريخ، لسانيات ، تصوف، لطيفيات هئا ۽ گهڻي ڀاڱي انهن ئي موضوعن تي لکيو اٿن.

    ادبي اوسر ۽ ڪم
    ڊاڪٽر صاحب سڄي زندگي سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جاکوڙ ڪئي. انهيءَ سلسلي ۾ڪيترائي ڪتاب لکي ۽ مرتب ڪري، سنڌي ادب جو دامن مالا مال ڪيائون. سندس انهن خدمتن جومختصر تفصيل هن ريت آهي.
    (1)ڊاڪٽر صاحب 1958ع ۾ پنهنجي دوست جناب سيد خادم حسين شاهه سان گڏجي ”سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو“ قائم ڪئي، جنهن پاران ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين.
    (2)1961ع ۾ پاڻ جڏهن اسلاميھ ڪاليج سکر ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ته ڪاليج ۾ اچڻ سان، ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ قائم ڪري، نه رڳو ادبي جلسا، مذاڪرا ۽ مشاعرا ڪوٺايائين، پر اشاعتي سلسلو پڻ شروع ڪيائين، ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپايائين ۽ ”سکر جي سوکڙي“ نالي ڪتابي سلسلو پڻ جاري ڪيائين. هن ڪتابي سلسلي جا ڪي خاص نمبر به ڪڍيائين. جهڙوڪ: ”شعراءِ سکر نمبر“، ”جديد سنڌي ادب نمبر“، ”مولائي شيدائي نمبر“، ”صحافت نمبر“، ”رشيد لاشاري نمبر“ وغيره. سنڌي ادبي سوسائٽي پاران سندس ڇپايل هي ڪتاب قابل ذڪر آهن: تنقيد ۽ تجزيو (شيخ عبدالرزاق ”راز“)، ذڪر اشرف، فڪر لطيف، مهراڻ تي مجلس، سکر جي سونهن، فڪر بيدل، رتي جي رهاڻ، ملاحظو مهراڻ جو، پهرين ڪتاب کان سواءِ باقي سڀ ڪتاب ميمڻ صاحب جا پنهنجا لکيل يا مرتب ڪيل آهن.
    (3)سکر ۾ رهڻ دوران ئي پاڻ ”لطيف اڪيڊمي“ نالي ادبي ادارو قائم ڪيائين، جنهن جو چيئرمين شيخ عبدالرزاق ”راز“ ۽ جنرل سيڪريٽري پاڻ هو. اهو ادارو وسيع مقصدن وارو هو. اڪيڊمي پاران ”پارس ڪتابي سلسلو“ جاري ٿيو. جنهن جو مرتب ڊاڪٽر صاحب پاڻ هو. هن ڪتابي سلسلي جا ٽي پرچا شهادت حسين (1966ع) رحمتھ اللعالمين (1966ع)۽ پارس (1967ع) نڪتا، بعد ۾ جڏهن حڪومت سڀني ڪتابي سلسلي تي پابندي هنئي ته هي ڪتابي سلسلو به بند ٿي ويو.
    (4)1982ع ۾، شڪارپور ضلعي جي انتظاميه ”جشن شڪاپور“ ملهايو ۽ ”شڪارپور سيمينار“ منعقد ڪرايو. سيمينار ۾ پڙهيل مقالن کي ڇپايو. هي ڪتاب شڪارپور جي تاريخ تي اهم دستاويز آهي.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض اعتراف طور 1982ع ۾ صدارتي تمغه امتياز ۽ 1992ع ۾ صدارتي ايوارڊ ”ستاره امتياز“ سندس وفات کان پوءِ ڏنو ويو، تنهن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا ايوارڊ، ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ سنڌالاجي طرفان ادبي انعام پڻ مليا.
    ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ ادبي ڪم جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي ته پاڻ پنهجي پسند جي موضوع واري ميدان ۾ خوب نڀايو اٿس ۽ سڄي عمر پڙهڻ ۽ لکڻ ۽ گذاري اٿس.
    ڊاڪٽر صاحب پنهجي زندگيءَ ۾ جيڪي سنڌي ٻوليءَکي جواهر پارا ڏيئي ويو، اهي صدين تائين سنڌي قوم کي لاڀ ڏيندا رهندا.سندس لکيل مقالن جو تعداد 261 بيهي ٿو، جڏهن ته سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد سنڌيءَ ۾ 80، اردو ۾ 10۽ انگريزيءَ ۾ 2 آهي. سندس ڇپيل خاص ڪتابن مان ڪجهه هي آهن:

    سنڌي
    ”سنڌي ادب جي تاريخ“، ”سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات“، ”سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري“، ”سنڌي شرح قصيده برده شريف“. ”فڪر لطيف“، ”سچل جو پيغام“، ”فڪر بيدل“، ”سنڌ سياحن جي نظر ۾“، ”شڪارپور ماضي ۽ حال“، ”پرک ۽ پروڙ“، ”تذڪره شهباز“، ”تذڪره شعراءِ سکر“، ”ماڻڪ موتي لعل“، (ٻه ڀاڱا)، ”رس مَ رسڻ گهوريو“، ”سنڌي علم ادب اصول ۽ اهڃاڻ“، ”سنڌي علم ادب“، ”جوتيون جواهرن جون“، ”سُرڏهر“، ”سچل جو سنيهو“، ”گهڙيون گهاريم جن سين“، ”شڪارپور جي ٻولي“، ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“، ”سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق“، ”ڪلام بشير“، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“، ”ناول نگاري ۽ ٽئلمسن جو جائزو“، وغيره.

    اردو
    ”سندهي ادب کي مختصر تاريخ“، ”نگارشات سندهه“، ”سوانح قلندر“، ”شهباز قلندر“، ”پاکستان مين صوفيانه تحريک“، ”لسانيات پاکستان“.
    مٿين ڪتابن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جا ڪيترائي ڪورس جا ڪتاب پڻ لکيل آهن، جن مان ڪي هي آهن: ”واحد سنڌي گرامر“،”سنڌي گرامر“،”اسلامڪ ڪلچر“،”اسلامڪ اسٽڊيز“،”علم اقتصاديات“ شامل آهن.
    ڊاڪٽر صاحب ڪجهه ڪتابن جا ترجما پڻ ڪما، جن جا نالا هي آهن: ”ڏوهاري ڪير“ (ناولٽ)، ”ديس ديس جون ڪهاڻيون“،”ذڪر اشرف“.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 11فيبروري 1996ع تي وفات ڪئي، کيس لاڙڪاڻي ۾ دفنايو ويو.


    مرزا قليچ بيگ

    سنڌي ٻولي ۽ادب جو ڪوبه تذڪرو شمس العلماءَ مرزاقليچ بيگ کان سواءِ اڻ پورو ليکيو ويندو. اها سنڌي ٻوليءَ جي خوشي قسمتي چئبي جو کيس مرزا قليچ بيگ مليو. مرحوم جي ايم مهڪريءَ جي لفظن ۾:
    ”سنڌي ٻولي اردو ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين کان ڪافي اڳتي آهي، انهن ٻولين کي پنهنجو ڪوبه قليچ بيگ نه مليو ،پر توهان وٽ آهي. جيڪو به ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا شئي ترجمو ڪري ٿو، سو قليچ بيگ جي دانشوراڻي ڪٽنب جو ڀاتي آهي. جيڪو ليکڪ به هو ۽ مترجم به.“

    سوانح
    مرزاقليچ بيگ جو جنم 7آڪٽوبر 1853ع تي حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو ’مرزا فريدون بيگ‘ هو، جنهن کي ست پُٽ هئا. قليچ بيگ انهن ۾ ٽيون نمبر هو. مرزا فريدون بيگ جارجيا جو ويٺل هو ۽ هڪ امير عيسائي گهراڻي سان واسطو هئس. پاڻ ننڍي هوندي 1797ع ڌاري، ڪنهن جنگ ۾ گرفتار ٿي ايران آندو ويو. ڏهن سالن جي عمر ۾ مير ڪرم علي خان وٽ، ايران جي حڪومت طرفان سوکڙي ڪري موڪليو ويو. اڳتي هلي مسلمان ٿيڻ جي ڪري سندن نالو ”سڊني“ مان بدلائي فريدون رکيو ويو ۽ پاڻ فريدون بيگ سڏجڻ لڳو.
    مير ڪرم علي خان ”فريدون بيگ“ کي پنهنجي اولاد وانگر نپايو. سندن خاندان جو وڌيڪ احوال مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن ”تاريخ سنڌ“ (انگريزي)، ”يادگيريون“ ۽ ”حيات قليچ“ مان ملي سگهي ٿو.
    تعليم ۽ تربيت
    انهيءَ وقت جي دستور موجب قليچ بيگ ابتدائي تعليم فارسي سکڻ ۽ قرآن شريف پڙهڻ سان شروع ٿي. تنهن کان پوءِ هو سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو. جتي سنڌي سان گڏ عربي ۽ انگريزي تعليم به حاصل ڪيائين. اها قليچ بيگ جي خوش قسمتي هئي ته کيس اتي نهايت همدرد ۽ قابل استاد نصيب ٿيا، جن سندس شخصيت کي ٺاهڻ ۾وڏو ڪم ڪيو. قليچ جي انهن شروعاتي بزرگن استادن ۾ لڪشمڻ وشنو مرهٽو ۽ قاضي حاجي احمد مٽيارين وارو مخدوم مکيھ آهن. پرقليچ جو ڪردار ٺاهڻ ۾ جنهن استاد سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪيو، سو هو پروفيسر مرزا حيرت. قليچ جڏهن اسڪولي تعليم پوري ڪري، بمبئيءَ ۾ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ اعلى تعليم جي لاءِ داخل ٿيو (1873ع) ته مرزا حيرت اتي پروفيسر مقرر ٿي آيو ۽ هن قليچ کي پنهنجي پٽ وانگر ڀانئيو. قليچ کي فارسي ۽عربي چڱي ايندي هئي ۽ پروفيسر حيرت کيس انهن ٻولين جي علمي ڪتابن مطالعي ڪرڻ جو شوق ڏياريو. بعد ۾ ترڪي زبان پڻ سيکاريائينس.
    ڪاليج جي زماني ۾، ڪاليج جا ڪيترائي هم ڪلاسي ٻين ٻولين، قومن ۽ مذهبن جا هئا. جهڙوڪ: مرهٽا، گجراتي،پارسي وغيرهه انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ سنگت ساٿ جو قليچ تي اثر پيو ته هن جي دل مذهبي تعصب جي اثر کان پاڪ رهي. هو صوفي منش ٿي پيو. مڙني مذهبن، قومن ۽ نسلن جو احترام ڪرڻ سکيو، جو هڪ اعلى انسان جو مَرڪ آهي. انهي حوالي سان پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿس:
    ”ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته تنهنجو ڪهڙو مذهب آهي؟ سني آهين يا شيعو آهين. يا وچئون ڪو ٻيو مذهب اٿيئي؟ تنهنجو پير يا مرشد ڪير آهي ۽ اهڙن وقتن تي آءُ ڏاڍو مُنجهي پوندو آهيان ۽ نيٺ کين چوندو آهيان: آءُ سني به آهيان، شيعو به آهيان، بلڪ سڀني مذهبن جو آهيان. سڀني مذهبن جا احوال ڄاڻان ۽ انهن تي ڪتاب لکيا اٿم ۽ سڀني سان تعصب کان سواءِ گذاريندو آهيان.“
    ڪيو تعصب ڌار ٻاهر، هندو ۽ مسلم جو ٿانءُ،
    نه ته اندر ميخاني ۾ ساقي به هڪ ساغر به هڪ.
    عملي زندگي
    ڪاليجي تعليم پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي صحت جي خرابيءَ سبب بمبئي مان موٽي آيو. ڪجهه وقت صحت سڌارڻ ۾ لڳس ۽ پوءِ روزگار واسطي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهرين هو شڪارپور جي ڪڪڙ تعلقي جوهيڊ منشي مقرر ٿيو. نوڪري نهايت ايمانداري ۽ خوش اسلوبيءَ سان ڪيائين. انهي ڪري ترقي ڪندو ويو ۽ وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ 1909ع ۾ انهي عهدي تان پينشن تي لٿو. ان وقت سندس عمر ڇاونجاهه سال هئي. مرزا قليچ بيگ ٽي شاديون ڪيون، جيڪي پاڻ هڪٻئي جي پويان وفات ڪرڻ بعد ڪيائين. کيس انهن مان اولاد يارنهن فرزند ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيون.

    تصنيف ۽ تاليف
    مرزا قليچ بيگ جي گهر جو ماحول علمي هو. قليچ جو پيءُ ۽ نانو فارسي زبان جا عالم هئا ۽ کين ڪتابن گڏ ڪرڻ جو گهڻو شوق هو. پنهنجي نانيءَ ۽ پيءُ جي علمي شوق کان متاثر ٿي، قليچ پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ فارسيءَ ۾ نظم جوڙيندو هو. جي پوءِ سندس نانو ۽ پيءُ درست ڪري، پنهنجي مهمانن کي ڏيکاريندا هئا. مهمان خوش ٿي، قليچ کي شاباس ڏيندا هئا ۽ سندس لياقت جي واکاڻ ڪندا هئا. انهيءَ همت افزائي قليچ جو حوصلو وڌايو ۽ اهڙي ريت، هن جي لکڻ، پڙهڻ جو لاڙو جيئن پوءِ تيئن پڪو پختو ٿيندو ويو.
    انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به گهڻو سڌاريو ۽ وڌايو ويو ۽ وڏا وڏا يورپي عملدار پنهنجي علائقي جي ٻولي ۽ تاريخ جو اڀياس ڪندا هئا ۽ مفيد معلومات ڪٺي ڪري ڪتاب لکندا هئا. انهي ڳالهه مرزا قليچ کي، پنهنجي ننڍپڻ جي علمي شوق کي، نوڪريءَ واري زماني ۾ قائم رکڻ لاءِ همت ڏياري. سرڪاري نوڪريءَ ۾ به واندڪائي جو وقت گهڻو ڪري هو ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ صرف ڪندو هو. ڪي ڪتاب هن خاص سرڪاري حڪم سان لکيا.انهن ڪتابن تي سرڪار وٽان کيس انعام ۽ اڪرام پڻ مليا. ٻيا ڪتاب وري پاڻ پنهنجي ذوق ۽ شوق سان لکيا. سي وري سندس همت افزائي لاءِ تعليم کاتي وارن درسي ڪتاب يا هوشيار اسڪول شاگردن لاءِ انعامي ڪتاب يا وري اسڪولن لاءِ لئبرري ڪتاب ڪري منظور ڪيا.
    ملان مڪتبن جاري ٿيڻ بعد، ڪيترائي ڪتاب انهن مڪتبن جي شاگردن لاءِ لکيائين. ڪجهه ڪتاب زنانن مڪتبن ۽ ڪي خاص مذهبي مسلمانن لاءِ لکيائين.ڇاڪاڻ ته مسلمانن ۾ تعليم جوشوق گهٽ هو ۽ اهڙي ڪتابن جي ان وقت از حد گهرج هئي. تنهن کان سواءِ ٻين مذهبن ۽ سوسائٽين جي اصولن بابت پڻ، انهن جي پوئلڳن جي فرمائش تي ڪتاب لکيائين. جن مان ڪي نثر ۾ هئا ته ڪي نظم ۾، ٻين لکندڙن کي پڻ سندن فرمائش تي ڪتابن جا ديباچا يا مهاڳ لکي ڏيندو هو.
    سندس انهن علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض سرڪار طرفان پهرين 1924ع تي هن کي ”خان بهادر“ جو لقب مليو. پوءِ ”شمس العلماءَ“ جو خطاب مليس. ان کان اڳ کيس ”قيصر هند“ جو تمغو پڻ ڏنو ويو.
    مرزا صاحب کي پنهنجي زبان سان والهانه عشق هو. ان ڪري هن نت نرالن موضوعن تي، ٻين ٻولين مان ترجما ڪري ڪتاب لکي، سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪيو. سندس ڪتابن جي موضوعن کي ڏسبو ته حيرت وٺندي ته شايد ئي ڪو موضوع هجي، جيڪو مرزا صاحب جي قلم مان نه نڪتو هجي. مرزا صاحب جي ڪُل ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪُل 457 بيهي ٿو. اهو ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته مرزا صاحب هڪ نهايت مصروف سرڪاري عملدار هوندي ۽ بجلي، ريڊيو، ٽي-وي ۽ ٻين سهوليتن نه هوندي به ايترا ڪتاب لکيا، جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته هو صحيح معنى ۾ هڪ اورچ، لائق ۽ محنتي انسان هو ۽ زندگي عيش ۽ آرام ۾ وڃائڻ بدران علم ادب جي کيتر ۾ قلم جي هر هلائڻ کي ترجيح ڏنائين. علي احمد بروهيءَ جي لفظن ۾ ته: ”اهڙي علمي بلندي کي سرڪيائين، جنهن جي پهچ لاءِ ڪو سوچي به نٿو سگهي. آئون نٿو سمجهان ته مرزا مرحوم زندگي جي ڪا اجائي گهڙي بسر ڪئي هوندي.“
    سندس انهيءَ علمي ڪم کي ڏسي چئي سگهجي ٿوته هو صحيح معنى ۾ ”عالمن جو آفتاب“ هو. پر انهيءَ هوندي به هو پنهنجي نهٺائي جو اظهار ڪندي هڪ شعر ۾ هيئن ٿو چوي:
    ڪنهن علم کان پڻ، قليچ محروم نه ٿيو،
    نڪتو نه رهيو، جو اُن کي مفهوم نه ٿيو،
    ستر جي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
    معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.

    قليچ جا ڪتاب
    مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن بابت اعجاز علي بيگ مرزا جي تحقيق موجب ڪُل ڪتابن جو تعداد 457 بيهي ٿو. تنهن کان سواءِ سندس مختلف هنڌن تي ڪيل تقريرن جو تعداد پڻ ٽيهن کان وڌيڪ آهي. تنهن کان سواءِ ٻين تحريرن ۽ تقريطن جو تعداد اڃا به وڌيڪ آهي. ڊائرين يا روزنامچن جو به ڪافي تعداد آهي، جيڪي سنڌ جي تاريخ جي مواد سان ڀريل آهن.
    مرزاقليچ بيگ جي لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتابن جي ٿلهي ليکي موضوع وار ترتيب هن ريت ٿي بيهي.
    (1)مختلف موضوعن تي انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيل 69 ڪتاب، (2) انگريزي ۾ لکيل ڪتاب 41، (3) فلسفو ۽ اخلاقيات 89 ڪتاب، (4) سنڌي ڊراما 20 ڪتاب، (5)ناول يا آکاڻيون 23، (6) ادبي ۽ اسڪولي 119ڪتاب، (7) زناني تعليم تي لکيل ڪتاب 19، (8) ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب 17، (9)سنڌي نظم ۾ مختلف ڪتاب (ترجما ۽ طبعزاد) 29، (10) فارسي ۾ لکيل ڪتاب 22، (11) عربي ۾ لکيل ڪتاب 30، (12) اردو ۾ لکيل ڪتاب 5، (13) بلوچي گرامر هڪ ڪتاب.
    اندازي موجب اڃا تائين مرزا صاحب جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو به وڏو انگ سندس پونيئرن وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي.

    وفات
    نوڪري پوري ڪري پينشن تي لهڻ بعد مرزا مرحوم جي خاص مشغولي نواب شاهه ۾ سرڪار وٽان مليل زمين جي سار سنڀال ۽ نظرداري ڪرڻ هو۽ هو پنهنجو اڪثر وقت اُتي ئي گذاريندو ۽ لکڻ پڙهڻ ۾رڌل رهندو هو.
    1929ع جي اپريل مهيني ۾ گردي ۾ سور ۽ ستت ئي پوءِ نمونيا ٿي پيس، علاج کان پوءِ ڪجهه ٺيڪ ٿيو ته لکڻ پڙهڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ جنبي ويو، جنهن ڪري بيماري اُٿلي پيس. نيٺ 3جولاءِ 1929ع ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. کيس حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
    دنيا مان گهڻيئي، صاحب اقبال ويا،
    دولت نه وئي ساڻ، نه اطفال ويا،
    پهچائي قبر تائين وري آئي خلق،
    جي ساڻ ويا ته يارو اعمال ويا.


    محمد ابراهيم جويو

    سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جي ڦهلاءُ ۽ واڌ ويجهه لاءِ جن اديبن، ڏاهن ۽ دانشورن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيئن سنڌي قوم پنهنجي موجوده پست حاليءَ مان نڪري نئون جنم وٺي،انهن ۾ محترم محمد ابراهيم جويي جو نالو سرِ فهرست لکبو.

    جنم ۽ تعليم
    محمد ابراهيم جويو 13آگسٽ 1915ع ۾، تيرٿ لڪيءَ جي ڀر ۾ هڪ ننڍي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ جنم ورتو، جيڪوسنڌو درياءَ جي اُٿل پٿل ڪري ميسارجي چڪو آهي، سندس والد جو نالو محمد خان جويو هو. پاڻ اڃا ننڍو ئي هو، جو سندس پيءُ گذاري ويو. ٿوري وقت بعد هن جي والدهه به گذاري ويئي، تنهن کان پوءِ هي پنهنجي ڏاڏيءَ جي سنڀال هيٺ رهيو.
    محمد ابراهيم جويي ابتدائي تعليم ’آباد‘ جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. اُتي چار درجا پڙهي، پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو.اُتي ٻه درجا پڙهي، 1928ع ۾ سن جي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اُتان ٽي درجا پاس ڪري، 1930ع ڌاري ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ اچي پڙهڻ ويٺو، جتي کيس نهايت لائق استاد مليا، ڪجهه وقت لاءِ علامه دائود پوٽو مدرسي جو پرنسپال رهيو. پاڻ 1934ع ۾ سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ پاس ڪري، ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي جي لائق ۽ فائق استادن جي نگرانيءَ ۾ هو تعليم پرائيندو رهيو. پاڻ اُتان 1938ع ڌاري، بي اي جو امتحان پاس ڪيائين.

    نوڪريون
    ڪاليج جي تعليم کان پوءِ، محمد ابراهيم جويو سنڌ مدرسي ۾ ماستري جي نوڪري ڪرڻ لڳو. 1940ع ۾ بمبئي بي-ٽي پڙهڻ ويو. جتان 1941ع ۾ موٽي آيو. سنڌ مدرسي ۾ڪجهه وقت نوڪري ڪرڻ بعد، هن هڪ ڪتاب ”سيوَ سنڌ، سيوَ دي ڪانٽيننٽ“ انگريزيءَ ۾ لکيو، جنهن تان ڪاوڙجي مدرسي جي صدر پير الاهي بخش، کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. جويي صاحب سنڌ مدرسي ۾ ڏهه سال ماستري ڪئي. 1948ع ۾ ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ورتائين ۽ اُتي به ٻه سال کن ماستري ڪيائين ۽ جڏهن اهو اسڪول، سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ته ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد ۾ بدلي ٿيس. جويي صاحب سڄي عمر تعليم ڏيڻ جو ئي ڪم ڪيو، پنهنجي انهيءَ ماستري نوڪريءَ جي حوالي سان هڪ هنڌ لکيو اٿس، ”ٻي ڪا نوڪري، شروع ۾ ئي نه مون ڳولي، نه مون ڪئي“.

    سنڌي ادبي بورڊ ۾
    1951ع ۾ سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (جيڪو پوءِ ”سنڌي ادبي بورڊ“ ٿيو) جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي رهي 1961ع تائين سنڌي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جي وڏي خدمت ڪئي. 1961ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾واپس ٿيو، جتي رهندي 1963ع ۾ اضافي طور، کيس بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. جويو صاحب ڪجهه وقت جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر، ڪجهه وقت گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو هيڊماستر، ڪجهه وقت لاءِ رجسٽرار ايگزيمينيشن، انسپيڪٽر آف اسڪول خيرپور ڊويزن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سنڌ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو پهريون سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر ٿي رهيو. 1973ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. 1997ع ۾ کيس سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي چيئرمين مقرر ڪيو ويو.
    سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ جي دوران سنڌي ٻُولي، لغت، ادب ۽ تاريخ بابت ڇپجندڙ اڪثر ڪتاب سندس نظر مان نڪرڻ کان پوءِ ئي ڇپجڻ جوڳا سمجهيا ويندا هئا. بورڊ جا ڪئين اهڙا ڪتاب جيڪي مترجمن کان غير معياري ترجمو ٿي ايندا هئا. جويو صاحب، انهن جي ترجمي کي سڌاري سنواري اهڙو ته معياري بنائي ڇڏيندو هو، جو هوند اهي ڪتاب نئين سر ترجمو ٿيل سمجهجن ته ڪر چڱو، پر اهي ڪتاب جويي صاحب جي بدران، انهن ئي مترجمن جي نالي سان ڇپجندا هئا.سنڌي ادبي بورڊ کي سنڌ جي ماضي جي ادب جي حفاظت جو ڀنڊار بنائڻ لاءِ جويي صاحب رات ڏينهن محنت ڪئي.
    سنڌي ادبي بورڊ ۾ ، جويي صاحب جنهن جذبي سان ڪم ڪيو، انهيءَ بابت سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي:
    ”جويي صاحب بورڊ ۾، سنڌي ادب لاءِ اهو مشنري جذبو ڏيکاريو، جهڙو ڊاڪٽر عبدالحق اردو ادب جي لاءِ ڏيکاريو هو. پهرين اٺن سالن ۾ بورڊ جو ڪم ڏيکاريو، اهڙو شايد پاڪستان يا هندستان جي ٻئي ڪنهن به اداري مشڪل ڪيو هوندو، ڪم جو اهو سهرو جويي صاحب جي سر تي وڃي ٿو.“

    مهراڻ جي ادارت
    سنڌي ادبي بورڊ ۾ اچڻ، ۽ مهراڻ جي ايڊيٽري سنڀالڻ ۽ ”گل ڦل“ جي ادارت ڪرڻ ۽ اداريا لکڻ جويي صاحب جو اُتم ڪارنامو آهي. جويي صاحب مهراڻ رستي ”جديد سنڌي ادب“ جي آبياري ڪئي. 56-1955ع جي ”مهراڻ“ رسالن جا لکيل سندس ايڊيٽوريل، خاص ڪري ”آزادي“،”ون يونٽ“،”اديب، ناشر ۽ پڙهندڙ“،”ٻولي“،”سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا“، ”فنڪار جا ڳوڙها“، ”ٻولين جي ڏي وٺ“،”نج سنڌي لفظ“،”ٻه ڀور“،”ادب جي درگاهه“،”انسانيت“ وغيره پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ اندازو ٿي وڃي ٿو ته هن ڪهڙي سوچ ۽ ساڃاهه تحت سنڌي ادب جي آبياري ڪرڻ ٿي گهري ۽ اها عملاً ڪري به ڏيکاري. ”مهراڻ“ جي انهن اٺن اشاعتن ۾ شامل ادب دوستن جي خطن ۾ هڪ پيغام ڏنل آهي. مهراڻ جي ادارين ۽ ان ۾ شايع ٿيل خطن ۽ ٻي مواد مان پتو پوي ٿو ته جويو صاحب سنڌي ادب جي معيار کي ڪيڏو نه اُتاهين پد تي کڻي ويو هو. انهيءَ ئي (مهراڻ واري) زماني ۾ جمال ابڙو هڪ افسانه نگار ۽ ڪهاڻيڪار طور اُڀريو، رسول بخش پليجو ادبي تنقيد ڏانهن مائل ٿيو ۽ شيخ اياز جي شاعري بلوغت کي پهتي.

    سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت
    1973ع ۾ سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ جويي صاحب جي زرخيز ذهن ”سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽوَ سوسائٽي“ جي رٿا تي سوچيو ۽ عمل ڪيو ۽ هڪ ٻارهن نقاطي پروگرام جوڙي، رجسٽر ڪرائي،پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم شروع ڪيو. انهيءَ جي پڌرنامي ۾ سوسائٽيءَ جي مقصدن جي وضاحت ڪندي، جويو صاحب لکي ٿو:
    ”ٺلهو سرڪار تي ڀاڙڻ بدران اسين پاڻ تي به ڀاڙڻ گهرون ٿا. اسين اڀرا آهيون. اسين هيڪلا آهيون، اسين سڀ خالي هٿين آهيون، پر ان جو اسان کي ڪو خيال ڪونهي. اسين ڪنهن سان وڙهڻ نٿا گهرون. اسين ڪنهن به ٻوليءَ يا اُن کي مليل يا ان جي حاصل ڪيل ڪنهن درجي جا انڪاري يا مخالف نه آهيون. اسين فقط پاڻ اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. اڳتي وڌندڙ ادب، وطن دوست ادب آهي، جنهن ۾ رهندڙ انسان امن ۽ خير ۾رهڻ ۽ خوش رهن. اڳتي وڌندڙ ادب مذهب دوست ادب آهي، جنهن مذهب جي معنى انسان شناس فڪر ۽ انسان پسند عمل آهي. اڳتي وڌندڙ ادب، انهيءَ ڪري، سڀ کان وڌيڪ انسان دوست ادب آهي. مرونئپو ڪڍي، اُن ۾ ماڻهپو اُڀاري ٿو. اهڙي ادب کي اسين ترقي پسند ادب سڏيون ٿا. اسان جي خيال ۾ جيڪو ادب انهيءَ معنى ۾ ترقي پسند آهي، سو ئي ادب آهي، ٻي حالت ۾ اُهو ادب، ادب ئي نه آ هي، چاهي اُن تي عقيدتمنديءَ، ايمان ۽ نعريبازي جا ڪيترا به غلاف چڙهيل ۽ گل جڙيل ڇو نه هجن.“
    جويي صاحب انهيءَ سوسائٽي جي پليٽ فارم تان ڪيترائي اهم ۽ ناياب ڪتاب، معياري گيٽ اپ ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت ڇپرائي پڌرا ڪيا.
    سنڌ ۾ جويي صاحب جو ڪردار ۽ حيثيت، هڪ فڪري اُستاد ۽ سونهين واري رهي آهي. هن اُتم انسان سنڌ جي بقا ۽ وجود ۽ همھ گير اوسر جي لاءِ ڪيتريون ئي شاندار ۽ اڻ وسرندڙ خدمتون انجام ڏنيون آهن. هي غير معمولي ڪردار رکندڙ شخص حقيقي معنى ۾ قومي سرواڻ هئڻ جي باوجود سدائين پس منظر ۾ ڪارڪن ٿي رهيو.
    نصابي ڪتابن جي جوڙ جڪ
    جويي صاحب جو، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر جي حيثيت ۾ نصابي ڪتابن جي ترتيب ۽ تياريءَ ۾، خاص هٿ رهيو. هن سنڌ جي مڃيل تعليمي ماهرن جي صلاح. مشوري ۽ نظرثاني کانسواءِ، اڪثر ڪتابن کي مستند نه سمجهيو ويندو آهي ۽ هن ڪيترن ئي درسي ڪتابن جا سبق لکڻ جو ڪم ڪيو ۽ ڪن درسي ڪتابن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جن ۾ سماجي اڀياس (تاريخ) 1961ع قابل ذڪر آهي.
    جويي صاحب جو، پنهنجو تخليقي ۽ طبعزاد مضمونن ۽ ڪتابن کان سواءِ دنيا جي ادب مان چونڊ ۽ بيحد ڪارائتا ڪتاب ۽ ليک، وقت بوقت سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي مالا مال ڪندو رهيو. جويي صاحب جي ترجمي جي فن تي روشني وجهندي نامياري دانشور سراج ميمڻ لکيو آهي:
    ”ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾ محمد ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل رهيو آهي ۽ اهو فڪر آهي ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو ادب ۾ اضافو آڻين. پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني سفر ۾ ٻه قدم اڳتي نين.“
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جي اهميت ۽افاديت بابت خود جويو صاحب لکي ٿو:
    ”ترجمي جي افاديت جي سلسلي ۾ هيءُ پڌرو دليل به پيش ڪري سگهجي ٿو ته انساني فڪر جي واڌ ۽ پکيڙ دنيا ۾ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنهن به ٻئي ذريعي سان ٿي نه سگهي آهي. هدستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربيءَ ۾ نقل ۽ يورپ جي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ منتقل ٿيڻ جديد مهذب دنيا جي ڄاڻ جون اهي زوردار ٻه ڌارائون اُن جي مهذب بنجڻ ۽ مهذب هجڻ جو مکيھ سبب آهن. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ته عالمي ادب ۽ فڪر جي اُتاري جي جيڪڏهن سڀ کان وڌ نه ته به لازمي طور وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي.“
    سراج ۽ خود جويي صاحب جي مٿين راءِ جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اسين جويي صاحب جي ترجمو ڪيل ڪتابن جي فهرست تي نظر ڪنداسين ته اسان کي نظر ايندو ته هي عظيم اُستاد ۽ ڏاهو، ڏاڪي به ڏاڪي پيڙهيل هيسيل ۽ غلام ماڻهن جي فڪري ۽ذهني تربيت ڪندو نظر ايندو ۽ ان تربيت ۾ به هڪ ترتيب نظر ايندي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس پهريون ڪتاب اسلام جو تاريخي ڪارنامو (1945ع)، فرانس جي انقلابي مفڪر روسو جو ”ايملي عرف تعليم“ (1950ع)، يونان جي اديب ۽ تعليم دان پليوٽارج جو مضمون ”ٻارن جي تعليم“ (1972ع)، هاورڊ موئر جو ”وحشي جيوت جا نشان“ (1976ع)، برٽالت بربخت جو ڊرامو ”گليلو“ (1977ع)،اسٽيفن زويگ جو ”فڪر جي آزادي“ (1977ع)، ائنڊ بلائٽن جو ”ٻارن جو مسيح“ (1980ع)، جارج پوليزر جو ”فلسفي جوابتدائي ڪورس“ (1983ع)، جي ايم مهڪريءَ جي مضمون جو مجموعو ”محڪريءَ جا مضمون“ (1985ع)، پائلو فراريءَ جو ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (1990ع)۽ ”فرينچ انقلاب“ (1990ع)، شامل آهن.
    سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ جويي صاحب جي کنيل قدمن جي سلسلي ۾ مٿين ترجمو ڪيل ڪتابن کانسواءِ سندس لکيل ۽ مرتب ڪيل هيٺيان ڪتاب پڻ اهم حيثيت والارين ٿا:
    (1) سنڌ بچايو-ننڍو کنڊ بچايو (انگريزيءَ ۾) 1947ع، (2) شاهه، سچل، سامي (سنڌي ۽ پوءِ اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿيو، 1978ع)، (3) ماڻهوءَ جو ڀاڳ (1980ع)، عورت زاد (1983ع)، (5) اسان جي ٻولي، اسانجي تعليم (1996ع)، (6) هوءَ جا ٽهڪي باهڙي (1996ع)، (7) مُٺ مُٺ موتين جي (1997ع)، (8) ٻولي، ادب، تعليم، (1998ع)، (9) خط، ٻن اديبن جا (1999ع)، (10) ڳالهيون ڪتابن جون (ٻه ڀاڱا-2000)، (11) خط ٻن استادن جا. (12) The betrayal, Sindh the Day for freedom (1-11) (13) سنڌ منهنجي خوابن جي (2008)، (14)سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي (2007)، (15) پيار، نباهه ۽ اٿاهه (خط، 2009ع)، (16) سنڌ تعليمي تحريڪ (ڪتابڙو، 2010ع)، (17) Sindho Desh، (جي ايم سيد جو ڪتاب سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ جو انگريزي ترجمو).
    مٿين ڪتابن کان سواءِ جويي صاحب جاڪجهه اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ موجود آهن.
    سنڌ جا چوٽي جا اديب، دانشور ۽ ڏاها جويي صاحب کي پنهنجو ادبي استاد ۽ سونهون تسليم ڪن ٿا. انهن ۾ شيخ اياز، سراج، رسول بخش پليجو، غلام مصطفى جتوئي، عبدالغفور الستيءَ جا نالا شامل آهن. هونئن به جويو صاحب سنڌ ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسند فڪر جي ٻاريل مشعل ۽ انهيءَ ۾ ادا ڪيل سرواڻي جي ڪردار سبب سڀئي روشن خيال فڪر رکندڙن جو استاد ئي ته آهي.


    محمد عثمان ڏيپلائي

    سنڌي ادب ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ڪنهن زماني ۾ پنهنجي تاريخي ناولن جي ڪري، سنڌ جي نوجوانن جو ڪريز هو. ڇاڪاڻ ته ڏيپلائي نه رڳو اجاين ريتن رسمن جي خلاف پر پيري مرشديءَ جي خلاف مسلسل قلم ذريعي جهاد ڪيو ۽ هن مرد حق جي سڄي عمر انهي جدوجهد کي منظم ڪندي ۽ اُڀاريندي گذري .

    سوانح
    محمد عثمان ڏيپلائي 13جون 1908ع تي ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي شهر ۾ حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو. سندس والد ننڍو واپاري هو. پاڻ اُتي ئي ست درجا سنڌي پاس ڪيائين. مائٽ کيس ”سڪيلڌي“ ۽ اڪيلي پُٽ هئڻ ڪري انگريزي تعليم جي لاءِ ”مٺي“ موڪلي نه سگهيا. هڪ مولويءَ کان ڪجهه فارسي پڻ پڙهيو. اڳتي هلي پنهنجي ذاتي صلاحيتن جي ڪري گجراتي، هندي، اردو، گرمکي ۽ انگريزي مان به پوري پُني واقفيت حاصل ڪيائين.
    پاڻ پهرين واپار ڪرڻ لڳو، پر انهيءَ مان آمدني صحيح نه ٿيڻ سبب، ٽيهن سالن تائين زميندارن جي نوڪريءَ ۾ رهيو.
    ڏيپلائي صاحب کي ننڍي هوندي کان ئي اخبار ۽ آکاڻين پڙهڻ جو شوق هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ ”خليق“ مورائي ’ترقي‘ رسالو ڪڍندو هو، جنهن کي پڙهڻ سان منجهس لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. سندس پهريون افسانو ”علمي دنيا“ رسالي ۾ ”چنڊ سهڻو يا انسان“ ڇپيو ۽ وري انهيءَ ئي رسالي ۾ ”فريبي دنيا“ لکيائين.
    ڏيپلائي صاحب ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو هوشيار هوندو هو. پاڻ جڏهن چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو ته هٿ سان لکيل هڪ هفتيوار اخبار ”فرحت آثار“ ڪڍندو هو. جيڪا پاڻ سڄو هفتو هٿ سان لکندو هو. جنهن ۾ آکاڻيون ۽ لطيفا وغيره هوندا هئا.
    ڏيپلائي صاحب جي 1934ع ۾ خليق مورائيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن جي چوڻ تي ”قرآني دعائون“ لکي شايع ڪرايائين. اهو سندس پهريون ڪتاب هو. اڳتي هلي اها لکڻ جي عادت منجهس ايتري ته پختي ٿي ويئي، جو سوين ڪتابن جو ليکڪ بنجي ويو ۽ ’ڏيپلائي‘ نالو سندس هر تصنيف جو ٽريڊ مارڪ بنجي ويو.
    محمد عثمان ڏيپلائي کي جيڪا گهڻي شهرت حاصل ٿي، اها ڏيپلائي جا اسلامي ناولن واري سلسلي ذريعي ٿي. پهرين کيس جاسوسي ناول پڙهڻ جو شوق هوندو هو، پر پوءِ جڏهن عبدالحليم شر جا تاريخي ناول هٿ چڙهيس ۽ خليق مورائي جو ناول ”سُندري“ پڙهيائين ته منجهس اهڙا اسلامي ناول لکڻ جو شوق جاڳيو. تنهن کان سواءِ منشي صادق، نسيم حجازي ۽ راشدي الخيري جي ناولن به مٿس وڏو اثر ڪيو. ڏيپلائي جيڪو پهريون ناول لکيو اهو ”سنگدل شهزادي“ هو، جيڪو منشي صادق جي ڪتاب ”آرمينا ڪا چاند“ تان ماخوذ ڪيل هو. پاڻ اهو ڪتاب پنجاهه روپيا اوڌر کڻي شايع ڪرايائين. بعد ۾ کيس خيال آيو ته اهوسلسلو هلڻ گهرجي. ائين پاڻ ٽه ماهي ڪتابن جي سلسلي جو اعلان ڪيائين ۽ ”اسلاميھ دارالاشاعت“ جي نالي سان ميرپور خاص ۾ هڪ ننڍڙو ادارو قائم ڪيائين. اهڙي طرح شوق ۾، پنجاهه رپين جي اُڌاري رقم سان شروع ڪيل انهيءَ اداري، سنڌي ٻولي کي ڏيپلائي جي قلم مان ڪئين ڪتاب ڇپائي ڏنا.
    ڏيپلائي صاحب طبيعت جو بيحد جذباتي ۽ پُرخلوص انسان هو، جنهن ڪري شروع کان وٺي مختلف عمل ۽ ردعمل جوشڪار رهيو. سندس پهريون ردعمل مولوي عبدالرحيم پڇمي ۽ مولوي احمد ملاح جي اثر هيٺ پير پرستيءَ خلاف بيداريءَ بابت ٿيو ۽ پوءِ مرشدن ۽ پير پرستي جي خلاف سڄي عمر هن جو قلم تلوار بنجي وهندو رهيو. سندس لکڻيءَ ۾ طنز ۽ تنقيد تمام گهڻي هوندي هئي. پاڻ مرشدن جي خلاف ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جهڙوڪ:مرشد جي نٿ، مرشدجي ڏاڙهي، مرشد جي ٽنگ، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي ديڳ، مرشد جي ڪهاڙي وغيره شامل آهن. اهڙي طرح مرشدن جي ڪرتوتن تي پاڻ اٽڪل ٽيهارو کن ڪتاب لکيائين.
    اهڙيءَ طرح پوءِ اسلامي جوش ۾ اچي هندن تي گهڻائي پنهنجي قلم جي ذريعي حملا ڪيائين. اهڙن ڪتابن ۾ ”گلستان حسن“، ”شيوا جي“، ”شيش محل“، ”ڏاهري رنگ محل“ شامل آهن ۽ اهو سلسلو به گهڻو وقت هليو.
    1941ع ۾ جنگ جي ڪري، پني جي ڪوٽا تي سختي هئي ۽ ڪتاب جي لاءِ اخباري ڪاغذ جي استعمال تي پابندي وڌي ويئي. اخبارن ۽ رسالن کي سرڪاري اگهه تي پنو ملي سگهيو ٿي، پر ڪتابي ڪاغذ جي قيمت بليڪ تي پنجوڻ تي پهچي ويئي. ان ڪري ڏيپلائي پنهنجي ڪتاب سلسلي کي ماهوار ”عبرت“ رسالي جو نالو ڏنو. جيئن پنو سولائي سان ملي سگهي. جلد ئي پني تي ”پيپر ڪنٽرول آرڊر“ جاري ڪيو ويو، جنهن ڪري ڏيپلائي ”عبرت“ کي هفتيوار بنايو ۽ اڳتي هلي اها روزانه عبرت جي صورت اختيار ڪري ويئي ۽ 1958ع ۾ اها قاضي اڪبر کي وڪڻي ڏنائين.
    ان وچ ۾ ڏيپلائي صاحب 1942ع ۾ دائمي طور تي حيدرآباد اچي رهيو. حيدرآباد واري دور ۾ ڏيپلائي جو مولانا مودودي جي جماعت اسلامي سان اتفاق ۽ اختلاف قابل ذڪر آهي. شروع ۾ جماعت کي زور وٺرائڻ لاءِ جماعت جي پوري پٺڀرائي ڪئي ۽ مودودي جي هرتازي تقرير سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين ۽ نيٺ سڄي پريس جماعت اسلامي جي لٽريچر ڇپڻ جي حوالي ڪيائين. پر جلد ئي هو جماعت اسلامي جي حقيقت کان واقف ٿي ويو ۽ انهي کان بدظن ٿي ويو ۽ مذهبي اڳواڻن کي زميندارن، سرمائيدارن ۽ سيٺين جا ڇاڙتا سمجهڻ لڳو، جنهن جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو:
    ”آخر مون هي مذهبي تماشو به ڏٺو ته جيڪي شخص مذهبي فريب ڏين ٿا، سي سڀ در حقيقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سيٺين ۽ سرمائيدارن، حاڪمن ۽ زميندارن جا ڇاڙتا آهن ۽ اهي عوام کي ڪنهن نه ڪنهن طرح، سمجهي يا بي خبريءَ ۾ سندس انساني حقن کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. “
    ڏيپلائي صاحب 1949ع کان ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند ماڻهن جي اثر هيٺ آيو ۽ پوءِ ”انسانيت“ جي نالي ۾ نوان ڪتاب ۽ مضمون لکيائين ۽ رسالو ”انسان“جاري ڪيائين ۽ ڪيترائي ڪتاب لکي ۽ترجمو ڪرائي شايع ڪيائين، جن ۾ ”امڙ“ (گورڪي جو ناول) چار داڻا، ماڻهو ۽ ڌرتي، سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري (ڪرشن چندر جو ناول ترجمو:سراج) وغيره شامل آهن. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ مڪمل طور تي حب الوطني جي جذبي ۾ رڱجي ويو.
    هاڻ ڏيپلائي هڪ وطن دوست، انسان دوست اديب بنجي چڪو هو. هڪ طرف هوءَ ”اسلاميھ دارالاشاعت“ جي ذريعي سنڌي ماڻهن کي صحيح مذهب جي سمجهاڻي ڏيئي رهيو هو، ته ٻي طرف اداره انسانيت جي بهترين اصولن جي پرچار ڪري رهيا هئا، ۽ وري ٽئين طرف ”عبرت“ جي سلسلي سان ادبي ۽ سياسي سجاڳيءَ جا سبب پيدا ڪري رهيو هو. هاڻ کيس وطن سان وابستگيءَ جو حق ادا ڪرڻ جو خيال آيو. ان لاءِ هن ”لطيف پبليڪيشن“ جي نالي سان ڌار ادارو قائم ڪيو. ”جپاني گڏي“، ”1887ع جو بلوه“ ۽ ”غازي انور پاشا“ انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. انهيءَ کان سواءِ حُر تحريڪ تي سندس لکيل ضخيم ناول ”سانگهڙ“ هڪ شاندار ڪتاب آهي، جنهن ۾ انگريزن خلاف ”حُر هلچل“ کي افسانوي ۽دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو اٿيس.
    انهيءَ سڄي عمل ۾ ڏيپلائي صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ضبط ڪيا ويا ۽ مٿس ڪيس داخل ڪري کيس جيل ۾ پڻ وڌو ويو، سندس ناول ”سانگهڙ“ به 1961ع ۾ جيل ۾ هئڻ جي دوران حر قيدين کان گڏ ڪيل حقيقتن تي لکيو اٿس.
    ڏيپلائي صاحب کي پهريون ڀيرو ايوب خان جي مارشل لاء ۾ ڪميونسٽ سڏي گرفتار ڪري لاهور موڪليو ويو، جتي کيس فيض احمد فيض، مرزا ابراهيم، دادا فيروزالدين منصور، دادا امير حيدر، فضل الاهي قربان ۽ ٻين ترقي پسند رهنمائن سان گڏ رکيو ويو. جن جي خيالن ۽ جدوجهد ڏيپلائي صاحب کي ڪافي متاثر ڪيو. ٻي ڀيري کيس 1961ع ۾ گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽آخر ڀيرو کيس ”شيخ المشائخ“ ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ 1976ع ۾ گرفتار ڪيو ويو.
    مٿين ڪتابن ۽ رسالن کان سواءِ پاڻ 1969ع کان ”ساڻيهه ڊائجسٽ“ ۽ روزاني ”سنڌ ٽائيمس“ پڻ شايع ڪيائين.
    ڏيپلائي مرحوم جو نالو سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ تمام مٿاهون نظر اچي ٿو، جنهن ادب ۽ صحافت کي ڪارِ پيغمبري سمجهي استعمال ڪيو. پاڻ نه رڳو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو، پر هڪ تحريڪ پڻ هو، جيڪو ”جيسين هئي جيئري ورچي نه ويٺي“ وانگر ٻنهي ميدانن جو شهسوار رهيو. بقول شاعر ”نشتر“ ناٿن شاهي جي:
    ادب جي لاءِ بنجي ڏيپلائي انقلاب آيو،
    ۽ بنجي سنڌي ساهت لاءِ هر خوشي آيو،
    ”صحافت“ لاءِ بنجي ڏيپلائي زندگي آيو.
    سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڪهنه مشق صحافي ۽ اديب 8فيبوري 1981ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
    محمد عثمان ڏيپلائي جا مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب:

    اسلام تي
    شان القرآن، ارشاد الخلفا، اسلام ۽ ايمان (ترجمو)، اسلامي انقلاب (ترجمو)، انتخاب صحيح بخاري (حصو اول)، انتخاب صحيح بخاري (حصو ٻيو)، انساني حق، ايمان جي ڪسوٽي، ايمان مفضل (ترجمو)، پنج سورتون تفصيل سان، تعليم القرآن، جهاد جي حقيقت (ترجمو)، حج جي حقيقت، حقيقت اسلام، حقيقت قادياني، خطبات اسلام، خطبات اسلام (ٻيو ترجمو)، خطبات اسلام (ٽيون حصو)، دين شريعت، دينيات، روزي جي حقيقت، زڪوات ۽ خيرات، سلامتي جو رستو، سچو ايمان، سرفروشان اسلام، عبادتون ڪلمون پاڪ ۽ ڪلمو پليت، ڪلمي پاڪ جي حقيقت، ڪلمي پاڪ جي معنى ۽ تفسير، ڪفر ناس، قرآن انقلابي، قرآني خزانو، قرآني دعائون يا واليءَ در وينتيون، گلشن عبرت عرف شان مسلم، مسلمان ٿيڻ جي لاءِ علم جي ضرورت، مسلمان عورت، نبوت محمدي ﷺ، نماز جي حقيقت، يارهن سورتون ۽ نماز سولي سنڌي سان (مٿيان سڀ ڪتاب گهڻي ڀاڱي ترجمو ڪيل آهن).
    نفسيات: راحت ڀري زندگي.
    سياست: مسلم ليگ جي بهتري.
    لسانيات: سنڌي استاد، اردو استاد.
    طبيعات: ائٽم جي تاريخ
    علم الانسان: انسان جي تاريخ، دنيا جي تاريخ، يونان کان اڄ تائين جي تاريخ.
    لطيفيات: شاهه جو رسالو (1950ع)شاهه جورسالو (1957ع) شاهه جو رسالو (1962ع).

    افسانا
    آزاد چونڊ، ابتو ڦيرو، اسپيني شهزادو، اسپيشل امام، افضل مهيھ، اقبال جي ڀيڻ، اڪيلو منارو، اورنگزيب جو انصاف، اوليائن مار، بابر جو هل، بخار جو خيمو، بزدل نورجهان، سومار شاهه جو ٻئي گدڙ، پارس، پٿر دل، پنج گڏيون، پوڙهو اُٺ، ڀڳل موٽر، ڀلي ولايت، ڀل اکيون، تپيدار جي رپورٽ، ٺاڪر جي ڦڪي، ٺٽي جا ڏاڙهون، ٺٺ شاهه، جيل جو تيل، جيل جو ڊاڪٽر، جن جو موت، جوڙي (ترجمو)، حضرت خالد جو روزو، خير جون خوبانيون، طرف شرڪ برباد، چنڊ جو جبل، چند سهڻو يا انسان، چوڏهين صديءَ جا چار درويش، حق جو رعب، درگاهه شريف، دستگير جي يارهين، ڏاڏا جي سارنگي، ڏائڻ، ڍڳن جو لشڪر، راضي شاهه جي روڪ، رڍ بيبي، رنگا رنگي دنيا، سائنس جو پٽ، سُڃي جو سير، سستي رڍ، شاهه جي ڊگري، شاهي پروانو، شرڪ ٽوڙ، شرڪ ناس، طاقت جو بينظير نسخو، علماءِ حق جو شان، غدار دکن، غدار جي عزت، غيرت جو ٽهڪو، قلندر جو هندورو، قهر جي ڪهاڙي، ڪارا ڪافر، ڪاڪوس هڙتال، ڪاليءَ جي ڪرپا، ڪاوڙيل مريدياڻي، ڪنواري ماءُ، ڪنواري ڪلي، ڪنيز السلام، کدڙي جي گادي عرف مرشد جي ڪڪي، کنڊ جون ڳوڻيون، ککر ۾ کڙو، کيت پارو ٻڪر، گڏهه جو پيءُ گنهگار، ڳري جي ڳالهه، ڳاڙها مرچ، ڳڙ جو سير، لال جهنڊو، لڏيندڙ جون نشانيون، مرشد جو اُٺ، مرشدجو ٻڪر، مرشد جون ٽنگون، مرشد جو چاليهو، مرشد جو حج، مرشد جو ڪهاڙو، مرشد جو ڪنڊو، مرشد جو گهوڙو، مرشد جو ونڊ، مرشد جي پڳڙي، مرشد جي درگاهه، مرشد جي ديڳ، مرشد جي ڌيءَ، مرشد جي ڏاڙهي، مرشدجي سزا، مرشد جا قدم، مرشد جي ڪانچ، مرشد جي مار، مرشد جي ننڊ، مرشد جي ننهن، مرشد جي وهر، مزيدار ڪڪڙ، مسلمانن لاءِ نهايت نازڪ وقت، مصري مومل، معصوم مجاهده، مينا بازار، ٻانگ ۽ لوڻ، نانگي شاهه جو ڪنڊو، سڀاڳي مريدياڻي، نڀاڳي مڱ، نٿ جو حج، نر ماديءَ جو فرق، نغارن جا قيدي، نيت جو ڦل، وڏي ڀاءُ جو ڪم، وڏيري جي رات، وطن فروش، ووٽن جي پيتي، هلر، هندستان کان پاڪستان، ۽ آواز ايندو رهيو ۽ مٽر ڏرجي ويو، يزيد جو ڀيڻويو.
    ناول
    آخري اُميد، آخري سبق، آفريقا جي شهزادي، افضل شهيد، امڙ، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان، ايراني شهزادي، بلبل ايران عرف آخري اُميد، بهادر طارق عرف فتح اسپين، حور بغداد، حيدر علي، جاپاني گڏي، جلوه اسلام، جنگ ترڪ و جرمن، چين جو چنڊ، دفتر اسلام، دفتر اسلام (وڌايل) دمشقي شهزادي، ڏاهري رنگ محل، ڍڳن جو لشڪر، راجا هري سنگهه جي درٻار، رت پياڪ رهزن، روم جي راڻي، سانگهڙ، ستيارت ستياگره، سسي نيزي پاند (ترجمو ۽ تلخيص) سلطان ٽيپو شهيد، سلطان سبڪتگين ۽ جئپال، سلطان صلاح الدين، سمرقند جو صوف، سنگدل شهزادي، سومناٿ سندري، سوڊان جي سونهن، شاهه امان الله، شڪست چين، شوڪت اسلام (اول) شوڪت اسلام (حصو ٻيو) شهيد ڪربلا، شير شاهه ۽ همايون،شيوا جي شيش محل، عرب جي لاڏي، عروج اسلام (ٻه ڀاڱا)، عصمت جي قيمت،عيد جو چنڊ، غازي انور پاشا (چار حصا)، غازي اورنگزيب عالمگير، غازي احمد شاهه ابدالي، غازي مصطفى ڪمال، فتح اسلام، فتح فلسطين، فتح يرموڪ، فتح العرب، ڪارا ڪافر، ڪاشي جا پاپڙ، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، ڪتي جو....، ڪفر و اسلام، ڪراچي جو ڪوس، ڪوريا جي ڪنوار، گلستان حسن، گمراهه مسافر، قسطنطنيه جي شهزادي، محمد بن عبدالوهاب، محمود غزنوي، مجاهد اسلام، مجاهد ڪشمير، مجاهد مصر، مسلمان بادشاهه، ناتال تحفو، نازنين سمرنا، نازنين يورپ، نورِ توحيد (چار ڀاڱا)، نيل ڪنوار، وهابين جو بابو، هندو مسلمان اتحاد، هوشربا جي شهزادي، 1957ع جي جنگ آزادي (ٻه ڀاڱا).
    ناٽڪ
    اسلام تي مقدمو، پئچائتي پدمڻي، ڊاڪٽر ناٽڪ، ڏڪار ناٽڪ، سجائي موڙي، شاهدي ناٽڪ، عجيب شاهدي، غيرت عرف نورجهان جو پُٽ، ڪانگريس ناٽڪ، ڪورٽ ناٽڪ، مرزا غازي بيگ، نجومي ناٽڪ، واڀيئڙو.
    آکاڻيون: بهادر مسلمان، درد دل، رنگا رنگي دنيا.
    مضمون: ڪنواريون مائون.
    ادبي تنقيد: بقول اياز (مهاڳ) صفائي، شيخ المشائخ، مڪو ۽ ڊئنزگ.

    تاريخ
    تاريخ بهادران اسلام (ٻه ڀاڱا)، تاريخ بهادران اسلام (وڌايل ۽ سڌاريل) جنگ بدر، روسي مسلمان، فتح ايران (ٻه ڀاڱا)، فتح شام فتوحات اسلام (ٻه ڀاڱا)، ڪربلا کان پوءِ، هندستان جي اسلامي تاريخ، هندستان جي سڄي تاريخ (ويدن جو زمانو)، سيرت الرسول، سيرت مصطفى، سيرت محمدي ﷺ، سيرت الصديقي، سيرت عثمان، سيرت الحيدري، سيرت الفاطمھ، سيرت امام حسين، شاهه جيلاني، انقلاب ايران (جيڪو ڏيپلائي جو آخري ڪتاب هو).

    شخصيات
    اردو مان ترجمو ٿيل ڪتاب، غازي احمد شاهه ابدالي ۽ مجاهد مهر آهن.


    ماهتاب محبوب

    ماهتاب محبوب سنڌي ادب جي سموري عورت ليکڪائن ۾ منفرد حيثيت جي ڪهاڻيڪارهه آهي. هوءَ هڪئي وقت ڪهاڻيڪارهه، خاڪا نويس، سفرناما نويس، مضمون نگار ۽ ناول نگار پڻ آهي. سندس لکڻين جي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو موجود آهي.

    سوانح
    ماهتاب محبوب 14جولاءِ 1950ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، ”سينٽ ميريز ڪانوينٽ“ ۽ ”مدرستھ البنات“ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ گرلز ڪاليج، حيدرآباد مان گريجوئيشن ڪيائين.

    ادبي سفر
    ماهتاب محبوب، پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ٻالڪپڻي ۾ ٻاراڻي ادب سان ۽ پوءِ ڪهاڻين جي ترجمن سان ڪئي. پهرينءَ هوءَ ماهتاب منور عباسي، جي نالي سان لکندي هئي،پر محبوب شيخ سان شادي ٿيڻ کان پوءِ هوءَ ”ماهتاب محبوب“ جي نالي سان لکندي رهي آهي. ماهتاب سٺ واري ڏهاڪي کان باقاعده لکندي پئي اچي. هن ڪيترائي نفسياتي مضمون ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا،جيڪي ان وقت ”نئين زندگي“ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. سندس پهرين طبعزاد ڪهاڻي ”ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي،“ آهي. جيڪا ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي.
    شروعاتي دور ۾ هن جي ڪجهه ڪهاڻين کي ٽي-وي لاءِ ڊرامه ٽائيز پڻ ڪيو ويو. هن ريڊيو لاءِ به ڪيترائي فيچر لکيا، جن کي مهتاب چنه (مهتاب راشدي) ”اديون ڇا ٻڌايان؟“ جي سري هيٺ پڙهندي هئي. هيلتائين ماهتاب جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪُل پندرهن آهي. چوڏهن سنڌ ۾ ۽ هڪ هند ۾، جن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾:
    ”چانديءَ جون تارون“ (ڪهاڻيون)، ”پرهه کان پهرين“ (ڪهاڻيون)، ”مٺي مُراد“ (ڪهاڻيون)، ”لهر لهر زندگي“ (ڪهاڻيون)، ”پلصراط“ (اردو ترجمي سان چونڊ ڪهاڻيون)، ”چانڊيءَ جون تارون ۽ پرهه کان پهرين“ (گڏيل مجموعو/ڪهاڻيون)، ”اندر جنين اُڃ“ (هند جو سفرنامو)، ”سُرهي سرهي سار“ (هند جو سفرنامو)، ”راهون چنڊ ستارا“ (فارايسٽ ۽ ٿائي لينڊ جو سفر نامو)، ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ (مضمون ۽ ڪالم وغيره)، ”خواب خوشبو ڇوڪري“ (ناول)، ”پيار پناهون ڇانورا“ (ناول)، ”جيءُ جهروڪا“ (خاڪا)، ”جيءُ جهروڪا“ (هندي ۾ ڇپيل).
    ماهتاب محبوب سنڌي ادب جي اها ليکڪا آهي، جا ادب جي کيتر ۾ لڳاتار پنهنجي قلم جي وسيلي موجود آهي. هوءَ لڳاتار سچائي ۽ جرئت سان زندگيءَ جي مختلف روپن جا چتر چٽيندي رهي آهي. جا ڳالهه نه رڳو سنڌي ادب لاءِ نيڪ سوڻ آهي، پر خود ليکڪا جي لاءِ پڻ اُملهه اعزاز آهي.
    ماهتاب محبوب جو پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”چانديءَ جون تارون“ 1970ع ۾ ڇپيو. جنهن رائيٽرس گلڊ جو پهريون انعام پڻ حاصل ڪيو. سندس ڪهاڻين تي رايو ڏيندي هڪ هنڌ علي احمد بروهي لکيو ته:
    ”ماهتاب جي ڪهاڻين جا پلاٽ ديس جي ڌرتي تي بيٺل آهن، نه غير ملڪي ڊزائين ۽ نه سمگل ڪيل سجاوٽي نظريا، سليس سنڌي ۾ ۽ معصوم انداز ۾ لکيل، اوپرن اکرن جي ملاوٽ کان صاف پاڪ، سندس ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ هڪ صحتمند ۽ بي بها اضافو آهن.“
    ادبي خدمتن جي حوالي سان ماهتاب کي ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ قابل ذڪر اعزاز رائيٽرز گلڊ جو ايوارڊ،سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ايوارڊ، اڪيڊمي ادبيات جو ايوارڊ، سوجهرو لائيف اچيومينٽ ايوارڊ، نئين زندگي ايوارڊ، انڊيا ۾ رام پنجواڻي ايوارڊ ۽ ڪيئي ٻيا شامل آهن.
    پنهنجي ڪهاڻين جي حوالي سان ماهتاب محبوب لکي ٿي:
    ”فني لحاظ کان تور ڪٿ ڪري ان مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين کي ڪٿي بيهارڻ گهرجي، ان جي مون کي ڪابه ڳڻتي ڪونهي.مون قلم هٿ ۾ جهلڻ کان وٺي اڄ تائين اهو سوچي ڪڏهن به ڪا شئي ناهي لکي ته مونکي ”عالمن جي ابي“ واري قطار ڀرڻي آهي يا ڪجهه لکي ڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو اٿم.“
    مشهور شاعر ۽ نقاد ذوالفقار راشدي جي بقول ته:
    ”ايترو سڄڻ ته ڇا دشمن به قبوليندا ته ماهتاب جون ڪهاڻيون وڌيڪ سوڌيل، سنواريل، گهڙيل ۽ گهريون آهن، جن کي پوري ڇڪ ۽ جرئت سان ڇاتي ٺوڪي، اوچ ڪوڏيءَ جي ادب ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ماهتاب پنهنجي ڪهاڻيءَ کي پنهنجي فن سان چست ۽ سگهارو ڪري ٿي ۽ ڪڏهن به نعرن ۽ هوڪن جي آڌار سان نٿي هلائي. سندس فن ڪنهن ”پارٽي لائين“ جو ڳٽ ڳچي ۾ نٿو وجهي. ڪنهن انٽرنيشنل پوليٽيڪل پروگرام جو پاڇو نٿو بڻجي. هوءَ پنهنجي پر ۾ پاڻ کي ڪنهن تحريڪ جو اڳواڻ، سوشل ريفارمر، ڪو انقلابي، ڪو پرچارڪ ۽ ڪو مفڪر نٿي سڏائي. هوءَ گرم، سرد، هر قسم جي ڳالهه ۾ لهجي جي نرمي قائم رکڻ جو هنر ڄاڻي ٿي. هر حال ۾ هوءَ هڪ ٻگهڻ، ڌيرج ڀري، ڌيان واري، سٽائتي ۽ پنهنجي ڍنگ ۽ پختي رنگ جي ناليري ڪهاڻيڪار، ڪلاڪار آهي.“
    ماهتاب محبوب جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”پرهه کان پهرين“ ڇپيو. هيستائين سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جهڙوڪ: مٺي مراد، لهر لهر زندگي، چاندي جون تارون، ۽ پرهه کان پهرين شامل آهن. ماهتاب جي چونڊ ڪهاڻين جو اردو ترجمو ”پل صراط“ جي نالي سان ڇپيل آهي. ماهتاب جون لکڻيون انگريزي، هندي،گجراتي، پنجابي ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪيون آهن.
    ڪهاڻين کان علاوه ماهتاب محبوب سفرناما، خاڪا، مضمون، ڪالم ۽ ٻه ناول پڻ لکيا آهن، جن جو اسين هيٺ مختصر طورتي جائزو وٺون ٿا.

    سفرناما:
    ماهتاب محبوب جو پهريون سفرنامو 1980ع ۾ ”اندر جنين اُڃ“ جي نالي سان ڇپيو. جيڪو انڊيا جي سفر تي مشتمل هو. اهو ڪتاب سنڌي ادب ۾ نهايت مقبول ويو ۽ انهي سفرنامي ۾ نه رڳو هند سنڌ جي اديبن کي هڪٻئي جي ويجهو آندو، پر سنڌ ۽ هند جي سڀني سنڌين کي سڪ ۽ پيار جي اٽوٽ رشتن ۾ ڳنڍي ڇڏيو. انهي سفرنامي پڙهڻ کانپوءِ سنڌي ادب جي هڪ وڏي نانءُ پروفيسر رام پنجواڻي، ماهتاب محبوب کي هڪ خط ۾ لکيو:
    ”اندر جنين اُڃ“ پڙهي دنگ رهجي ويس. سفرنامو نه آهي پر قرب جي ڪهاڻي آهي. الفت جي آکاڻي آهي، برهه جو باب آهي، دلچسپ ڪارنامي جو ڪتاب آهي. ادبي خيالن جو خزانو آهي.“
    لڇمڻ ڪومل پنهنجي تبصري ۾ لکيو:
    ”ماهتاب محبوب سنڌي ڪهاڻي جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي چڪي آهي، پر ان سفرنامي هن جي تخليقي وسعت ۽ ان جي گوناگون پهلوئن جون هر پڙهندڙ جي ذهن ۾ چڻنگون ٻاريون آهن. پهرين چڻنگ عنوان”اندر جنين اُڃ“ پڙهڻ سان ئي ڀڙڪي ٿي ۽ سفرنامو شروع ٿيڻ سان ئي هن جي سٽ سٽ سُور جون سِٽون اُڀاريندي ٿي وڃي.“
    مٿينءَ ڪتاب کان سواءِ ماهتاب محبوب جو انڊيا جو ٻيو سفرنامو ”سرهي سرهي سار“ پڻ ڇپيو. پر ”اندر جنين اُڃ“ کي جيڪا پذيرائي ملي، تنهن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. ماهتاب محبوب جو فارايسٽ جو سفرنامو ”راهون چند ستارا“ ۽ سنڌ ـ هنڌ جي اديبن جي خطن جو ڳٽڪو ”ماکيءَ مٺاماڻهو“ جي نالي سان ڇپيل آهي.
    ”جيءَ جهروڪا“ ماهتاب محبوب جو هنڌ-سنڌ جي اديبن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي. هوءَ واحد سنڌي ليکڪا آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ انهيءَ صنف تي قلم کنيو ۽ پاڻ موکيو آهي.ڇاڪاڻ ته سنڌي ۾ خاڪن جا تمام گهٽ ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ”جيءَ جهروڪا“ سنڌي ادب ۾ هڪ قابل قدر واڌارو آهي. مراد علي مرزا چواڻي:
    ”ماهتاب پنهنجي خاڪن ۾ نرم نازڪ ٻولي ۽ ڀرپور تاثراتي ڪردار نگاري ڪري، هڪ عظيم حقيقت کي جنم ڏنو آهي. هن تي سنڌي ادب جي سچن پچن ڪردارن ۽ جيئرن جا ڳندن شخصيتن جيڪو اثر ڪيو آهي، ان کي هن نهايت اثرائتن لفظن ۾ عام گفتگوءَ واريءَ ٻوليءَ ۾ پنهنجي منفرد اسلوب ۽ افسانوي ٽيڪنڪ ۽ ٽون ۾ وجهي پلٽيو آهي.“
    ماهتاب محبوب جو اهو ادبي سفر، ڪهاڻين کان شروع ٿيو ۽ مضمون نگاري، ڪالم نويسي، خاڪا نويسي ۽ سفرنامي کان پوءِ ناولن تائين اچي پهتو. ماهتاب محبوب پنهنجي قلم ذريعي سنڌي ٻولي کي ٻه منفرد ۽ بولڊ ناول ”خواب خوشبو ڇوڪري“ ۽ ”پيار پناهون ڇانورا“ پڻ ڏنا.
    ”خواب خوشبو، ڇوڪري“ جي باري ۾ ڪتاب جي مهاڳ ۾ علي بابا لکي ٿو:
    ”مان ته اهو پيو سمجهان ته ماهتاب جي هن ناول ”خواب خوشبو ڇوڪري“ ايڪيهن صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ شاهي دروازو ٺاهي ڏنو آهي، جيئن اسين پنهنجا سمورا ڪڌا ڪرتوت، وحشتون، بيهودگيون،ڪوڙا ويساهه ۽ ڀرم، وڏ ماڻهپايون ۽ حرامپايون، تمنائون ۽ تصنع ۽ ويهن صدي وارو سمورو گند ڪچرو پاسيرو ڪري نئين سر ڌوپجي سوپجي، پنهنجي نئين نسل سان ايڪيهين صدي ۾ داخل ٿيون. هن ناول ۾ اوهان کي سنڌي جاگيرداري نظام،سياست، اپر ڪلاس کان وٺي لوئر مڊل ڪلاس جي ڪُنڊ ڪڙڇ جي ڏکن سکن جو سمورو ڳجهه ڳوهه مڪمل اڀياس سان ملندو.“
    بيشڪ ماهتاب محبوب جي ڪتابن سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪاري بخشي آهي. هن پنهنجي قلم وسيلي، سنڌي ٻوليءَ ۽ تهذيب کي هڪ نئين زندگي ڏني ِآهي. اهو ماهتاب جي قلم جوئي انداز آهي جو هوءَ تمام آسانيءَ سان پنهنجي ڪردارن کي سندن ماحول ۾ جياري ٿي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا اسان مان آهن. ماهتاب جي ڪابه ڪهاڻي پڙهڻ سان ايئن نه لڳندو ته هي جملا ڪردار جا نه پر ليکڪا جا آهن ۽ اهائي سچي اديب جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي ته هو ڪردارن جي وات ۾ پنهنجي زبان نه رکي.


    مولائي شيدائي

    سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ جي عظيم محقق رحيمداد مولائي شيدائي 1894ع ڌاري، سکر ۾ شير محمد خان بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. مولائي صاحب تمام ضعيف ۽ ڪمزور ڄائو هو، تنهن ڪري شروع ۾ سندس بچڻ جا امڪان گهٽ هئا.

    تعليم و تربيت
    مولائي صاحب شروعاتي تعليم غريب آباد سکر ۾ آخوند خدا بخش ابڙي جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي، جتي هن ”قاعده بغدادي“ پورو ڪيو. تنهن کان پوءِ وري کيس ٻي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پاڻ قرآن پاڪ جا ڏهه سيپارا ختم ڪري، اڃا ”ڪريما“ ۽ ”پند نامه عطار“ مس شروع ڪيائين، جو سندس پيءُ کيس اُتان ڪڍي اچي ”سنڌي اسڪول“۾ ويهاريو. سنڌي چوٿين درجي ۾ پهچڻ کان پوءِ مولائيءَ کي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ صفا جنوني ڪيفيت اختيار ڪري ويو. سندس حالت اها هوندي هئي، جو کيس گهران جيڪا به خرچي ملندي هئي، اها ڪتابن جي خريداريءَ ۾ صرف ڪندو هو. ان زماني ۾ مولائيءَ صاحب فقط افسانوي، ڪلاسيڪي ادب ۾ نيم تاريخي قصن ڪهاڻين پڙهڻ سان شوق رکندو هو. جهڙوڪ: الف ليلى،گل بڪاولي، داستان امير حمزا، فسانه عجائب، ليلى مجنون، يوسف زليخا وغيرهه.انهن ڪتابن مان سندس سڀ کان پسنديدهه ڪتاب ”داستان امير حمزو“ هو، جيڪو پاڻ ڪيترائي ڀيرا پڙهيائين ۽ بار بار پڙهيائين.
    علم ۽ تاريخ سان شوق
    چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ مولائي صاحب سکر جي ”ائلگو ورنيڪيولر اسڪول“ ۾ داخلا ورتي. جتي هن ڇهين درجي انگريزي تائين تعليم حاصل ڪئي. اُتي سندس تاريخ جو اُستاد هيمراجاڻي هو، جنهن مولائي صاحب جو ڪتابن سان شوق ڏسي کيس وڌيڪ شوق ڏياريو ۽ پنجين درجي انگريزيءَ ۾ ئي هيمراجاڻي کيس ڪيترائي تاريخ جا ڪتاب پڙهايا، جن ۾ انقلاب فرانس ۽ 1857ع جي غدر وغيرهه شامل آهن ۽ شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي مولائي صاحب کي تاريخ جي علم تي ايتري ته دسترس هئي، جو سالياني امتحان جي وقت، اُستاد تاريخ جي جوابي پيپر تي مارڪن بدران Excellent لکندا هئا.
    انهيءَ کان سواءِ شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبارون به وڏي شوق سان پڙهندو هو، انهن ۾ ”الحق“ ۽ ”آفتاب“ شامل هيون، جيڪي ٻيئي سکر مان نڪرنديون هيون. پاڻ پنهنجي مطالعي جي پورائيءَ واسطي، ۽ ڪجهه خرچ پکي ڪڍڻ واسطي انهن اخبارن ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن وڃي بنا اجوري جي ڪم ڪندو هو. مطالعي جي وڌيڪ اُڃ اُجهائڻ لاءِ پاڻ سکر جي مشهور جنرل لئبريريءَ ۾ به روز شام جو وڃي مطالعو ڪندو هو. اُتي ٻاهرين ملڪن جون سڀئي اخبارون ۽ رسالا باقاعدگيءَ سان ايندا هئا.
    اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ سان گڏ، مولائي صاحب تاريخ جي ڪتابن جو به مطالعو جاري رکيو ۽ انهن کي ڄڻ گهوٽي پيئندو هو. مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته افسانوي ادب ۾ ”داستان امير حمزو“ سندس پسند جو ڪتاب هو. خود مولائي شيدائي جو چوڻ آهي ته ”اهو ئي ڪتاب آهي، جنهن پهريائين منهنجي سڀاءُ جي رجحان کي علم تاريخ ڏانهن موڙيو ۽ منهنجي مورخ بنجڻ جو ابتدائي محرڪ شايد اهوئي ڪتاب آهي.“

    نوڪريءَ ۾ گهڙڻ
    1913ع ۾ ڇهه درجا انگريزيءَ پڙهڻ کانپوءِ، مولائي شيدائي اسڪول کي ڇڏي، ريلوي کاتي ۾ فائر مئن ڀرتي ٿيو. جتان ستت ئي هن کي ترقي ڏيئي ريلوي ٽريفڪ کاتي ۾ ”ٽرين ڪلارڪ“ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس روهڙي اسٽيشن تي 65روپين پگهار سان يارڊ-فورمئن مقرر ڪيو ويو. اهڙي نموني وقت گذارڻ سان گڏ ترقي ڪندو رهيو ۽ يارڊ فور مين مان، سيڪنڊ گارڊ ۽ پڇاڙيءَ ۾ سيڪنڊ گارڊ مان وڃي گارڊ تي پهتو.
    مولائي صاحب 1939ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيو ۽ پراويڊنٽ فنڊ جي مليل اٺ هزار روپين مان سکر جي ”ڪنگس هل“ ٽڪريءَ تي جاءِ جوڙائي رهڻ لڳو ۽ پڇاڙيءَ تائين اتي ئي رهيو.
    مولائي شيدائي 12فيبروري 1978ع تي وفات ڪئي.

    مولائي شيدائي نالي جو پوڻ
    ريلوي گارڊ واري زماني ۾ مولائي صاحب پنهنجي واندڪائي جو وقت سکر جي اخبار ”ستاره سنڌ“ جي آفيس ۾ گذاريندو هو. جنهن جو ايڊيٽر پير علي محمد راشدي هو. پاڻ ان وقت اخبارن ۾ مضمون پڻ لکڻ شروع ڪيا هئائين ۽ سرڪاري جي نظر ۾ اچڻ کان بچڻ لاءِ، سرڪاري ملازم هئڻ جي ڪري، پير راشدي کيس ڪنهن فرضي نالي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني. جيڪا صلاح مولائي صاحب کي وڻي ۽ هن راشدي صاحب کي ئي ڪو نالو تجويز ڪرڻ جي صلاح ڏني. ان تي پير علي محمد راشديءَ سندس فقيراڻي ۽ دلچسپ طبيعت کي نظر ۾ رکندي، هن لاءِ ”مولائي“ جو تخلص تجويز ڪيو. پير حسام الدين جو خيال هو ته هن لاءِ ”شيدائي“ تخلص وڌيڪ مناسب رهندو. نيٺ گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مولانا دين محمد وفائي مرحوم جي رٿ تي ٻيئي تخلص گڏي ”مولائي شيدائي“ تخلص اختيار ڪيائين. ان ڏينهن کان مير رحيمداد جو نالو ”مولائي شيدائي“ ٿي ويو ۽ اهوئي نالو سندس سڃاڻپ بنجي ويو.

    مضمون نگاري
    1930ع ۾ جڏهن مولانا دين محمد وفائي ڪراچيءَ مان ”توحيد“ رسالو ڪڍيو ته مولائي صاحب جا تاريخي مضمون ۽ مقالا پهرين پهرين ان ۾ ڇپجڻ لڳا. انهيءَ دور ۾ هندن طرفان هلايل ”شڌي تحريڪ“ زورن تي هئي ۽ مولائي صاحب هڪ هندو اخبار پاران شاهجهان جي راڻي ممتاز محل جي باري ۾ ”هندو راڻي“ هئڻ واري مضمون جي جواب ۾، مولانادين محمد وفائي جي زور ڀرڻ تي، ممتاز محل جي باري ۾ هڪ مضمون لکيو، جيڪو پوءِ ”توحيد“ ۾ ڇپيو ۽ اهوئي رسالو هو، جنهن مولائي صاحب جي شهرت جو شعاع چوڏس پکيڙيو ۽ ائين اهو مضمونن جو سلسلو هلي پيو. اهڙي طرح مولائي صاحب جي هڪ تاريخدان جي حيثيت سان شهرت هنڌين ماڳهين پکڙجي ويئي ۽ اڳتي هلي سندس مقالا سنڌي اخبارن کانسواءِ اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ شايع ٿيڻ لڳا.

    شعر و شاعري
    مولائي صاحب کي ننڍي هوندي، شاگرديءَ واري زماني کان ئي شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو ۽ پاڻ سنڌي توڙي اردوءَ جي سرموڙ شاعرن جو ڪلام گڏ ڪندو ۽ ياد ڪندو هو ۽ گڏوگڏ کيس شعر چوڻ جو پڻ شوق جاڳيو ۽ پاڻ تُڪبندي ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين،پر سندس ڪا همت افزائي نه ٿي ۽ ايئن اهو جذبو سرد ٿي ويو. اڳتي هلي وقت بوقت اهو جذبو اُڀري پوندو هو ۽ پاڻ شاعري ڪرڻ لڳندو هو ۽ ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين، جن مان ڪجهه شاعري ”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپيس.سندس شاعري جو پڻ ڳوڙهو اڀياس ڪيل هو. نموني طور سندس هڪ بيت ڏجي ٿو:
    گوڪل ۽ گرنار جا، سنگ سڀيئي ٽوڙ،
    جي رنگ اندر رتڙيا، تن سان جيءَ جوڙ،
    مدن، منوهر سپرين، هيرو جنم جوڙ،
    تان مرليءَ سندو ٻول، ٻڌين بيراڳي بن ۾،

    صحافتي خدمتون
    ٻي مهاڀاري جنگ واري زماني ۾ جڏهن الهه بخش سومري ۽ سندس دوستن ”آزاد“ نالي روزاني اخبار ڪڍي ته مولائي صاحب کي گهرائي کيس اخبار جو نائب ايڊيٽر مقرر ڪيو. اخبار جو ايڊيٽر مولاناعبدالڪريم چشتي مقرر ٿيو. جيڪو آبڪلاڻي واري موسم جي ڪري رستو بند ٿي وڃڻ سبب ڪراچي پهچي نه سگهيو ۽ اهي فرائض به مولائي شيدائي کي سرانجام ڏيڻا پيا. سندس مدد لاءِ گوبند مالهي ۽ قادر بخش نظاماڻيءَ کي پڻ مقرر ڪيو ويو. هن جلد ئي اخبار کي عوام ۾ مقبول ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي صحافت جا خوب جوهر ڏيکاريا. اڳتي هلي پاڻ اخبار جي پاليسيءَ تان اختلاف سبب استعيفى ڏيئي ڇڏيائين. اخبار جي پاليسي ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ هئي ۽ ”مولائي شيدائي“ کي انهيءَ ڳالهه سان اختلاف هو.
    اڳتي هلي جڏهن منشي عبدالشڪور ”حيدرآباد“ مان ”هلال پاڪستان“ اخبار ڪڍي ته مولائي شيدائي کي اخبار جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. پاڻ انهيءَ اخبار تي پڻ خوب محنت ڪيائين ۽ اخبار کي عوام ۾ مقبول بنائي ڇڏيائين. انهيءَ اخبار جا ڪيترائي سلسلا ۽ معرڪا مشهور رهيا.

    تاريخ تي ڪم
    مولائي صاحب کي 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو فيلوشپ مقرر ڪيو ويو. فيلوشپ جي پهرين سال پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ”روضتھ السنڌ“ نالي هڪ ڪتاب تاريخي، جاگرافي حوالن سميت تيار ڪري ڏنو. پوءِ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ڪراچي مان کڄي حيدرآباد آئي ته يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي، مولائي صاحب کي 1951ع ۾ ڊاڪٽر سي-ڊوييز جو هندستاني تاريخ تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ”Reader of Indian History“ کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن جو ترجمو پاڻ ضروري نوٽن سان ”تاريخ هندستان“ جي نالي سان ڪري يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو.تنهن کان سواءِ مولائي صاحب فرينچ محقق گستاولي بان جي مشهور ڪتاب ”تمدن عرب“ جي نموني تي ”تمدن سنڌ“ جا ٽي جلد پڻ لکيا ۽ هڪ ڪتاب ”تاريخ سکر“ پڻ لکيائين. سندس ٻين شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”تاريخ ٽالپر“، ”سنڌ جا پراڻا شهر“،”تاريخ قلات“ (اردو)، ”مهدوي تحريڪ” (اردو)، ”سرزمين بلوچ“،”سنڌ جي سياست“ ۽ ”تاريخ خاصخيلي“ شامل آهن.
    مٿين ڪتابن کان سواءِ مولائي صاحب ٻيا هيٺيان ڪتاب لکيا آهن:

    (1)تاريخ بلوچستان:
    جيئن ته بلوچستان جي تاريخ تي ڪو مستند ڪتاب ڪونه هو، تنهن ڪري پاڻ اها ضرورت محسوس ڪندي، بلوچستان جي مختصر تاريخ لکي، جيڪا 1940ع ۾ ڇپي. اها سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهڻي مقبول ٿي. اهو ڪتاب مولائي صاحب جو پهريون شاهڪار هو، جيڪو نه رڳو لئبررين ۽ سيڪنڊري اسڪولن لاءِ منظور ڪيو ويو، پر کيس برٽش بلوچستان جي گورنر جنرل جي ايجنٽ پاران چار سئو ۽ درٻار قلات پاران اڍائي سئو روپيا انعام طور مليا.
    (2) جنت السنڌ
    هي ڪتاب سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي هڪ مڪمل تاريخ آهي، هي ڪتاب به مولائي صاحب جي ٻين تصنيفن وانگر حوالن جي خصوصيت کان خالي ڪونهي. هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.
    (3)سفينھ النوح
    هي ڪتاب ٻن جلدن تي مشتمل آهي. پهرين جلد ۾ حضرت مخدوم نوح جي سوانح ۽ ٻي ۾ سندس ملفوظات ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ضرورت موجب نقشا پڻ ڏنا ويا آهن، جن مان هالا شهر جي جاگرافيائي پوزيشن ظاهر ٿئي ٿي. هي ڪتاب مخدوم نوح سروري جي سوانح تي بهترين ڪتاب آهي.
    مٿين ڇپيل ڪتابن کان سواءِ مولائي صاحب جا ٻارهن کن اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ موجود آهن.


    منگهارام ملڪاڻي

    جن ماڻهن سڄي عمر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ ادبي ميدان ۾ پنهنجا اڻمٽ نشان ڇڏيا، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي اهڙن ماڻهن جي پهرين صف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. پروفيسر منگهارام هڪئي وقت ادبي تحقيق، ترجمي، ناٽڪ ۽ ٻين نثري صنفن ۾ پاڻ ملهايو.

    سوانح
    منگهارام، 14 ڊسمبر 1896ع ۾، حيدرآباد ۾ ’اُڌارام شيوڪرام ملڪاڻي‘ جي گهر ۾ جنم ورتو، جيڪو هڪ عامل زميندار هو. هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو، ٻئي روشن دماغ، آزاد خيال ۽ فراخدل انسان هئا. سندس ڏاڏي نه رڳو پُٽن کي، پر پنهنجي ٻن نياڻين کي به پڙهايو هو. چيو وڃي ٿو ته اهي پهريون ٻه سنڌي ڇوڪريون هيون، جن انگريزي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو.
    منگهارام شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي، جتي کيس ٻه نهايت لائق ۽ قابل استاد غلام علي نانا. جيڪو ٻيون درجو پاڙهيندو هوس ۽ ٻيو استاد آئل مل ٿڌاڻي، مليا جنهن وٽ هو چوٿون ۽ ڇهون درجو پڙهيو هو. پهرينءَ استاد منجهس انگريزي ٻولي ۽ انگريزي ادب لاءِ چاهه جاڳايو ته ٻئي استاد وٽان آکاڻيون ٻڌي ۽ گهڻا ناول وٺي پڙهيو ۽ ڪتاب لکڻ به سکيو.

    زمينداري ۽ ادبي ڪم
    پروفيسر منگهارام ملڪاڻي 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ والد جي چوڻ تي اچي زمينداري سنڀالي. اها زمينداري چار پنج سال هليس. هو ترقي پسند خيالن وارو هو، جنهنڪري هن هارين نارين جي حقن جو خيال رکيو ۽ جيئن هن پنهنجي لکيل ننڍي ناٽڪ ”بٽئي“ ۾ لکيو آهي. ان ۾ هارين جي سجاڳيءَ سندن حقن جي حمايت چٽيل آهي.
    ان دوران کيس نويڪلائي ۾ قدرتي نظارن جي وچ ۾ ادب لکڻ ۽ پڙهڻ جي ججهي فرصت به ملي. خاص ڪري شاهه لطيف ۽ گروديو ٽئگور جوسٺو اڀياس ڪيائين. ان وقت هن شاهه لطيف جي هڪ سئو بيتن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ۽ مزرا قليچ بيگ کي نظرثانيءَ جي لاءِ ڏنائين. جيتوڻيڪ اهي بيت ڪتابي صورت ۾ نه ڇپيا،پر ڪي بيت انگريزي رسالن ۾ ڇپيا.
    پاڻ جيڪو ٻيو ترجمو ڪيائين اهو ٽئگور جي ڪتاب ”گارڊنر“ جي ڪن گيتن جو ترجمو هو،جيڪي ”روح رهاڻ“ مخزن ۾ 1922ع ۾ ڇپيا. اڳتي هلي انهيءَ ڪتاب جو سڄو ترجمو ڪيائين. ان بابت پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو.
    ”گريجوئيٽ ٿيڻ بعد جو چار پنج سال پتا جي زمينداريءَ تي وڃي قيدي ٿيس، ان اڪيلائي ۾ ”گارڊنر“ جا پريمي گيت مون لاءِ سُندر محبت جو ڪم ڏيندا هئا. گارڊنر کي آئون پنهنجي گيتا ڪري سمجهندو هئس ۽انهيءَ ڪيفيت هيٺ ئي مون ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”پريت جا گيت“ نالي سان ڪيو. “
    انهي ترجمي واري ڪتاب جو مهاڳ ڪاڪي ڀيرو مل مهرچند لکيو هو. انهيءَ ۾ هو ترجمي ۽ ٻولي جي پرک ڪندي لکي ٿو:
    ”سندس (ٽئگور جي) شاعراڻن خيالن کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ ۾ ڪم ٿو کپي. مسٽر ملڪاڻي کي انهيءَ ڪري جس آهي جو اصلوڪا خيال قائم رکيا اٿس ۽ منجهس ڪا مروٽ سروٽ ڪانه ڪئي اٿس. ٻولي جيڪا ڪم آندي اٿس، سا به وري بابوءَ جي شاعراڻي نموني جي آهي. جنهن کي ڀلي ته ڪو نظم يا نثري ٻنهي جو جوڙميل ڪوٺي.“
    اهو ترجمو هن نظماڻي نثر ۾ ڪيو هو. انهي ئي عرصي دوران هن نامياري انگريز ناول نويس رينالڊ جو ننڍو ناول ”گم ٿيل صندو ڦڙي“ جي نالي سان ترجمو ڪري ڇپايو. ائين پروفيسر ترجمن جي صورت ۾ ادب ۾ وک رکي.

    ناٽڪي جيون
    ان زمينداري جي دور ۾ هو اسٽيج جو سٺو ڪلاڪار پڻ ٿي اُڀريو. 1920ع ۾ هن، جديد سنڌي وڏي ناٽڪ جي باني خانچند درياڻيءَ سان گڏجي ”ڏيتي ليتي ڪاميٽي“ ٺاهي ان طرفان پيش ٿيندڙ ناٽڪن ”گلاب جو گل“ ۽ ”موتئي جي مکڙي“ ۾ ڪردار ادا ڪيائين.
    اڳتي هلي 1923ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، لالچند امر ڏني مل، ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻي جي ساٿ ۽ سهڪار سان ”رابند ناٿ لٽرري ۽ڊرئمٽڪ ڪلب“ برپا ڪيائين. جنهن جو مهورت ٽئگور جي هٿن سان ٿيو. اها ناٽڪ منڊلي سنڌ جي ادبي ۽ تهذيبي تاريخ ۾ هڪ حد نشان ليکجي ٿي. انهي پنهنجي پندرنهن سورنهن سالن جي عرصي ۾ .35-30وڏا، جديد، حقيقت نگاري وارا ڳنڀير سماجي ۽ سياسي شعور وارا ناٽڪ پيش ڪري هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. انهن ناٽڪن مان ڪجهه پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جا لکيل هئا. پروفيسر ملڪاڻي انهن مان ڪيترن ۾ ادا ڪاري ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري ڪيائين. ائين هو جديد ناٽڪ جو باني بنجي پيو.
    پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڪجهه وقت کانپوءِ زمينداري ڇڏي اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج (ڪراچي) ۾ پهرين فيلو ۽ ليڪچرار ۽ پوءِ پروفيسر ٿيو. ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ کيس پنهنجي پسند جو سبجيڪٽ ڊراما انگريزيءَ ۾ پڙهائڻ جي لاءِ مليس. انهي سان گڏ 1924ع ۾ پرنسپال صاحب سنگهه کيس ڪاليج جي ناٽڪ منڊلي وري شروع ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪا ڪن سببن جي ڪري بند ٿي ويئي هئي. منگهارام اها ٻيهر شروع ڪئي ۽ چار سال ڪاميابي سان هلائي، ڪيترائي ڪامياب ناٽڪ پيش ڪيائين.ورهاڱي کانپوءِ پاڻ بمبئي ۾ ’جئه هنڌ ڪاليج‘ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ ترقي ڪندو ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ٿيو ۽ 1962ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين.
    پروفيسر جي اهڙن ننڍن ناٽڪن مان پنج ناٽڪ چونڊي 1937ع ۾ ”پنج ننڍا ناٽڪ“ ڪتاب جي صورت ۾ ۽ چار وري ٻئي مجموعي ”پنگتي پردا“ جي نالي سان 1938ع ۾ شايع ٿيا.

    تنقيد نگاري ۽ تاريخ نويسي
    پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جديد سنڌي ناٽڪ جي ان داتا هئڻ سان گڏ هڪ برک نقاد ادبي تاريخ نويس پڻ هو. هن 1940ع واري زماني ۾ جداجدا سنڌي رسالن ۾ نثر جي ڌار ڌار صنفن تي ڪيترائي ليک لکيا، جن ۾ انهن صنفن جي ترقي جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو ورتل هو. سندس اهڙن مضمونن جو پهريون مجموعو ”ادبي اصول“ جي نالي سان 1950ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي سٺي آجيان ڪئي ويئي.
    پروفيسر ملڪاڻيءَ جو ادبي تاريخ نويسي جو اهم ڪم ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ڪتاب آهي، جيڪو 1968ع ۾ ڇپيو. ٻئي سال هن ڪتاب کي ”اڪاڊمي ايوارڊ انعام“ مليو. ادبي تاريخ جي لحاظ کان ورهاڱي تائين، سنڌي نثر جو سلسليوار ۽ تفصيلوار اتهاس هجي. ان ۾ ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ، اسٽيج ڊرامن، مضمون ۽ تنقيد جي نه رڳو تاريخ آهي، پر تحقيق به آهي، ته ڪٿي ڪٿي رچنائن جي مثالن سان تنقيدي جائزو به آهي. هن ڪتاب مان سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن بابت نهايت سٺي بنيادي ڄاڻ ملي ٿي. حقيقت ۾ اهو هڪئي ڪتاب سنڌي نثر جي شاهڪار هئڻ جو لاثاني ثبوت آهي.
    مٿين ڪتابن کانسواءِ سندس ٻين ادبي تاريخي ڪتابن ۾ ”سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“ ۽ ”سنڌي ساهت جي سمالوچنا“ اهم آهن.
    ترجمن، ناٽڪن ۽ ادبي تواريخ کانسواءِ پروفيسر منگهارام سفرنامي، يادگيرين ۽ نظاماڻي نثر تي به قلم آزمائي ڪئي، جن جا ٽي ڪتاب پڇمي ياترا (1963ع)، ساهتڪار جون سمرتيون (1979ع)، جوانيءَ جا جذبا پيري جون يادون (1975ع) ڇپيل آهن.
    پروفيسر مگهارام ملڪاڻي سنڌيت جي هلچل ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. انهي دوران پڻ پروفيسر ڪيترائي اصلوڪا ۽ ترجمو ڪيل ناٽڪ پيش ڪيا، جن ۾ ”قسمت“ (1972ع)جيڪو انگريزي ليکڪ بابلاڪ جي ناٽڪ جو ترجمو هو، ٻيو عبراني ليکڪ زئنگول جي ناٽڪ جو ترجمو ”ايڪتا جو آلاپ“ ۽ ٽيون اصلوڪو ناٽڪ ”کن جي خطا“ ۽ چوٿون ”انار ڪلي“ پيش ڪيائين.
    حقيقت هيءَ آهي ته پروفيسر منگهارام 30-1929ع واري نئين زماني جي گهرجن پٽاندر سنڌي ننڍي ناٽڪ کي حقيقت نگاري وارو جديد ائڪٽ پلي بڻايو. بقول اي جي اُتم:
    ”ان ۾ هاڻ سنڌي زندگي جي ترجماني هئي. سماج جا ٻرندڙ سوال ۽ ملڪ جا مسئلا پيش ڪيل هئا، جن ۾ خارجي ۽ داخلي ٻئي پهلو هئا. انهي کان اڳ وارو اڪثر سنڌي ننڍو ناٽڪ فن توڙي، خيالن جي لحاظ کان جديد نه هو. اهو گهڻو تڻو روماني ،مذهبي يا مسخري وارو نقل يا بالغ آميز فارسي يا پنگتي لٽڪو لڳندو هو. ان ۾ مشڪل سان ڪو سماج جو ڳنڀير ۽ گهرو، دل ۽ دماغ کي ڌويندڙ چتر چٽيل هو.“
    اهڙي ڪوشش ۽ ڪامياب ڪوشش پهرين پروفيسر ملڪاڻي ڪئي، تنهنڪري کيس جديد سنڌي ناٽڪ جو باني چئجي ٿو. ان نسبت پروفيسر ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جا تاريخ“ ۾ ورهاڱي کان اڳ واري ننڍي ناٽڪ بابت لکي ٿو:
    ”آئون سمجهان ٿو ننڍي ناٽڪ جي ميدان ۾ آئون اڪيلو لکندڙ آهيان. جنهن ڳنڀير طور گهرو، پنگتي ۽ قومي مسئلن تي 20-25 ننڍا ناٽڪ جوڙي، سنڌي يڪ فصلي ناٽڪ کي سماجڪ سڌاري جو واهڻ بنايو آهي. منجهن بناوت جي قاعدن جي به پوري پوئيواري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيئن ٿوري ۾ ٿوري واقعن، نظارن ۽ ڪردارن ۽ ننڍين سڀاويڪ زبانن مان مرضي سان ڪو خاص کنيل مطلب ڇٽي اچي.“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جا ادب جي مختلف صنفن تي لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
    (1)گم ٿيل صندوقڙي (ناول ترجمو-1924ع)، (2)قسمت (الف ليلى ناٽڪ-ترجمو 1926ع)، (3)ايڪتا جو آلاپ (وڏو قومي ناٽڪ-ترجمو 1929ع)، (4)کن جي خطا (ناٽڪ اصلوڪو 1930ع)، (5)انار ڪلي (ناٽڪ-1930ع)، (6)پنج ننڍڙا ناٽڪ (1937ع)، (7)پنگتي پردا (ناٽڪ-1938ع)، (8)پريت جا گيت (ترجمو-1940ع)، (9)گيتا نجلي (ترجمو-1942ع)، (10)ادبي اصول (1950ع)، (11)جيون چهچٽا (ناٽڪ-1962ع)، (12)پاپ ڪين پڃ؟(ناٽڪ-1957ع)، (13)پڇمي ياترا (آمريڪا جو سفرنامو-1963ع)، (14)کڙکٻيتا پيا ٽمڪن (ناٽڪ-1967ع)، (15)سنڌي نثر جي تاريخ (1968ع)، (16)جواني جا جذبا، پيري جون يادون (نظاماڻو نثر-1975ع)، (17)آخري ڀيٽ (ناٽڪ-1975ع)، (18)سمنڊ جي گجڪار (ناٽڪ:1975ع)، (19)ساهتڪارن جون سمرتيون (يادگيريون:1979ع)، (20)ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو (1980ع) (21)ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي سمالوچنا(1982ع).
    پروفيسر منگهارام ملڪاڻي 84ورهين جي عمر ۾ 1ڊسمبر 1980ع تي ديهانت ڪئي.


    موتي پرڪاش

    1947ع ۾ ٿيل ورهاڱي نه رڳو ننڍي کنڊ جي جاگرافيائي صورتحال تبديل ڪئي، پر علمي ۽ ادبي ميدان ۾ به سنڌ جو وڏو نقصان ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا اديب ۽ عالم حالتن هٿان مجبور ٿي، پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي هندستان هليا ويا. موتي پرڪاش به انهن مان هڪ هو.

    سوانح
    موتي پرڪاش ولد سکر امداس شرما 15مئي1931ع تي دڙي ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. موتي پرڪاش جو نانو مهاراج ريوا، جاتيءَ جو رهاڪو هو. هو حڪمت جو ڌنڌو ڪندو هو. پنهنجي ناناڻڪي سبب موتي پرڪاش پهرين دڙي پوءِ جاتيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي.
    جاتي ۾ پڙهڻ جي دوران ”پنڊت ڪندن شرما“ سان واقفيت ٿيس. جيڪو مٿس گهڻو مهربان ٿيو، جنهن کيس سنگيت ۽ هارمونيم جي سکيا ڏني. پنڊت کي سنڌي ناٽڪ سان گهڻو چاهه هوندو هو، انهيءَ وقت سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ ناٽڪ جي چڱي لهر آيل هئي. جاتي، سجاول ۽ چوهڙ جمالي ۾ پنڊت ڪندن شرما، مهاراج ريوا چند راجسٿ ۽ ساقي سجاولي ناٽڪ پيش ڪرڻ ۾ ڀڙ هئا. موتي پرڪاش، پنڊت ڪندن شرما جي لکيل ۽ هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪيل ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندو هو. سندس سهڻي صورت سبب گهڻو ڪري کيس زنانو پارٽ ڏنو ويندو هو. ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هو هندستان هليو ويو، ته اتي به سندس سنڌي ناٽڪ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار رهيو.
    ادبي اوسر
    موتي پرڪاش کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي هئي ۽ انهيءَ وقت جيڪي سنڌي رسالا نڪرندا هئا. اهي هو چاهه سان پڙهندو هو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
    ”ٽپال جي ٿيلهي کلندي هئي ته مان ”گلستان“ مخزن، بمبئي مان ”ٻالڪن جي ٻاري“ جي نڪرندڙ انگريزيءَ مخزن ”پشپ“ ڪراچي مان نڪرندڙ ”رتن“ جي ڪتابن هٿ ڪرڻ لاءِ اتاولو ٿيندو هوس. ڇو جو انهن جو چندو ڀريندڙ خريدار هوس، باقي ڏيپلائي جي عبرت، ڀڳوان تولاڻي ۽ ڪرانتي ڪرپالاڻي جي ’هندو ساهتيه پرڪاش‘ جي ڪتابن جو چندو ڀريندڙ ڀلي ٻيا هوندا هئا ته به پوسٽ ماستر جي پٽ هئڻ جي حيثيت ۾ انهن تي پهريون حق منهنجو هوندو هو، جيستائين پڙهي پورا نه ڪندو هوس، تيستائين انهن تي پهچڻ واري تاريخ جو ٽپالي ٺپو نه لڳندو هو.“
    سندس پهريون شعر ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٻارن جي هڪ رسالي ”گلستان“ ۾ شايع ٿيو، جيڪو ”شيوڪ ڀوڄراج“ ڪڍندو هو ۽ هري دلگير انهيءَ جي شاعري واري ڀاڱي کي سنڀاليندو هو ۽ انهيءَ رسالي ۾ ڇپجندڙ هري دلگير جي شاعريءَ کيس ڪافي متاثر ڪيو. اتان ئي کيس ٻارن جو رسالو شايع ڪرڻ جو شوق جاڳيو ۽ پاڻ ”ٻال سنديش“ جي نالي سان هڪ ٻاراڻي مخزن شروع ڪيائين، جنهن جا ڪجهه پرچا شايع ٿيا.
    ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ به سندس شعر و سخن جو اهو عمل جاري رهيو. 1959ع ۾ سندس پهريون شعري مجموعو ”آءٌ ته چوريون چنگ“ شايع ٿيو، جنهن جومهاڳ هري دلگير لکيو. هو موتيءَ جي شعر جي اوسر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”سندس شاعراڻو شغل پندرهن سالن کان به پراڻو آهي. جڏهن هو پنهنجا ٻاراڻا گيت مون ڏانهن ”گلستان“ رسالي ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ موڪليندو هو. پرڪاش جي عمر اڃا 25-27 سال مس هوندي، پر کيس ساهيتيه جي کيتر ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪرڻ جو ڪافي آزمودو آهي. سندس اصلوڪي عمر شايد هروڀرو پڪي نه به سارجي، پر ساهيتيه سنسار (ادبي دنيا) ۾ سندس عمر کي پڪي عمر ۾ ئي شامل ڪرڻ گهرجي.“
    موتي پرڪاش جو ٻيو شعري مجموعو ”چڻنگ وچ چولي“ 1983ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ موتيءَ جون وايون، نظم، غزل،گيت ۽ بيت شامل آهن، جنهن جو مهاڳ شاعر ’پرڀو‘ وفا لکيو، جنهن ۾ موتي جي شعر جي ڇنڊڇاڻ ڪندي هولکي ٿو:
    ”موتي پرڪاش جي شاعري ۾ مصنوعي ڪداچت نه آهي. اها خودبخود سندس دل ۽ دماغ مان نڪري ٿي.موتي انڀوي شاعر به آهي ته اڀياس جي ساڌنا سان پنهنجي شاعري کي سنواريو ۽ سينگاريو اٿس“.
    جيتوڻيڪ موتي پرڪاش جو شاعريءَ ۾ ڪو استاد ڪونهي، پر سندس شاعري تي شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسيءَ جو بخوبي اثر آهي.

    ناٽڪي جيون
    موتي پرڪاش 1954ع ۾ هندستان ۾ ليکڪا ڪلا پرڪاش سان پيار جي شادي ڪئي ۽ 1956ع ۾ آل انڊيا ريڊيو سان وابسته ٿيو. ڪلا پرڪاش سان شادي ۽ ريڊيو سان وابستگيءَ سبب کيس ادب جي سٺي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو.
    موتي پرڪاش جو تعلق ترقي پسند لڏي سان هو. هندستان ۾ هن ترقي پسند تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. انهي دوران سندس ناٽڪ ۾ ٻيهر دلچسپي پيدا ٿي، جنهن جو هڪ سبب ريڊيو ۽ ترقي پسند تحريڪ سان وابستگي، ٻيو ننڍپڻ کان ئي پنڊت ڪندن شرما جي اثر هيٺ ڪافي سکيا ورتل هيس. سندس ڪيترائي لکيل ڊراما آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيا. هن 1960ع ۾ ”سندو ڪلامندر“ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ساڻس گڏ شري ڀڏو آڏواڻي ۽ ايس پي منگهاڻي ٻانهن ٻيلي هئا. هن سرڪل کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته انهيءَ پهريون ڀيرو هندستان ۾ ٽه فصلو ناٽڪ سنڌي ڏسندڙن جي اڳيان پيش ڪيو. اهو ناٽڪ رميش مهتاب جو ”انڊر سيڪريٽري“ هو، جيڪو موتي پرڪاش سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. انهي کانپوءِ انهي ناٽڪ منڊل ڪيترائي ننڍا وڏا ناٽڪ اسٽيج ڪيا.
    سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان موتي پرڪاش جو هند ۾ اهو به ڪريڊٽ آهي ته هنڌ ۾ سنڌي جو پهريون اصلوڪو ناٽڪ ”رات هڪ طوفان جي“، جيڪو نئين ڍنگ ۽ جديد خيالن تي ٻڌل هو،موتي پرڪاش ئي لکيو. اهو نه رڳو ممبئي ۾ ڪاميابيءَ سان اسٽيج ڪيو ويو. پر ساڳئي نالي سان فلمايو به ويو.
    موتي پرڪاش جو ٻيو اصلوڪو ناٽڪ ”پردي اڳيان، پردي پٺيان“ آهي، جيڪو طنز و مزاح تي ٻڌل آهي. انهي ناٽڪ تي کيس “اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ طرفان ٻيو نمبر انعام پڻ مليو. موتي جي ناٽڪ جي حوالي سان ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي آنندو ٽهلراماڻي لکي ٿو:
    ”موتي پرڪاش سنڌي رنگ منچ سان پڻ وڙ ڪيو آهي، ورهاڱي بعد، جن نوجوانن سنڌي رنگ منچ جي شروعات ڪئي. موتي انهن مان هڪ هو.“
    موتي پرڪاش شاعري ۽ ناٽڪ کانسواءِ هڪ ناول ”انڌيرو اجالو“ پڻ لکيو. تنهن کانسواءِ ڪيترائي ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا.
    موتي پرڪاش تعليمي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو. هن 1956ع ۾ بي اي (آنرس) ۽ ان بعد 1963ع ۾ بي ايڊ پاس ڪئي. هن 1981ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع ”سنڌي شاعري ۾ عورت جو عڪس“ هو. پاڻ لڳ ڀڳ 25سال بمبئي ۾ انڊين هاءِ اسڪول جو پرنسپل رهيو ۽ پوءِ آديپور هندستان ۾ انڊين انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر به رهيو.
    موتي پرڪاش جي ڇپيل تخليقي ۽ تحقيقي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
    (1) انڌيرو اجالو (ناول)، (2) ادبي گل (مضمون)، (3) رات هڪ طوفان جي (ناٽڪ)، (4) دل جون ڳالهيون (يادگيريون)، (5) پردي اڳيان پردي پٺيان (ناٽڪ)، (6) سي سڀ سانڍيم ساهه سين (سنڌ جو سفرنامو)، (7) ڏٺي ڏينهن ٿيام (خاڪا)، (8) سنڌي شاعري ۾ استريءَ جوچٽ (پي ايڇ ڊي ٿيسز)، (9)گومي ٻائي جو سنسار (ننڍا ناٽڪ)، (10) گلڙن جا گيت (ٻال ڪوتائون)، جنهن کي 1975ع ۾ ڀارت سرڪار جي تعليمي وزارت انعام پڻ ڏنو، (11) جيءَ اندر جهاتيون (مذاقي اخباري ڪالم)، (12)منهنجي ڳليءَ جو ڳالهڙيون (شاعري)، (13) وقت ۽ ويچار (ادبي مضمون) 2010ع.
    کيس سنڌ جي سفرنامي ”سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ تي هندستان جي ساهيتيه اڪيڊمي انعام پڻ ڏنو. اهو ڪتاب هندي ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپيو.
    مٿين اصلوڪن ڪتابن کانسواءِ موتي پرڪاش ڪيترا ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا. جيڪي ڇپيل آهن. انهن ۾ تارا شنڪر بئنرجيءَ جو ناول ڪالندي (بنگالي) صدرالدين عيني جو ناول اَدينا (تاجڪستان) رميش مهتا جو ناٽڪ انڊر سيڪريٽري (هندي) ڪاڪو ڪلو (انگريزي جي مشهور مزاحيا ناول ٿري مين ان اَبوٽ جوترجمو) شامل آهن.


    موهن ڪلپنا

    تمام گهٽ ليکڪ اهڙا آهن، جن جي لکڻين جي سِٽ سِٽ مان درد ۽ حب الوطني جهلڪيون ڏيندي آهي. موهن ڪلپنا به اهڙو ئي ليکڪ هو.

    سوانح
    موهن مولچند لالا، 24نومبر 1930ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ جنم ورتو. موهن لالا جو پيءُ بولچند منگهارام لالا اصل سيوهڻ جو رهاڪو ۽ ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ هو. موهن ڪلپنا ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين هوندو هو.هن شروعاتي تعليم ڪوٽڙيءَ ۾ حاصل ڪئي. پوءِ سندس مائٽ لڏي ڪراچي ويا. ان ڪري سندس وڌيڪ تعليم ڪراچي ۾ ٿي. ورهاڱو ٿيو ته 16جنوري 1948ع تي سنڌ ڇڏي هن جو سڄو گهراڻو هندستان هليو ويو. سندن اهو سفر ڪراچي مان هڪ پاڻيءَ واري جهاز جي وسيلي بمبئي تائين ٿيو. گهڻا سال پوءِ انهيءَ جلاوطني جي سفر کي ياد ڪندي 1958ع ۾ پاڻ هڪ ڪوتا ”جهاز جي ڊيڪ تي“ لکيائين، جنهن جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
    اڄ حياتي زهر ڍڪ تي پنهنجو ست آ وڪيو
    اڄ وڃڻ جو فلسفو ئي زندگي جو فلسفو آ
    موت ٿو اڄ زندگيءَ جا حج ڪري
    اڄ آ ڇاتي تي زيارت
    چڪ ۽ چنبي ڪپ ڇريءَ جي!
    هي برابر زهر يگ آ- زهر يگ زهر يگ آ
    هيٺ پاڻي مٿي آڪاش آهي
    وچ ۾ منهنجو لاش آهي لاش آهي.
    موهن ڪلپنا 1941ع ۾ فرقي پرست هندو تنظيم ”جن سنگهه“ ۾ داخل ٿيو، جيڪا هن 1952ع ۾ ڇڏي، جنهن جو ذڪر ڪندي هو پنهنجي آتم ڪهاڻي ”بک، عشق ۽ ادب“ ۾ لکي ٿو:
    ”هونئن 1949ع کان مان جن سنگهه کان ٽٽي رهيو هئس، پر صفا ڪٽجڻ ۾ ٽي سال لڳي ويا. ورهاڱو ان وچ ۾ ٿيو. جيڪڏهن مان سنگهه ۾ نه هجان ها ته شايد مان سنڌ ڪڏهن نه ڇڏيان ها. مون سپنن سان پيار ڪيو ۽ سپنا ڀارت جي آزاديءَ جا هئا. ڀارت آزاد ٿيو، پر سنڌ ان ۾ ڪانه هئي. ان ڪري مون سنڌ ڇڏي. مان اهڙو ڪو بهانو نٿو ڏيان ته مان ننڍو ٻار هوس ۽ مون کي ڪا سمجهه نه هئي، پر مان غلط رستي تي هليو ويو هئس“.
    هندستان لڏي وڃڻ کانپوءِ سندس گهراڻو مشڪلن ۽ مصيبتن ۾ ڦاسي پيو. سگهو ئي سندس پيءُ ۽ ڀاءُ ديهانت ڪري ويا. سندس مالي حالت انتهائي ڪمزور ٿي ويئي. انهن مشڪل حالتن ۾ پنهنجي گهر ڀاتين جو سهارو بڻجي ويو ۽ ننڍي عمر ۾ ئي مختلف نوڪريون ڪرڻ لڳو.
    موهن جي طبيعت ۾ ننڍي هوندي کان ئي اديباڻو مزاج هو. موهن ڪلپنا پهرين ڪهاڻي 1948ع ۾ ”آتم هتيا“ جي نالي سان لکي، جيڪا ڪنهن سنڌي فلمي رسالي ۾ ”موهن لالا“ جي نالي سان ڇپي. سندس ٻي ڪهاڻي ”ڦيرو“ سنڌ هند جي اديبن جي وچ ۾ ٿيل بهترين لکڻين جي چٽاڀيٽي ۾ ٻيو نمبر آئي.
    هندستان ۾ موهن ڪلپنا سنڌي لپيءَ جي سوال تي سدائين جهيڙيندو رهيو. هن ڪڏهن به ديوناگري لپيءَ جي حمايت نه ڪئي ۽ ديوناگري لپي ۾ نه لکڻ جو قسم کنيائين ۽ توڙ تائين انهيءَ تي قائم رهيو. هن هندستان ۾ ادب ۾ نظرياتي سوال تي سدائين ترقي پسند اديبن سان جهيڙيو ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ گنو سامتاڻي، راجن چاولا ۽ موهن ڪلپنا انهيءَ جهيڙي ۾ اڳيان اڳيان رهيا ،جنهن جو ذڪر ڪندي موهن ڪلپنا لکي ٿو، ”ادب ۾ اسان ٽنهي ڪميونسٽن جو زبردست مقابلو ڪيو ۽ اسان کي ”ٿري ائنگري مين آف سنڌي لٽريچر“ جو خطاب مليو. اسان ترقي پسندن کي قوميت جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو“.
    انهيءَ ڇڪتاڻ جو ذڪر موهن ڪلپنا پنهنجي مقالي ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪشمڪش“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، جيڪو 1963ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو.
    موهن ڪلپنا هڪئي وقت ڪهاڻيون،ناول، ڊراما ۽ رپورتاز پڻ لکيا. سندس لکيل ڊراما آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان پيش ٿيا. پاڻ هڪ سٺو شاعر پڻ هو. هن آزاد نظم ۽ نثر نظم گهڻو لکيو. سندس شعري مجموعو ”جهاز جي ڊيڪ تي“ 1983ع ۾ شايع ٿيو.
    موهن ڪلپنا جو ن لکڻيون سڪ، محبت، وڇوڙي، قوميت ۽ سنڌ جي عشق سان سرشار آهن، هن پاڻ کي سدائين جلاوطن سمجهيو، کيس سنڌ سان بي انتها پيار هو. هو چوندو هو. ”مان اڪثر رات جو خواب ۾ پاڻ کي سنڌ گهمندي ڏسندو آهيان“.
    موهن ڪلپنا جي ڇپيل ناولن، ڪهاڻين ۽ ٻين ڪتابن جو وچور هيٺين ريت آهي.
    ناول: آواره (1953ع) لگن (1954ع) عورت (1956ع) زندگي (1957ع)پٿر جو جگر، ميڻ جي دل (1958ع) وشواس (1959ع) رڃ ۽ پاڇا (1966ع)پيار جي پڇاڙي (1969ع) جلاوطني (1974ع)تون منهنجي سندرتا جو آرنڀ آهين (1975ع)ماءُ (1979ع) ڪانءُ ۽ سمنڊ (1981ع) درد جو درياهه (1992ع).

    ڪهاڻيون:
    موهي نرموهي (1961ع) چاندني ۽ زهر (1964ع) فرشتن جي دنيا (1967ع) پيار ۽ پاپ (1977ع) اها شام (1982ع) اٺين ڪٿا (1991ع).
    ٻارن لاءِ ناول: سرڳ جي ڳولا (1958ع)
    رپورتاز: اڃا رات باقي آهي (1955ع)
    جيوني: فنڪار ۽ فيلسوف (1973ع)آفتاب انقلاب (1975ع)
    خط: منهنجا هم وطني (1975ع)
    آتم ڪهاڻي: بک، عشق ۽ ادب (1984ع)
    موهن ڪلپنا جي اڪثر ڪتابن جا هنڌ کان علاوه سنڌ ۾ پڻ ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. موهن ڪلپنا 19جون 1992ع تي الهاس نگر (هندستان) ۾ ديهانت ڪئي. افسوس جو کيس سنڌ جا وڻ ٻيهر ڏسڻ نصيب نه ٿيا. جنهن جي اڳڪٿي هن پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هنن لفظن ۾ ڪئي هئي:
    ”گوبند مالهي چوي ٿو ته هو واپس موٽڻ کان اڳ ڪڏهن نه مرندو مونکي اهڙي ڪابه خوش خيالي ڪونهي. مان ايئن ئي جلاوطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندس، پوءِ شايد ڪي ماڻهو ڳالهه ڪندا: ”هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هو موهن ڪلپنا، ٻنهي هڪ ٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي، پر ملي نه سگهيا.“


    محمد خان مجيدي

    سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ جن شاعرن پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي عوامي جذبا اُڀاريا ۽ شاعري پڙهڻ جو عوامي انداز اختيار ڪيو، انهن ۾ محمد خان مجيدي اهم نالو آهي. سندس شاعري، خصوصي طور تي طويل نظم سنڌي شعري ادب جو وڏو سرمايو آهن.

    سوانح
    محمد خان مجيدي ولد قيصر خان جتوئي، شاعريءَ ۾ تخلص مجيدي، 5جنوري 1918ع تي ”ڳوٺ شادمان جتوئي“ لڳ جهوڪ شريف تعلقي ميرپور بٺوري ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس وڏا درگاهه جهوڪ شريف جي صوفين جا هاري هئا. مجيدي ٿورو وڏو ٿيو ته پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻڪريون چارڻ لڳو. پوءِ 1925ع ۾ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. مجيدي 1932ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان ان وقت جي سڄي ڪراچي ضلعي ۾ پهريون نمبر پاس ڪيو. 1934ع ۾ ماستري جي نوڪري مليس. ائين پاڻ مختلف هنڌن تي نوڪري ڪندو ۽ هڪ بهترين استاد هئڻ جي ڌاڪ ويهاريندو 1976ع ۾ سجاول مان رٽائر ڪيائين.

    شاعري جي شروعات
    محمد خان مجيدي، شاعريءَ جي ابتدا اسڪول ۾ فائينل سنڌي جي امتحان دوران ڪئي. ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌي فائينل جي امتحان تي سنڌي شاعريءَ جو سبجيڪٽ رکيل هوندو هو،جنهن ۾ باقاعده ”علم عروض“ سيکاريو ويندو هو. شروع ۾ پاڻ ”ايم جتوئي“ جي نالي سان شاعري ڪندو هو. پاڻ پهريون شعر جيڪو 1937ع ۾ جوڙيائين، اهو ان وقت جي فيشن تي هو جيڪو هن ريت آهي:
    ويس وڳا فيشن وارا، کاڌو ڪپڙو ٿو کپي
    فيشن ۾ ته فرانس جي اڄ، پئرس سان ٿي ڀيٽ کپي.
    انهي شعر جو آخري بند هن ريت آهي:
    ”ايم جتوئي“ وار سلامي، ڏاڙهي، مُڇون ڪين ڏسون
    فيشن ايبل هن ريت چون ٿا، ٺاهوڪي ۽ ٺيٺ کپي.
    اهو شعر 1938ع ۾ ”الوحيد“ اخبار ۾ ڇپيو.
    اڳتي هلي علي محمد خالدي سان واقفيت ٿيس. انهي جي صحبت ۾ محمد خان مجيدي ”جمعيت الشعراءَ سنڌ“ جا مشاعرا اٽينڊ ڪيا ۽ جمعيت پاران مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ علي محمد خالدي جي چوڻ تي ئي ”ايم جتوئي“ مان مٽائي مجيدي تخلص رکيائين ۽ نئين تخلص مجيديءَ سان پاڻ پهريون شعر 1950ع ۾ جوڙيائين.
    محمد خان مجيدي مختلف وقتن تي، مسئلن ۽ معاملن پيدا ٿيڻ تي احتجاج طور شاعري پڻ ڪئي، جنهن سان اهي مسئلا نبري ويا. هڪ ڀيري لاڏين ۾ اناج جي سخت کوٽ ٿي پئي ۽ واپاري وڏي اگهه تي اهو وڪڻڻ لڳا. انهيءَ جي خلاف شاگردن هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ۽ انهي ۾ محمد خان مجيديءَ جو جوڙيل شعر پڙهيو:
    روپئي جا اڄ سير ملن ٻه، بک اسان وٽ آهي بک
    پٿر ٻڌاسون پيٽ مٿي اڄ، بک اسان وٽ آهي بک
    بک ۾ پاهه ٿين پيا ٻچا، بک اسان وٽ آهي بک
    ان هوندي بک مرن پيا، بک اسان وٽ آهي بک.
    اهو شعر ٻڌي ان وقت جي مختيار ڪار واپارين تي سخت قدم کنيو ۽ اناج جي کوٽ ختم ٿي ويئي.
    محمد خان مجيدي جي شاعري جو پهريون ڪتاب ”سنڌڙي ۽ ان جون قومون“ 1962ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ذاتين ۽ قومن جي نالي سان 96بندن تي ٻڌل هڪ ڊگهو نظم ڇپيل آهي. نظم جي هرهڪ بند ۾ اٺ اٺ سٽون آهن. انهيءَ طويل نظم جو نموني طور هڪ بند هن ريت آهي:
    سنڌڙي تنهنجا سڀئي ڳوٺاڻا وسن،
    سڀ پراڻا پڊ پوٺا، ڏيهه ڏاڏاڻا وسن،
    جي اٺن سان گڏ رهن، حبدار حاجاڻا وسن،
    ڪين مَٽ نوري جي ٿيندي، ڪا به ناري سنڌڙي،
    هر تماچي کي ته پنهنجي تات تاري سنڌڙي.
    1976ع ۾ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن باقاعده شاعري ڪئي. سڄو وقت سنڌ جي قومي شاعريءَ کي ڏنائين. پاڻ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ، وستي ۽ واهڻ ۾ وڃي پنهنجي شاعري سان ماڻهن کي موهيو ۽ کين جهومايو. پنهنجا طويل نظم، جڏهن اسٽيج تي اچي رڌم سان پڙهندو هو ته عجيب جذباتي ماحول پيدا ٿي ويندو هو.
    انهن نظمن جو ڇيد ڪندي، سندس ٻي شعري مجموعي ”مٽي منهنجي مٽي آهي“ جي مهاڳ ۾ جيڪو ڪتاب 2000ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي کيس آمريڪي شاعر والٽ وٽمين سان ڀيٽيو آهي. جنهن جي نظمن جو انداز پڻ عوامي هو. هو لکي ٿو:
    ”محمد خان مجيدي سنڌي نظم گوئي جو روح روان شاعر آهي. هو سنڌ جي جاڳندڙ ضمير جو آواز آهي ۽ نظمن ۾ هن سنڌ جي زنده روح جو عڪس چٽيو آهي. دور حاضر ۾ ’سنڌي حيات‘ چٿيل، لتاڙيل، هيسيل ۽ سراپا احتجاج بڻيل آهي. جنهن سان شاعر هر وقت، هر هڪ زنده ۽ تابنده روح ڳولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان لحاظ کان مجيدي هوبهو آمريڪا جي والٽ وٽمين سان مشابهت رکي ٿو. ان جي فن وانگر ئي هن جي نظمن ۾ هڪ روان دوان وهڪري مثل زندگي جاري ۽ ساري آهي. جنهن ۾ نهارڻ سان ٻوليندڙ ضمير جي مردانه وار جهلڪ نظر اچي ٿي.
    .... مجيدي جو ڪهڙو به نظم پڙهندا ته ائين محسوس ٿيندو ته هو ننڊ ۾ غلطان قوم کي جاڳائيندو هجي. هو اهڙي سوچ نٿو رکي، جنهن سان ماڳهين قوم جو حوصلو ختم ٿي وڃي يا سندس قوت پوئتي پئجي وڃي. هو فيشن طور نٿو سوچي، بلڪه عمل ۽ جدوجهد پيدا ڪرڻ جو خواهان آهي. هو فقط نعرن جي ذريعي سماجي ۽ معاشي انقلاب آڻڻ نٿو گهري. بلڪه هو عملي طور تي پنهنجي جان کپائي رهيو آهي. ڪلام ذريعي نه رڳو ڏک درد اوري ٿو بلڪه قوم ۾ روح ڦوڪي ٿو.“
    سنڌ جي هن عوامي شاعر 7اپريل 2003ع تي وفات ڪئي.


    ملڪ آگاڻي

    سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان بحث ڪافي پراڻو آهي، ته سنڌ ۾ ڪهاڻي هن وقت ڪهڙي حيثيت ۾ آهي. انهيءَ حوالي سان وقت بوقت ٻولي، پلاٽ ۽ فن جي حوالي سان ملڪ آگاڻيءَ جون ڪهاڻيون به بحث هيٺ رهنديون آيون آ هن.

    سوانح
    ملڪ داد آگاڻي، پهرين جنوري 1951ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ڳوٺ ”آگاڻي“ ۾ جنم ورتو. ڳوٺ آگاڻي، جيڪو ساوڪ، سرهاڻ، زيتونن جي باغن ۽ انقلابي خيالن کان مشهور رهيو آهي. ملڪ آگاڻيءَ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ سيڪنڊري کان ڪاليج تائين لاڙڪاڻي ۾ ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. ملڪ آگاڻي هڪ غريب هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ زماني جي جابر، ظالم وڏيرن ۽ رئيسن طرفان نفرتون ورثي ۾ مليس. اڳتي هلي ڳوٺ ۾ ڪيهر شوڪت، نثار آگاڻي، شبير ميراڻيءَ سان دوستي ٿيس. جن جي صحبت ۽ سنگت ۾ پهرين ايس ايس يو، مارئي سوشل ويلفيئر ۽ لالا قادر جي ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ رهيو. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ ليگي وزيرن سان ٽڪر کاڌائين ۽ انهيءَ کان اڳ ون يونٽ واري هلچل ۽ پوءِ ٻوليءَ وارن وڳوڙن ۾ قومي ڪردار ادا ڪرڻ سبب جيل يا ترائون به ڪيائين. پهرين جولاءِ 1972ع واري ڏينهن کي ”يوم نجات“ طور لاڙڪاڻي جي تجرباغ ۾ ملهايائين.
    ملڪ آگاڻي 1972ع کان 1977ع تائين سنڌي عوامي تحريڪ ۾ رهيو. انهي دوران رسول بخش پليجي، فاضل راهي، ڊاڪٽر فيروز احمد، سيد اڪبر ۽ ٻين سان گڏ رهڻ ۽ کين ويجهڙائي کان ڏسڻ جو موقعو مليس. انهيءَ دور ۾ مقامي توڙي سنڌ سطح تي وڏو عوامي اُڀار رهيو ۽ جيئن هاري ۽ عوامي هلچل جي ڪري ”ميرپور بٺوري“ کي سنڌ جو ”ويٽنام“ چيو ويندو هو، تيئن ”ڳوٺ آگاڻي“ کي چين جي صوبي ”هونان“ سان تشبيهه ڏني ويندي هئي.
    اڳتي هلي سياست کي خيرباد چئي لکڻ پڙهڻ کي لڳي ويو. انهي جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
    ”اسين مذهب جي ڪٽرپڻي کان ٿي ڀڳاسين، پر ڪامريڊ ڪميونسٽن جا پرڪار به ساڳيا رهيا. حد درجي جي موقعي پرستي، هاٿي جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ته ڏيکارڻ جا ٻيا، سڄو ڏينهن عوام، عوام پر مڙس جا ٽپڙ ڏس ته عوام خلاف سازشن ۾ رڌل، سستي شهرت حاصل ڪرڻ ۽ پاڻ چمڪائڻ جا جتن پيو ڪري..“

    لکڻ جي شروعات
    ملڪ آگاڻي، لکڻ جي شروعات 1972ع ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي، جنهن جو ذڪر ڪندي ڪيهر شوڪت ملڪ آگاڻي جي ناول ”نيروليءَ جو ڪن“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”مهڙ ۾ جڏهن نثار آگاڻي ۽ مان لکڻ شروع ڪيو هو ته نه ملڪ لکڻ جي ويجهو هو ۽ نه وري هو اسان سان ڪو ’گوڊ بوڪس‘ ۾ هو. پاڻ اڳتي هلي هڪٻئي سان وڙهي هڪٻئي جا دشمن ٿي پياسين، پوءِ ملڪ آگاڻي ۽ مان ٺهياسين ته ڄڻ هڪٻئي جا همزاد ٿي پياسين. سوچ، خيال، خواب، خواهشون، نظريا ٻنهي جا هڪ ٿي ويا. ڪهڙي سوچ ڪنهن جي آهي، ڪهڙو خيال ڪنهن جو آهي. ان کي ڌار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. اسين فلم، ڳوٺ سڌار سنگتون ٺاهڻ، شاگرد جماعت ٺاهڻ، سياسي پارٽين ۾ ڪم ڪرڻ، ماڻهن کي سمجهرائڻ، سوچرائڻ، وڏيرا شاهيءَ سان ٽڪر کائڻ، پنجابي پناهگيرن خلاف جدوجهد، سنڌ جي آزاديءَ ۽ انقلاب جي راهه ۾ قربانيون ڏيڻ ۾ ته گڏ رهياسين، پر هڪ ڏينهن اسان سان هڪ لکندڙ جي حيثيت ۾ به ملندو، نه سوچيو هو.
    ...... مان هن کي ڪتابن پڙهڻ جي چوس وڌي، ادب جون رمزون ۽ ڪهاڻي جا گُر ڪنهن پياري شاگرد وانگر سمجهايا، پر مون کي اها ڪل نه هئي ته ويدوياس جي ”مها ڀارت“ واري ”دروڻا آچاريه“ جي شاگرد ”ارجن“ وانگر هڪ ڏينهن آگاڻي ساهت کيتر ۾ مون کان وڌيڪ شڪتيوان ۽ مها ٻليوان ٿي بيهندو“.
    اڳتي هلي ملڪ آگاڻي پنهنجي قلم جا خوب جوهر ڏيکاريا. هن نه رڳو ڪهاڻيون لکيون. پر ناول لکيا، ترجما ڪيا ۽ ٽيليويزن ڊراما پڻ لکيا. ملڪ آگاڻي جون ڪهاڻيون نهايت سگهاري حيثيت رکن ٿيون. ڪيهر شوڪت جي لفظن ۾:
    ”هن ڪيڏيون سگهاريون ڪهاڻيون لکيون آهن، ان جي تمام گهٽ پڙهندڙن کي خبر آهي. پڙهندڙن کي پهريون ڀيرو رسول بخش پليجي، نسيم کرل، عبدالقادر جوڻيجي جي ڳوٺاڻي ٻوليءَ کانپوءِ ڳوٺ جي ٻولي جو هڪ نئون رس، نئون هُڳاءُ آيو. هن جي ٻولي جو پنهنجو هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ آهي. مان انهن کي پليجي،کرل ۽ جوڻيجي جي ڳوٺاڻي ٻولي جو ايڪسٽينشن چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو ۽ مون کي اهو به احساس ٿيو ته ٺيٺ ڳوٺاڻي ٻولي ۾ به جديد خيالن جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. سماجي کان نفسياتي، فلسفي کان سياسي مسئلن جو اظهار ڪري سگهجي ٿو“.
    ملڪ آگاڻي پنجاهه کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، پر سندس ڪهاڻين جو ڪوبه مجموعو ڇپجي ناهي سگهيو.
    ملڪ آگاڻي ڪهاڻين کانسواءِ ڪيترائي ناول ۽ ناوليٽ پڻ لکيا. سندس پهريون ناول ”نيرولي جو ڪن“ 1987ع ۾ شايع ٿيو. پاڻ اهو ناول 81-1980ع دوران لکيائين.

    نيرولي جو ڪن
    نيرولي جو ڪن آگسٽ 1983ع کان اڳ جي فنامنا جو ناول آهي. ان ڪري ناول ۾ مايوسي نظر اچي ٿي، پر اها ڳالهه به اهم آهي ته ”نيرولي جو ڪن“ لکندي، سنڌي ادب ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سياست، سياسي شخصيتن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي.
    بظاهر ته ’نيرولي جو ڪن‘ ۾ هڪڙي گهرجي ڳالهه پيش ڪيل آهي. پر اصل ۾ ان هڪڙي گهر جا نه پر هڪڙي ڳوٺ جا مسئلا آيل آهن، اڃا به حقيقت اها آهي ته ان ۾ هڪڙو ڳوٺ به ناهي، انهي ۾ سڄي سنڌ کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. ظاهر ۾ ته هڪ مرد ۽ عورت جي گفتگو آهي، پر اصل ۾ ٽوٽل سنڌي مردن ۽ عورتن جي نفسيات کي چٽيو ويو آهي. ٽيڪنيڪ جو اهو رنگ، اسٽائيل جي اها تازگي ناول جي فني خوبي کي ڏاڍو مٿي کڻي بيٺي آهي.
    ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪيهر شوڪت لکي ٿو:
    ”سنڌيءَ ۾ مان جن وڏن ناولن اچڻ جي ضرورت محسوس پئي ڪئي آهي. ”نيرولي جو ڪن“ هڪ اهڙو ئي ناول آهي، هن ناول رڳو آگاڻي جو ئي نه پر سنڌي جو به هڪ وڏو ناول آهي، جنهن جي اچڻ سان ڄڻ سنڌي ۾ وڏي ناول لکجڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ جنهن سان ڄڻ سنڌي وڏن ناول جائي به هڪ نئين دور ۾ داخل ٿئي ٿو“.
    اهو ناول انهي وقت گهڻو بحث مباحثي جو موضوع بڻيو.
    ملڪ آگاڻي جو ٻيو ناول ’سج جاپاڇا‘ 2005ع ۾ شايع ٿيو. مهاڳ ۾ آگاڻي لکي ٿو. ’سج جا پاڇا‘ سنڌي قوم جو اهڙوئي رزميه داستان آهي، جنهن ۾ ظلم، جبر، لاچاريون، مجبوريون، بيوسيون، بي ڪسيون ۽ ان ۾ ئي شڪستون سمايل آهن، ته وڏيرڪي راڄ ۾ ماڻهو ڪيئن نه بيوس، لاچار ۽ مجبور آهي، سندس آڏو سواءِ ان جي ٻيو ڪو به رستو نه ٿو نڪري ته هو ان کي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ئي زندگي بسر ڪري يا غلامي خلاف پاڻ پتوڙي. ناول ۾ سنڌ جي سياسي،سماجي، نفسياتي ۽ نظرياتي نقطن کي به بيان ڪيو ويو آهي، جن سان اڄ جو سنڌي ماڻهو منهن مقابل آهي. سنڌي قوم جون ڪي موروثي ڪمزوريون ۽ انقلابي نعري پٺيان شيطاني قوتن جي ڪٺي ٿيڻ وارا خيال به سمايل آهن. ”سج جا پاڇا“ ۾ اقتدار جي تبديلي کان پراڻين تهذيبن جي ڊهڻ ۽ نين تهذين جي ٺهڻ جا،ڪي خيال به سمايل آهن، جن کي اوهان ئي پڙهي سمجهي ڪا راءِ ڏئي سگهو ٿا.“
    ملڪ آگاڻي پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد هو. ”نيرولي جي ڪن“ کانسواءِ سندس ترجمو ڪيل مائوزيتنگ جي ”هونان هاري رپورٽ“ ”هارين جي بغاوت“ جي نالي سان ڇپجي چڪي آهي. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ٻه ناول، ڪهاڻين جا مجموعا ۽ شاعري شامل آهن. شاعري ۾ سندس ”سُر ڪيڏارو“ گهڻو مشهور رهيو، جيڪو هن 79-1983ع جي وچ واري عرصي دوران لکيو.
    سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي هن وڏي نالي کي 12 نومبر 2002ع ۾ مقامي وڏيرن قتل ڪرائي ڇڏيو.


    نارايڻ شيام

    اسان جي دور جي شاعرن ۾، هند، توڙي سنڌ ۾، شيخ اياز جي همعصر شاعر نارايڻ شيام کي وڏي اهميت حاصل آهي. تنوير عباسيءَ جي لفظن ۾:
    ”هو انهن ٿورن شاعرن مان آهي، جيڪي اسان جي دور جي شاعريءَ جي وهڪري کان الڳ ٿلڳ، پنهنجي ذاتي اسلوب جي ڪري نرالا ۽ انوکا ٿا لڳن. نارايڻ شيام سنڌي جي جديد شاعريءَ توڙِي ترقي پسند شاعريءَ جي بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي.“

    سوانح
    نارايڻ شيام ولد گوڪلداس ناگواڻي، 22جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ کاهي قاسم، ضلع نوشهري فيروز سنڌ ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم بي-اي 1942ع ۾ ڊي-جي سنڌ سائنس ڪاليج، ڪراچي مان حاصل ڪيائين. پهرين 46-1945ع ۾ نوشهري فيروز ۾ پرشن ٽيچر طور مقرر ٿيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ دهلي پوسٽ ۽ ٽيليگراف کاتي جي آڊٽ آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 1980ع ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين. پاڻ مستقل طور تي نئين دهلي ۾ رهندو هو. جتي 10جنوري 1989ع تي ديهانت ڪيائين.

    ادبي سفر
    نارايڻ شيام، ڪشنچند ’بيوس‘ جي اثر هيٺ آيل شاعرن مان هو ۽ ڊي-جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جي بنياد وجهندڙن ۽ سرگرم ڪارڪنن مان هڪ هو. ڊي-جي سنڌ ڪاليج جي سنڌي ادبي سرڪل ۾، ورهاڱي کان ٿورو اڳ، نارايڻ شيام، شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو. هنن سنڌي شاعري کي نين صنفن (آزاد نظم ۽ سانيٽ) ۽ نون رِدمن کان واقف ڪيو. نوان تجربا ڪيا ۽ سنڌي شاعريءَ لاءِ نيون واٽون ٺاهيون.
    نارايڻ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو 1953ع ۾ هري دلگير جي شاعري سان گڏ ”ماڪ ڦڙا“ جي نالي سان شايع ٿيو. ”ماڪ ڦڙا“ ۾ شيام جي اوائلي ۽ تجرباتي شاعري آهي، جنهن ۾ آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، نظم وغيره شامل آهن. تنوير عباسي جي لفظن ۾:
    ”ماڪ ڦڙا ۾ ڪن نظمن جو موضوع سنڌي شاعريءَ لاءِ ان وقت به انوکو هو ۽ اڄ پڻ انوکو آهي.“
    شيام جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”پنکڙيون“ جي نالي سان 1955ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس 54-1953ع جي شاعري شامل آهي. هن مجموعي ۾ هڪ سئو رباعيون ۽ هڪ ڊگهو نظم ’روپ مايا‘ شامل آهن. رباعي فارسي شاعري جي صنف آهي، جيڪا هڪ خاص بحر ’فرج‘ ۽ ان جي ’زحافن‘ تي لکي سگهبي آهي. چئن سٽن ۾ خيال جي اونهائي ۽ موضوع جي هميھ گيري سان گڏوگڏ ڪنهن حد تائين چوٽ جو عنصر ضروري آهي. نارايڻ شيام انهيءَ ٺيٺ فارسي صنف کي عام فهم سنڌي ٻوليءَ جو ويس پهرايو، سو به ان طرح جو سنڌي جو لهجو، اُچار ۽ ردم قائم رهي. اهو فقط شيام ئي ڪري سگهيو آهي.
    شيام جو ٽيون مجموعو ’رنگ رتي لهر‘ 1956ع ۾ ڇپيو. هن مجموعي ۾ رڳو غزل اٿس. ’رنگ رتي لهر‘ کان سواءِ ’واريءَ ڀريو پلاند‘، (1968ع) آڇيندي لڄ مران (1972ع) ۽ مهڪي ويل صبح (1983ع) پڻ غزلن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ”روشن ڇانورو“ (1962ع) ۾ به ڪافي غزلن جو تعداد شامل آهي، روشن ڇانورو ۾ دوها، سورٺا ۽ ترائيل پڻ شامل آهن. ۽ ’ماڪ ڀنا رابيل‘ (1964ع) ۾ وايون ۽ هائڪو (جن کي شيام ”تصويرون“ سڏيو آهي)، دوها، سورٺا، بيت، رباعيون ۽ نظم شامل آهن. پر ’غزل شيام جي سموري شاعريءَ تي ڇانيل ٿو نظر اچي. نارايڻ شيا