ڪتاب جو نالو: حيدرآباد کان هنزه تائين
مصنف: مور ساگر
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 16 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 737 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 284 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
“حيدرآباد کان هنزه تائين” سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشهور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي اُتي انهن هنڌن تائين پهچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انهن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ار پـنـا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : الطاف شيخ
  • ٻه اکر : انعام ڀٽي
  • پنهنجي پاران : مور ساگر
  • روانـگي
  • لاهـور

  • لاهـور
  • فوڊ اسٽريٽ ۽ نيڪر
  • تيري در پر صنم چلي آئي
  • شالا مار باغ
  • مينارِ پاڪستان
  • بادشاهي قلعو
  • محبت خوشبوءَ آهي
  • بادشاهي مسجد
  • سانو نهر والي پُل پي بُلاڪي
  • واگها بارڊر
  • سوزو پارڪ ۽ سفيد پَري
  • تيري ڪونچي سي هم نڪلي
  • اسلام آباد ڏانهن اڏام ۽ ڪڪرن کان آجو چنڊ
  • اسلام آباد

  • اسلام آباد
  • راول ڊيم خوبصورت نظارو
  • لوڪ ورثه
  • ور وڪڙ پيچرا ۽ نيٺ گونگي ڳالهايو
  • شڪرپڙيان
  • بري امام
  • فيصل مسجد
  • دامن ڪوهه
  • آجا پرديسي ۽ وکريل وار
  • مـري

  • مـري
  • ڳاڙها سندن ڳل
  • سڀئي مهينا بهار جا
  • ڀوربن
  • ايـوبـيـه گلي

  • ايـوبـيـه گلي
  • سدائين پيار جي پنڌ ۾
  • مڪئي جا سنگ ۽ سِليماني چانهه
  • ايـبـٽ آبـاد

  • ايـبـٽ آبـاد
  • فوج ۾ ڀرتي ٿيو آهيان
  • سرڪاري ملڪيت ۽ ميرواهه جا وڻ
  • بالاڪوٽ مان گُذر ۽ زلزلي جي ياد تازي
  • بليدي مان بُگٽي
  • وادي ڪاغان

  • وادي ڪاغان
  • پيلا گل، پهاڙ ۽ ابراهيم منشي
  • وادي نـاران

  • وادي نـاران
  • درويش ۽ قومپرستي
  • جهيل سيف الملوڪ
  • ملڪه پربت
  • ننڊ به پري پري کان پي ڏٺو
  • چيلاس گاڏي خراب، آڙو تي گذارو
  • گـلـگـت

  • گـلـگـت
  • گلگت ۾ سنڌو درياءَ
  • قراقرم يونيورسٽي ۽ اجرڪ
  • چينين جو قبرستان ۽ سلميٰ...
  • وادي هـنـزه

  • وادي هـنـزه
  • قلعه بلتت
  • جڏهن هنزه جي حُسن دري مان مُسڪرايو
  • بشام
  • وادي سـوات

  • وادي سـوات
  • مينگوره
  • مالم جبا
  • رڳو ڪلمن پڙهڻ تي زور هو
  • پـشـاور

  • پـشـاور
  • پشاور يونيورسٽي
  • 9 هزار ٻُڏي ويا
  • ٻيهر لاهور ۾

  • ٻيهر لاهور ۾
  • داتا گنج بخش جي مزار
  • اکين جو قسم پو رُلن ٿيون اکيون

  • ار پـنـا

    ارپيم
    پنهنجي اُن پيار کي
    جيڪو هميشه نِکرندو ۽ سَنوَرندو رهيو آهي.
    جيڪو هِنن سِٽُن جيئن لڳندو اٿم.

    تنهنجو منهنجو پيار الا الا،
    نيري ساگر جهڙو گهرو،
    هردم تارون تار الا الا،
    آر نه ڪوئي پار الا.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (114) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “حيدر آباد کان هنزه تائين” پياري شاعر ۽ ليکڪ مور ساگر جو سفرنامو آهي جيڪو ساحل پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي.
    اسان ٿورائتا آهيون مور ساگر جا جنهن ڪتاب گفٽ ڪرڻ سان گڏ هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ : الطاف شيخ

    پوسٽ ذريعي هي ڪتاب “حيدرآباد کان هنزه تائين” مونکي مليو آهي، جنهن جو مهاڳ لکڻ لاءِ مونکي چيو ويو آهي. پاڻهي ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ ۽ مهاڳ لکڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ ۾ اهو ئي پروف ريڊنگ وارو فرق آهي. هونءَ تعريف ٻڌي يا وقت گذارڻ لاءِ ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ اهو ٿئي ٿو ته جيڪو جيڪو چئپٽر دلچسپ نٿو لڳي ان کي ماڻهو ڇڏي اڳتي وڌي وڃي ٿو. ڪڏهن ته ايئن به ٿئي ٿو ته ڪتاب ۾ ڪو مزو نه ڏسي، ان جو چوٿون يا اڌ پڙهي ڇڏي ڏجي ٿو. پر مهاڳ لکڻ لاءِ اهو سڄو پڙهڻو پوي ٿو چاهي دلچسپ هجي يا سخت بور! پروف ريڊنگ ۾ به اهو ئي مسئلو آهي، ان ۾ ته هڪ هڪ سِٽ جي ڪاما ۽ فل اسٽاپ تي به ڌيان ڌرڻو پوي ٿو.
    بهرحال مور ساگر جو هي سفرنامو “حيدرآباد کان هنزه تائين” پڙهڻ شروع ڪيم ته بس ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو. مطلب ته دلچسپ هجڻ ڪري ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي ختم ڪري ورتم. مون ڪڏهن هنزه، گلگت ۽ پاڪستان جا ٻيا اتراهان علائقا نه ڏِٺا آهن ۽ نه ڪڏهن انهن کي ڏِسڻ جو ارادو هو پر مور ساگر جو هي حيدرآباد کان هنزه تائين سفرنامو پڙهي، مونکي به شوق جاڳيو آهي ته جن جن ماڳن تي مور ساگر ويو آهي انهن کي آئون به ڏِسان. پر حقيقت اها آهي ته دوستن جي ٽولي سان گڏ گهمڻ جو مزو ئي ٻيو آهي جيئن هن سفرنامي جو ليکڪ مور ساگر پنهنجي دوست ۽ ٽيچر انعام ڀٽي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ نڪتو. گروپ ۾ گهمڻ ۽ دوستن جي مختلف شهرن، ماڻهن ۽ واقعن بابت ٽيڪا ٽپڻي به سفرنامي کي دلچسپ ٿي بنائي، ڇو جو پڙهندڙ سفرنامي ۾ مختلف شهرن يا جاين جي فقط تاريخ جاگرافي معلوم ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن پر هو اِهو به معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن هنڌن تي پهچڻ ۽ رهڻ ڪهڻ ۾ مسافر ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا، هن کي ڪهڙيون دشواريون پيش آيون، ڪهڙين غلطين، ڪوتاهين ۽ اڻڄاڻاين ڪري هڪ مسافر کي جُٺين پُٺين کي مُنهن ڏيڻو پيو. جن کي اڳلو ڌيان ۾ رکي پنهنجي سفر کي بهتر بڻائي سگهي.
    “حيدرآباد کان هنزه تائين” سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشهور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي اُتي انهن هنڌن تائين پهچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انهن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي. ايتريقدر جو مور ساگر جو هي ڪتاب “حيدرآباد کان هنزه تائين” عائشه زرداري جو “ڪراچي کان هنزه تائين” ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ هاڻ منهنجي به دل چوي ٿي ته هنزه جو چَڪر هڻي هڪ عدد سفرنامو “هالا کان هنزه تائين” آئون به لکان.
    هڪ همراه مليو چوڻ لڳو: “مونکي به سفرنامي لکڻ جو شوق آهي پر ولايت وڃڻ لاءِ وسيلا نه اٿم” عجيب درويش آهين، مون چيومانس، سٺي سفر نامي لکڻ لاءِ ڇا انگلينڊ، فرانس يا جپان آمريڪا جو چڪر ضروري آهي ڇا؟
    مون کيس ٻُڌايو ته منهنجو سڀ کان گهڻو پسند آيل ۽ پڙهيو ويندڙ سفرنامو “حيدرآباد کان هالا” بس ذريعي سفر آهي. جنهن ۾ مون رڳو بس ۾ سوار ماڻهن، ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر کان مختلف مسافرن جي حرڪتن ۽ ڳالهين جو احوال لکيو آهي، جيڪو مون ڪلاڪ کن جي سفر ۾ ڏٺو... ته ڪيئن ڊرائيور پنهنجي لئه ٿو رکي، ڪيئن ڪنڊيڪٽر رستي تي ڳوٺن مان چڙهندڙ غريب ڳوٺاڻن تي رعب ٿو رکي، ڪيئن بس ۾ چڙهندڙ هڪ مرد سامان جي هڙ زال کان کڻائي پاڻ وڏيرو ٿي هٿين خالي چڙهي ٿو. بس ۾ سوار ٻه پوليس وارا ٽڪيٽ وٺڻ کان لنوائين ٿا، ڀٽ شاهه مان ٻه ناچڻيون، ڪاري ديسي ڪڪڙ جيڏن پرسن سان بس ۾ چڙهن ٿيون. ڪنڊيڪٽر جي ڀرپور ڪوشش جي باوجود اهي به ٽڪيٽ نٿيون وٺن پر اهو آهي ته ان جي بدلي ۾ ڪنڊيڪٽر جي دلپشوري تي هو اعتراض نٿيون ڪن. معاملو ايئن هلندو ڏِسي پوليس وارا به هنن سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اهي ٻئي ڄڻيون پوليس وارن کي اهڙا ته کُتا جواب ڏين ٿيون جو پوليس وارا چُپڙي ڪري پنهنجين سيٽن تي شريف ٿي وهڻ جي اداڪاري ڪن ٿا... وغيره وغيره.
    بهرحال مون سفرنامو لکڻ واري کي اهائي صلاح ڏني ته هو وسيلن مطابق پنهنجي ملڪ جو، يا پنهنجي صوبي جي ڪنهن شهر جو ئي سير ڪري ان بابت احوال لکي سگهي ٿو.
    “پنهنجي ملڪ جي هر شهر حيدرآباد، ڪراچي کان لاهو پشاور تائين جو سفرنامون ڪيترن ئي لکي ڇڏيو آهي، آئون هاڻ ڇا لکان؟ هن وراڻيو.
    دراصل اها به هڪ غلط فهمي آهي. مختلف شهرن يا هنڌن جو “سفرنامو” لکڻ ڪا انهن شهرن جي سِٽي سروي ڪرڻ ناهي جو جيڪا هر هڪ ساڳي ڪري ايندو ته ڪراچي کان حيدرآباد هيترو مفاصلو ٿيو، حيدرآباد کان نواب شاهه هيترو ۽ سکر کان خيرپور هيترو سفرنامو کڻي ساڳي ملڪ، ساڳي شهر يا شهر جي ڪنهن ساڳي ماڳ جو هجي پر هر هڪ جو احوال، هر هڪ جي ڏِسڻ جي اندرين اک، هر هڪ جي سوچ، معلومات ۽ Observation مختلف ٿئي ٿي. هنزه بابت ماڻهن ڪيترائي سفرناما لکيا هوندا، پر هر هڪ پنهنجي نوعيت جو هوندو. مور ساگر جي هن سفرنامي مان لڳي ٿو ته هن جو مطالعو تمام گهڻو آهي ۽ هن کي شاعري سان به دلچسپي آهي ۽ پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي ۽ سندس شاعري جو مجموعو “پيار جي پنڌ ۾” پريت پبليڪيشن حيدرآباد طرفان سال 2005ع ۾ ڇپجي چُڪو آهي. هو سفر ۾ نظر ايندڙ ڪيترين شين تي پنهنجي ۽ ٻين جي شاعري ياد ڪري خوبصورت شعر پڙهندڙن سان به Share ڪري ٿو.
    جڏهن به چنڊ ٿا ڏسون، پرينءَ توکي ٿا ساريون،
    کڻي اُڪنڊ ٿا جيئون، پرينءَ توکي ٿا ساريون.
    مور ساگر اسلام آباد ۾ هڪ حسينا لاءِ لکي ٿو ته “توڙي جو کڻي هن جا پُسيل وار نه هئا ۽ خماريل اکيون به نه هيون پوءِ به سڀني ڇوڪرن جي دلين تان ڇُري ڦيريندي وئي. اهڙي موقعي تي هي شعر هوائن ۽ هُڳائن کي ڇُهندو اچي دل تائين پهتو:
    هوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي،
    پرينءَ وار پنهنجا نه کولي گهمو،
    ڪيڏي سونهن تنهنجي آ نِکري وئي،
    هوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي.
    وادي ڪاغان جي پهاڙين تي پيلي رنگ جا گل ڏِسي هن کي سنڌ جو باغي شاعر ابراهيم منشي ياد ٿو اچي جنهن لاءِ مور ساگر لکي ٿو “سرنهن جي اهڙن پيلن گلن کان متاثر ٿي شايد ابراهيم منشي گهڙي پَل لاءِ قيد جي پيڙا وساري دل جي ڪنهن گوشي ۾ اميد کي ساري چئي ويٺو هو ته:
    سرنهن پيلا جهليندي گل، انهن کيتن ۾ ملنداسين،
    ڪَتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين”
    وادي ناران ۾ اُتي جي هڪ قومپرست سان ملي مور ساگر کي پنهنجي وطن جي قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ياد اچن ٿا. جن لاءِ هو لکي ٿو ته: اسانجي قومپرست اڳواڻن جا ٻه روپ آهن، هڪڙو ظاهري ٻيو لڪل، جيڪو لڪل روپ آهي، اهو ظاهري روپ تي وڌيڪ حاوي هوندو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ ڀوڳيندي ئي رهي آهي. شاعر غلام رسول ٽالپر پڻ سچ چيو آهي ته:
    ڪو نه سڄڻ ڪو سنَڌَ ڏِسان ٿو،
    ويڪو رهبر رَند ڏِسان ٿو،
    دڳ تي دوکان، ڌنڌ ڏسان ٿو
    لِڪ ۾ ٿو حق وڪامي!
    هر ڪو پر هت پَڪ وڪامي!
    جيئن ته شروع ۾ لکي آيو آهيان ته هن سفرنامي جو ليکڪ مور ساگر بنيادي طرح شاعر آهي ۽ هن جو مطالعو به سٺو لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن کي جتي ڪٿي پنهنجا شاعر ۽ اديب ياد اچن ٿا. ساهيوال ۾ پهچڻ سان هن جي دل تي شيخ اياز ۽ ان جي لکيل “ساهيوال جي جيل ڊائري” تري اچي ٿي. لاهور گهمڻ دوران، هڪڙي بورڊ تي “ڪوٽ لکپت” ڏسي هن کي رسول بخش پليجو ۽ هن جو لکيل ڪتاب “ڪوٽ لکپت جو قيدي” ياد اچيو وڃي.
    بهرحال سفرنامو اهڙي شيءَ آهي جيڪو ڀلي کڻي ساڳي ماڳ جو هجي پر ان ۾ مواد هر لکندڙ جي طبيعت مطابق رهي ٿو. مور ساگر کي شاعر جي ناتي جتي هر هنڌ ۽ هر شيءَ ۾ سُونهن ۽ حُسن ياد آيو آهي، پنهنجي وطن جا شاعر ۽ اديب ياد آيا آهن، اتي مون جهڙي کي ٿي سگهي ٿو سمنڊ ۽ سنڌو درياهه ياد اچي ها، سکر ۽ ڄامشوري جا بتيلا ۽ هوڙها، مهاساگر جا آفت جيڏا جهاز ۽ فيريون (Ferries) ياد اچن ٿا. ان ڪري سفرنامن لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته ان جو مدار ماڳن، شهرن ۽ ملڪن تي ناهي پر لکڻ واري جي اندر جي اک ۽ جذبن تي Depend ڪري ٿو. ان جي بهتر سمجهاڻي هن لطيفي مان به حاصل ٿي سگهي ٿي.
    هڪ نئين شادي ٿيل ڪنوار پنهنجي گهوٽ سان شڪايت ڪندي چيو ته “آخر اهو ڇو آهي جو منهنجي ساهيڙيءَ جو مڙس هن کي هر وقت منهنجي نيراني هير، ماهتاب، منهنجي ڪَتي ۽ ٽيڙو، ماڪ ۾ ڀنل رابيل، منهنجي شفق... وغيره وغيره، جهڙين پيارين شين سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ هڪڙو تون آهين جو هر وقت مونکي جانور جي نالن سان سڏين ٿو... منهنجي ٿلهي گابي، منهنجي ڪاري مينهن، منهنجي موڳي رڍ، منهنجي ٻ ٻڪري...!”
    مڙس چيس “اها ته ڪا اهڙي ڳالهه ناهي. جهڙي هوءَ پنهنجي مڙس کي پياري آهي اهڙي تون مونکي آهين. پر هن جو مڙس ته ٿيو موسميات کاتي جو آفيسر ۽ ماهر فلڪيات سو ظاهر آهي هو سج، چنڊ ۽ تارن جي ڳالهه ڪندو ۽ جاني! توکي ته خبر آهي ته تنهنجو مڙس ڊاڪٽر ڍور (جانورن جو ڊاڪٽر) آهي سو ظاهر آهي هن جي وات تي هر وقت رڍ، گابي، ڏانچي ۽ مينهن رهي ٿو...”
    سو سفرنامن جي معاملي ۾ به اهي ڀلي کڻي ساڳي هنڌ جا هجن پر سفرنامو لکڻ واري جي طبيعت تي آهي. جيئن چوندا آهن ته “سرمون هرڪا پائي پر اک اک جو ڦير”
    بهرحال مور ساگر جي هن صنف ۾ پهرين ڪوشش آهي ۽ هن ڪافي محنت سان هي سفرنامو لکيو آهي، جنهن لاءِ مونکي پَڪ آهي ته هن کي سٺي موٽ ملندي.
    مور ساگر پهرين جنوري 1979ع تي بدين ضلعي جي ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ محمد رمضان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ويجهو رپ جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. انٽر ۽ B.A بدين شهر جي اسلاميه ڪاليج مان ڪئي. 1996ع ۾. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو ميمبر ٿيو جتي هن کي نقاش علواڻي، عطا دل، نور محمد سومرو، نواز کٽي، امر سومرو، ذوالفقار خاصخيلي، ظفر خاصخيلي، رفيق آس لغاري، محرم راز، امر انصاري جهڙا سٺا دوست مليا. جنهن کان پوءِ هو اڄ تائين شاعري جي سلسلي کي قائم رکندو اچي. گذريل ڪافي سالن کان هو حيدرآباد ۾ ڇپائي جي بزنيس ۾ مشغول آهي ۽ رابعه اسڪوائر، گاڏي کاتي ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليڪيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي.


    الطاف شيخ
    ڪراچي


    ٻه اکر : انعام ڀٽي

    جو ڪجهه اوهان پڙهڻ وارا آهيو جي اهو ٻن اکرن جي سري هيٺ هن ڪتاب ۾ ڇاپيو ويو آهي ته پوءِ پڪ سان اهو ڪوڙ آهي هي ٻه اکر ڪونهن. جي مهاورتن به ٻه ته ٻارنهن سمجهو ٿا تڏهن به اهي ٻارنهن ناهن.ٻه سٽون به ڪونهن، پر ممڪن آهي ته ٻه صفحا هجن. مور ساگر جي ايتري ساري محنت تي جي ٻه اکر لکان ها ته پوءِ “بهترين سفرنامو” جا ٻه اکر لکڻ سان ڳاله ختم ڪرڻي پوي ها. ڪنهن به سٺي سفرنامي لکڻ لاءِ شاعر جي اک، مطالعاتي مشاهدو ۽ سٺي همسفر جو هجڻ لازمي آهي. حيدرآباد کان هنزه تائين جو ليکڪ مور ساگر پاڻ شاعر آهي، ڪتاب پڙهندڙ اندازو ڪري سگهي ٿو ته ليکڪ جو مطالعو ڪيترو آهي. باقي ساڻس گڏ سنگت ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ڪيميڪل شعبي جا شاگرد هن سموري سفرنامي جي سونهن جو حصو هجڻ جي شاهدي آهن. آءَ پنهنجو ذڪر هنن صفحن ۾ بلڪل ئي ڪرڻ ڪونه چاهيندس جو پهرين صفحي کان وٺي ڪتاب جي آخر تائين ڪيترائي ڀيرا منهنجو ذڪر ڪيل آهي. پڙهندڙن لاءِ اهو واضع ڪرڻ لازم آهي ته هي “تون مونکي حاجي چئو ته مان توکي غازي چوان” وارو معاملو ڪونهي. مور سموري سفر جي ڪٿا ۾ ڪٿي به منهنجي ڪا اوڻائي ڪونه ظاهر ڪئي آهي. ممڪن آهي رک رکاءُ ڪيو هجيس پر آءُ سمجهان ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا گهٽ وڌائي ٿي هوندم جنهن جو هڪ ثبوت پشاور کان واپسي وقت سفر جي دورانيئي جو صحيح اندازو نه ڪري سگهڻ ڪري لاهور کان حيدرآباد جي ٽڪيٽن جو زيان ٿيڻ آهي.
    مور سان تعلق هڪ گراهڪ ۽ دڪاندار جي حيثيت ۾ شروع ٿيو پر اڳتي هلي طبيعتن ۽ مزاج جي هڪجهڙائي ڪري دوستي ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن به گهمڻ جي سلسلي ۾ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر جا قصا مور سان بيان ڪندو هيس ته سندس دل ۾ هڪ خواهش پئي ٿيندي هئي ته “سائين اسان کي به گهمايو”. هن ڀيري جڏهن شاگردن کي مطالعاتي دوري تي پنجاب، پختونخواه ۽ اترين علائقن ڏانهن وٺي وڃڻ جي ذميواري ملي ته مورساگر کي دل سان صلاح ڪيم ته “ميان جي هلڻ چاهين ته جي بسم الله”. مون کي اندازو هيو ته مور مسافري بعد سفرنامو ضرور لکندو پر ايترو اندازو ڪونه هئم ته ڪو اهڙو ڀرپور سفرنامو لکندو. هڪ ئي ويهڪ ۾ سموري سفر جي ڪٿا پڙهي اندازو ٿيم ته مور جي اندر هڪ سٺي انسان جون انيڪ خوبيون سمايل آهن. سندس سوچ جا مثبت پاسا تمام سگهارا آهن. سفر جي ڪيترين ئي اوڻاين ۽ ڏکائين کي دل جي وڏائي سان ڳڻي سفر جو حصو سمجهي لطف اندوز ٿيندو رهيو آهي.
    سموري سفر ۾ واحد مور اهڙو ساٿي هئو جنهن جي سواءِ منهنجي باقي سٿ جي ڪنهن به فرد سان پهرين ڪا ملاقات ڪونه هئي. سفر جي ساٿ ۾ نوجوانن سان مور ساگر جو رلي ملي وڃڻ سندس شخصيت ۽ سڀاءَ جي پختگي جي نشاندهي ڪري ٿو. سندس پرين جي پچار پوري سفر جي ساٿي رهي ٿي ۽ واٽ ويندي سونهن جي جهٽڪي ۾ به کيس پنهنجي محبوب کي پسڻ جي پچار رهي ٿي. ڌڻي شال سندس محبت تا قيامت برقرار رکي ۽ اها اندر جي اُڃ ڪڏهن نه اُجهائي.
    کامان پچان پڄران، لُڇيان ۽ لوچيان،
    تن ۾ توءنس پرين جي پيان نه ڍاپان،
    جي سمونڊ منهن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي.
    (شاھ)
    سنڌ جي قومي مسئلن جي ساڃاھ ڪنهن به سنڌي ۾ هجڻ ان جي قومي غيرت ۽ شناس جو اهڃاڻ آهي. مور جي سفر ڪٿا ۾ سنڌ جي پاڻي کان وٺي معاشي حالتن جو تجزياتي حال احوال انهي جي نشاندهي ٿو ڪري ته هڪ حساس دل ۽ حسين اک رکندڙ شاعر نه رڳو سنڌ جي درد ڪهاڻي کان مڪمل واقف آهي پر ان درد جي دارون لاءِ پريشان به!
    جن ماڳن شهرن ۽ رستن تان منهنجو ڪيترائي ڀيرا گذر ٿيو انهن جي تاريخي پسمنظر، ڪٿائن ۽ لوڪ ورثن بابت ڄاڻ مور جي هن ڪتاب پڙهڻ مان ملي. مور جو تاريخي توڙي لوڪ ڪٿائي مطالعو پڻ ڪافي آهي جنهن ڪري پڙهندڙن کي سفر جي لطف سان گڏوگڏ تاريخي ڄاڻ پڻ ملندي.
    ڪنهن به منظر جي مڪالماتي عڪاسي ڪرڻ لاءِ خوبصورت ۽ معقول تشبيهن جو هجڻ لازم آهي. مور جي شاعراڻي سگهه سفرنامي جي انهي گهرج کي ڀرپور نموني سان ادا ڪيو آهي، “جُهڙالي موسم ۾ اسلام اباد اُڪري اڳتي ٿياسين ته هڪڙو سِلسلو شروع ٿئي ٿو، جنهن کي ڏِسي اکيون ٿڌيون، چهرا مهڪندڙ ۽ زبان تي سُبحان الله جا لفظ اچن ٿا”. هي هڪ نمونو آهي پڙهندڙ اندازو ڪري سگهن ٿا ته ڪتاب جي اندر کين پڙهڻ لاءِ هڪ دل تي اثر ڪندڙ مواد ملندو. آءُ يقين سان چوان ٿو ته ڪوبه احل ذوق هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪندو ته هڪ ئي ويهڪ ۾ پورو ڪَري اٿندو.اميد آهي ته ڪنهن به لٻاڙ، وڌاءُ ۽ ڪوڙ کان پاڪ هن سفرنامي جي مڃتا وقت ضرور ڪندو.

    انعام ڀٽي

    3 ،جالان پلائي پردانا 2/6،
    تمان سري پلائي پردانا 81110،
    جوهر، ملائيشيا.


    پنهنجي پاران : مور ساگر

    زندگيءَ ساري سفر ئي هوندي آهي ۽ اسان مسافر، ڪڏهن ڪِٿي، ڪڏهن ڪِٿي، ڪنهن پَل پيار ۾ ته ڪو پَل آزار ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن محسوس ڪبو آهي ته زندگيءَ هڪڙو گول دائرو آهي ۽ اسين اُن ۾ چئوطرف ڦِري رهيا آهيون.
    جڏهن جڏهن ڪيڏانهن گول دائري مان ٻاهر نِڪري وڃون ٿا ته لڳي ٿي ها هيءَ ئي زندگي آهي. سفر، مسافريون زندگي کي خوبصورت بڻائين ٿيون. زندگي کي نوَن تجربن مان گُذارين ٿيون ۽ زندگي جو حِصو پُڻ آهن. مونکي جيترو رولاڪيون، مُسافريون وڻندڙ آهن اُترو ئي آئون اُنهن کان پَري رهيو آهيان. ڪا گهڙي ڪَمن ۾ ڪا گهڙي غَمن ۾ باقي رولاڪين لاءِ ڪا راهه، ڪا واهه بچي ئي ڪانه ٿي. ڪا گهڙي مزي ۾ ڪا گهڙي ڏچي ۾، بقول بخاري جي:
    ڪَمن ۾ ڪا، غَمن ۾ ڪا، مَزي ۾ ڪا ڏَچي ۾ ڪا،
    مَڃون ٿا هر گَهڙي سوچَي، لُڇي لوچَي لنگهايون ٿا.
    ننڍي هوندي کان منهنجو اِهو خواب رهيو آهي ته ساري سنڌ جو سلام ڀرجي ۽ پوءِ مُلڪ گهمجي اڃا به قسمت جي مهرباني ٿي ته مُلڪ کان ٻاهر گهمبو پر ماڻهوءَ جي پنهنجي جوڙيل ترتيب تي زندگيءَ يا قسمت هلڻ جي پابند ناهي، انهيءَ ڪري سنڌ سڄي گهمڻ کان پهرين پاڪستان گهمڻ جو موقعو مليو. هونئن ته سڄي سنڌ گهمڻ لاءِ سڄي سنڌ کان دوستن جون دعوتون اچن ٿيون، پر ڪڏهن وقت ناهي ته ڪڏهن وسيلا ۽ ايئن اهو منهنجو خواب اڃا ساڀيان ٿي نه سگهيو.
    سائين انعام ڀٽي لائق استاد سان گڏ محنتي ۽ محبتي انسان پُڻ آهي، مون وٽ سينٽر تي پهريون ڀيرو نئين سنڌ ميگزين شايع ڪرائڻ جي حوالي سان آيو هو، پوءِ تعارف ٿيو ته هي اهو ئي انعام ڀٽي آهي جنهن جا ڪالم آئون ڪاوش ۾ پڙهندو هُيس، ۽ پوءِ هڪ ليکڪ طور اسان جي دوستي ٿي وئي، جيڪو به ڪم ڪار هوندو هيو ته کڻي ايندو هيو ۽ هميشه ڪاروبار جي حوالي سان سهڻيون صلاحون، مفيد مشورا پڻ ڏيندو هو مثبت سوچ رکندڙ ذهن آهي، گڏوگڏ گهمڻ ڦرڻ ٻاهر نڪرڻ، دنيا کي ڏسڻ گهرجي جهڙا خيال به شيئر ڪندو هو. ۽ پاڻ جيڏانهن به ويندو آهي ته گهمڻ لاءِ صلاح ضرور هڻندو آهي. هن ڀيري به مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن کي “آل پاڪستان ٽوئر” تي وٺيو پي ويا مونکي به ٻه چار ڏينهن پهرين ٻُڌايائين ته هلو ته وٺيو هلان. الائي ڪيئن هن ڀيري هلڻ جي هامي ڀريم ۽ پوءِ نِڪري پيس. سفر ڪيئن گُذريو سو ته پَل پَل جي خبر لکيل آهي.
    منهنجو هڪ خيال آهي ته ڪڏهن ڪنهن تاريخي شهرن يا ماڳن تي وڃجي ته پوءِ هڪڙو سفرنامو ضرور لکجي جنهن ۾ اُن شهر يا ماڳن جي تاريخي حوالي سان هڪ اهڙي معلومات هجي جنهن مان ٻين کي فائدو ٿيئي، ته ڪو به ماڳ ڏسڻ چاهي ته اُن بابت هو پهرين ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندو هُجي. اِهو خيال کڻي سفرنامو ته مون لِکيو پر ڇپائڻ واري مرحلي ۾ ايتري ته گهڻي دير ٿي وئي جو هاڻي ته گهڻو ڪجهه بدلجي به چُڪو هوندو اُنهن ماڳن مڪانن تي جيڪي مون 2006 ۾ ڏٺا هئا. هر سال اِهو خيال کڻي دل ۾ ته هن سال ضرور ڇپائيبو. نيٺ 2009ع ۾ پَڪو پهه ڪيو ۽ مسودو محترم الطاف شيخ صاحب کي پوسٽ ڪيم، الطاف شيخ نهايت ئي پُرخلوص ۽ پنهنجائپ وارو رويو رکي دلچسپي سان پڙهي هفتي اندر مهاڳ لکي ڏِنو، سوچيم ٻه اکر سائين انعام ڀٽي کان لکرايا، انعام ڀٽي 2009ع ۾ ملائشيا ۾ پنهنجي سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪري رهيو هو. مواد سمورو اي ميل ڪيومانس، هن صاحب به نهايت محبتن مان ڪتاب کي پڙهي ۽ جلد ٻه اکر لکي اي ميل ڪري ڇڏيا. پاڻ وري Ph.D ڪري واپس پنهنجي وطن آيو، مونسان مليو ۽ ڪاپي گهريائين چيم سائين اڃان ناهيان ڇپائي سگهيو. سو هن سفرنامي ڇپجڻ ۾ مون حد کان وڌ سُسُتي جو مظاهرو ڪيو آهي، بهرحال پڙهندڙ دوست ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي پڙهن، ته سفرنامو 2006ع جو لکيل آهي.
    انهن ٻنهي صاحبن جا لک ٿورا، جن محبتن سان هن ڪتاب تي پنهنجا ويچار شيئر ڪيا اُن سان گڏوگڏ يوسف سنڌي جا به قرب جنهن سفرنامو پڙهي پنهنجي ڄاڻ مطابق مشورا ڏِنا اُن سان گڏ اِها آڇ پُڻ ڪيائين ته مونکي ڏي سچائي اشاعت گهر طرفان شايع ٿو ڪرايان. سندس وڙ آهن. سفرنامي بابت راءِ ضرور موڪلجو، جيئن آئينده وڌيڪ سهڻي نموني لکي سگهان.
    توهان جي محبتن جو منتظر

    مور ساگر
    حيدرآباد
    27 نومبر 2013ع


    روانـگي

    اڄ 5 جولاءِ هئي، تنهنڪري صبح سان ذهن سفر ڪرڻ لاءِ تيار هو، شام اٺين وڳي اسٽيشن تي پُهچڻو آهي، سو جيڪي ڪم ڪار هئا سينٽر تي، صبح مان ئي اُڪلائي ۽ ٻيا ادا منظور کي سمجهائي سندس حوالي ڪيم. جڳهه تي اچي بيگ ۾ سامان جي سيٽنگ شروع ڪيم، اِن وچ ۾ سائين انعام ڀٽي کي فون به ڪري ورتم، ٻُڌايائين ته اَٺ وڳي سڀئي دوست اسٽيشن تي گڏبا، نائيٽ ڪوچ ۾ هلنداسين، جيڪا اَٺ لڳي چاليهه منٽن تي حيدرآباد مان نڪرندي، تنهن هوندي به پاڪستاني نظام آهي، وري پَڪ ڪرڻ لاءِ 117 تي ڪال ڪري پُڇندا رَهجو، مون انهيءَ ئي مهل 117 تي فون ڪئي، همراه فون کنئي، پڇومانس نائيٽ ڪوچ حيدرآباد کان لاهور لاءِ ڪهڙي وقت رواني ٿيندي، ٻُڌايائين ته اَٺ چاليهه تي، لاهور رواني ٿيندي.
    اوچتو برسات وَسڻ شروع ٿي وئي، اڄ صبح سان ئي جيڪا ساهه ٻوساٽيندڙ گرمي هئي، اُن مان ئي محسوس پي ٿيو ته، شام برسات پوندي. خير اڃا شام جا 5 ٿيا آهن، تنهنڪري ٿورو برسات ۾ وهنجڻ جو مزو وٺون، پوءِ ٿا تيار ٿيون، سو ٻاهر نڪري برسات ۾ وهنجڻ لڳس. هتي حيدرآباد ۾ اَچڻ کان پوءِ برسات ۾ وهنجڻ لاءِ به ڄڻ سِڪي ويا آهيون! زندگي ايترو ته مصروف ٿي وئي آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته سوچيندو آهيان، اسين به ته ڪمپيوٽرن سان گڏ ڄڻ ڪائي مشين هُجون، صبح 9 وڳي کان رات يارهين يا ڪڏهن ته ٻارهين، هڪ وڳي تائين ڪمپيوٽر ۽ اسين گڏ گڏ هلندا رهون ٿا. زندگي بَس ڪمائڻ، کائڻ پيئڻ ۽ سُمهڻ تائين محدود ٿي ويئي آهي. ڄڻ دُنيا ۾ ٻيو ڪُجهه آهي ئي ڪونه، اِها زندگي به ته نه ٿي، بَس هڪڙو دائرو آهي، جنهن ۾ روز هڪجهڙو جيءَ رهيا آهيون، جيئن نار ۾ اُٺ وَهي اِيئن وَهي رهيا آهيون. هي منهنجو ڏهن ڏينهن لاءِ سفر تي وڃڻ، مون لاءِ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، تنهن ڪري ئي ته صبح کان پئي تياري هَلي.
    اڃا برسات ۾ وهنجي رهيو هوس ته بجلي به هلي ويئي، پوءِ سوچيم اَڙي مون ته اڃا شيوَ به ناهي ڪئي، هاڻي ٿي به رات وئي آهي. سوچيم بجلي الائي ڪيڏي مهل اچي تيستائين وهنجي ته وَٺان، پاڻي کوليم نلڪي ۾ پاڻي بجاءِ هوا جو پريشر سُوسَٽ ڪري نِڪتو، موبائل ۾ وقت ڏِٺم اَٺ ٿيڻ وارا آهن، هاڻي دل جو ڪانٽو حدِ رفتار کان وڌي هلڻ لڳو، سوچيم هاڻي ڪم ڀلو ٿي ويو. پر بجلي وارن کي الائي ڪيئن الله ساڃاهه ڏني جو جلدي اچي ويئي نه ته هتي بجلي نه ٻُڌائي ويندي آهي، نه ٻُڌائي ايندي آهي، پنهنجي مرضي جي مختيار آهي، ڀلي کڻي سڄو نظام سندس مٿي هلندو هُجي، پر صفا اصل، اکين کان انڌي ڪَنن کان ٻوڙي ٿي هلندي آهي، ڪير آهي جو کانئس بي پرواهيءَ جو پُڇاڻو ڪري، ڪنهن ۾ به همت ناهي، سو اهڙي مائي بجلي جو وقت تي اچڻ معنيٰ “کيس الله ساڃاهه ڏني” چيو ويندو آهي.
    تڪڙو تڪڙو شيوَ ڪرڻ لڳس، تيستائين پاڻيءَ جي بالٽي به ڀَرجي ويئي، وهنجي ٻاهر نڪتس ساڍا اَٺ، سوچيم هر سال وانگر شايد هن سال به اِها حسرت دل ۾ ئي رَهجي وئي، باقي ڏهه منٽ ۾ اسٽيشن تائين پُهچان، سو به وَسندڙ برسات ۾، ممڪن ته نه ٿو لڳي، اصل واءُ مينهن ٿي ٿيلهو ڪُلهي ۾ پائي پارس کان موڪلائي هيٺ لٿس، حسن مون سان گڏ ٿي هليو روڊ تائين، روڊ تي پُهتس، روڊ جي جاءِ پاڻي جي درياءَ والاري هئي، جو پاڻي ڇوليون هڻي گذري رهيو هو. پَري پَري تائين ڪو به رڪشا نظر نه آيو، پَڪ ٿيم ته نه پهتس، اميد جو ڏيئو پوءِ به ٻرندو رهيو، اِن وچ ۾ وري به 117 تي فون ڪري پُڇي ورتم، هن ڀيري اردو ڳالهائيندڙ فون کنئي، چيائين پوڻي نئون وڳي نائيٽ ڪوچ رواني ٿيندي، پنج منٽ اهي به مليا. وَر مٿي کڻي جوتي سوڌو پاڻي ۾ لَهي پيس، اسٽيشن تائين پنڌ اچڻ جو سوچيم، وچان گلي ورتم، گلي ۾ هڪڙو رَڪشا وارو بيٺو هو، چيومانس، چيائين “اسٽيشن مين نهين جائون گا ميري گاڙي ڦنس جائي گي” چيم ٻيلي اِيئن نه ڪر، ٽرين ۾ باقي پنج منٽ آهن، لاهور وڃڻو آهي، ڪوشش ڪر، پٺاڻ هو، سوچي چيائين “چَلو بهائي الله مالڪ هي جهان تڪ جا سڪينگي وهان هي آپ ڪو اُترنا پڙيگا”، دل ۾ سوچيم ٺيڪ آهي، ڀلا اسٽيشن کي ويجهو ته پُهچائيندو، “چلو بهائي الله مالڪ هي” اسٽيشن جي ٻاهران پاڻي ۾ ئي لاٿائين. پڇومانس “ڪتنيَ؟” بهائي هوتي تو بيس روپي هين، ليڪن تيس روپيه دي دو” خوشي مان ٽيهه روپيه به ڏنم سندس شڪريو به ادا ڪيم. سنڌي ماڻهو آهيون نه، جنهن مٺو ڳالهايو سَڄا اُنهيءَ جا. هن ته وري به وقت ۾ ساٿ ڏنو، ڀلي کڻي سندس ڌنڌو ئي اِهو هجي.
    وري به گوڏي جيڏي پاڻي ۾ لهي اچي اسٽيشن تي پُهتس، چئني طرف نظرون ڊوڙايم، سائين انعام وارا ڪٿي به نظر نه آيا، موبائيل ڪڍي نمبر ڊائل ڪيم، سائين انعام ٻُڌايو اسٽيشن تي بُڪ شاپ جي سامهون بيٺا آهيون جَلدي پُهچ. هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳس بُڪ شاپ ڪٿي آهي، هڪ ٻن کان پُڇيم، چيائون اسان کي خبر ناهي، نيٺ ريلوي جي ملازم کان پُڇيم، چيائين “اوڀر طرف آخر ۾ آهي” بس منٽ ڪري ورتم. پهرين سائين انعام تي نظر پئي جو فلحال سُڃاڻپ صرف اُن سان هئي، سڀئي دوست گڏ ٿيا بيٺا هئا، سائين انعام سڀني سان واري واري تعارف ڪرايو.
    راشد ابڙو، ڪاشف ميراڻي، شعيب شيخ، اعجاز جعفري، راجيش، ابراهيم پٺاڻ، ضياءُ، وجڳ، اسحاق راجپوت، سڀني سان هٿ ملايم ۽ پوءِ سڀني کي ٻُڌايائين ته هي آهي مور ساگر جيڪو اسان سان گڏ سفر ۾ همسفر آهي، ٿيلهو لاهي هيٺ فرش تي رَکيم، سڀني دوستن جا ٿيلها هڪ جڳهه تي پيا هئا. پهرين ملاقات هئي، تنهنڪري اِها مختصر هيلو هاءِ ٿي، پوءِ آس پاس نظرون گهمڻ لڳيون، سڀني طرف خوبصورت رنگ نظر آيا، حيدرآباد هونئن به هوائن ۽ حُسن جي حوالي سان مشهور آهي، ويتر انتظار جي گهڙين ۾ حُسن جا رنگ ئي پنهنجا هوندا آهن، پر جڏهن انتظار پنهنجي حد ٽپندو آهي ته، پوءِ عذاب ٿي پوندو آهي، جيئن هاڻي اسان سان ٿي رهيو آهي. پوڻن نوَن جي بجاءِ پوڻا ڏهه اچي ٿيا آهن، اڃا نائيٽ ڪوچ جو دور دور تائين ڪوبه ڏس پَتو ناهي. هاڻي سڀئي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري ڪري ٿَڪجي پيا. سڀئي آهستي آهستي خاموشيءَ جي حوالي ٿيندا ويا، هيڏي هوڏي ڦرندا رهيا، ڪنهن وقت ٿيلهن تي بيزاري مان بُت ٿي ڦِٽو ڪيائون ته ڪنهن مهل اُٿي وڃي، ڪنهن چپسن جي چهر ٿي ورتي ته ڪنهن جوس ٿي ورتو، اِيئن هڪ ڪلاڪ ٻيو به لنگهي ويو، يعني پوڻا يارنهن ٿي ويا، هاڻي ته صفا ٿَڪاوٽ محسوس ٿيڻ لڳي، سفر واري خوشي ته چهرن تان اِيئن غائب ٿي ويئي، جيئن گرمي ۾ خوبصورت عورت جي چهري تان مِيڪ اَپ. اهو آهي اسان جو پيارو پاڪستان!!! اِها آهي ريلوي جي دُنيا، اِهو آهي وقت جو قدر!!!...
    هاڻي ويٺل عورتون به اُٿي هيڏانهن هوڏانهن هَلڻ لڳيون، هِڪڙي انتهائي قدآور، بَدن ۾ ڀريل، خوبصورت شبيهه جي، سُنهري وارن واري عورت اَچي ڀرسان گذري، ڏاڍي بي پرواهيءَ سان. هڪ دوست چيو، سُبحان الله، ٻي چيو هي ساهيوالڻ ٿي لڳي، اهڙو قد بُت اُنهن جو هوندو آهي، وَچان مون به ڳالهائڻ شروع ڪيو، ’ساهيوال جون مينهون هُجن يا مايون مشهور ضرور آهن،‘ سڀني مُسڪرايو، انعام چيو واقعي اِيئن ئي آهي، اِيئن وري به سڀئي دوست ڳالهين ۾ شروع ٿيا. ٻيو نيٺ ڇا ڪَجي ها، پاڪستان جي وقت ۽ نظام تي ته هونئن به ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون مشهور آهن، سو اُن کي ڇڏيون ٿا، پر هاڻي ته صفا ڄڻ ڪيئي وسوسا پيا ورائن، الائي ٽرين ايندي به الائي نه، رات اِتي ئي گذارڻي پوندي، پر پوءِ ساڍي يارهين وڳي اچي نيٺ انتظار خودڪشي ڪئي ۽ نائيٽ ڪوچ اسان جي سامهون گذري اچي بيٺي، انعام دوستن کي ٻُڌايو ته بوگي نمبر 1 ۾ هڪ کان 13 سيٽون پنهنجون آهن، سڀني ٿيلها ڪُلهن ۾ وِڌا، بوگين تي نمبر پڙهندا اڳتي وڌندا وياسين، نيٺ وڃي بوگي نمبر 1 تي پُهتاسين، هاڻي پنهنجون سيٽون تلاش ڪرڻ لڳاسين، ڇاڪاڻ ته اسان جي سڀني سيٽن تي ماڻهو ويٺل هئا. اسان پنهنجون ٽڪيٽون ڪڍي ڏيکاريون، پوءِ جن وٽ نه هيون، سي ويچارا سيٽون ڇڏيندا ويا، ٻه همراه کيسن مان ٽڪيٽون ڪڍي ڏيکارڻ لڳا، اُن ڪري جو اسان جا ٻه ڇوڪرا نه آيا هئا، جن جون ٽڪيٽون ڪينسل ڪرايون سين، يارنهن چاليهه تي ٽرين حيدرآباد جي هوائن کي الوداع چئي رواني ٿي.
    هڪ سيٽ هيٺ ٻه برٿ انهيءَ جي مٿان، آئون هيٺين سيٽ تي هوس ۽ مٿيون برٿ ٻي همراه جو هو، جيڪو ڪراچي کان آيو پي، انهيءَ سُمهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ آئون هيٺ سيٽ تي ويهي نه پيو سگهان، مون کي اها ريل جي سيٽنگ صفا خراب لڳي، جو مون چاهيو هو آئون سمهندس نه، دري کولي ويهي نظارا ڏسندس، پر حقيقت ۾ اِيئن نه ٿي سگهيو، اِها حسرت به ڄڻ اڌوري رهي. سائين انعام ته رومال مُنهن تي ويڙهي سُمهي پيو، ٻيا دوست وڃي گڏ سيٽن تي ويٺا، جو اُهي پَتن جي تاس به گڏ کڻي آيا هئا، ۽ وچ تي هڪڙو ٿيلهو رکي پَتا کولي راند رهڻ شروع ٿي ويا. مون کي اِهو عمل هونئن به نه وڻندو آهي، سو آئون الڳ سيٽ تي هوس، ويهڻ جي سهولت به ميسر نه هئي، مجبورن سُمهي پيس، پر ريل ۾ ايتري منزل تي اِهو پهريون سفر هو، سو ننڊ ڪٿي ٿي اچي. (هن کان پهرين شهدادپور مان حيدرآباد تائين آيل آهيان، جو ڀاءُ عبدالحڪيم جمعداري جي ٽريننگ تي ويل هو، فون ڪيو هئائين ته موڪل نه ملندي تنهنڪري پگهار کڻي وَڃ، مون کي به ڪنهن نئين منزل / ماڳ تي وڃڻ وقت ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي آهي، هِتان ته وين ۾ ويو هوس پر واپسي لاءِ سوچيم ريل جو سفر به ڪري ڏِسان اهڙو ته بيزار ڪيائين جو حيدرآباد تائين اصل چهرو ئي بدلجي ويو، اسٽيشن تي لٿس ڄَڻ ٿر مان وريو هُجان، مٿي سان گڏ سڄي بدن ۾ به سور، ڄڻ بيمار ٿي پيس.
    پاسا ورائيندو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت دري مان مُنهن ڪڍي ٻاهر ڏسڻ جي ڪوشش به ڪندو رهيس، پر ٻاهر صرف ڪاري رات ئي هئي، نيٺ ننڊ به اچي ڀاڪر پاتو ۽ خاموشي جي غفائن ۾ گم ٿي ويس. جڏهن اک کُلي ته ٽرين بيٺل نظر آئي ۽ دري مان نظر ڪيم روشنيون ئي روشنيون هُيون، ٽائيم ڏٺم، ٽي لڳي پنجاهه منٽ ٿيا هئا، همراه کان پڇا ڪيم، ٻڌايائين روهڙي پهتا آهيون. سڀئي مسافر لهي ڪجهه نه ڪجهه وٺي کائڻ لڳا، آئون به اڪيلو لهي پيس جو ڪمپني ته هئي ڪانه، اسٽيشن جي ڇيڙي تائين اچڻ چاهيم گهمڻ جي خيال کان، پر سوچيم جي اوچتو ٽرين هلي پئي ته پوءِ پنهنجي سيٽ تائين ڊوڙي به نه پهچي سگهندس، واپس وريس، برگر، ڪجهه بسڪيٽ، ڪجهه چپس ۽ پاڻي جي بوتل ورتم، آيس پنهنجي سيٽ تي، سائين انعام اڃان سُتو ئي پيو هو، اڌ ڪلاڪ ترسي چار لڳي ويهه منٽن تي ٽرين روهڙيءَ مان رواني ٿي، وري به ساڳيو سفر، وري به سڀ مسافر پنهنجي سيٽن تي سمهڻ لڳا ۽ نه چاهيندي آئون به سمهي پيس.
    گاڏي بغير اسٽيشن جي به تمام گهڻا اسٽاپ ٿي ڪيا، شايد ٻين گاڏين کي ڪراس ڏيڻ لاءِ رُڪي ٿي، ٻيو ڀيرو جڏهن اک کُلي ۽ دَري مان ٻاهر نظر ڪيم تمام وڏي ڀت نظر آئي، ڀنڀرڪي ۾ وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نظر نه پئي آيو، خبر پئي ته هاڻي اسين سرائيڪي پٽي ۾ داخل ٿي چُڪا آهيون ۽ هن وقت چشتيان ۾ آهيون، چشتيان جو نالو ٻڌڻ سان پٺاڻي خان ياد آيو ۽ ياد آيو:
    “ميڏا عشق وي تو ميڏا يار وي تو”
    وري به ليٽي پيس، موبائل جي رنگ وڳي، ڳوٺان ماما احمد هو، حال احوال ٿي ورتائين ته، ڪٿي پهتا آهيو، اکيون مهٽيندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻندي، سائين انعام کان اشاري سان پُڇيم، چيائين خانپور، چيم خانپور پُهتا آهيون، صبح ٿي چُڪو هو ۽ ٻاهر دري کان هاڻي نظارا ڏسڻ جي آزادي هئي، ٻنهي طرفن کان ساوڪ ئي ساوڪ نظر آئي، ٻنيون صفا سڌائي ۾، جن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪمند پوکيل نظر ٿي آيو، نه ته اڪثر وونئڻ ئي پوکيل هئا. اهڙا ته سڌائي ۾ هئا جو ڄڻ ڦيٿون رکي سڌائي سان پوکيا ويا هُجن، چني ڳوٺ کان اڳيان نواب صاحب جو ننڍڙو شهر ڪراس ڪيوسين جتي اڪثر ٻنين ۾ عورتون ڪم ڪندي نظر آيون، ڪٿي گُڏ ڪڍي ۽ گندگاهه صاف ڪري رهيون هيون. اسان وٽ سنڌ ۾ هاڻي ته صرف ڪولهي ۽ ڀيل قبيلن جون عورتون ئي ٻنين ۾ ڪم ڪنديون آهن، باقي ته ڪنهن به قبيلي جون عورتون ٻنين ۾ ڪم نه ڪنديون آهن، ها باقي اُتر سنڌ جي خبر ناهي، ٻڌو اٿم ته ڪجهه اهڙا علائقا آهن، جت مرد صرف هوٽلن حوالي هوندا آهن، هر مرد سان هڪ عدد خوبصورت ڇوڪرو گڏ هوندو آهي، ڀرت ڀريل ٽوال ڪلهي تي هوندا آهن ۽ اُتي بازار جو سيڌو سامان وٺڻ تائين عورتن جي ذمي هوندو آهي.
    خانيوال اسٽيشن پُهتا آهيون، جتي گاڏي تقريباً ڪلاڪ کن بيهندي آهي، جنهن دؤران صفائي وغيره ڪندا ۽ پاڻي ڀريندا آهن، تنهنڪري ماڻهو صبح وارو ناشتو پُڻ هتي ئي ڪندا آهن. سڀني ٽوال ٿيلهن مان ڪڍيا ۽ ٽٿ برش ڪڍيا، ته ڪن صابڻ پڻ کنيا، هتي قطارن ۾ نلڪا لڳل آهن جيئن مسجدن ۾ وضو خانه هوندا آهن، پر پوءِ به رش هوندي آهي، جو ڌڪا ڏيئي وارو وٺڻون پيو پوي، سمه سٽه ۽ آدم واهڻ جي وچ ۾ ڪجهه علائقو غريب آباد ۽ واري جي دڙن تي مشتمل هو، جتي واري اهڙي وسي رهي هئي جو هي سڄو ڪرشمو انهيءَ جو هو جو عورتون پڻ مردن سان گڏ منهن ڌوئڻ تي شروع هيون، بنا ڪنهن حجاب جي.
    پنجاب وارا چون ٿا ته اهو ٿورڙو علائقو به ريگستان ڇو رهي، تنهنڪري اسان کي ڪالاباغ ڊيم کپي ۽ ملڪ رهي نه رهي، پرواهه ناهي، پر ڊيم کپي ۽ سنڌ ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري لاڙ کي جيڪو سمنڊ نقصان ڏنو آهي، اهو ڪنهن به حڪمران کي نظر ئي نٿو اچي ۽ اسان جا هتان جي علائقن جا چونڊيل نمائنده پڻ انهيءَ بربادي تي خاموش هوندا آهن، اسيمبلين ۾. بدين کان هيٺ سيراڻي ۽ ڪڍڻ واري پاسي پاڻي نه پهچڻ ڪري جيڪي زمينون ويران ۽ غيرآباد ٿي چُڪيون آهن، اُهي جن به ڏٺيون هونديون سي سنڌو تي ساهه ته ڏيئي ڇڏيندا، پر ڪڏهن به اِهو ڊيم اڏڻ نه ڏيندا.
    فريش ٿي ناشتو ڪري اچي پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويٺاسين، مون کي هر ڪلاڪ ٻي ڪلاڪ فون پئي اچي جو پويان ٻه ٽي ڀائر هئا، جيڪي واري واري سان حال احوال وٺندا رهيا، ساهيوال اسٽيشن تي پهتاسين، بوتلن ۾ پاڻي ڀريوسين ۽ ساهيوال جو نالو ٻڌڻ سان حيدرآباد اسٽيشن تي اها بي پرواهه، قدآور عورت ياد آئي، جنهن لاءِ دوستن جو خيال هو ته ساهيوال جي ٿي سگهي ٿي ۽ ٻيو مون کي دل تي تري آيو شيخ اياز ۽ اُن جو لکيل ڪتاب “ساهيوال جي جيل ڊائري”. جنهن جون ڪجهه سِٽون هتي لکان پيو:
    “رات جا يارنهن لڳا ته اسان ساهيوال پهتاسين. رات ۾ ٿڌي تنور ۽ پپل جي وڻن جي بوءِ هئي. ڪجهه پريان ريل جون انجڻيون هڪٻئي کي سيٽيون هڻي رهيون هيون. رستي تي بجليءَ جي بتين رات جي پوندڙ بارش ۾ ننڍڙا ٻيٽ ٺاهيان ها جي پري پري تائين نظر اچي رهيا ها ۽ اُنهن جي جهرمر ڪندڙ سطح تي پاڇا ڪنبي رهيا ها.
    اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اسان ساهيوال جيل تي پهتاسون. جيل جا گارڊ مون جهڙن اوپرن مهمانن تي هِريل هئا. منهنجي تلاشي ورتي وئي. مون ٻيو سڀ ڪجهه آندو هو سواءِ ڪِتابن جي ڇو ته ڪتاب C.I.D وارا کڻي ويندا آهن. مون کي رڳو ٻه ڪتاب هيا- “سارا برنارڊ جي زندگي”، “شاهه جو رسالو”. رسالي ڏانهن اشارو ڪري مون کان جيلر پُڇيو ته “هي ڪهڙو ڪتاب آهي؟” مون هن کي چيو، “هي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام آهي. شاهه عبداللطيف بلي شاهه وانگر صوفي شاعر هو. اسان سنڌي انهيءَ ڪتاب کي مذهبي ڪتاب جو درجو ڏيندا آهيون.” جيلر ڪجهه سوچي مون کي اجازت ڏني ته اهي ڪتاب مان پاڻ سان رکان. پوءِ ڪجهه پُراڻيءَ ريت موجب لکپڙهه ڪئي وئي ۽ مون کي هڪ وارڊ ۾ اُماڻيو ويو.
    تقريباً پوڻين چئين وڳي لاهور شهر ۾ داخل ٿياسين، هونئن اسان کي پهچڻون صبح جو يارهين وڳي هو، شهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ به ڏهه پندرهن منٽ ريل هلندي رهي، هڪڙي بورڊ تي نظر پئي “ڪوٽ لکپت” ۽ ياد آيو رسول بخش پليجو ۽ سندس لکيل ڪتاب “ڪوٽ لکپت جو قيدي”.


    لاهـور

    لاهـور

    اسٽيشن تي پهچڻ کان پهرين لاهور شهر جو نظارو ڪرڻ لڳس، جيڪو ٻنهي طرفن کان مون کي ڪو تمام پُراڻو ۽ کنڊر شهر لڳو، ڀَڳل ٽُٽل گهر ۽ غريب آبادي گهڻي نظر آئي، شايد سنڌ ۾ به ايئن ئي آهي جو ريلوي اسٽيشن جي ٻنهي پاسن کان غريب آبادي ئي وَسندي نظر ايندي آهي، هتي به ايئن ئي لڳي رهيو هو، ذهن ۾ جيڪو لاهور شهر جو خاڪو هو سو ڄڻ اڃان نظر ئي نه آيو هو. ايئن پيو محسوس ٿئي. پنجاب جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽ پنجاب جي گادي پڻ آهي، جيئن سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي آهي.
    نيٺ سفر پنهنجو ساهه ڏنو، کُٽو ۽ اسين لاهور جي سر زمين تي پير رکي چُڪا آهيون، اسٽيشن تمام وڏي نظر آئي، اسٽيشن ٻاهران مختلف ڪمپنين جو ايڊورٽائزر وارا تمام وڏا بورڊ نظر آيا.
    اسين سڀئي هڪڙي وڏي وڻ هيٺ اچي بيٺاسين سائين انعام ويو گاڏي جي پويان، ٿوري دير کانپوءِ هڪڙي سوزوڪي مان اچي لٿو، چيائين جلدي هلو سامان لڳايو، سڀ ڪنهن وٽ ٿيلهو هو، سو ٻارهن تيرهن ٿيلها هئا، هتي اسٽيشن تي ٻيا به شاگرد مليا عابد ۽ حسان، جيڪي پُڻ سفر ۾ شامل ٿيا، سوزوڪي ۾ ته صرف اسان جا ٿيلها پورا ٿيا، وڏي سوڙهه سڪوڙ ڪري روانا ٿياسين، U.E.T هاسٽل تي، ٽرين ليٽ سان اچڻ جي سزا ته سفر ۾ ڀوڳي پر هتي باقي رهيل سزا ملي. شام جو آياسين هاسٽل جو وارڊن به انتظار ڪري هليو ويو ۽ اڌ ڪلاڪ فون ڪرڻ کانپوءِ پروفيسر منصور ڪار ۾ آيو، جنهن اسان کي وٺي، اچي محمد بن قاسم هال ۾ ڇڏيو، چوڪيدار کي چيائين هنن کي پنهنجا ڪمرا ڏيکار، هڪڙي ئي هال ۾ ٻارهن کٽون لڳائي ڏِنيون ويون، سائين انعام لاءِ الڳ روم هو، وهنجي تيار ٿي آياسون. هاسٽل جي ڪينٽين تي چانهه پيتي سين ۽ ماني کانئڻ لاءِ سڀني جو گڏيل خيال هو ته فوڊ اسٽريٽ هلجي، هاسٽل کان ٻاهر نڪتاسين ٻه چنگچي رڪشا ڪري ماني کائڻ فوڊ اسٽريٽ روانا ٿياسين، شهر جو نظارو به ڪندا هلياسين.
    لاهور تمام پُراڻوءِ تاريخي حيثيت رکندڙ شهر آهي، راجه جئه پال جي دؤر 900ع کان 1002ع تائين هي شهر طاقت جو مرڪز ٿي اُڀريو، پوءِ نيٺ جي پال جي فوج کي شڪست آئي ۽ فاتحن هن شهر کي پنهنجو دارالخلافه ٺاهي ڇڏيو. هن شهر تي تغلقن، سيد ۽ لوڌي بادشاهن واري واري سان حڪومت ڪئي. لوڌي خاندان جو خاتمو تڏهن ٿيو، جڏهن دولت خان لوڌي ڪابل جي بادشاهه جي خلاف مدد جي درخواست ڪئي. بابر خان جيڪو چنگيز خاندان جي پونيئرن مان هو، تنهن اها درخواست قبول ڪئي ۽ دشمنن کي شڪست ڏني ۽ بابر پنهنجي بادشاهت جو اعلان ڪيو، 1526ع ۾ مغل سلطنت جو بنياد وڌو، 1530 ۾ بابر جي مري وڃڻ کانپوءِ همايون تخت تي ويٺو ۽ اهو سلسلو بهادر شاهه ظفر تائين پهتو، جنهن کي 1857ع ۾ انگريزن تخت تان لاهي برما ۾ وڃي قيد ڪيو.


    فوڊ اسٽريٽ ۽ نيڪر

    اسين جي ٽي روڊ تان هلي رهيا هئاسين، فوڊ اسٽريٽ لٿاسين، چوڪ ۽ آس پاس نظرون ڊوڙيون، روشنين جو شهر ٿو لڳي، فوڊ اسٽريٽ جي دروازي تي لڳل هدايتون پڙهيون جنهن ۾ واضح اکرن ۾ لکيل هو ته “نيکر پهنکي آنا سخت منع هي” اسان جي گروپ ۾ صرف هڪڙي ضياءَ کي نيڪر پاتل هو، سڀني جون نظرون ضياءَ ۾ هيون، سڀني کِلندي چيو ضياءَ تون گيٽ تي بيهي اسين پاڻهي ٿا ماني کائي اچون. وري ڪُجهه دوستن چيس نيڪر کي ٿورو هيٺ ڪر، واقعي به ڪنفيوز ٿي ويو، نيڪر کي هيٺ پيو ڪري، خير اندر آياسين سڄي گلي مان پهرين گهمي ڦري پوءِ هڪڙي سُٺي ريسٽورنٽ ڏسي انهيءَ ۾ اندر وڃي ويٺاسين، جتي وڏيون ٽيبلون، ٽيبلن تي رکيل جڳ گلاس، گلاس ۾ ٽشو پيپر سڀني ريسٽورنٽن تي اها ئي سجاوٽ ٿيل نظر آئي. ٽيبل تي کاڌي جا مينيو (فائل) اڳ ۾ موجود هوندا آهن، جن مان دوستن ڪجهه ايٽم چُونڊ ڪيا جِن ۾ هڪڙو مڪئي جي ماني ۽ ساڳ پڻ هو، اهو ايٽم تقريباً سڀني ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ چونڊ ڪيو، هن کاڌي جي گليءَ ۾ هر قسم جو کاڌو ۽ فروٽ ملي وڃي ٿو، ٻاهر کان ايندڙ سياح سڀ تقريباً ماني هتي ئي اچي کانئن ٿا. رش به گهڻي نظر آئي. خوبصورت مايون به ٽولن جي صورت ۾ هتي ٽيلارا ڪري گهمي رهيون هيون. ليڊيز ۽ مرد سڀ هن گلي ۾، هڪ ئي هوٽل ۾ هڪٻئي جي سامهون به ويهي ماني کائي سگهن ٿا، جيئن اڪثر اسان وٽ سنڌ ۾ ڪجهه هوٽلن تي بورڊ لڳل هوندا آهن ته “ليڊيز لاءِ خاص پردي جو انتظام آهي” اهڙي هتي ڪابه شيءِ نظر نه آئي، ماني کائي مٿان لسي پي، بل ڏيئي نڪتاسين. ڪُجهه دوستن چيو ته ماني کاڌي آهي هاڻي واڪ ٿا ڪريون ۽ شهر به گهمندا هلون. هاڻي اسين ڪجهه قدم رستي جو پاسو وٺي هلڻ لڳاسين، شهر کي ٻنهي طرفن کان ڏِسندا رهياسين، هتي ڪجهه پُراڻا دُڪان بنا سيٽنگ جي نظر پي آيا ۽ ڪٿي به ڪو فليٽ يا ماڙي نظر نه پئي آئي، تڏهن وري ڪجهه دوستن جو خيال بدليو ته لاهور جهڙو مشهور آهي، اهڙو ته هتي ڪُجهه به ناهي، ايئن گهمندا هڪڙي چوڪ وٽ پهتاسين، هاڻي هلڻ ۽ بيهڻ جي به طاقت نه رهي آهي، بدن ۾ سور. وري به ٻه چنگچون ڪري اچي هاسٽل جي گيٽ نمبر 2 تي لٿاسين، هاسٽل ۾ پُهتاسين، ته مون پهرين ويجهي مسجد جي پُڇا ڪئي جو نماز جا الائي وقت قضا ٿي چُڪا هئا، ٻُڌايو ويو ته مسجد ته پاسي ۾ ئي هڪڙي وڏي هال ۾ قائم آهي، وضو لاءِ به جاءِ ٺهيل آهي. وضو ڪري سڀئي رهيل وقت قضا ڪري پَڙهيم.


    تيري در پر صنم چلي آئي

    هاسٽل ۾ رهائش وارو هڪ ئي روم هئڻ ڪري سڀئي دوست ڪچهري ڪندا رهياسين. اسان ۾ هڪڙو دوست ضياءُ هو جيڪو لاهور ۾ لهڻ کان پوءِ هر هر موبائيل ڪن تي رکيو پيو ڳالهائيندو هو، جيڪو راز هاڻي پڌرو ٿيو ته، انٽرنيٽ تي هڪڙي لاهور جي ڇوڪريءَ سان سندس معاشقو هلندڙ هو، جنهن چيو هو ته لاهور ايندين ته ملنداسين. سو هاڻي هي عاشق به سر تريءَ تي رکي سندس اڱڻ (لاهور شهر) پُهتو، پر ڇوڪري ڪو بهانو ڪري هن سان ملڻ کان انڪار ڪيو. هاڻي سڀئي دوست واري واري سان کيس ٽوڪيندا رهن پيا. “لاهور جا ماڻهو مشهور آهن انهن تي تو اعتبار ڪيو آهي! صفا بيوقوف آهين” اِيئن مختلف مثال ڏيئي لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻُڌائي کيس تنگ ڪندا رهيا. راشد، اسحاق، ڪاشف گڏجي گانو ٿا ڳائين، “تيري در پر صنم چلي آئي، تو نه آيا تو هم چلي آئي” ۽ ضياءُ صرف کين ڏسندو ئي رهي ٿو ۽ موبائل جا ڪارڊ هڪٻئي پويان ختم ڪندو رهي ٿو.


    شالا مار باغ

    صبح جو سڀئي دوست تيار ٿي هيٺ، ڪينٽين تي ناشتو ڪيوسين ۽ پوءِ آياسين يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ آفيس، اُتي هڪڙو فارم سائين انعام کي ڏنو ويو، اُهو ڀريائين پوءِ بَس ملي، سڀئي دوست، بس جي درين مان لاهور شهر جو ديدار ڪندا ٿا هَلن، پهرين آياسين، شالامار باغ، مين گيٽ جي ڀر ۾ ٽڪيٽ آفيس مان ڏهه روپيه في ٽڪيٽ سڀني وَرتي، گيٽ تي همراه سڀني کان ٽڪيٽ وٺندو ڦاڙيندو آيو، دل ۾ چيم هي رکي ڇڏيان ها يادگار طور پر هتي سسٽم ايئن هو. باغ جي اندر داخل ٿياسين، واه چئني پاسي هريالي، سونهن ۽ ڇَٻر تي ويٺل ڪُجهه جوڙا اولهه طرف باغ ۾ هڪ حسينه شايد ڪنهن جي انتظار ۾ بدن تي بيقراري اوڍيو بيٺي هئي، کيس ڏسندي ئي دل تي هي شعر تري آيو.
    اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تنهنجو اوسيئڙو،
    ڏيئي وانگي ٻريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.
    باغ تمام وڏي ايراضي ۾ پکڙيل آهي ۽ هن وقت گلن کي هاڻي ئي ڪُجهه ڏينهن پهرين لڳايو ويو هو، ڦوهارا به بند هئا، اُنهن لاءِ پُڇيو چيائين يارهين وڳي کان پوءِ ڦوهارا هلائيندا آهن، اسين شايد سويري آيا آهيون، باغ گهمندا ۽ گڏوگڏ معلومات به وٺندا رهياسين.
    لاهور جو هي خوبصورت شالامارباغ جرنيل روڊ تي آهي، جيڪو 1667ع ۾ شاهجهان بادشاهه تعمير ڪرايو، چئني طرفن کان وڏيون ديوارون ۽ ڪُنڊن تي اڏيل گُنبذ. هن باغ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، ڪنهن وقت هي باغ بادشاهن جي لاهور اچڻ تي اُنهن جي رهائشگاهه طور استعمال ٿيندو هو، هن باغ ۾ مختلف قسم جا وڏا وڻ پڻ آهن، جن ۾ گهڻائي سروو جي وڻن جي آهي، باغ گهمندي، پهرين حصي جي آخر ۾ هڪ چبوتري ۾ اچي بيٺاسين، جنهن ۾ شاهجهان بادشاهه ويهندو هو ۽ اُن جي پريان باغ جو ٻيو حصو شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ پاڻي جي وچ ۾ هڪ چبوترو آهي، جتي مجرو ٿيندو هو، جيڪو شاهجهان سامهون ويهي ڏسندو هو، سندس انهي چبوتري تان آبشارن جي صورت ۾ پاڻي هيٺ ڪرندو هو ۽ اُن پاڻيءِ ۾ رنگين لائٽون لڳل هونديون هيون، باغ جو هي حصو عورتن لاءِ مخصوص ٿيل هو، باغ جو ٽيون حصو اڃا اُن کان به هيٺ هو.
    هن باغ جو نقشو مشور انجنيئر علي مَردان خان ٺاهيو هو، جنهن کي پوءِ پنجاب جو مغل وائسراءِ مقرر ڪيو ويو هو، باغ چاليهه ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي، شالامار باغ سترنهن مهينن ۽ چئن ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ مُڪمل ڪيو ويو، جنهن تي اُن وقت ڇهه لک خرچ ٿيا، چوَن ٿا هن باغ جي خوبصورتي، رنگين روشنين ۽ خاص طور تي آبشارن کان متاثر ٿي اورنگزيب جي شاعره ۽ باغي ڌيءَ زيب النساء مخفي هي شعر چيو هو.
    “اڳ آبشار! تو ڪس ڪي ياد ميڻ آنسو بهاتي هڳ،
    ڪس ڪي ياد نڳ تيرڳ ماٿڳ پر بل ڊال ديئڳ هيڻ،
    وه ڪيا درد هڳ جس سڳ تو ميري طرح مجبور هو ڪر تمام رات،
    پٿر سڳ اپنا سر پٽڪتي هڳ اور آنسو بهاتي هڳ؟”
    باغ گهمي واپس ٿياسين ۽ اُن اُداس پريءَ کي ياد ڪيوسين جيڪا هاڻي اُتي موجود نه هئي. مون کي الائي ڇو هِتي پنهنجو پرينءَ شدت سان ياد آيو، دل ۾ حسرت آهي ته جيڪڏهن قسمت چاهيو ته جڏهن ٻيو ڀيرو هن سفر تي اچبو ته سکي سان ئي اچبو.
    جڏهن مين گيٽ کان ٻاهر نِڪتاسين تڏهن خوبصورت جوڙا ٽڪيٽون وٺيو اندر داخل ٿي رهيا هئا، ڪُجهه ڇوڪرن چيو، “سر اسان ٺلهو بي جان باغ گهمي آياسين، حُسن ته هاڻي پيو داخل ٿئي،” ۽ سڀني جي دل ۾ اِيئن ئي هو ته جيڪر وري ٻيهر باغ گهمجي، پر اسان کي پنهنجي شيڊول تي هلڻو هو، نه ته ٻيا هنڌ گهمي نه سگهنداسين، هاڻي وري به لاهور جي وڏن ۽ ويڪرن رستن تان ٿيندا، پهرين آياسين، اسٽيشن واپسي جون سيٽون بُڪ ڪرائڻ لاءِ، 15 جولاءِ جون واپسي جون ٽڪيٽون ورتيونسين.


    مينارِ پاڪستان

    سڌو آياسين مينار پاڪستان، جتي داخلا مفت هئي، اسان سان گڏ ٻه هينڊي ڪيم موويز هيون، هڪڙي سائين انعام وٽ ٻي ڪاشف ميراڻي وٽ. اُنهن گيٽ کان داخل ٿي پهرين مينار جا شارٽ ورتا ۽ اسان جن وٽ ڪيمرائون هيون اُنهن پنهنجون پنهنجون تصويرون ڪڍيون.
    مينار پاڪستان، جي آڳند تان ئي بادشاهي مسجد ۽ قلعي جو خوبصورت نظارو ڪري پيو سگهجي، سائين انعام قرارداد پاڪستان جي مووي ڀري، جنهن قرارداد کي هاڻي ڪنهن به قسم جي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي.
    23 مارچ 1940ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو 27 ساليانو اجلاس لاهور جي منٽو پارڪ (موجوده اقبال پارڪ) ۾ ٿيو. ان تاريخي اجلاس جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪري رهيو هو. ان اجلاس ۾ ننڍي کنڊ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان هزارين رهنمائن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هر طرف آل انڊيا مسلم ليگ جا سبز هلالي جهنڊا وڏي شان و شوڪت سان ڦڙڪي رهيا هئا، تحريڪ آزادي جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن ۾ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو هو. ان تاريخي اجلاس ۾ شيرِ بنگال مولوي اي ڪي فضل الحق هڪ قرارداد پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته “آل انڊيا مسلم ليگ جو هي اجلاس مطالبو ڪري ٿو ته وفاق جنهن جي “جنهن جي دستور هند 1935ع ايڪٽ” ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي. هن ملڪ جي حالتن جي اعتبار کان قطعي ناموزون ۽ هندستان جي مسلمانن لاءِ ڪنهن به طرح قابل قبول نه آهي. هندستان جا مسلمان ڪنهن به طرح سان 1935ع جي ايڪٽ کي ايستائين نه مڃيندا، جيستائين ان تي غور ڪري مسلمانن لاءِ قابل قبول نٿو بڻايو وڃي. فيصلو ڪيو ويو ته، آل انڊيا مسلم ليگ مسلمانن لاءِ ڪوبه آئين ايستائين قبول نه ڪندي جستائين اهو آئين هيٺين اصولن مطابق نه هجي.
    (1) جاگرافيائي حدن مطابق جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هجي. اُتي آزاد رياستون اهڙي نموني قائم ڪجن جو اُهي متحد ۽ خود مختيار هجن.
    (2) ننڍي کنڊ جي اُنهن خودمختيار ۽ آزاد علائقن جي دستور ۾ اقليتي ماڻهن ۽ مسلمانن جي مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي انتظامي ۽ ٻين حقن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ انهن ماڻهن جي اڪثريت راءِ مطابق کين تحفظ ڏنو وڃي.
    (3) هندستان جي ٻين علائقن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن، اتي آئين ۾ اهڙي وضاحت ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي حقن جي اثرائتي نموني حفاظت ٿي سگهي ۽ ان لاءِ مسلمانن جو مشورو ورتو وڃي.
    ان قرارداد جي تائيد چوڌري خليق الزمان، يوپي جي سيد شاڪر علي، بهار جي نواب محمد اسماعيل، بمبئي جي آءِ آءِ چندريگر، سنڌ جي عبدالله هارون، بلوچستان جي قاضي محمد عيسيٰ خان، سرحد جي اورنگزيب خان، پنجاب جي مولانا ظفر علي خان ڪئي.
    هن قرارداد منظور ٿيڻ کان پوءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو جوش ۽ جذبو تمام گهڻو وڌي ويو. ان ڪري هنن آزادي جي تحريڪ کي تيز ڪيو ۽ ستن سالن جي مختصر عرصي ۾ پنهنجي لاءِ الڳ ملڪ پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي حاصل ڪري ورتو.
    مينار پاڪستان، اقبال پارڪ لاهور (منٽو) جي اترطرف جنهن جاءِ تي قرارداد پاڪستان جي منظوري لاءِ اجلاس ٿيو ۽ جتي قائداعظم محمد علي جناح جي صدارتي ڪرسي رکيل هئي. اتي حڪومت پاڪستان سن 1966ع ۾ هڪ عاليشان مينار “مينار پاڪستان” جي نالي سان تعمير ڪرايو آهي. اهو مينار اٽڪل 60 ميٽر ڊگهو آهي. ان مينار جو هيٺيون حصو ڏهن پنڙين واري ٽڙيل گل وانگر ٺاهيو ويو آهي. مينار جا ڏهه پاسا آهن، مٿي چڙهڻ لاءِ ورن وڪڙن واريون ڏاڪڻيون آهن. مينار جو هيٺيون حصو هڪ تمام وڏي گول ڪمري جي صورت ۾ جوڙيو ويو آهي. جنهن جي دروازي مٿان ڪمانيدار ونگون آهن، انهن ڪمانين جي ڪنارن تي سنگ مرمر جون سرون لڳل آهن. انهن تي اردو، بنگالي ۽ انگريزي زبانن ۾ قرارداد پاڪستان ۽ آزادي جي مختصر تاريخ اُڪريل آهي. انهن کان سواءِ ڪمانين تي قرآن شريف جون آيتون ۽ علامه اقبال جا شعر به اُڪريل آهن. مينار پاڪستان اهڙي نفاست سان ٺاهيو ويو آهي، جو ايئن معلوم ٿئي ٿو ته هڪ ئي پٿر کي تراشي ٺاهيو ويو آهي.
    هن يادگار مينار جي ويجهو هڪ ڪشادو باغ آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت لکين ماڻهو گڏ ٿي سگهن ٿا، هن باغ ۾ شاليمار باغ جي نموني تي ڦوهارا، رستا ۽ تلاءُ آهن.
    مينار پاڪستان جي ويجهو هڪ طرف بادشاهي مسجد آهي، جيڪا مغلن دور جي عظمت جي تصوير پيش ڪري ٿي، ٻئي طرف شاهي قلعو آهي، جيڪو پنهنجي شان شوڪت جو نظارو ڏيکاري رهيو آهي.
    مينارِ پاڪستان جي مينار تي چڙهڻ چاهيوسين، پر دروازي کي وڏو تالو لڳل هو ۽ پوءِ پارڪ گهمي ٻاهر نڪتاسين.
    اسان جي پويان هڪ جوڙو، شايد انڊين ٿي لڳو، وڏي عمر جو هو، مائي کي جيڪا گلابي رنگ جي ساڙهي پاتل هئي، اُها ساڙهي مائي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خوبصورت هئي، تنهن ڪري اسان سميت سڀني بيٺلن جون نظرون مائي جي ساڙهي طرف ويون ۽ مائي شايد غلط فهمي ۾ هئي تنهنڪري ئي چَپن تي مُسڪراهٽ هُيس.


    بادشاهي قلعو

    شاهي قلعو، گهمڻ لاءِ روڊ ڪراس ڪري آياسين، پهرين قلعو گهمڻ چاهيوسين، جو جمع نماز جو وقت ويجهو هو ۽ مسجد ۾ نماز تي وڏي رش هئي، سوچيوسين نماز جو وقت ٿئي تيستائين قلعو ٿا گهمي وٺون، وجئه ۽ راجيش گيٽ کان پهرين مندر آهي، اوڏانهن روانا ٿيا، باقي اسين سڀئي دوست آياسين قلعي اندر گيٽ تي گارڊ بيٺل هئا، پهرين ٽڪيٽ ورتي ڏهه روپيه ۽ ڪتابچو به ورتو، قلعي بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ، اندر داخل ٿياسين، ٽڪيٽ ورتي ٿي وئي، مون چيو ٽڪيٽ ته واپس نه ڪندس ها باقي ڪو نشان ڪرڻ چاهيو ته ڀلي، پوءِ گارڊ ٽڪيٽ جي ڪُنڊ ڦاڙي ٽڪيٽ واپس ڪئي. اندر داخل ٿياسين، حيران ٿيڻ فطري هو، جنهن دروازي مان اندر داخل ٿياسين، تنهن کي باب عالمگيري سڏيو وڃي ٿو، هي دروازو شاهي قلعي جو سڀ کان خوبصورت دروازو آهي، جيڪو اڪبر بادشاهه جو ٺهرايل هو، تنهن کي ڍهرائي اورنگزيب عالمگير ٻيهر تعمير ڪرايو، جيڪو ٻيهر 1673ع ۾ تعمير ڪيو ويو. اڳتي هلندا رهون ٿا، رستو ڦيريدار ۽ مٿي چڙهندو پي ويو، پاسن کان وڏيون ديوارون ۽ مورچه ٺهيل ڏسندا هلياسين، مٿي چڙهي دنگ ڪيوسين، اُتي سامهون وڏو هال ٺهيل نظر آيو، جنهن جي دروازي جي ٻنهي پاسن کان توبون کُتل هيون، اُنهن جي وچ تي تصوير ڪڍرائي ۽ پوءِ توب ڏٺي سين، جنهن کي هيٺ تر وٽ هڪڙو ننڍڙو سوراخ هو، اُنهيءَ ۾ چون ٿا وٽ ٻاري رکندا هئا ۽ اڳيان مُنهن ۾ گولو ڦاسائيندا هئا پوءِ انهيءَ ٻرندل وٽ جي گرمائش تي ڌماڪي سان گولو ٻاهر نڪرندو هو.
    اُتي اُن نظر ايندڙ وڏي هال ڏانهن روانا ٿياسين، ڇهه سيڙهيون مٿي چڙهياسين ۽ پوءِ سامهون انهيءَ ئي هال جو وڏو ميدان هو، هي هال “ديوان عام” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو فنِ تعمير جو خوبصورت نمونو آهي، هتي فرش تي جو ويٺاسين ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾ مونکي ياد آيو ته: حيدرآباد ۾ رهندي مون کي اَٺ کان ڏهه سال ٿي چُڪا آهن، پر اڃا تائين آئون حيدرآباد جو پَڪو قلعو ناهيان گهمي سگهيو، جيڪو سراسر ظلم آهي، حيدرآباد جو پَڪو قلعو چوَن ٿا پوري دُنيا جي ٺهيل قلعن کان مختلف ۽ مضبوط قلعو آهي. جنهن کي اُن وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي، 1182هه ۽ 1769ع ۾ تعمير ڪرڻ جو حُڪم ڏنو، صرف مختلف ڪتابن ۾ ئي پڙهي سگهيو آهيان ته قلعي جو قطر هڪ ميل ۽ بُلندي 80 فوٽ آهي ۽ هڪ اندازي مطابق قلعي جي ڪُل ايراضي 36 ايڪڙ ٻُڌائي وڃي ٿي، هي قلعو پنج ڪُنڊي ۽ بيضوي شڪل جو ٺهيل آهي، جيڪو پڪين سرن ۽ گچ مان ٺهيل آهي، قلعي کي بنا ڪنهن ترتيب جي ست کان اَٺ مورچا ٺهيل آهن. قلعي کي اُتر طرف کان هڪ وڏو ڪاٺ جو دروازو ٺهيل آهي ۽ هڪ چور دروازو پُڻ ٺهيل آهي، هي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ذوق جو هڪ نمونو آهي، جيڪو ايئن قبضا گيرن جي وَر چڙهيل آهي. ڪيڏو نه وڏو ظلم آهي سنڌ سان، ڪهڙا نه تاريخي ماڳ ۽ حوالا آهن جنهن سان سنڌ جي سُڃاڻپ آهي، اُهي ايئن ڪٿي بي ڌياني جي ور چڙهيل، ڪٿي قبضا گيرن جي قبضي ۾ آهن، ايئن ته ڪنهن جاهل مُلڪ جا باشنده جن کي اُٿڻ، ويهڻ اوڍڻ ۽ کائڻ جي تميز ناهي اُهي به پنهنجي ثقافت سان اهڙي جُٺ ناهن ڪندا، پر هتي ته حالت سڀئي حدون ڪراس ڪري ويل آهي، منهنجي ته حسرت شايد اڌوري ئي رهي پڪو قلعو گهمڻ واري ۽ هاڻي رهائش ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪي تعجب ۾ وجهندڙ تاريخي نشانيون يا من کي وڻندڙ منظر شايد نه هُجن، جو ٻڌو اَٿم ته قلعي جي ديوارن تي گهر، گهر ڇا کُڏيون اَڏي ڇڏيون اٿن، هتي ڪيترائي ميل سفر ڪري لاهور جي شاهي قلعي تي پُهتو آهيان پر پڪي قلعي جي ويجهو رهندي به گهمي نٿو سگهان!!! افسوس کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي.
    هن “ديوانِ عام” جي ٽنهي طرفن کان رستا آهن، جتان عام ماڻهو ۽ ملازم ايندا هئا، اُتر طرف هڪڙو چبوترو ٺهيل آهي، جنهن کي ’جهروڪو‘ به سڏيو وڃي ٿو، جتي اُن دؤر جا بادشاهه ويهي عام ماڻهن جا فيصلا ڪندا هئا ۽ هن کي شاهي تختگاهه پڻ چئي سگهجي ٿو. جيڪو اُن وقت جي بادشاهه شاهجهان، آصف خان جي نگراني ۾ تعمير ڪرايو هو، جڏهن روزانو بادشاهه ايندو هو، تڏهن سامهون نقاره خانن ۾ فوجي انداز ۾ نوبت وڄندي هئي ۽ انتهائي چمڪندڙ لباسن ۾ ماڻهو، گهوڙا ۽ هاٿي نظر ايندا هئا. اِها روزاني جي ڪارروائي تقريباً ٻه ڪلاڪ هلندي هئي ۽ پوءِ بادشاهه پنهنجي تختگاهه ۾ ويهي حڪومت جو ڪاروهنوار هلائيندو هو. انهي ئي تختگاهه مان مٿي سيڙهي نڪري ٿي جيڪا اڃا اڳيان نظارا پسائي ٿي. اسان سان تقريباً گڏگڏ هڪڙي خوبصورت ڇوڪري جنهن سان گڏ هڪڙو ننڍو ڇوڪرو، هڪڙو مرد جيڪو يا ته سندس دوست هو يا ته نئون گهوٽ هو ۽ ساڻن گڏ هڪڙو گائيڊ هو، ڪنهن وڏ گهراڻي جا ٿي لڳا. بهرحال اسان به ڪنهن ڪنهن وقت اُنهن جي گائيڊ کان معلومات پي ورتي، بلڪ ٻُڌي پي ۽ ٿوري ئي فاصلي تي اهو انڊين جوڙو به گهمي رهيو هو، جيڪو مينار پاڪستان وٽ مليو هو، هاڻي ڪجهه قدم اڳيان وڌون ٿا. هت هڪڙو دولت خانو خاص و عام (اڪبر محل). دولت خانو به هڪڙي عمارت آهي جيڪا شاهي محل ۽ ديوان عام جي وچ تي ٺهيل آهي، بادشاهه جڏهن حڪومتي ڪمن ڪارين مان فارغ ٿيندو هو ته هتي ويهندو هو ۽ ڪن ويجهن ساٿين سان صلاح مشورا ڪندو هو. دولت خانه جي ويجهو هڪڙي چؤڪُنڊي پُڻ ٺهيل آهي، جتي بادشاهه سلامت ويهي نظارن مان لُطف اندوز ٿيندو هو.
    کڙڪ سنگهه جو محل ۽ پريمي جوڙو:
    دولت خاني جي اوڀر ۾ ٻه ماڙ عمارت آهي، جنهن کي کڙڪ سنگهه جو محل چيو وڃي ٿو. هي اڪبر بادشاهه جو ٺهرايل هو، پر پوءِ رنجيت سنگهه جي پُٽ کڙڪ سنگهه جي رهائش لاءِ ڪُجهه وڌائي ٺاهيو ويو، هاڻي هن وقت کڙڪ سنگهه جي محل ۾ لائبريري ۽ ناظم باغات جي آفيس آهي ۽ مٿين پاسي ڊائريڪٽر آثارِ قديمه جي آفيس آهي. ٿورو هيٺ لهي اڳيان وڌياسين، شيش محل نظر آيو، شيش محل گهمڻ چاهيوسين، پر اُتي تعميراتي ڪم پي هليو، تنهنڪري عارضي طور اُن کي بند ڪيو ويو آهي. سامهون هڪڙو پريمي جوڙو ويٺل نظر آيو، جيڪو ڪنهن جي به پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مست ويٺو هو، هڪٻئي جي وارن ۾ آڱريون ڦيري رهيا هئا ۽ ڪي واعده وچن ڪري رهيا هئا. اسين به گهمي ڦري سامهون هڪڙي خوبصورت چبوتري ۾ وڃي ويٺاسين، مٿي جو نظرون ويون ڇت طرف ته سڀئي حيران ٿياسين، ڇا ته خوبصورت ڇِت ٺهيل آهي. هزارين سال پُراڻي فن جو حُسن اڄ به چَمڪي رهيو آهي. سائين انعام هڪدم هينڊي ڪيم ٻاهر ڪڍي ۽ ڇت جي مووي ڀرڻ لڳو، هتي سڀئي دوست گروپن ۾ الڳ الڳ گهمي رهيا هئا، اسان جنهن چبوتري ۾ ويٺا هئاسين، اُتان کان مينار پاڪستان ۽ بادشاهي مسجد جو خوبصورت نظارو پسي سگهجي پيو، انهيءَ چبوتري ۽ شيش محل جي وچ ۾ فاصلي تي ’نولکها‘ سڏي ويندڙ هڪڙي خوبصورت عمارت هئي، جيڪا انتهائي نئين ۽ وڻندڙ انداز سان ٺهيل آهي، اهڙي ٺهيل ڇت مون پهريون ڀيرو هِتي ڏٺي آهي، هن ننڍڙي عمارت جو “نولکها” نالو ئي انهي ڪري پيو جو اُن وقت هن عمارت تي نوَن لک روپيه خرچ آيو هو.
    شاهي قلعو گهمندي وقت جو احساس ئي نه رهيو، جمع نماز به قضا ٿي ويئي، جنهن جو مون کي گهڻو افسوس ٿيو، جو بادشاهي مسجد ۾ ۽ ايڏي وڏي جماعت سان گڏ سو به جمع جي نماز پڙهڻ، پاڻ لاءِ اعزاز هجي ها، پر نصيب ئي نه هو ڇا ڪجي، هاڻي هيٺ لٿاسين، قلعي اندر ئي هڪڙو بڙ جو وڏو قديمي وڻ آهي، جتي ڪينٽين ۽ ڪُجهه دوڪان به آهن، جتي کانئڻ پيئڻ جي هر شيءِ ملي پي وئي، ويٺاسين ٿڪ ڀڃڻ لاءِ، بوتلون پيتيون سين آئون ۽ راشد هڪڙي گفٽ جي دُڪان ۾ هليا وياسين، جتان مون هڪڙو ڪپڙي جو ٺهيل گلاب جو گل ورتو، جيڪو جنهن گلدستي ۾ سجايل هو، تنهن تي موتين ۽ ٽِڪن سان جڙاوت ٿيل هئي، چئي هڪ سئو اسي روپيه، ڏيڍ سؤ روپيه ۾ ورتم. راشد آيتون لکيل پليٽون ورتيون، ڀر ۾ ئي ڪتابن جو وڏو دُڪان هو، جنهن تي تقريباً اردو جا سڀئي ڪتاب موجود هئا. لاهور جي تاريخ تي لکيل پُڻ ڪيترائي ڪتاب موجود هئا، مون هڪڙو، ڪتاب “سفرنامه پاڪستان” ورتو جيڪو ٻاهر جي ليکڪه ڪيمي ميرپوا جو لکيل آهي. مختلف هنڌن تان گهمي اچي سڀ گڏ ٿيا آهن، ڪن چاٽ وٺي کاڌي، ڪِن بوتل پيتي، پوءِ اُتان نڪتاسين، واپس وري به ديوانِ عام جي ڇت هيٺ ڪُجهه دير بيٺاسين، جو پريان کان ڦوهارن جو خوبصورت منظر ڏسي رهيا آهيون، فائرنگ نما پاڻي ڦوهاري مان نڪري پري پري تائين ڪري پيو ۽ ٻارڙا انهي ۾ وهنجي رهيا هئا، ڦوهارو چؤطرف گهمي رهيو هو، انهيءَ ڦوهاري کي شايد سڏيو ئي فائرنگ ڦوهارو وڃي ٿو. هي منظر به ڏاڍو وڻندڙ هو، پري پري تائين ساوَڪ ئي ساوَڪ، وڻن هيٺ ڪٿي بيٺل ڪٿي ويٺل دوشيزائون، ۽ ڪٿي لهندڙ سج جهڙا اکيون ٿڌا ڪندڙ منظر پُڻ هئا.


    محبت خوشبوءَ آهي

    هن قلعي جي هڪڙي خاص اهميت واري شيءِ مصور ديوار هئي، جنهن کي پري کان بيهي ڏٺوسين، جيڪا مَصوُري جو وڏو شاهڪار آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ هاٿي گهوڙن ۽ راندين جون تصويرون اُڪريل آهن، جنهن مان مغل شهنشاهن جي ذوق جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ٻيو هتي جي ڪهاڻي انارڪلي جيڪا هڪڙي ناچڻي هئي، جنهن پنهنجي حُسن جي جادو ۾ اڪبر بادشاهه جي پُٽ شهزادي سليم کي قابو ڪيو، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “عشق ۽ مُشڪ لڪائي نه لڪندا”، سو نيٺ “ڀنڀور کي باهه لڳي” اڪبر بادشاهه کي خبر پئي ۽ هُن محبت جو انتهائي بي رحماڻي انداز ۾ انجام چاهيو، انارڪلي کي ديوارن جي وچ ۾ زنده دفن ڪرايائين، پر کيس اهو پتو شايد نه هو ته عشق ۽ مشڪ کي ڪو قيد ڪري ئي ناهي سگهيو. محبت خوشبوءِ آهي ۽ خوشبوءِ جي رستا روڪ ڪوئي ڪري، ممڪن ئي ناهي، سو اڪبر بادشاهه ته انارڪلي جو صرف جسم ئي دفن ڪري سگهيو، باقي محبت جو گل ته شهزادي سليم جي دل ۾ وڌي وڻ ٿيو، جنهن پوءِ پنهنجي دور حڪومت ۾ انارڪلي تي خوبصورت مقبرو تعمير ڪرايو. قلعي شاهيءَ کي الوداع ڪري ٻاهر نڪتاسين.


    بادشاهي مسجد

    بادشاهي مسجد، ڏانهن پهرين نظرون ۽ پوءِ پير وڌيا بادشاهي مسجد ۽ قلعي جو دروازو هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن. اُن ۾ پهرين اُتر طرف کان آياسين. وضو ڪيوسين جو سفر نماز پڙهڻي هئي، جمع نماز ته نصيب نه ٿي، وضو ڪري ورتو، هاڻي هتان کان گهمندا به وڃون، پهرين هڪڙي گنبذ هيٺ آياسين، جتي قرآن شريف شيشن ۾ رکيل هئا، جيڪي ڪپڙي تي ٽامي يا پتل جي تار سان لکيل ڏسي حيران ٿي وياسين، سبحان الله ڪيتري نه خوبصورت انداز سان محنت ڪيل آهي، اڳيان نڪري وڃون ٿا، هتان پاسن کان هلڻ وارو انداز ٺٽي واري “شاهجهان مسجد” جهڙو ئي لڳو.
    هيءَ مسجد اورنگزيب بادشاهه اڏرائي آهي، جنهن جي چئني طرفن کان وڻندڙ ۽ اونچا مينار آهن، مسجد ۾ پٿر هڪڙي ئي لال رنگ جو نظر آيو. مسجد جي محراب سامهون ٻه رڪعتون فرض سفر ادا ڪئيوسين ۽ پوءِ ٻاهرين دروازي جي سامهون ئي نڪتاسين، جو مسجد جي ڏکڻ کان منظر به ساڳيون ئي هو، باقي هتي، پاڪستان جو تصور پيش ڪندڙ ۽ اردو زبان جو خوبصورت شاعر علامه اقبال مَدفون ٿيل آهي، جنهن تي پُڻ سُرخ رنگ جي چبوتري ٺهيل آهي ۽ مون کي علامه اقبال جو هي شعر ذهين تي تري آيو:
    “مسجد تو بنادي شب بهر ميڻ ايمان ڪي حرارت والون نڳ،
    من اپنا پُرانا پاپي هڳ، برسوڻ سڳ نمازي بَن نه سڪا.”
    پوءِ آياسين واپس ٻاهر، هتي ٽوڪن ڏيئي پنهنجون جُتيون ورتيوسين ۽ ايئن مسجد کي به الوداع ڪيوسين، ٻاهر نڪتاسين، هڪ ٻه گفٽ وٺي آياسين گاڏي تي. سڀئي دوست ٿڪجي پيا ۽ بُک به پيٽ ۾ گهوڙا ڊوڙائي رهي هئي. توڻي جو صبح کان جوس، آئس ڪريم، بوتلون ۽ بسڪيٽ وغيره کائيندا رهيا هئاسين، پر “ان بنا ايمان ڪٿي” سو سڀني دوستن چيو پهرين ماني کائبي. ڊرائيور کي چيوسين، جيڪا چڱي هوٽل هُجي اُتي هلي گاڏي روڪ، هڪڙي چوڪ تي اچي گاڏي بيهي ٿي، شيشي جو دروازو کولي ڪري اندر داخل ٿيون ٿا، هي حافظ هوٽل آهي. آهي ته تمام ننڍڙي (صرف هڪ AC روم) پر رش تمام گهڻي هئي، مٿي ڪيمرائون لڳيون پيون هيون ۽ هڪڙي ٽي وي رکي هئي، جنهن جي ذريعي سڄي هوٽل ۾ ويٺل ماڻهن کي مانيٽر ڪيو پي ويو. بهرحال اسان چڪن برياني ۽ رائتو چيوسين، برياني جون ڀريل پليٽون سڀني کائي ڍئو ڪيو.


    سانو نهر والي پُل پي بُلاڪي

    هاڻي نڪتاسين واگها بارڊر گهمڻ لاءِ ۽ ٻيو سوزو پارڪ هو، پر سائين انعام جي بقول ته سوزو پارڪ ۾ هلندا ته پاڻي مان نڪرندا نه تنهنڪري پهرين واگها بارڊر گهمي اچون پوءِ سوزو پارڪ اينداسين. هاڻي هڪڙي وڏي شاخ جو ڪپ ورتوسين، جيڪا شهر جي وچ مان پئي اچي، هن کي “مغليه نهر” سڏيو وڃي ٿو. ٻنهي ڪپرن تي نوجوان ۽ ٻار وهنجي رهيا آهن، هاڻي وري هڪ ڀيرو سڀني جو ڌيان ضياءُ ڏانهن ٿي ٿو وڃي، ڪو ڪهڙو گانو پيو ڳائي ته ڪو ڪهڙو گانو، پر ضياءُ رڳو کلندو رهيو، ٿوري دير کان پوءِ هڪڙي پُل ڪراس ڪريون ٿا ۽ سڀئي زور زور سان ڳائن ٿا:
    “سانو نهر والي پُل پي بُلا ڪي ميرا ماهي ڪٿ ره گيا”
    اهو گانو به هن ئي نهر سان منسوب ٿيل آهي، ايئن کلندا ڀوڳ ڪندا هلون پيا، هاڻي سڀني جو ڌيان نهر ڏانهن ٿو وڃي جو اڳيان قيامت لڳي پئي هئي، سڀئي وڏي آواز ۾ چوَن ٿا واءُ “لاهور لاهور هڳ” نوجوان ناريون، ڀريل بُت ۽ ڪاٽن جا سنهڙا ڪپڙا، پاڻي ۾ وهنجي ۽ ٽينگ ٽپا ڏيئي رهيون آهن، اعجاز ٿو چوي واه لاهور کي ڏٺو ئي هاڻي آهي، ۽ ميراڻي هينڊي ڪيم الرٽ ڪري ٿو پر فائدو نه ٿيو، گاڏي وڏي اسپيڊ سان ڊوڙي رهي هئي ۽ منظر تيز گذرندا رهيا ٿي. شايد ڊرائيور کي غلط پي لڳو جو اهو به هتان جو ئي پنجابي هو ۽ اسان به لاهورين جي واه تعريف ڪري رهيا هئاسين، اڃا ڪُجهه وقت هو، سلامي ۾ تنهنڪري سائين انعام چيو هلو ته اوهان کي باٽا پورا گهمائي اچان.
    باٽا پورا، ڏانهن گاڏي مُڙي ٿي، هتي روڊ جي آس پاس پري پري آبادي هئي، هي باٽا شوز شاپ پُڻ اسان کي ويران جاءِ تي نظر آيو، جي ٽي روڊ تي، شهر کان تقريباً ڏهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، هن کي جوتن جو شهر چيو وڃي ٿو، هي باٽا جو وڏو ڪارخانو آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. پوري پاڪستان کي باٽا شوز جي سپلائي هتان ٿئي ٿي. هي باٽا پورا لاهور دُنيا ۾ پُڻ مشهور آهي. اندر داخل ٿياسين، سڀني هڪ هڪ ٻه ٻه چَڪر گهمي ڏٺو، پر ڪنهن کي به ڪو جوتو پسند نه آيو، صرف هڪ ٻن دوستن رف يوز لاءِ چپلون ورتيون، باٽا جي مضبوطي پنهنجي جاءِ تي، پر شڪل شبيهه جا صفا بيڪار آهن. خير باٽا پوره کي به باءِ باءِ ڪري روانه ٿياسين.


    واگها بارڊر

    واگها بارڊر تي پُهتاسين، پهرين لڪڙي کان گذرياسين پنجاهه روپيه ورتا ويا، گاڏي هڪ پاسي بيهاري اڳيان ڪجهه پنڌ تائين پيدل وڃڻو هو. وري ٻي اليڪٽرانڪ گيٽ اندران گذر ٿيو، هاڻي في ماڻهو ڏهه روپيه ورتو ويو، اسان حساب لڳايو ته صرف هتان ئي گورنمينٽ کي مهيني ۾ لکين روپين جي آمدني ٿيندي هوندي.
    اڳيان وڌياسين، ميلي نما منظر نظر آيو، مون سمجهو اڄوڪي ڏينهن تي ايڏا سياح آيا آهن، ٻُڌايو ويو، رڳو اڄ نه پر اهو روز جو معمول آهي، بارڊر تي داخل ٿيڻ کان پهرين اليڪٽرانڪ دروازي مان گذاريو ويو، جيئن اگر ڪنهن وٽ ڪو هٿيار هُجي ته پڪڙي سگهن. بارڊر جي ٻنهي پاسي سيڙهيون چَڙهن ٿيون اُتر طرف کان عورتن لاءِ ۽ ڏکڻ طرف مردن لاءِ مخصوص ٿيل آهن، مٿي چڙهياسين، انڊيا جي ماڻهن جو نظارو ڪيوسين، اُتي هتان کان وڌيڪ ٻيڻ تي هئا، انڊيا ۾ مرد توڙي عورتون گڏ ويٺل هئا، ٻنهي طرفن کان مٿي رکيل اسپيڪرن ۾ پنهنجي پنهنجي ديس جا قومي گيت هَلي رهيا هئا ۽ ماڻهن ۾ عجيب جوش ۽ جذبو نظر آيو، ڄڻ ته هڪ ٻي کي فتح ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هُجن. هُن طرف کان فوجي هئا ۽ هِن طرف کان رينجرس وارا هئا، سلامي ڏيڻ ۾ ڪلاڪ ٿي چُڪو هو، سلامي ڏيڻ کان پهرين هن پاسي کان پاڪستان جا جهنڊا واري واري سان کڻي ڊوڙي ڊوڙي وڃي گيٽ سان لڳي وري واپس پي وريا، پهرين ٻار ننڍا پوءِ مرد ۽ پوءِ عورتون واري واري سان اُهو عمل دهرائينديون رهيون. هُن طرف کان نوجوان ناريون جهنڊو کڻي ڊوڙي رَهيون هُيون ۽ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ گول دائري ۾ جهمريون هڻي رهيون هيون، منهنجي سوچ کان وڌيڪ تفريح ٿي وئي، ڇو ته هتي اچڻ کان پهرين سوچيو هوم ته بارڊر تي جهنڊي جي سلامي ٿيندي، اِها ڏسڻ ضروري ته ناهي، ها پر اها ڳالهه ضرور هئي ته انڊيا جي سرحد ڏسي اچجي، ڪلاڪ کن هليو اهو رنگ، پوءِ واپسي ٿي، واپسي ۾ به واهه جو لطف هو، جو اسان جا پگهر ۾ ڪپڙا سڄا پُسي ويا هئا، اسان مان جن کي به ڪاٽن جا سنهڙا ڪپڙا پهريل هئا اُهي ته بُت لڪائڻ ۾ پورا هئا جو بُلڪل ايئن پي لڳو ڄڻ هاڻي برسات ۾ وهنجي نڪتا هجون. مردن کان ليڊيز جي گهڻائي پي نظر آئي، جيڪا تقريباً سڀني تفريح ماڳن تي ساڳي ڳالهه آهي.


    سوزو پارڪ ۽ سفيد پَري

    هاڻي سڀئي دوست هلڻ جي جلدي ڪرڻ لڳا جو وقت الاهي ٿي ويو آهي، سوزو پارڪ بند نه ٿي وڃي، تنهنڪري ڊرائيور بس کي به اسپيڊ ڪُجهه وڌيڪ ڏني.
    سوزو پارڪ، آياسين ماڻهو سڀئي واپس ٿي رهيا هئا، پڪ ٿي ته بند ٿي ويو هوندو پوءِ به تصديق لاءِ اڳتي وڌي وياسين. سبحان الله سڀني جا هوش خطا ٿي ويا ۽ هڪ پاسي بيهي ڏسڻ لڳا اُنهن جهومندڙ جوانين کي جيڪي سوئمنگ پول مان هاڻي هاڻي نڪتيون هُنيون، ڄڻ مئڪدي مان پُر ٿي اُٿيون هيون. ڳاڙهيون اکيون، کليل وار، لڙکڙائيندڙ قدم ۽ حُسن جا تجلا، انهيءَ ٽولي ۾ هڪڙي سفيد ويس ۾ پري يا حور ئي ٿي، ٿي سگهي. رڳو اسين ئي نه پر سڀني جون نظرون اُن طرف هيون. هاڻي سڀني دوستن کي پڇتاءُ هو ته بارڊر تي نه هلون ها، رنگ ته سڀ هتي هئا، هڪ ته سوزو پارڪ نه ڏسي سگهڻ جو ڏک ٻيو ته رنگن کان رهجي وڃڻ، سڀني جي چهري تان ڄڻ اُداسي پنهنجا هٿڙا گهمائي وئي هجي.
    هاڻي پهرين سڌو هاسٽل تي آياسين، باقي رات سفر جي حوالي ڪرڻي هئي ۽ لاهور کان موڪلائڻو هو، ڊرائيور کي چيوسين ساڍي نوين وڳي هاسٽل تي اچجان، تيستائين اسين وهنجي فريش ٿياسين، هتي وهنجڻ لاءِ پاڻي اهڙو ته وڻي پيو جو دل پي چيو ته وهنجندو ئي رهجي، صاف شفاف ۽ ٻيو ٿڌو، ڪپڙا چينج ڪري سامان جي پيڪنگ ڪئي سين. گاڏي به تيار بيٺي هئي. هاسٽل کي الوداع ڪري ۽ هاسٽل جي ملازمن سان ڀاڪر پائي موڪلايوسين، توڻي جو اسين مهمان هئاسين پوءِ به بنا بسترن جي اسان کي کٽون ڏنيون ويون هنيون. آئون سمجهان ٿو جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ ڪنهن ٻي صوبي جا ڇوڪرا ايئن گهمڻ لاءِ اچن ته سنڌي اُنهن تان گهور گهور ٿين ها. پنهنجي گهران به ڳولي سُٺا بسترا آڻي کين ڏين ها ۽ ٿي سگهي ته ماني به کارائن، پر هتي اهڙي ڪابه شيءِ نظر نه آئي.


    تيري ڪونچي سي هم نڪلي

    شهر جي مختلف روڊن، چؤڪن تان ٿيندا شهر کي چار اکيون ڪري ڏسندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين، اوچتو ڪنهن دوست وري ڦاٽ کاڌو: “ضياءَ نيٽ والي ڪو ميسيج ڪرو، بڙي بي آبرو هوڪر تيري ڪونچي سي هم نڪلي” پريان اسحاق وڏي آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، پوءِ اُن سان گڏ اعجاز، راشد ۽ ايئن سڀئي شروع ٿي ويا.
    تيري گهر ڪي سامني هم اپني جان دينگي،
    دلربا تو هي بيوفا، دلربا تو هي بيوفا.
    گلبرگ علائقي ۾ داخل ٿيون ٿا، هاڻي اسان کي لاهور شهر سُٺو لڳو، ٻنهي طرفن کان ساوا وڻ وڏا بنگلا ۽ ماڙيون ڏسڻ ۾ آيون، ڄڻ حيدرآباد جي صدر واري علائقي يا سول لائن ۾ هُجون.
    پيس (Peace) سينٽر، آياسين دروازي وٽ پهتاسين، دروازو پاڻهي کُلي ويو، ۽ اليڪٽرانڪ گيٽ مان گذر ٿيو، واهه حيران رهجي وياسين، ڄڻ سمورو لاهور هڪڙي Peace سينٽر ۾ موجود هو. سڄو سينٽر تقريباً چار ماڙ ايئرڪنڊيشنڊ ۽ سڀئي دُڪان شيشي جا، سيڙهيون به بجلي تي هنيون، پير رکيوسين ٿي ته منٽ ۾ ٻي منزل تي ٿي پُهتاسين، لفٽ نما هنيون، چار ئي منزلون گهميوسين، سڀئي دوست ٻه ٻه ٽي ٽي ٿي ورهائجي ويا، هڪ وقت ته آئون سڀني کان ٽٽي اڪيلو ٿي ويس، سڀني دوستن هتان ڪا نه ڪا گفٽ ورتي سواءِ اردو ڳالهائيندڙ دوستن جي، اُهي ڪنهن به قسم جي ڪابه خريداري نه پيا ڪن، صرف گهمن ۽ کائن پيئن پيا، مون صرف پرينءَ لاءِ هڪڙي گهڙي (واچ) ورتي، جيڪا مون کي پسند آئي، سڀني دوستن مختلف پر هڪڙي هڪڙي شيءِ ورتي، هاڻي گهمي ڦري وري ٻاهر نڪتاسين، ٽائم ڏٺوسين ته ٻارنهن ٿيڻ وارا آهن، سائين انعام چيو بابا هاڻي سڌا هلون ٿا، ڊائيوو اڏي تي، اگر وقت مليو ته ماني اُتي کائينداسين نه ته پوءِ سفر ۾ ڪجهه نه ڪجهه وٺي کائيندا هلنداسين، اڏي تي پهتاسين، تيرنهن سيٽون بُڪ ڪرايون سين. باقي ويهه منٽ هئا، ٻارهن لڳي ويهه منٽن تي گاڏي نڪرڻي هئي، واهه جي سروس آهي ڄڻ جهاز ۾ سفر ڪرڻ وارا هُجون، ويٽنگ روم به اهڙو خوبصورت ۽ سڄو ايئرڪنڊيشنڊ، اسان کان پريان صوفن تي ڪنهن ڊرامي جي شوٽنگ پي هلي، هڪڙو سين ڀرڻ لاءِ سڄي سيٽنگ ڪيائون، ٽي وي سيٽ، ايڪوسائونڊ ٻه ٽي ڪيمرائون، هڪڙي ٿڪلڙي ڇوڪري هئي ميڪ اپ جا تهه چڙهيل هئس، سين ايئن هو ته، اسٽاپ تي سندس دوست جو انتظار ڪري رهي آهي، جيڪو کانئس گم ٿي ويو آهي، هيسيل نظرن سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي رهي ٿي، سڀني مسافرن کي اشارن ۾ چيو پيو وڃي ته هيڏانهن نه ڏسو بلڪ توهان جيئن آهيو ايئن ٿي ويهو، جيئن سين ۾ حقيقت نظر اچي، خير اسان کي اسپيڪر ذريعي اطلاع ٿيو ته پنڊي وڃڻ وارا مسافر پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهن، ايئن لاهور شهر کي الوداع چئي ڊائيوو ۾ وڃي ويٺاسين.


    اسلام آباد ڏانهن اڏام ۽ ڪڪرن کان آجو چنڊ

    ڊائيوو ۾ هيءَ پهريون سفر آهي، تنهن ڪري سڀني کي ڏاڍو لطف پيو اچي، لاهور جي حدن کان نڪري موٽروي تي چڙهون ٿا، وڊيو ميوزڪ چينل اسٽارٽ ٿئي ٿو ۽ هڪ خوبصورت سنهڙي سيپڪڙي سُنهري وارن واري هوسٽ ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا سڀني مسافرن کي هيڊفون ڏيئي وڃي ٿي، برائون ڊريس ۽ سنهري وارن ۾ سفيد چهرو ڄڻ ڪڪرن ۾ چنڊ پيو گهمي. هيڊ فون لڳايو ۽ اُن جي پن سيٽ جي پاسي ۾ لڳائي جتي چئنل بدلي ڪرڻ جي سهوليت ميَسر هئي، اهو اوهان جي مرضي تي ڇڏيل آهي ته انڊين گانا، انگلش يا پاڪستان جو پاپ ميوزڪ ۽ مڪس فلمي گانا ٻڌڻ ٿا چاهيو، ڏاڍو لطف اندوز ٿي رهيا آهيون، هن نئين سفر ۾.
    هاڻي وري ڪڪرن کان آجو ٿي اهو چنڊ نظر آيو جيڪو ٿوري دير پهرين ڪڪرن پويان گم ٿي ويو هو، هن ڀيري ڊسپوزل گلاس سڀني کي ڏيئي وئي، بعد ۾ سيوَن اپ ۽ پيپسي جون وڏيون جمبو سائز بوتلون کڻي نروار ٿي، سڀني مسافرن کي سهڻن هٿن سان گلاس ۾ لاهي ڏيندي وئي، ڪجهه شرارتي ڇوڪرا هر هر پيا گهرن، پر نه چڙي ٿي ۽ نه انڪار ڪري ٿي، اهو ته شايد سندس ڊيوٽي ۾ شامل آهي، جيئن اسپتالن ۾ نرسن جو مريضن سان چڙڻ يا مريضن کي ڇڙٻڻ اُنهن جي ڪورس ۾ ئي ناهي هوندو، ايئن هوسٽ پڻ مسڪرائينديون ئي رهنديون آهن، ڪجهه ئي گهڙين ۾ بند دٻا کڻي هٿن تي سَٿي نڪتي، (جهڙا دٻا نواز شريف جي دؤر ۾ شادين ۾ طعام تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ پوءِ ماڻهن اهو گهٽ خرچ وارو سسٽم زور شور سان اپنايو هو، جو دٻي ۾ ٻه ٽي ٽيسٽيون هڪ ٻه بسڪيٽ، ڪٿي مرغي جو تڪو ڪٿي ته صرف پيٽيز هوندو هو)، سو اندازو لڳائي ورتوسين ته دٻن ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو، سڀني کي هڪ هڪ ڏيندي وئي، کوليوسين، ڪجهه بسڪيٽ، هڪ سئنڊوچ ۽ ٻه ٽي ٽيسٽيون، سڀ ڪجهه اهو ئي هو جنهن جو اندازو هو. سفر ڪيترو ٿيو آهي يا ڪا ٿڪاوٽ اِن شيءِ جو ته تصور به ڪرڻ گناهه پيو لڳي، ڀلا اهڙو سفر هجي ته اُتي وقت جو احساس ٿي سگهي ٿو!
    موٽر وي تي ڊائيوو ايئن ڊوڙي رهي هئي ڄڻ جهاز آسمان تي، هي روڊ به ڪروڙن جي لاڳت سان نواز شريف جي حڪومت ۾ تعمير ٿيو هو، سنڌ ۾ اهڙو ڪو به روڊ ناهي ۽ شايد نه ئي ٺهندو، جو هوءَ سنڌ آهي ۽ هي پنجاب! پنج ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اچي پنڊي پهتاسين، ڊائيوو جا ملازم ٽوڪن وٺندا ۽ ٿيلهن تي لڳل نمبر سان نمبر ملائيندا سڀ ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ٿيلهو حوالي ڪري رهيا هئا.
    سڀئي اچي ويٽنگ هال ۾ ويٺاسين، هتي به ويٽنگ هال اهڙو ئي آهي، جهڙو لاهور ۾ هو، ڪُنڊن تي وڏيون فليٽ اسڪرين ٽي ويون لڳل ۽ آرامده صوفن سان سجايل هال ۾ کائڻ پيئڻ جي هر شيءِ ميَسر هئي، واش روم، ليٽرين سڀ ڪجهه هال سان ئي اٽيج آهن، ڪنهن به قسم جي ڪابه ڏکيائي نٿي ٿئي، سڀئي ڇوڪرا واري واري سان واش روم مان ٿيندا پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهندا ويا ۽ پوءِ سڀني چانهه بسڪيٽ گهرائي کاڌا، تيستائين سج به پنهنجي روشني جا ڪرڻا پنڊي تي پکيڙيا.
    راولپنڊي 1959ع ۾ گادي جي هنڌ جي منتقل ٿيڻ کان پوءِ تيزي سان ترقي ڪري مغربي پاڪستان جو ٽيون وڏو شهر شماريو ويو، مسجدن، گرجائن، ڪلبن ۽ پارڪن جي هن شهر ۾ سياحن جي وڏي رش هوندي آهي، راولپنڊي کي شهرت اُن وقت ملي جڏهن دارالحڪومت کي ڪراچي کان هتي شفٽ ڪرڻ جو آخري فيصلو ڪيو ويو هو، اها خبر مُلڪ جي سڀني اخبارن شهه سرخين سان شايع ڪئي هئي. راولپنڊي کي پنڊي هتان جا ماڻهو پيار مان چون ٿا ۽ هاڻي شارٽ نالي جي ڪري سڀئي پنڊي ئي چون ٿا، هِن شهر جي خوشقسمتيءَ سان گڏ بدقسمتي اها به آهي ته پاڪستان جو پهريون وزيراعظم لياقت علي خان هن ئي شهر ۾ وڏي جَلسي کي خطاب ڪرڻ دوران ماريو ويو هو، جيڪا سازش اڃا اڄ تائين ظاهر ٿي نه سگهي آهي.


    اسلام آباد

    اسلام آباد

    ڪُجهه دير کان پوءِ سائين انعام هڪڙي سينگاريل سوزڪي پِڪ اَپ ڪَرائي آيو، مون سمجهيو ته اسلام آباد وڃڻ لاءِ وري به ڊائيوو سروس ئي استعمال ٿيندي، پر پوءِ خبر پئي ته اسلام آباد ۽ پنڊي هڪٻئي جي لڳ ئي ته آهن، بس ڪجهه منٽن جو فاصلو آهي، اُن ڪري پنڊي کان اسلام آباد لاءِ ٽيڪسي کان پوءِ ٻي نمبر تي هي سوزڪيون هلن ٿيون، تنهنڪري اهڙيون سينگاريل آهن، جيئن ٽرڪون ۽ ٽريڪٽر سينگاريل هوندا آهن. خير پنڊي کي پاس ڪري اسلام آباد ڏانهن اُسهياسين ۽ مشڪل سان ٽيهه پنجٽيهه منٽ لڳا هوندا جو اسلام آباد جي دل سڏيو ويندڙ آبپاره چوڪ وٽ پهتاسين ۽ ڏکڻ طرف مڙياسين. رستن جي ٻنهي پاسن کان گهاٽا جهنگ نظر ايندي ئي ڪجهه ڏينهن پهرين پڙهيل امر جليل جو ناول “نيٺ گونگي ڳالهايو” نظرن سامهون هلڻ لڳو، آبپاره چوڪ ۽ رستن ڀر ۾ گهاٽا جهنگ، ڄڻ سمورو ناول CD جيئن دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ هلڻ شروع ٿي ويو.
    آبپاره چوڪ، ڏانهن ڏسي سوچيان پيو اُتي ئي گلاب گونگي احتجاج ڪيو هو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو، امر جليل ٻُڌائي ٿو: (اسلام لاءِ سنڌي ۾ لکيل نعري وارو پاٺو ڪوڪن سان بانس جي لڪڙي تي ٺوڪي، گلاب گونگو صبح جو ڏهين لڳي آبپاره وٽ اچي بيٺو، ڪجهه ماڻهن کي سنڌي ۾ لکيل نعرو سمجهه ۾ نه آيو، هجوم گڏ ٿي ويو، ڊيوٽي تي موجود سپاهين جو ڏانهنس ڌيان ڇڪجي ويو، هنن کي به سنڌي ۾ لکيل عبارت سمجهه ۾ نه آئي، گلاب گونگي سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائون گلاب چپ، عبارت ۾ صرف هڪ لفظ سمجهه ۾ آين “اسلام” بيٺي پير فيصلو ڪيائون ته پڪ تخريب ڪار آهي ۽ وڳوڙ وجهڻ لاءِ اسلام آباد هليو آهي، گلاب گونگي کي مُڪون ۽ ٿڏا هڻندا آبپاره ٿاڻي ڏانهن وٺي ويا.)

    يوٿ هاسٽل ۽ بيئر جي بوتل:
    يوٿ هاسٽل، جي گيٽ وٽ لٿاسين، سڀ کان پهرين پرينءَ کي فون ڪري حال احوال ورتم ۽ کيس ٻُڌايم ته هاڻي اسلام آباد پهتا آهيون. سامان کڻي اندر داخل ٿياسين، سائين انعام جي ڪجهه ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کان پوءِ اسان کي ڪمرا کولي ڏنا ويا، هر ڪمري ۾ چار بيڊ پيل هئا، آئون اعجاز جعفري، ڪاشف ميراڻي ۽ شعيب شيخ هڪ ڪمري ۾ رهياسين، رات وارو اوجاڳو ۽ سفر جي ڪجهه ٿڪاوٽ هئي، وهنجي اچي سُمهي رهياسين ۽ ٻين وڳي ڌاري اُٿياسين ۽ فريش ٿي ماني کائڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين، چوڪ کان اوريان شارٽ ڪٽ ڪرڻ لاءِ ڀڳل دُڪانن جي پويان لٿاسين، هيٺ جهنگ ئي جهنگ پيو نظر اچي، مون کي وري به “نيٺ گونگي ڳالهايو” واري شالي پئي ياد اچي (جيڪا شايد هتان ئي جهنگل جي پاسي کان لڪندي آئي هئي جوڳي کي کڻڻ لاءِ اڌ ٺهيل عمارت ۾ پنهنجي ڪار لڪائي آئي هئي).
    آياسين هوٽل تي ماني کاڌي، ماني کائڻ کان پوءِ سڀني بيئر جون بوتلون ورتيون، هن وقت اسلام آباد ۾ گرمي ڪجهه وڌيڪ هئي، بيئر مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو پيتو هو، سڀئي دوست بوتلون هٿ ۾ ۽ فٽ پاٿ وٺيو پيئندا وياسين. ۽ ياد اچي ويو گانو:
    “مئڪدوڻ ميڻ تو پيا ڪرتا هوڻ، چلتڳ راهوڻ ميڻ بھي پي لينڳ دو”
    (ناجائز فلم).
    آياسين وين اڏي تي جنهن کي چيوسين ته اسان کي اسلام آباد جا سڀئي تفريحي ماڳ گهمائي ۽ انهي جي چارجز ٻڌائي، چيائين ٽي هزار ۽ پوءِ کيس چيوسين ته چار وڳي يوٿ هاسٽل تان اچي کڻ.
    بازار مان جوراب ۽ ڪئميره جو رول وٺي، آياسين هاسٽل تي، هاسٽل سُٺو ٺهيل آهي، پر ايترو سٺو به ناهي ڇو ته هي پوري ملڪ جي سينٽرل يوٿ هاسٽل آهي. پياري دوست نواز کٽي جي ڀاءُ اسلم کٽي فون ڪيو، ڪجهه ميٽر پرنٽنگ ڪرائڻو هو، پر ٻُڌايومانس ته هن وقت اسلام آباد ۾ آهيان، پوءِ ادا منظور جو نمبر ڏنومانس، مون وري نواز کٽي سان فون تي هيلو هاءِ ڪئي، جيڪو هن وقت مٺي ۾ هو. چيائين اسلام آباد گهمي پوءِ وري اچ مٺي گهمون. (نواز کٽي ۽ سندس ڀاءَ اسلم کٽي جيڪي NCHD ۾ ADPO هئا ۽ هاڻي ٻنهي جو پروموشن ٿيو آهي، اسلم سانگهڙ ۽ نواز کي مٺي DPO ڪري موڪليو ويو آهي.)


    راول ڊيم خوبصورت نظارو

    پوري چئين وڳي هاسٽل ٻاهران وين اچي بيهي ٿي ۽ اسان گهربل تياري ڪري وين ۾ ويهون ٿا ۽ ترتيب وار تفريح ماڳن تي هلڻ لاءِ کيس هدايت ڪريون ٿا ته ڊرائيور اوچتو اڙي ڪري بيهي رهي ٿو ته امام بري تي نه هلندس جو اهو ماڳ اڳ ۾ نه ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته اسان پهرين ئي سڀئي ماڳ ٻڌائي چُڪا هئاسين، اصل ۾ جنهن مالڪ سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، اهو پاڻ نه آيو ۽ ڊرائيور کي موڪليائين جنهن خوامخواه اسان جو اڌ ڪلاڪ ايئن بحث ڪندي سيڙايو، پوءِ نيٺ اسان ئي ڳالهه تان لٿاسين، پهرين ماڳ راول ڊيم هو، اُن طرف روانا ٿياسين، اسلام آباد جا ور وڪڙ ۽ لاهين چاڙهين وارا روڊ ڪراس ڪندا پهتاسين.
    راول ڊيم، توڻي جو هن وقت سج جي اڃا تيز تپش لڳي پئي آهي پوءِ به سُٺي رش نظر اچي پئي، سيڙهين تان چڙهندا مٿي چوٽي تي ول جي گولائي سان سجايل خوبصورت پوائنٽ آهي، جتان کان پوري راول ڊيم کي ڏسي سگهجي پيو، مون دوربين به آندي هئي، جنهن جي استعمال ڪرڻ جو پهريون ۽ خوبصورت موقعو هو، جيئن ئي اکين تي رکيم ته ٻه ٽي ڪلوميٽر پري جا منظر ۽ رنگ ڄڻ پيرن ۾. گهمڻ لاءِ هي تمام خوبصورت پوائنٽ ٺاهي وئي آهي، سهڻا پارڪ، قسمين قسمين گل، ڪينٽين، ڪولڊ ڪارنر، سڀڪجهه موجود هو.
    اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي پاڻي جي فراهميءَ لاءِ 1962ع ۾ تيار ڪيل راول ڊيم ۾ 1752 فٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي، ڊيم کي هڪ طرف کان، جتي اسين گهمي رهيا آهيون 8 دروازا آهن ۽ هيٺ ڪرنگ نالو آهي جنهن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي، 90 ايڪڙ جي ايراضي تي مشتمل راول ڊيم مان هڪ ئي وقت 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي.
    ڪاشف ميراڻي هينڊي ڪيم مووي ذريعي پري پري کان منظر ويجهو آڻي محفوظ ڪندو رهي ٿو، سائين انعام پڻ. باقي سڀني دوستن دروبين تي گذارو ڪيو. راشد ابڙو ته دوربين کڻي ته پوءِ ٻي کي ڏسڻ کان جواب، هيٺ لٿاسين جتي ننڍڙن ٻارڙن لاءِ اُٺ ۽ گهوڙا سينگاريل هئا، جن تي ٻارڙن کي ويهاري گهمايو پي ويو، پريان وڻ هيٺان ٻه خوبصورت ڇوڪريون جيڪي پنهنجي راز واري ڪچهري ۾ مگن هنيون، جيئن ئي ويجهو وياسين ته پرديسي پکين جيان ڀڙڪو کائي اُٿيون ۽ هليون ويون، اسين ڪولڊ ڊرنڪس وٺي اڳيان لڳل ڪرسين تي ويٺاسين، بوتلون پيتيوسين ۽ پوءِ آهستي آهستي راول ڊيم جي هن تفريح ماڳ کان موڪلائي اچي وين ويجهو ٿياسين. هاڻي شڪرپڙيان لاءِ نڪتاسين، ور وڪڙ کائيندڙ روڊ تي لڳل بورڊ “لوڪ ورثه” پڙهيوسين، سائين انعام جي پُڇڻ تي سڀني چيو ها سائين گهمنداسين، وين کي موڙيوسين لوڪ ورثه طرف.


    لوڪ ورثه

    لوڪ ورثه، چڱي ايراضي ۾ پکڙيل آهي، پنڌ ڦري آياسين گيٽ نمبر 1 تي باقي گيٽ بند هئا، اندر داخل ٿياسين، پهرين ئي نظر وڏي سائيز جي ٺهيل سنڌي ٽوپي تي پئي ڏاڍي خوشي ٿي، توڻي جو هتي لوڪ ورثه ۾ چئني صوبن جي ثقافت کي ڏيکاريو ويو آهي، پر سڀ کان پهرين سنڌي ٽوپي، انهيءَ تي خوشي ٿي ۽ حيرانگي پڻ. ٻاهر جو پارڪ ۽ منظر ڏٺاسين، هٿ جا ٺهيل، ڍڳا گاڏي، گهوڙو ۽ ٽانگو، ٽرڪون، ٻيڙي پنهنجي پنهنجي پوري سائيز جا ٺهيل هئا، جيڪي پري کان ڏسڻ يا فوٽن ۾ ڏسڻ سان حقيقي ئي لڳندا، پر حقيقي آهن ڪونه، سمبل طور ٺهيل آهن. سيڙهيون چڙهي مٿي ٿياسين هڪ طرف راڳ پيو هلي، اردو زبان فنڪار ڳائي رهيو هو.
    هو سڪڳ تو ميرا ايڪ ڪام ڪرو،
    شام ڪا اڪ پهر ميرڳ نام ڪرو.
    سامهون ڪرسيون جنڊي جون ٺهيل جهڙيون هالا ۾ عام جام ملن ٿيون ۽ هڪ پاسي کان پينگهو (هندورو) ۽ هڪ پاسي کان کٽ، ايئن اهڙو خوبصورت ماحول لڳو پيو آهي، ڄڻ ڪنهن سٺي گهر جي اڱڻ تي ماڻهو ويٺل آهي. ڳائيندڙ فنڪار جي اها ڊيوٽي آهي ته هو پورو ڏينهن ڳائيندو رهي، جيئن گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو جيڪي ٻڌڻ چاهين سي موسيقي مان لطف اندوز ٿيندا رهن. اسين ته اندر گهمڻ لاءِ وياسين، ڪيمره وغيره سڀ رسيپشن تي جمع ڪرايا، ڇو جو اندر ڪيمره کڻي وڃڻ منع هئي ۽ اليڪٽرانڪ گيٽ مان پار اُڪرڻو پي پيو، جتي موبائيل فون به پاڻ کان الڳ ڪرايائون، اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ موبائيل واپس ڏيندا آيا، اندر لاهين چاڙهين تي ور وڪڙ وارا سائي رنگ جا ٽائيلس لڳل رستا هئا ۽ اُنهن جي موڙن تي ننڍڙا بورڊ لڳل هئا، جن تي تيرن جا نشان لڳل هئا، اگر ايئن ڏسيل ترتيب سان گهمبو ته پوءِ پوري لوڪ ورثا کي بهتر نموني گهمي سگهبو، ورنه پنهنجي مرضيءَ سان گهمڻ ۾ ٻه نقصان ٿيندا هڪ ته ڪافي شيون رهجي وينديون، ٻيو ته اندر ئي اندر واٽون وڃائي ويهڻ جو پورو پورو انديشو آهي. اهڙا ڏکيا موڙ آهن ۽ ڌيمي روشني جيڪا ڇت ۾ لڳل بلبن مان اچي رهي آهي ۽ سڄو لوڪ ورثه ايرڪنڊيشنڊس آهي، شيشي جي اندر سڀ منظر ٺهيل رکيل آهن، سڀئي منظر ريئل / حقيقي ۽ پوري پوري سائيز جا ٺهيل آهن. چئني صوبن جو مڪمل ڪلچر ترتيب ۾ ڏيکاريل آهي. قومن جي تهذيب، رهڻيون ڪهڻيون سڀئي ڏيکاريون ويون آهن ۽ ٿوري ٿوري فاصلي تي لڳل ٽي وي سيٽ تي پڻ ساڳيا منظر ڏيکاري رهيا هئا ۽ انهن متعلق معلومات پڻ ٻڌائي پي وئي. منظر اهڙا صاف ۽ چمڪندڙ نظر اچن پيا، کين هٿ لڳائجي ته ڄڻ جيئرا ئي آهن. هتي ڪجهه دوستن پهرين نه پي اچڻ چاهيو، پوءِ اُهي ئي دوست ٻاهر نڪرڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن، لوڪ ورثه گهمندي وڏو وقت لڳو، اڃا سفر اڳتي به هو، تنهنڪري مجبورن ٻاهر نڪرڻو پيو، هاڻي فنڪار ٻاهر اُن ٽوپي سائيز ۾ ٺهيل اسٽيج تي ٽوپي هيٺ ويهي ڳائي رهيو هو، جو اها ٽوپي به هئي ۽ گڏوگڏ اسٽيج پڻ، هيٺ اسٽيج تي فنڪار ڳائي پيو ۽ سازيندا پاسن کان ڦريو ويٺا آهن، سامهون ڪاٺ جون بينچون ۽ ٽيبلون رکيل آهن، هتي سڀ برگر فيمليون اينديون آهن. لوڪ ورثه تي به آخري نظر وجهي روانه ٿياسين.


    ور وڪڙ پيچرا ۽ نيٺ گونگي ڳالهايو

    روڊ جي پاسي تان هڪ همراه نيڪر ۾ ڊڪندي پي ويو پگهر ۾ به شل هو، چون ٿا اسلام آباد ۾ ايئن سڀني روڊن تي ماڻهو نظر ايندا. مونکي وري به امر جليل ياد اچي ويو: “اسلام آباد گڙنگ ڪامورن، سرمائيدارن ۽ اڇن ڪارن سفارتڪارن جو شهر آهي، اُن قسم جا ماڻهو گهڻو ڪري دل جي بيمارين، مٺن پيشابن ۽ ٿولهه جي مرض ۾ مُبتلا هوندا آهن، هو موت جي ڊپ کان ڊوڙندا رهندا آهن، سندن ڊوڙڻ لاءِ خاص رستا ۽ جهنگ مان گذرندڙ پيچرا ٺاهيا ويا آهن، شام ٿيندي ئي سنهڙين ٽنگن ۽ پخال جهڙن پيٽن وارا گنجا انهن رستن تي ڊوڙندا ۽ سهڪندا نظر ايندا آهن.”
    هاڻي ته گهاٽن جهنگلن جي وچان ۽ ور وڪڙ کائيندڙ روڊن تان هلندي هڪ ته گُهٽ ۽ ٻيو خوف پيو محسوس ٿئي، مون کي ته اسلام آباد مجموعي طرح سٺو نه پيو لڳي، تفريح پوائنٽن کان هٽي ڪري. مون چيو واقعي ئي اسلام آباد لاءِ امر جليل جا لفظ صحيح پيا لڳن، “نيٺ گونگي ڳالهايو” ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته: “اسلام آباد اصل ۾ شهر نه آهي، اسلام آباد راڪاس آهي، وڏي بلا آهي، مختلف سيڪٽرن جو جهنگ آهي، جنهن ۾ ماڻهو ورهائجي ويا آهن، پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺا آهن”. مٿان وري سائين انعام اسلام آباد لاءِ هڪڙي مشهور چوڻي ٻُڌائي ٿو: هي اهو شهر آهي جنهن ۾ “موسم ڪا اعتبار نهيڻ سڙڪيڻ هموار نهيڻ لوگ وفادار نهيڻ” ۽ مون کي اها چوڻي صحيح محسوس ٿي، اُن ڪري جو ناول سڄو منهنجي ذهن ۾ ڪنهن يادگار منظر جيان چٽيو پيو آهي، ماڻهو الائي ڇو اسلام آباد، اسلام آباد ڪندا آهن. شايد اُنهن لاءِ مزو آهي، جن کي غريب ماڻهو، بي زبان ماڻهو پنهنجا قيمتي ووٽ ڏيئي هن پاسي موڪلين ٿا ۽ پوءِ اُهي هتي سڀئي عياشيون ڪن ٿا ۽ پوئتي مُڙي وڃڻ، سواءِ اليڪشن جي، تيار ئي نه ٿيندا آهن.
    گاڏي ور وڪڙ کائيندي ۽ مٿاهين طرف ڊوڙي رهي هئي، اسان جو رُخ هاڻي سڌو شڪر پڙيان ڏانهن آهي. گرمي پئي محسوس ڪرائي ايئن ڄڻ ڪنهن پهاڙي علائقي ۾ اچي ويا آهيون، ڀلي کڻي پهاڙن تي به هلي رهيا هُجون، وقت ۽ فاصلي کي گڏ گڏ ويڙهيندي اچي اُن پِڙيان تي پُهتاسين.


    شڪرپڙيان

    شڪرپڙيان، جنهن کي چيو وڃي ٿو رستن جي ٻنهي پاسن تي خوبصورت گل، ڇٻرن سان وڇايل ساوا لان، رنگين بلبن جي رنگين روشنين ۾ رنگين روا ڪُلهن ۾ پاتل، چنڊ جهڙا چهرا ٽولن جي صورت ۾ گهمندا هوائن کي معطر ڪندا ۽ پيار پسند ماڻهن جا هوش اُڏائيندا مُسڪرائيندا سڀ منظر واه جا لڳا...
    ڪجهه ئي گهڙين ۾ موبائيل مان اُهو ئي ساڳيون آواز اچي ٿو: “هر جاءِ پرين هر محفل ۾ مون کي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي”، پرينءَ کان سواءِ ڀلا هر هر ڪير ٿو ڪنهن کي ساري، ڪال ok ڪيم پريان پرينءَ ئي هو، جنهن جي ساهن جي سرگوشيون محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ سندس آواز لهرن ذريعي هتي منهنجي وجود کي واسي وڃي ٿو، انتهائي خوشي جي سَمي ۾ سوچيان ٿو کيس شعر موڪليان:
    جڏهن به چنڊ ٿا ڏسون، پرين توکي ٿا ساريون،
    کڻي اُڪنڊ ٿا جيئون، پرين توکي ٿا ساريون.
    سندس هر بار جيان هن بار به اهو ئي معصوميت مان پڇيل سوال ته: “واپس ڪڏهن ايندين؟” ۽ منهنجو به هر بار ساڳيو ئي جواب “مٺي جلدي موٽي ايندس”
    شڪرپڙيان ۾ هڪ خاص باغيچو سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن ۽ وڏن ماڻهن جا پوکيل وڻ ۽ ٻوٽا آهن، اسين ڄڻ پنهنجي ڪنهن تر جي ميلي ۾ گهمي رهيا هجون، رش ۽ سامان جي لڳايل اسٽالن مان ايئن پيو محسوس ٿئي. هتان به هڪڙو ننڍڙو گفٽ ورتم، اچي ٿا ويهون شڪرپڙيان جي ڪينٽين تي جتي لوهه جون وڏيون ٽيبلون ۽ اُنهن تي رکيل وڏا ڪولر پاڻي جا. جنهن کي ضرورت پئي پاڻي ڀري پيئي، ڪُجهه دوستن چانهه پيتي ڪُجهه دوستن بوتلون پيتيون ۽ هاڻي هتي جي هوائن، هُڳائن هتي جي گُلن ۽ گَسن پَٽن کي الوداع ڪري واپس ورون ٿا.


    بري امام

    بري امام، جنهن کي شاهه عبداللطيف پڻ چيو وڃي ٿو، ڏانهن رُخ رکون ٿا، ڪجهه فاصلي کي ويڙهي ۽ پوءِ منزل تي پير پهچن ٿا، مکيه دروازي مان داخل ٿيون ٿا، اوڀر طرف کان وڏو لنگر هلي رهيو آهي ۽ وڏي خلق موجود آهي، اسان وٽ ٻهراڙين ۾ چيو وڃي ٿو ته ماڻهون جاهل آهن، پيرن فقيرن تي پيا آهن، مرادون ماڻڻ لاءِ، پر پاڪستان جي گادي واري هيڏي وڏي شهر ۾ هيڏي وڏي رش! انهي ڳالهه کي رَد ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي ته اها جهالت گهٽ، عقيدتمندي وڌيڪ آهي. هر ماڻهو جو پنهنجو عقيدو هوندو آهي ۽ عقيدي پرست ماڻهو کي ڪيترا به دليل ڏي پر پنهنجو عقيدو تَرڪ ڪڏهن به نه ڪندو.
    درگاهه جي گيٽ وٽ معصوم ٻارڙا گلاب جي گلن جون پتيون ٿيلهين ۾ کڻيون، ايندڙ زائرين کي زوري ڏيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، اسان ته خوشي سان ورتا هڪڙي گلاب جي مکڙي جهڙي معصوم ٻارڙي کان، اُهو ئي احساس ٿيو ته ٻه ٽي روپيه اگر اُن مکڙي جهڙي معصومڙي جي مُنهن تي مُسڪراهٽ آڻين ٿا ته ڀلي ڳالهه آهي. اندر داخل ٿيون ٿا، اوڀرندي ڪُنڊ کان گلاب جون پتيون ڍڳ لڳيون پيون هنيون، جيڪي آهستي آهستي سڙي رهيون هنيون، اُهي جڏهن سڙي رَک ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ عقيدتمند انهيءَ رک کي شفا طور استعمال ڪندا آهن. اڃا آڳند تي بيٺو هئس ته وڏي ڀاءُ جو فون آيو، حال احوال ڪيو ۽ جلد ئي موبائيل بند ڪيو، جو هاڻي مزار اندر وڃون پيا. مزار کي چؤطرف ڦري ۽ گل نڇاور ڪري، ٻي طرف کان دروازو آهي ٻاهر نڪرڻ لاءِ، دُعا پڙهي انهي دروازي کان ٻاهر نڪرون ٿا. سامهون هڪڙي قديم وڻ تي نظر ٿي پوي جنهن جي هيٺ ٺڪر جا ڏيئا ٻري رهيا هئا. چون ٿا ته اُنهن ڏيئن جو سڙيل تيل زائرين شفا لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ هي وڻ ۽ ڀٽ شاهه تي شاهه عبداللطيف جي آڳند تي بيٺل جهوني وڻ کي هڪجهڙو سمجهن ٿا ۽ اهو به ٻُڌم ته شاهه عبداللطيف جڏهن رحلت فرمائي هئي، تڏهن مريدن کي چيو هئائين مٿان ڪپڙو وجهو، مريدن مٿان ڪپڙو وڌو ۽ شاهه عبداللطيف جو روح پرواز ڪري ويو ۽ انهيءَ وقت اِتي انهي وڻ هيٺ اچي ويٺو ۽ آخري ڏينهن تائين اِتي ئي رهيو. اِها فقط ٻُڌل ڳالهه آهي، مون اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڪتاب ۾ اهو ذڪر ناهي پڙهيو، اِها خبر به هاڻي هتي پهچڻ کان پوءِ پئي. هاڻي وري به آخري نظرون آس پاس جي ديوارن سان ٽڪرائجن ٿيون، پر شاهه عبداللطيف جا لکيل شعر نظر نٿا اچن، انهيءَ مان مون کي ته يقين ٿي ويو ته ڀلي کڻي نالو ۽ ذات به ساڳي ٿي سگهي ٿي، درويش به ٿي سگهي ٿو، پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي هي نٿو ٿي سگهي.
    هاڻي جنهن تفريح پوائنٽ تي وڃڻو هو، اها هئي فيصل مسجد، وين روڊ جي هڪ پاسي سائيڊ ڪري اسين روڊ ڪراس ڪري ٿورو هيٺائين طرف لهڻ شروع ڪريون ٿا.


    فيصل مسجد

    فيصل مسجد، پري کان ئي سُبحان الله پئي لڳي، اندر ته الائي ڇا هوندي سائين انعام ۽ ميراڻي پنهنجون هينڊي ڪيم ڪيمرائون آن ڪيون ۽ ٻاهران ئي سمورو نظارو ٻن انچن جي اسڪرين تي آڻي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيائون. جوتا رکڻ لاءِ ٻاهرين دروازي وٽ همراه رٻڙ وارا ڇٻا قطار ۾ رکيو ويٺا آهن. 15 روپيا في ٽوڪرو پوءِ اُن ۾ ڀلي ٽي جوڙا اچن اڪثر ڪري هو ٽي ئي رکڻ جي ڪوشش پيا ڪن. اڳتي جيئن ئي مسجد جي فرش تي پير ڌريون ٿا، واه سُبحان الله اهڙو سنگ مرمر ۽ اهڙو فرش مون ڪٿي نه ڏٺو، دل پي چوي ته فرش تي ڪجهه پهر ويهي رهجي ۽ سموري اسلام آباد جو ٿَڪ ڀڃجي، پر وقت اجازت صفا نه پيو ڏي. مسجد اندر داخل ٿيون ٿا، مسجد ۾ جماعت عشاءَ ٿي چُڪي هئي ۽ مسجد بند ٿي وئي هئي، پوءِ به گهمڻ وارن جي رش بند نه ٿي هئي، ڪافي جوڙا گهمي رهيا هئا، ڪي ته مون جهڙي معصوم خواهش جو پورائو ڪندي فرش تي ويهي سارا ٿَڪ لاهي رهيا هئا ۽ ڪجهه اسان وانگر وقت نه هئڻ جو بيهودو خيال کڻي تڪڙو تڪڙو گهمي رهيا هئا. مون، راشد ۽ اسحاق وضو خانه تلاش ڪيا، عجيب سسٽم هو مٿي چڙهي وياسين وري هيٺ لهي آياسين، وضوخانه هيٺ ئي موجود هئا. وضو ڪري ٻه رڪعتون فرض سفر ۽ ٽي رڪعتون وِتر پڙهيوسين ۽ پوءِ مسجد جي مختلف رُخن کي ڏسندا ۽ فوٽو گرافي ڪندا ٻاهر جي طرف وڃي رهيا هئاسين. سواءِ سائين انعام جي باقي سڀني ڇوڪرن جي پهريون ڀيرو مسجد ڏٺل هئي، نڪرڻ جي ئي نه پيا ڪن، اهڙو سڪون وارو ماحول هو مسجد اندر ۽ اهڙيون خوبصورت پرينءَ جي زلفن جي خوشبوءَ جو احساس ڏياريندڙ هوائون گهلي رهيون هيون.
    مسجد کان ٻاهرين پاسي تي بُڪ شاپ ۽ ٻيو به ڪافي سامان بلڪِ هڪ جنرل اسٽور هو، جنهن تي هر قسم جو سامان ۽ گفٽس وغيره ملي رهيا آهن. ڪجهه دوست اندر آيا، مون صرف هڪڙو ڪي چين ورتو، فيصل مسجد جي تصوير وارو، باقي دوست گهمي ڦري ٻاهر نڪتا، پنهنجا پنهنجا جوتا کڻي ٽوڪن ڏيئي ٻاهر نڪتاسين ۽ مسجد کان تقريباً پنجويهه ٽيهه گزن جي فاصلي تي هڪڙو ننڍڙو چبوترو ٺهيو پيو هو، سائين انعام ٻڌايو اِها آهي ’آمر ضياءُ جي قبر‘ جنهن ۾ خبر ئي ناهي ته ڇا دفن ٿيل آهي. اُن ڪري جو جهاز به سمورو رک ٿي ويو هو ۽ ماڻهو پڻ ڦلهيار ٿي چُڪا هئا ۽ اُن رک کي گڏ ڪري اُن قبر ۾ وجهي ڇڏيو ويو ۽ هاڻي اهو ئي چيو وڃي ٿو ته اِهو ضياءُ آهي. جنهن ماڻهو ڌرتي تي ويهي ڌرتيءَ تي جيترا ظلم ڪيا، تنهن جي سزا نه فقط کيس بلڪِ سندس ٻين ساٿين کي به ملي، کين نه آسمان قبوليو ۽ نه ئي زمين ۽ نه ئي ڪنهن درياءُ وغيره بس رک هئي، هوا لڳي ۽ اُڏامي وئي، اهو هو جنرل ضياءُ جنهن پنهنجي دؤر ۾ ڏاڍ ۽ ظلم جا سڀئي طريقا استعمال ڪري ماڻهن کي سرعام ڦاهيون ڏيئي، ڪوڙا هڻي نوجوانن کي روڊن تي ۽ بسن تي گوليون هلرئي مارايو، اُنهن جا جسم ته وري به پنهنجن جي ئي هٿن ۾ دفن ٿيا پر جيئن ضياءُ مئو، جنهن کي ته شايد قُل به نصيب نه ٿيا هُجن. (رب پاڪ کان معافي) اڳتي وڌي وڃون ٿا، روڊ جي ٻي پاسي بيٺل وين ڏانهن.


    دامن ڪوهه

    آخر ۾ دامن ڪوهه تي هلڻو آهي ۽ رات به پنهنجا پورا وار وکيري چُڪي هئي ۽ رات جو پهريون پهر شروع ٿي چُڪو هو، روڊ ورن وڪڙن وارو ۽ مُسلسل مٿاهين جي طرف وڃي رهيو آهي، ٻنهي پاسن کان صرف جهنگلات ئي جهنگلات آهن، تقريباً چار پنج ڪلوميٽر جو مفاصلو ويڙهي وڃي اُتي پهتاسين جتي “جهنگل ۾ منگل” لڳو پيو هو، گاڏيون لاتعداد، جنهن ۾ اڪثريت 2D گاڏين جي، پجيرو، لينڊ ڪروزر ۽ ٻيون به کوڙ گاڏيون هيون ۽ ماڻهو نظر ئي نه پيا اچن اسين به وين کي هڪ پاسي بيهاري. روڊ تان هيٺ ٺهيل پيچرو وٺي اُن ماڳ جي ديدار پسڻ ڪارڻ وڃي رهيا هئاسين، جتي سونهن ۽ سُرهاڻ هرسو هئي. اندازن هڪ هزار فوٽن جي بُلندي تي ٺهيل هيءَ تفريح ماڳ جنهن جو درشن ڪرڻ دوران، وڻن ٽڻن مان عشق، پيار ۽ محبت جون صدائون بُلند ٿينديون رهيون، استاد نصرت فتح علي خان جي آواز ۾.


    آجا پرديسي ۽ وکريل وار

    چڱي خاصي ايراضي ۾ صفائي ٿيل ۽ وڻن جي سيٽنگ، ٿڙن کي رنگ لڳل ۽ اُنهن وڻن ۾ جهيڻي روشني، جهيڻي روشني ۽ وڻن جي سنگم ۾ “آجا پرديسي واسطا ئي پيار دا” نصرت جو هاءِ ڪوالٽي جي ڊيڪن تي آواز واهه سڄو ماحول مهڪار سان معطر هو. اسان جي اڳيان اڳيان هڪڙي فيملي هلي رهي هئي، اُنهي ۾ هڪڙي اهڙي صورت هئي، جنهن هڪ ڀيرو وري لاهور جي سوزو پارڪ ٻاهران مليل اُهي وکريل وار ۽ خماريل اکيون ياد ڏياري ڇڏيون. توڻي جو هن کي ڪوبه هار سينگار نه ٿيل هو ۽ ٿيڙ کائيندڙ قدم به نه هئا، پاڻي ۾ پُسيل وار به نه هئا ۽ خماريل اکيون به نه هيون، پوءِ به سڀني ڇوڪرن جي دلين تان ڇُري ڦيريندي وئي. اهڙي موقعي تي هي شعر هوائن ۽ هُڳائن کي ڇُهندو اچي دل تائين پهتو:
    هوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي،
    پرين وار پنهنجا نه کولي گُهمو،
    ڪيڏي سونهن تنهنجي آ نِکري وئي،
    هوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي.
    آخري حصي تي اچون ٿا، جتي سڀ کان مٿي هوٽل ٺهيل آهي، جنهن ۾ ملڪ جا سربراهه ۽ ٻاهران آيل وڏن ماڻهن جي ئي ماني چانهه جو بندوبست ٿيل هو. اسان ته هوٽل جي سيٽنگ ۽ دروازي سان لڳل اهم سياستدانن جون تصويرون ڏسي ئي پويان پير کنيا ۽ اُن جي پاسي ۾ ٿورو هيٺ هڪڙو گول نما ٺهيل پوائنٽ جنهن کي چؤطرف جهنگلو لڳل آهي. هتي بيهي ڏسڻ سان پورو اسلام آباد شهر نظرن سامهون هوندو آهي، واپس ساڳين منظر اکين جي کڄڻ لاءِ منتظر آهن. ساڳين ٿڌڙي هوا جو گهلڻ ۽ کليل وارن جي خوشبوءِ جو وِکرڻ ۽ ماحول کي معطر ڪرڻ، سامهون هوٽل ۾ بئنچن تي جوڙا ويٺل آهن ۽ اڳتي اچون ٿا. ڪاٺ جي ٿلن ٿڙن کي وچان چيري ۽ ٻنهي پاسن کان پٿرن جي ٽيڪ ڏيئي بئنچ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي وڻن ۾ ڇڊا ڇڊا رکيل آهن، جيئن جنهن جي دل چاهي اڪيلائي ۾ ويهي ورونهن ڪري. سڀني منظرن تي آخري نظر گهمائي واپسي لاءِ جو وڌياسين ته اُها ساڳي صورت وري به سامهون اڳيان اڳيان هلي رهي آهي. هاڻي ميراڻي کان ماٺ نه ٿي، تنهن هينڊي ڪيم کي الرٽ ڪيو ۽ اهو سمورو منظر پاڻ وٽ محفوظ ڪري ورتائين.
    اسلام آباد ۾ گهمڻ لائق سڀئي هنڌ گهمي ورتاسين، هاڻي ڪاهه هئي ڪنهن هوٽل طرف ته جيئن پيٽ جو پورائو ڪري سگهون گاڏي واري کي چيوسين ميلوڊي فوڊ هلو.
    مليوڊي فوڊ ۽ مينهن ڪڻيون:
    لاهور ۾ “فوڊ اسٽريٽ” ۽ هتي “ميلوڊي فوڊ” جي نالي سان کاڌي جي بازار آهي.
    ميلوڊي فوڊ، ٻاهران گاڏي اچي بريڪ ڪيو ۽ ان سان حساب ڪتاب چُڪتو ڪري اسين جيئن ئي ميلوڊي فُوڊ طرف مُڙياسين، هلڪي هلڪي بوند پوڻ شروع ٿي وئي. هوٽلن جا سينگاريل لان رنگ به رنگي بلب ۽ پوندڙ هلڪي هلڪي برسات رات جو پهريون پهر، دل ۾ خيال آيو هتي ته ماڻهو پنهنجي محبوبه سان گڏ ئي ٺهي ٿو:
    تنهنجي ياد کي او سائين!
    ڏيئي پنهنجي جِند،
    توکي ساريون ٿا.
    تڙپائيندي آ تو سِوا،
    هاءِ هرڪا مُند،
    توکي ساريون ٿا.
    هر پَل ڀاڪُر منجهه ڀِڪوڙي،
    تنهنجي ياد سُڳند،
    توکي ساريون ٿا.
    نه ڪي ورهاڙي سان. اڳيان هڪڙي هوٽل وٽ سائين انعام جو سؤٽ انتظار ۾ بيٺل هو، جنهن کي شايد سائين فون تي اطلاع ڪيو هو. اُن سان ملياسين، هيلو هاءِ کان پوءِ اسان ڪنهن هوٽل جي لان ۾ ويهڻ لاءِ ڪرسيون پي تلاش ڪيون ته اوچتو زور سان برسات وسڻ شروع ٿي وئي ۽ جيستائين ڪنهن هوٽل ۾ ڪا مناسب ٽيبل ڳوليون تيستائين برسات ۾ پُسي ڀَت ٿي وياسين، پوءِ هڪ هوٽل ۾ اندر وڏي ٽيبل تي چؤطرف ڦري ويٺاسين، جنهن جي جيڪا پسند هئي آرڊر ڏنوسين. گهڻي دير کان پوءِ ٽيبل تي طعام لڳو ۽ مزي سان کائي اُٿياسين، بل ادا ڪري وچان ئي گلي مان واڪ ڪندا نڪري پياسين ڇو ته هتان کان يوٿ هاسٽل ٿوري ئي پنڌ تي هئي. ٻاهر رستي تي نڪتاسين ته ٻه ڇوڪرا گم هئا راشد ۽ شيخ. پوءِ ميراڻي ۽ اسحاق ويا اُنهن جي پويان پر اُنهن کي نه مليا، رستي تي بيهندا وياسين، پر پويان ڪجهه به نه هو، هاڻي سڀني کي پريشاني ٿي ته آخر ويا ڪيڏانهن، سائين انعام وارو سؤٽ چوي ته هلندا هلو اگر ٿوري دير به ڪٿي بيٺا ته پوليس پهچي ويندي ۽ پوءِ پئي اُبتا سُبتا سوال ڪندي. خير اسان کي پوليس جو ته ڊپ نه هو جو يونيورسٽي جا شاگرد هئاسين ۽ يونيورسٽي طرفان ئي هي ٽوئر هو. هاڻي ته گرمي به قهر جي آهي، پگهر اچي سڄا ڪپڙا پُسائڻ لڳو، جڏهن يوٿ هاسٽل جي گيٽ وٽ پهتاسين ته هي ٻئي اسان کان اڳ ۾ ئي سيڙهين تي ويٺا هئا ۽ اسان کي ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳي هئي، پر ڪُڇياسين ڪجهه به نه، اڳيان وڌياسين ته گيٽ کي تالو لڳل هو، چوڪيدار جو پڇيوسين چيائون اندر ويٺو آهي پر در کولي نٿو، چوي ٿو دير ڇو ڪئي اٿوَ اها سزا اٿوَ، خير اسين ته دروازي ڀرسان ديوار تان هڪ هڪ ٿي اُڪري اندر داخل ٿياسين. سائين انعام ٻُڌايو ته اهو چوڪيدار هميشه ايئن ڪندو آهي، جڏهن به ڇوڪرا دير سان پهچندا آهن ته دروازي کي تالو هڻي اندر وڃي سمهي رهندو آهي ۽ دروازو کوليندو ناهي.
    آياسين پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾، اسان جي روم ۾ راشد، سائين انعام آيا سڀاڻي لاءِ پروگرام ٺاهيو، جڏهن گلگت وڃڻ جي ڳالهه نڪتي ته راشد چيو ايڏانهن نه هلنداسين، سڀني ڇوڪرن چيو ته گلگت ته هلبو، باقي جنهن کي ناهي هلڻو سو ٻڌائي ته ڪرايو واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پوءِ همراه چُپ ٿي ويو، ڪچهري ڪري سمهي رهياسين.
    صبح اَٺ وڳي اُٿياسين ۽ تياري ڪئي سين، سامان جي پيڪنگ وغيره ڪري، ٿيلها ڪُلهي ۾ پائي آياسين، پهرين يوٿ هاسٽل ڪينٽين تي، هتي صرف ناشتو تيار ڪيو ويندو آهي، باقي وقتن جي ماني شهر مان کائڻي پوندي آهي. سڀني دوستن گڏجي ناشتو ڪيو ۽ ڪچهري سان گڏ شعر و شاعري به هلندي رهي، لطيفا، کل ڀوڳ ڪندي يوٿ هاسٽل آبپاره چوڪ اسلام آباد کي آخري سلام ڪري ٻاهر اچي AC هاءِ ايس ۾ ويٺاسين، جيڪا اسان کي مري طرف وٺي ويندي.


    مـري

    مـري

    جهُڙالي موسم ۾ اسلام آباد اُڪري اڳتي ٿياسين ته هڪڙو اهڙو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جنهن کي ڏسي اکيون ٿڌيون، چهرا مهڪندڙ ۽ زبان تي سبحان الله جا لفظ اچن ٿا. ڇا ته قدرت واري جا بڻايل رنگ آهن. روڊ جي هڪ طرف ڏس ته حدِ نظر تائين اُوچا پهاڙ جيڪي سبز چادر سان ڍڪيل ۽ قطارن جي صورت ۾ وڏا ڊگها وڻ ۽ روڊ جي ٻي طرف ڏس ته حدِ نظر تائين هيٺ اونهائي ۽ انهيءَ اونهائي ۾ به ساڳيا ئي ڊگها وڻ جن کي ڪي چير جا وڻ چون، ڪي پائن ڪوئين جا وڻ چون. اهڙن منظرن کي اکيون ڇُهن ۽ دل کي ڪو دل گهريو ياد نه پوي سو ته ممڪن ئي ناهي، “خواب ۾ يا جاڳ ۾، جيڏانهن وڃون تون ئي تون” واري ڪار آهي. اهڙن منظرن جي وچان ور وڪڙ رستي تان وين جو تيز گذرڻ به عجيب آهي ۽ اهڙي رستي جي موڙن ۾ وري فروٽ جا اُوپن (کُليل) دُڪان جتي هر قسم جو ۽ تازو فروٽ ملي ۽ ٿوري ٿوري سفر تي پٺاڻن جا ٺهيل ڪپڙي جا اسٽال، اسٽال ايئن جيئن ڌوٻي ڪپڙا ڌوئي ڊگهي ڏور تي سڪائيندا آهن ايئن ڊگهي ڏور (رسي) تي چمٽن سان لڳل / ٽنگيل اهي ڪپڙا جن ۾ گهڻائي ته صرف شالن جي هئي، هنن شالن کي پشمينا شال چيو وڃي ٿو ۽ هيءَ ڪشميري شال جي سُڃاڻپ سان مشهور آهن.


    ڳاڙها سندن ڳل

    هاڻي اسين اُن وادي ۾ پهتا آهيون، جيڪا خواب جهڙي لڳي ٿي، پهرين جيڪي منظر اکيون ڇُهن ٿيون، ڀريل ۽ شيتل بدن، ٽماٽن جيان ڳاڙهيون ۽ سفيد چهرن تي ڪارا چشما پاتل ٽولين جي صورت ۾ خوبصورت عورتون ڏسي سمجهه ۾ اچڻ آسان هو ته اسان جا سنڌي وڏيرا، ايم پي ايز، ايم اين ايز جن کي تازي هوا کائڻ جي خواهش/ عياشي جي آتش اُڀرندي آهي ته مري طرف ڪوچ ڇو ڪندا آهن ۽ اهي سياستدان جيڪي مخالف ڌر ۾ هوندا آهن ۽ سياسي چڪر ۾ سندن رستا سوڙها ڪيل هوندا آهن ته اُهي به فرار ٿي هتي اچي ڪئمپون قائم ڇو ڪندا آهن.
    ڦيريدار ۽ مُسلسل مٿي چڙهندڙ رستي تان چڙهندي ٻنهي طرفن کان ڏسندي اڳتي وڌندا رهون ٿا، اڳيان هڪ هنڌ اهڙو اچي ٿو جتي ماڻهن جي ڪلهي گس لڳي پئي آهي، “سائين انعام هاڻ ڄڻ حيدرآباد واري ريشم گلي مان گذري رهيا آهيون، مون چيو، ٿورو اڳتي وري ڇت سان ڍڪيل بازار ڄڻ انڊر گراؤنڊ بازار هجي جيڪڏهن رش ۾ بجلي هلي وڃي ته هتي ته وڏو قهر ٿي سگهي ٿو. اڳيان وري به کُليل آسمان، آسمان تي هلندڙ ڪڪر ۽ وسندڙ ڪڪر پرينءَ جي کُليل وارن جو احساس ڏياري رهيا آهن.
    ڪَڪر ويندا وري واپس،
    ڇڏ نه وار تون ڇوڙي،
    مِٺا هي مُند بارش جي.
    بادل کي جيئن ڀٽون سارين،
    ڪريان ٿو ياد ايئن توکي،
    مِٺا هي مُند بارش جي.
    8 هزار فوٽ جي بُلندي تي اڏيل هي آشيانو جتي گهلندڙ تازي هوا کي ڏسندي اِهو محسوس ٿئي ٿو ته هتي سڀ کان وڌيڪ وقت ماڻهن جو محبتون ڪندي گذرندو هوندو، شاهه بلوط ۽ سُنبل جا وڏا وڻ ۽ جتي به ٿورو ڪو ٽڪرو خالي ته اُتي رنگ به رنگي گلن سان سجايل خوبصورت پارڪ، پکين جون سهڻيون لاتيون، آبشارن جو وَهڻ، ڇا هيءَ زميني جنت ناهي ۽ جنت لاءِ ٻُڌو آهي ته “اُتي نه ڪو ڪم نه ڪار ۽ موتين جهڙيون خوبصورت حورون جن کي نه ڪنهن جن، نه ڪنهن فرشتي ڇُهيو هوندو ۽ وهندڙ نديون، جهرڻا، آبشار، جيڪا به قدرتي خلقيل ميوات سوچيو ۽ اوهان جي سامهون هُجي ۽ اُتي صرف ۽ صرف محبتون ئي هونديون، اکين ۾ اکيون هونديون، نه بُک جو احساس نه پاڻي جي پياس” تڏهن ئي ته اها جنت ٿي سڏجي.
    مُسلسل تنهائي جي ڀاڪر ۾ رهندي، ڀريا پير زندگي جڏهن خودڪشي ڏي،
    ٻانهون پکيڙي تو روڪيو هو مونکي، جنت، جي مليو ڄڻ نظارن جو ساٿ.
    جڏهن عاشق کي صرف پنهنجي محبوبه جي کُليل ٻانهن جي دائري اندر ئي جنت جو احساس ٿئي ٿو ته پوءِ ڀَلا هنن حقيقي منظرن ۾ محبتون پروان نه چڙهنديون هونديون ته ٻيو ڀلا ڇا هوندو.


    سڀئي مهينا بهار جا

    1849ع جڏهن انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو هو، تڏهن هيءَ مشهور هِل اسٽيشن هوندي هئي ۽ انگريزن جي جنرل ڪمانڊنگ آفيسر پنهنجو گهر به هتي ئي ٺاهيو، گرمين ۾ برطانيه جون فوجون پُڻ هتي اچي بسيرو ڪنديون هيون. ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري کان سواءِ سڀئي مهينا هتي بهار جا هوندا آهن. آزادي کان وٺي هاڻي تائين هي پاڪستان جي سڀ کان خوبصورت هِل اسٽيشن آهي.
    بازار جو دنگ نه آيو ۽ اسين ٿَڪي پياسين، وري واپسيءَ جو ئي سوچيوسين، واپسي ۾ ڪجهه دوستن ٻارڙن لاءِ ڪپڙا ۽ ڪُجهه دوستن شالون خريد ڪيون، هاڻي اسان کي واپس وين تي پُهچڻو هو ۽ ساڳين رستي تان به نه ٿي وڃڻ چاهيوسين، پُڇا ڪئي ته اسٽاپ تائين وچان ڪٽ ڪري سگهجي ٿي، رستو هيٺائين طرف لهندڙ هو. اسٽاپ تي پُهتاسين، راشد هتي به رهجي ويو ۽ انتظار جون ڪجهه گهڙيون ڪٽڻيون پيون. تيستائين مون دوربين کنئي ۽ رهجي ويل پري جي منظرن کي ويجهو ڪري ڏسندو رهيس. نيٺ آخرڪار نه چاهيندي به مري جي منظرن کي الوداع ڪرڻو ئي پيو.
    وري به ساڳيا ئي منظر، ساڳي ئي برسات جو اوچتو وسي پوڻ، هتي اها ئي ته سڀ کان مُنفرد ڳالهه آهي جو چون ٿا هر ڪلاڪ ٻي ڪلاڪ ايئن ڪڪر وسي هليا ويندا آهن، تڏهن ئي ته وڻ ٽڻ گاهه، ٻوٽا سڀ ڌوتل پوتل، اُجرا اُجرا لڳن ٿا، ٻي خاص ڳالهه ته هن وادي ۾ ڪي به صنعتون، ڪي به ڪارخانا ناهن جن مان زهريلي گيس نڪري يا دونهن ماحول کي خراب ڪري، اها ڳالهه خيال ۾ به ناهي ۽ ٻيو ته هر ٻي ڪلاڪ برسات جو وسڻ ڀلا زميني مٽي يا لَٽ کي رهڻ ڏيندي.


    ڀوربن

    انتهائي رومانٽڪ پوائنٽ تي اچي پهتاسين، هن کي PC ڀوربن چون ٿا، ڀوربن جي مشهور جڳهه صرف اها ئي آهي. PC جنهن ۾ داخل ٿيڻ جا ٻه سؤ روپيه ٽڪيٽ پي ورتي وئي. هتي پُڻ وزير ۽ ڪامورا ئي عياشيون ڪرڻ ايندا هوندا ۽ ٻيا سيٺ جيڪي شادي کان پوءِ “هني مون” لاءِ نڪرندا آهن، اُهي هتي ضرور رهندا آهن، چون ٿا PC ۾ ست کان پندرهن هزار تائين جي رهائش آهي، اهڙي مهانگي رهائش ڀلا اسان جهڙا مولائي ماڻهو ڪٿي ٿا برداشت ڪري سگهن. PC جي سامهون يوٿ هاسٽل ٺهيل آهي، جتي عجيب سحر ڇانيل آهي، وڏا پهاڙ ۽ وڏا سڌا وڻ، ڄڻ ته اسين هي سڀ منظر ڪنهن خوبصورت فلم ۾ ڏسي رهيا آهيون، اعتبار ئي نه پيو اچي ته اسين هنن منظرن ۾ به گهمي سگهون پيا، قدرت جا ڪهڙا ڪهڙا رنگ رچايل آهن. يوٿ هاسٽل جي لان ۾ ڪجهه دير ويٺاسين ۽ دل چاهيو ته ويٺا ئي رهون ۽ رهڻ جو پُڻ سوچيو هو، پر يوٿ هاسٽل بند پئي هئي، چوڪيدار يا هاسٽل انچارج پُڇا ڪرڻ تي به نه ملي سگهيو ۽ پوءِ بس ڪجهه يادگار تصويرون ئي ڪڍي سگهياسين ۽ ايئن هنن منظرن کان به موڪلايوسين. هلڪي هلڪي برسات وري به وَسڻ شروع ڪيو، مري کي جڏهن ويجهو پهتا هئاسين تڏهن ئي ڊرائيور کي چيوسين استاد AC بند ڪر اسين دريون کولي قدرتي AC جو مزو ٿا وٺون، سو AC اڃان تائين بند آهي ۽ هن قدرت جي تازي ۽ خوشبوءِ هاڻِي هوا جو لطف ماڻي رهيا آهيون، ڀلا ههڙن منظرن ۾ به گاڏي جا شيشا بند رکي AC هلائي وڃي ته اهڙو بدذوق ماڻهو ٻيو ڪهڙو ٿيندو!


    ايـوبـيـه گلي

    ايـوبـيـه گلي

    رستي ۾ هڪڙو ننڍڙو شهر ڪراس ڪريون ٿا جنهن کي “بايان” چيو پي ويو، هي شهر صوبي پنجاب ۽ صوبي سرحد جي سرحد تي آهي. شهر جو هڪ حصو صوبي پنجاب ۾ ته ٻيو حصو صوبي سرحد ۾ آهي، هاڻي اسان پنجاب کي پوئتي ڇڏي، سرحد جي سرحد تي پير پاتا اٿئون، ڪجهه سفر اڳتي هلي پوءِ گلين جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جهينگا گلي، چانگيه گلي، نشيلا گلي، هتان صرف گذر ٿئي ٿو ۽ رستي هلندي ئي نظاره ڪندا ٿا هلون، اسان جي منزل اڃان اڳيان ايوبيه گلي هئي ۽ آخرڪار ايوبيه گلي تائين به پهچي وياسين. هي ننڍڙو شهر به هزارين فوٽ اوچائي تي آباد آهي، دڪان يا هوٽلون ڪي خاص قسم جون ته ناهن، پر ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا هوٽل چڱي به نظر آئي، سڀني دوستن جو رايو هو ته پهرين ماني کائجي پوءِ گهمجي. جيئن ئي گاڏي ڪنهن سائيڊ تي پارڪ ڪئي سين ته چؤڌاري پٺاڻ ورئي ويا، جن جي هٿن ۾ ٿالها هئا. جيڪي هوٽلن جا بيرا هئا، ڪو چوي “سر ادهر آءُ، تازه کهانا مليگا”، هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي هوٽل جي تعريف پيو ٻڌائي، هڪڙي پٺاڻ کان ڀاڄين ۽ انهن جي اگهه بابت پڇون ٿا، پر خاص ڳالهه اِها ته انهيءَ بيري گاڏي تي نظر رکڻ جي ذميواري قبولي هئي، تنهنڪري انهيءَ جي ئي هوٽل ۾ وڃڻو پيو. اسين هوٽل اندر نه ويٺاسين، ٻاهرين پاسي کُليل اڱڻ ۾ ٽيبلون لڳرائي اُتي ويٺاسين ۽ قدرتي نظارا به ڪندا رهياسين، هي وڻ جيڪي چيڙ يا پائن ڪوئن جا آهن اُنهن بابت سوچيون پيا ۽ حيران آهيون. انتهائي هيٺ اونهائي کان شروع ٿي ۽ اسان کان به مٿي الائي مٿي اُڀا نظر اچن پيا، ڪيترائي سوين فوٽ اوچائي رکن ٿا. هي وڻ انتهائي سڌي قد جا مالڪ آهن. سامهون واري هوٽل بلڪ هن ئي هوٽل جو حصو هو، جنهن تي ڇپرو اڏيل هو، جنهن ۾ فيملي وارا ماني کائي رهيا هئا. هتي الڳ يا “پردي کا خاص انتظام” اهڙو ڪجهه به ناهي، اسان جي ٽيبل جي سامهون ئي هڪ عورت ٻه مرد جيڪي پٺاڻ ئي آهن، ٽيبل لڳرائي ويهن ٿا، عورت لڳي ته عمر جي پڪي پئي پر شايد شادي هاڻي ٿي هئي جو چهري تي حيا جي لالائي چٽي نظر اچي رهي هئي ۽ چاندي تن تي ڳاڙهو لباس پاتل هوس، جيڪو پڻ شاهد بنيو بيٺو آهي ته ها هيءَ نئين ڪنوار آهي. نوجوان جيڪو پڻ قد بت ۾ عورت کان هلڪو هو، اهو گهوٽ پيو لڳي، باقي ڏاڙهي سان همراه پوڙهو انهن مان ڪنهن به هڪ جو پيءُ ۽ ٻي جو سهرو لڳي رهيو هو. خير ماني ته سُٺي هئي، کائي اُٿياسين، اُهي به ٽيئي گڏجي اُٿيا. ٻاهر واش روم تي مرد عورتون صفا گڏ گڏ بيٺا آهن واري جي انتظار ۾. اسان جو به وارو آيو هٿ ڌوئي بل ادا ڪري ۽ ڊرائيور کي سامان جي پارت ڪري اڳتي نڪتاسين، ايوبيه گلي پوائنٽ تي وڏي پيهه لڳي پئي هئي. انتهائي خوبصورت رنگ ۽ جوانيون جهومندي نظر آيون. سامهون ئي سيڙهين تي ٽي سهيليون بي هجاب ويٺيون ڪچهري ۾ مست، کلنديون ۽ تاڙا ملائينديون رهيون. اسان به آس پاس چڪر ڏيئي ۽ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ لائن ۾ بيٺاسين. وڏي لائين هئي چيئرلفٽ تي وڃڻ لاءِ 70 روپيه وڏو ماڻهو، 40 روپيه ننڍو ٻار، اسان مان صرف ضياءَ ۽ راشد نه هليا، باقي سڀني دوستن ٽڪيٽون ورتيون. ضياءَ جو ته شوق نه هو، باقي راشد چوي مون کي ڊپ ٿو ٿئي، جيڪو اسان سڀني کان ٿلهو متارو هو. دوستن چرچا به ڪَيَسَ پر نه هليو. چيئرلفٽ جيڪا بجلي تي هلي رهي هئي، ٻه ڪُرسيون هيون لوهه جون ٺهيل مٿان کان ڍڪ وريل، جيئن ويسپا رڪشه جي ڇت ٿئي ٿي ايئن ۽ اڳيان گوڏن وٽان آڏ هئي، جيڪا چيئرلفٽ جي هيٺ اچڻ سان مٿي ٿئي ٿي ۽ جيئن ئي ماڻهو ٽپ ڏيئي ويهي ٿو ته اچي گوڏن مٿان ڪري ٿي هيٺ پير رکڻ لاءِ پُڻ پائيدان ٺهيل آهن. چيئرلفٽ کي بريڪ وغيره ناهي. ڊوڙي لهبو ۽ ڊوڙي چڙهبو آهي، مونکي ته حيرت تڏهن پي ٿي جڏهن انتهائي ٿلهيون مايون ڪن جي ته هنج ۾ ننڍڙا ٻارڙا به هئا، اُهي به ڊوڙي لهي ۽ چڙهي رهيون هيون. اسين به اسٽاپ تي جيڪا مخصوص دِڪي ٺهيل آهي، تنهن تي بيٺاسين. پوري بيلينس ۾ بيهڻو پوندو آهي، جيئن ئي چيئرلفٽ ايندي آهي انهيءَ ۾ ويهڻ آسان هوندو آهي. آئون ۽ سائين انعام چيئرلفٽ ۾ ويٺاسين، جيئن جهاز زمين تان آهستي آهستي مٿاهين طرف ويندو آهي، بلڪل ايئن اسين مسلسل مٿاهينءَ طرف وڃي رهيا آهيون.


    سدائين پيار جي پنڌ ۾

    رستي ۾ سوچيوسين ڇو نه سامهون ايندڙ لفٽ وارن سان مذاق ڪجي جو ٿوري فاصلي تي هڪٻئي جي سامهون گذر ٿيندو آهي، سامهون واري لفٽ ۾ ٻه خوبصورت جوانڙيون وڏا وڏا ٽهڪ ڏينديون ۽ ماحول مان مزو وٺنديون رهيون. انعام کي چيم موقعو آهي سندس مٿي ۾ پاتل گلن واري ٽوپي کين اُڇلائي ڏيون. اسان اشاري ۾ ڏيڻ جو چيو، هنن به ٻئي هٿ پکيڙي ڄڻ ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ٻانهون کوليون هُجن، جيئن ئي گل اُڇلياسين ته هنن جي هٿن تائين پهچڻ کان پهرين ئي هيٺ هزارين فوٽ هيٺ وڃي ڪريا، جو اسين زمين کان هزارين فوٽ اوچائي تي ڪڪرن کان مٿانهان گذري رهيا هئاسين.
    جڏهن آئون ننڍو هوس تڏهن اها ڳالهه ٻُڌي هُيم ته پاڪستان جا ڪجهه علائقا اهڙا آهن جتي جا پهاڙ ڪڪرن کي ٽوڙي مينهن وسائن ٿا ۽ انهن ڪڪرن ۾ ماڻهو گهمي ڦري سگهي ٿو، تڏهن ڏاڍي حيراني ٿيندي هئي، تعجب وٺي ويندو هو ته ايترو بلند اوچائي تي انسان ڪيئن ٿو وڃي سگهي ۽ خوف به نٿو ٿئي، پر اڄ جڏهن سڀ ڪجهه سامهون هو، انهن منظرن، ڪڪرن ۾ هلي گهمي اُنهن کي ڇُهي رهيو هئس ته ايتري حيراني نه هئي، جيڪا ٻُڌڻ سان ٿيندي هئي. بلڪِ هتي حيراني ته ٺهيو پر خوشي جي ڪا حد ئي نه هئي. قدرت جا عجيب رنگ ۽ اُنهن جي تعريف ئي ڪندا رهياسين. ڏهن منٽن جي مختصر سفر کان پوءِ اسان جي آخري اسٽيشن اچي وئي، جتي پُڻ لفٽ مان ڊوڙي لٿاسين، هي سڀني پهاڙين کان مٿاهين پهاڙي جي چوٽي آهي، جتي اسين بيٺا آهيون، هتي ڪڪر اسان جي بدن کي ڇُهي رهيا آهن ۽ ٿڌڪار جو احساس ڏياري رهيا آهن، ڄڻ پرينءَ جا پُسيل وار مٿان مَهڪي رهيا آهن.

    ڇتا تو هئا ڇَڏيا ڇوڙي، ڀنل هو بُت بارش ۾،
    گهڙيون سي ياد هن آيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.


    مڪئي جا سنگ ۽ سِليماني چانهه

    هتي به برگر فيملي جي عورتن سڀني کي پوئتي پي ڪري ڇڏيو، جو گهوڙن تي گهوڙي سواري پيون ڪن، هتي خاص شيءِ اها آهي ته گهوڙن تي ويهڻ ۽ گهوڙي جو تيز ڊوڙڻ پهاڙي تي هيٺ مٿي چڙهڻ ۽ اُنهن نوخيز نخريلين جا نخيريلا رڙين نما آواز ڀلا ڪير نه متوجه ٿيندو اهڙن منظرن ڏي. انهن منظرن کان سواءِ ٻيا قدرت جا شاهڪار منظر چارسو نظر اچي رهيا هئا.
    اسين هاڻي وري به واپسيءَ لاءِ قطار ۾ بيٺاسين جو سج تيزي سان رات جي هنج ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ ڌُنڌ وڌيڪ ڇائنجي رهي آهي. سوچيوسين ايئن نه ٿئي جو برسات اچي ۽ هتي پهاڙي تي ئي ڦاسي پئون، هتي ٿڌ ۽ سيءُ به واهه جو آهي. ڪمزور ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سوڙها سوڙها ٿيندي نظر آيا. کانئڻ لاءِ مڪئي جا سنگ ۽ سليماني چانهه پيئڻ لاءِ ورتي سين. وارو آيو ويٺاسين پر هاڻي واپسي ۾ ڪوبه منظر واضح نه هو، نه هيٺ نه مٿي، نه ئي پاسي مان گذرندڙ لفٽ کي ڏسي پيو سگهجي، صرف ڪڪر ئي ڪڪر، ڌُنڌ ئي ڌُنڌ. ڪو ڪمزور دل وارو شايد ئي دل جهلي ۽ اکيون کولي هي سڀ ڪجهه ڏسي سگهي. هاڻي جن وٽ ننڍيون لائٽون، “ليزر لائيٽون” هيون اُهي ٻاريندا ۽ چرچا ڪندا گذرندا رهيا، اسان به هڪ ٻه چرچا سامهون ايندڙن سان ڪياسين، هنن اسان ڏي لائيٽ ٿي ڪئي. وري به ساڳيو سفر ڏهن مِنٽن، جو ۽ ساڳي ئي سرزمين تي پير پاتاسين، جتان کان مٿي ويا هئاسين، هاڻي سج لهي چُڪو هو ۽ واپسي لاءِ وين طرف ئي آياسين. هاڻي اسان جي منزل ايبٽ آباد آهي. هاءِ ايس وارو ساڳين ورن وڪڙن ۽ لاهين چاڙهين واري رستي تان تيز گذري رهيو آهي. گاڏي تمام ٽائيٽ پي لڳي، جو ڪا اڀري سڀري گاڏي هجي ها ته يقيناً ڪٿي رستي ۾ هڪ ٻه ڀيرو خوار ضرور ڪري ها، پر هن گاڏي کي پرواهه ئي نه هئي. هاڻي رات ٿي وڃڻ ڪري سمورا منظر اونداهه ۾ ٻُڏي چُڪا هئا. ڪُجهه ڪُجهه فاصلي کان پوءِ روشنيون پيون نظر اچن. جنهن مان محسوس پيا ڪريون ته ڪنهن شهر مان گذري رهيا آهيون، اڪثر دوست ته سمهي ئي رهيا، وري به هڪ ڀيرو برسات اسان تي پيار جا هٿڙا ڦيرائي گذري وڃي ٿي ۽ تقريباً يارهن ٿي چُڪا آهن.


    ايـبـٽ آبـاد

    ايـبـٽ آبـاد

    ايبٽ آباد پهچي پهرين يوٿ هاسٽل تي هلڻ لاءِ چئون ٿا، ڊرائيور روڊ جي پاسي کان لڳل بورڊ پڙهندو هلي ٿو، هڪڙي ننڍڙي بورڊ جي ڀرسان گاڏي بريڪ ڪري ٿي. بورڊ پڙهي ۽ تير جي اشاري سان اندر گلي ۾ گاڏي هلڻ لڳي ٿي، هي گلي ڪچي آهي ۽ هن پاسي شايد هاڻي نئين آبادي آهي. ٺهيل ته وڏا وڏا ۽ خوبصورت بنگلا آهن، پر سڀ هاڻي ئي آباد ٿيل محسوس ٿين ٿا. ڪجهه بنگلا ڪراس ڪري هڪڙي بنگلي جي سامهون اچي بيهون ٿا. جيڪو يوٿ هاسٽل جو آهي. بيل وڄايون ٿا ته چوڪيدار دروازو کولي ٿو، ڄڻ اسان جي اچڻ جو کيس انتظار هو بغير تعارف وغيره پُڇڻ جي وڏو دروازو کولي گاڏي کي اندر اچڻ لاءِ اشارو ڪري ٿو، بوند اڃان به وسي رهي آهي، سڀني پنهنجو پنهنجو سامان سنڀالي کنيو. اچي ڪمرن ۾ ڀيڙا ٿياسين، چار چار بيڊ هر هڪ ڪمري ۾ هئا. ڪمرن جي سامهون ڊرائنگ روم نما هال هو، سنئون سڌو بنگلو ئي هو، ايئن کڻي چئجي ته بنگلي ۾ هاسٽل هو، بهرحال اسلام آباد کان وڌيڪ خوبصورت هاسٽل آهي. سامان رکي وري به تڪڙو نڪتاسين، گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، ماني کائڻ لاءِ هڪڙي هوٽل تي ويٺاسين، ماني گهرائي ويئي. مون ماني نه کاڌي جو ايوبيه گلي تي ماني کاڌي هئي. باقي قدرت جا منظر ڏسي بُک جو احساس ئي ختم ٿي ويو. سائين کي چيم “سر آئون صرف بوتل پيئندس” ۽ اندر وڃي ويٺس موبائيل به چارج تي لڳايم اڃان آن ئي مَس ڪيم تيستائين “هر جاءِ پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي” بيل وڄڻ شروع ٿيو، ادا منظور هو، حال احوال ورتائين چيائين ڏينهن جو سڄو ڏينهن فون نه پي لڳي؟ چيم سڄو ڏينهن پهاڙي سلسلو هو جتي موبائيل ويچارو ڪم ڪرڻ کان لاچار هو. خير حال احوال ٿيا، چيائين ڪتابن وارا هاڻي اچي وريا آهن، سڀ چوَن ٿا اسان کي جلدي ڪتاب کپن، پر خير آهي، تون خير سان گهمي اچ پوءِ پيا ڪتابن وارن کي مُنهن ڏينداسين. مون وري گهر فون ڪري پرينءَ کان احوال ورتم ۽ حال ڏنم، سندس هر بار جيان اهو ئي سوال ته واپس ڪڏهن ايندين، ڀلي ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا فون ڪريان پر آخر ۾ اهو ضرور پُڇندي آهي ته واپس ڪڏهن ايندين.
    هڪڙن دوستن جو خيال هو ته شهر جو چڪر لڳائجي، ٻين دوستن جو خيال هو ته ٿڪجي پيا آهيون آرام ڪجي، اڃان سڀاڻي وڏو سفر ڪرڻو آهي، پوءِ سڀني جي راءِ سان واپس هاسٽل تي ئي اچڻو پيو. سڀئي فريش ٿيا، هتي هڪڙو مزو هو ته ٻن ٻن ڪمرن جي وچ ۾ اٽيچ باٿ روم ساڳيون هو. هاڻي جي اسين وڃون باٿ روم ۾ ته هنن وٽان دروازو اندران بند ڪريون، جڏهن هنن کي ضرورت پوي ته پوءِ اسان جي ڪمري ۾ اچي پوءِ باٿ ۾ داخل ٿين وري سندن ڪمري ۾ نڪري وڃن ۽ اسان وٽان دروازو بند. ڏاڍو مزو لڳو پيو هو، چار چار ڇوڪرا هر روم ۾ ٽوٽل اٺ ٿياسين ۽ اٺن جي وهنجڻ تائين اها راند هلندي رهي.
    هتي به پاڻي انتهائي صاف ۽ ٿڌو هو چوڪيدار کان پُڇڻ تي ٻُڌايائين ته هي پاڻي قدرتي چشمن جو آهي، دل ۾ سوچيوسين واهه مولا تنهنجا رنگ ڪٿي آيا آهيون، جتي وهنجڻ لاءِ به چشمن جو پاڻي نصيب آهي، سبحان الله ۽ هڪ پاسي ٿر ٿو ياد اچي جتي هٿ مُنهن ڌوئڻ کان به لهرائيندا آهيون، جتي انتهائي ڪڙو (کارو) پاڻي جيڪو اکين تي هڻ ته ڄڻ مرچ اکين ۾ پئجي وڃن ٿا. اُتي به ماڻهون رهن ٿا ۽ خوش رهن ٿا. سڀ رنگ اُن رنگي جا آهن جنهن سموري ڪائنات جا ايئن الڳ الڳ رنگ رکيا آهن.
    صبح جو اٺين وڳي تائين سڀئي ڇوڪرا اُٿي تيار ٿي وڃن ٿا. ايبٽ آباد جو هي صبح به ڄڻ سياري جو صبح پئي محسوس ٿيو. هاسٽل جي اڱڻ ۾ نڪرون ٿا ۽ نظرن سان ٽڪرائجن ٿا سبز پوش اوچا پهاڙ. چؤطرف اهو پهاڙن جو سلسلو يڪسان نظر اچي ٿو ۽ محسوس ٿئي ٿو ته ايبٽ آباد ڪو ننڍو شهر آهي پر ايئن ناهي، هي شهر تقريباً 2659 ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل ۽ صوبي سرحد جو ٻيو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، هزاره ڊويزن جي پهرين ڪمشنر “ميجر جنرل جيمس ايبٽ” جي نالي پويان 1853ع ۾ “ايبٽ آباد” سڏيو ويو. هي شهر سامونڊي سطح کان 4120 فوٽن جي اوچائي تي ٻُڌايو وڃي ٿو.
    ايبٽ آباد کي اُن جي زيرانتظام ڏورانهن علائقن، ننڍن رستن ذريعي ملايو ويو آهي، هن جي اُتر ۾ ميرپور منڊيان، اوڀر ۾ ڪوهه شيخ الباندي، ڏکڻ ۾ سهلڊ ۽ اولهه ۾ ڪوهه حبيب جا ڳوٺ آباد آهن. سبز پهارن جي هنج ۾ آباد هن شهر جي موسم چون ٿا ٻارهن ئي مهينا بهار جهڙي رهي ٿي، پر سياح وڌ ۾ وڌ جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ اچن ٿا، باقي برف ڏسڻ جا ۽ انجواءِ ڪرڻ وارا شوقين سياح جنوري ۽ فيبروري ۾ پُڻ هن طرف رُخ رکن ٿا. هتي جا مشهور تعليمي ادارا مليٽري اڪيڊمي، آرمي برن هال ڪاليج ۽ ايبٽ آباد پبلڪ اسڪول نمايان آهن. پنجاب جي شهر ’حسن ابدال‘ کان نڪرندڙ شاهراه تي حسن ابدال کان 70 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ايبٽ آباد آهي، حسن ابدال کان ايبٽ آباد ويندڙ ريلوي جي آخري اسٽيشن حويليان آهي، جيڪا ايبٽ آباد کان تقريباً 16 ڪلوميٽر ٻاهر آهي، ايبٽ آباد مان نڪرندڙ شاهراه ريشم جيڪا قراقرم جابلو سلسلي کان ٿيندي چين جي سرحد تي خنجراب تائين پهچائي ٿي ۽ شاهراه ريشم ذريعي مانسره کان ڳڙهي حبيب الله ۽ اُتان کان مظفر آباد (آزاد ڪشمير) وڃي سگهجي ٿو. بالاڪوٽ ۽ خواب جهڙي وادي ڪاغان وڃڻ لاءِ پُڻ هتان ئي رستا نڪرن ٿا، ايبٽ آباد ۾ اڪثريت واريون ذاتيون تنولي، اعواڻ، ڪڙلال، جدون ۽ عباسي آهن.
    چوڪيدار کي سويري ناشتي لاءِ روانو ڪيو هو، هو ناشتو وٺي آيو، جيڪو هال ۾ ويهي گڏجي ڪيوسين. هاڻي سر انعام چيو صرف ڪلاڪ اڃان آهي، اگر ڪنهن کي شهر مان چڪر لڳائڻو آهي ته ڪلاڪ اندر ئي موٽي اچي. سڀ ڇوڪرا الڳ الڳ روانا ٿيا، مون اسحاق کي چيو هل ته پاڻ به شهر جو سير ڪري اچون. اسحاق کي شيوَ ڪرائڻي هئي ۽ مون ڪيمره جا سيل وٺڻ پي چاهيا، ٻاهر روڊ تي پهتاسين، آياسين بازار جي طرف پر ويجهو ئي ٻئي ڪم ٿي ويا، يعني نائي جو دڪان ۽ جنرل اسٽور ٻئي هڪٻئي جي سامهون هئا، اسحاق شيوَ ڪرائي ۽ مون ڪيمره ۾ سيل لڳرايا. آئون به اچي ويٺس. نائي جو دوڪان ڏاڍو خوبصورت هو، سيٽنگ وغيره ۽ رنگين ٽي وي رکيل هئي، جنهن تي ڪيبل هلي رهيو هو. ايبٽ آباد ۾ گهمڻ جي لاءِ ته هڪڙي ئي پوائنٽ مشهور آهي، شمله پهاڙي، پر شيڊول مطابق هن وقت اُتي نٿا وڃي سگهون، ڇو جو ڪلاڪ اندر واپس هاسٽل تي پهچڻو آهي. ويجهو ئي اسٽاپ جي ڀرسان اچون ٿا.
    ايوب هاسپيٽل ائنڊ ڪامپليڪس آهي جيڪو انتهائي وڻندڙ ۽ خوبصورت نظارو آهي، اندر اچون ٿا ۽ سائي ڇٻر سان سينگاريل خوبصورت لان ۾ مختلف گلن جي ڀرسان ويهي فوٽو گرافي ڪيون ٿا ۽ هي حسين منظر پاڻ وٽ محفوظ ڪريون ٿا. ايوب ڪامپليڪس جي دروازي وٽ ئي اخباري اسٽال هو، جنهن تان پُڇا ڪريان ٿو هتي جي لوڪل مشهور اخبار، “آج” ٻُڌائي وڃي ٿي. رنگين اخبار قيمت ٽي روپيه، وٺان ٿو۽ سرسري نظر اُن جو مطالعو ڪريان ٿو.


    فوج ۾ ڀرتي ٿيو آهيان

    واپس اچون ٿا هاسٽل، دوست سڀ گڏ ٿين ٿا ۽ نڪرڻ جي تياري ڪريون ٿا، سڀني پنهنجا پنهنجا سامان سهيڙيا ۽ ٿيلها ڪُلهن ۾ پاتا چوڪيدار کان موڪلايوسين، آياسين ٻاهر. راشد، اعجاز ۽ ميراڻي کي موڪليوسين ته وڃي وين واري سان ڳالهائي وٺي اچن. جيستائين وين اچي، مون وقت مان فائدو وٺندي موبائيل کيسي مان ڪڍيم ۽ سڀني دوستن جا نمبر ملايم لطيف، محمود، الهه بخش، خالد، حڪيم، ياسين، قاسم، حاجي ۽ ڪجهه ٻيا دوست به جن مان صرف هڪڙي حاجي سان رابطو ٿيو، حاجي رينجرس ۾ ڪراچي ۾ ڊيوٽي تي آهي، پُڇئين ڪٿي آهين؟ چيم ايبٽ آباد، اعتبار نه پيو ڪري، پوءِ چيم فوج ۾ ڀرتي ٿيو آهيان. مون کي ذهن ۾ هو ته اسان جي ڳوٺ کان جيڪي به ڇوڪرا فوج ۾ ڀرتي ٿي ايندا آهن، جڏهن ٽن مهينن کان پوءِ موٽي ايندا آهن پُڇندا آهيون ڪٿي آهيو هن وقت، چوندا آهن ايبٽ آباد ۾ ٽريننگ پيا ڪريون. اِها ڳالهه ذهن ۾ آڻي چيم ته اعتبار اچي ويس، چيائين ڪيئن اوچتو فوج ۾ وئين؟ رينڪ ڪهڙي، سپاهي، حوالدار، ڪلرڪ يا ڇا؟ چيم اِها اڃان مونکي به خبر ڪانه پئي آهي، پوءِ ٻُڌائيندو سائين ايئن چئي پوءِ جلد ئي ٻُڌايومانس ته گهمڻ جي سلسلي ۾ آيل آهيان، پوءِ کلي پيو.
    وين آئي، ويٺاسين مون دري واري پاسان ويهڻ چاهيو. پر اُتان وري ڪنڊيڪٽر ويٺو، خير چيم ٺيڪ آهي جي ويٺو آهي ته فائدو به وٺندو مانس. گائيڊ بنائيندومانس، ٿيلها سڀ مٿي ٻڌاسين ۽ سڀئي ڇوڪرا ويٺا، ايبٽ آباد کي به الوداع ڪيوسين. هاڻي اسان جي آخري منزل ناران آهي، جتان گهمي پوءِ وري به واپس موٽڻو آهي، مانسره تائين. وين اڳتي رواني ٿئي ٿي، اڳيان فوجي ڇانوڻي اچي ٿي، جتي پُڻ منظر ڏاڍا خوبصورت هئا، چيم سر هي شهر ته خوبصورت پيو لڳي پر افسوس جو گهمي نه سگهياسين، ڪجهه گهڙين گذرڻ کان پوءِ ايبٽ آباد جي سرحد اُڪري اڳتي روانه ٿياسين.


    سرڪاري ملڪيت ۽ ميرواهه جا وڻ

    هاڻي وين ڪنڊيڪٽر سان آهستي آهستي گفتگو شروع ڪئي، ٻُڌائي ٿو ته ايبٽ آباد جي مشهور ريسٽورنٽ عثمانيه آهي ۽ مشهور ڪباب وري قلندرآباد ۾ ملي سگهندا، ڊگهن وڻن جي قطارن بابت پُڇان ٿو، ٻُڌائي ٿو، هنن وڻن کي اسين چيڙ جا وڻ چوندا آهيون، هي وڻ وڌ کان وڌ گهر ٺاهڻ جي ڪم ايندا آهن، پر افسوس اهو جو هي سڀئي وڻ صرف ۽ صرف سرڪار جي ملڪيت آهن. سندس نالو عبداللطيف عباسي آهي، ٻُڌائي ٿو: ڀلي کڻي اسان جي گهر جي اڱڻ تي ڇو نه بيٺل هجن پر اُنهن تي مالڪي سرڪار جي آهي. هتي ته الائي اُنهن سرڪار جي وڻن کي سرڪاري ملڪيت تصور ڪرڻ جو ڪيترو رجحان آهي، پر مون کي اسانجي سنڌ پئي ياد اچي. اسان جي ڳوٺ جي ڀر ڏيئي گذرندڙ وڏو واهه جنهن کي “ميرواهه” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ٻنهي طرفن کان بندر تي سرهيل، ٻٻر ۽ بڙ جا ڊگها ۽ گهاٽا وڻ هوندا هئا، جيڪي پُڻ سرڪاري ملڪيت تسليم ڪيا ويندا هئا، پر پوءِ آهستي آهستي سرڪاري ڪارندن جي ئي آشيرواد سان مقامي بيلدارن ذريعي سڀ وڻ وڍي وڪڻي کائي کپائي ويا ۽ ميرواهه جي ٻنهي ڪپرن تي هاڻي ڇانوَ ڳولي نه لڀندي. جتي ڪنهن وقت سردي جي موسم ۾ ماڻهو اُس کي تلاش ڪندا هئا ته ڪٿي وڻن جو سلسلو ٽٽي ٿو ۽ ٿورو اُس جو مزو وٺون ۽ وقت بدلجي ٿو. هاڻي وري ماڻهو ڪو ٿڪل ٽُٽل مسافر ڇانوَ جي تلاش ڪري ٿوته ڪٿي ڪو وڻ نظر اچي ته ٻه پل ساهي کڻان.
    اِنڪو زبان ڳالهائيندڙ عبداللطيف عباسي ٻُڌائي ٿو، هتي وڌ ۾ وڌ سبزيون ۽ فروٽ ٿئي ٿو، فصل ۾ ڪڻڪ ۽ مڪئي ٿئي ٿي. رستي ۾ بٽلامي ڳوٺ ڀرسان گذرون ٿا، جيڪو پهاڙين ۾ وڻندڙ لڳي رهيو آهي، عباسي اڳتي ٻُڌائي ٿو ته: فروٽ ۾ صوف ۽ مالٽا وڌيڪ ٿين ٿا، منهنجي گهڻن سوالن پُڇڻ کان پوءِ هي به معاملي کي سمجهي ويو، جو ميٽرڪ پاس هو، تنهنڪري هاڻي هي بغير پُڇڻ جي به معلومات ڏيندو هلي پيو. پهاڙي سلسلي ۾ هلندڙ هن رستي تي گاڏي 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلائڻي آهي، اهڙي رفتار پڙهي اسين ته اڃان به وڌيڪ هيسجي وياسين جو آخر ڪڏهن منزل رسنداسين.
    رستي ۾ ڪٿي ڪٿي اڃان به ٽينٽ (تنبو) نظر آيا، جيڪي زلزلي ۾ متاثر ٿيلن جا آهن، جن جي ڪهاڻي اڃان تائين سواليا نشان بڻيل آهي. ٽائون شپ علائقو جيڪو پهاڙن جي وچ ۾ خوبصورت لڳي رهيو آهي. هاڻي مانسره شروع ٿئي ٿو، مانسره پڻ هر وقت ٻُڌل نالو ٿو لڳي، جو 8 آڪٽوبر صبح جو 8:52 تي آيل زلزلي ۾ وڌ کان وڌ جيڪي شهر متاثر ٿيا، اُنهن ۾ مانسهره، بالاڪوٽ ۽ مظفرآباد هئا، تنهنڪري جڏهن مانسهره پهچون ٿا تڏهن زلزلي جي ياد تازي ٿيو وڃي. هن علائقي کي فوجي فائونڊيشن پڻ چيو وڃي ٿو، اڳيان بٽ پُل آهي، انهن جي ٻنهي طرفن کان سبز پهاڙن جي دامن ۾ پڪا ۽ ڪچا گهر وڻندڙ منظر جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن. سٽي قلندر کي پُڻ اکيون ڏسن ٿيون ۽ ايئن اسان جو سفر اڳتي مسلسل اڳتي هلي رهيو آهي.


    بالاڪوٽ مان گُذر ۽ زلزلي جي ياد تازي

    هاڻي ’درياءَ ڪنهار‘ جو ساٿ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ڏسجي ته ڪيستائين هلي ٿو، درياءَ ٿو ساٿ ڇڏي يا اسين. منظر واه جي هئا، هيٺ انتهائي اونهائيءَ ۾ وهندڙ درياءَ جنهن جو پاڻي پٿرن سان زور سان ٽڪرائجي رهيو آهي ۽ ٻي پاسي نيڻ نهار تائين اوچا پهار، گاڏي سمجهه ته پهاڙن جي پوري وچ تان هلي رهي آهي، جيتري پهاڙن جي اوچائي مٿي آهي، هيٺ اونهائي پُڻ ايتري ئي آهي.
    بالاڪوٽ ۾ هاڻي داخل ٿيون ٿا ۽ 8 آڪٽوبر ياد ٿو اچي ۽ ياد ٿا اچن ٽي وي تي اُهي درد ڀريا داستان، آهون ۽ دانهون، ڇو جو زلزلي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر هي بالاڪوٽ ئي ٿيو هو، 8 آڪٽوبر جي صبح 8:52 تي آيل انهيءَ قيامت خيز زلزلي تي هر هڪ اک آلي ٿي هئي، جنهن جي به سيني ۾ دل آهي، انهيءَ جون اکيون ضرور پُسيون هيون ۽ منهنجي دل مان به هڪڙي آهه نڪتي، جنهن کي نظم جو روپ ڏيئي ڇڏيم:

    وِک وِک تي هي وِڇوڙو
    مينهن وانگي ويو وَسي آ
    وِک وِک تي هي وِڇوڙو،
    درد سڀئي دوار کولي،
    واءُ وانگي پيو گُهلي آ.

    ڪير ڪنهن جو سَڏ ورائي،
    ڪير ڪنهن کي ڳل لائي،
    سڀ وِڇوڙي هِن وِڇوڙيا
    ڪَرب ڪيڏي وِڌي وِٿي آ.

    ڀيڻ ڀاءُ کان جُدا آ،
    پُٽ پيءُ کان پَري آ،
    وَنيءَ کان آ وَرَ وِڇڙيو،
    ڳولي ڳولي هو ٿَڪي آ.

    هي ڪَپيل آ ٻانهن ڪنهن جي،
    هي اُٿي آ دانهن ڪنهن جي،
    هو دٻيل آ ڪير ٻالڪ،
    هر ڪا ممتا پئي لُڇي آ.

    ديس سارو آ ڪيڏارو،
    ديس سارو ويس ڪارو،
    هر ڪا دل ماتم ڪَدو آ،
    اُڀ سارو پيو ٽُٽي آ.

    ندينَ ٿي جنهن ۾ ڪَر موڙيا،
    پَکين ٿي صبح جا گيت ڳايا،
    واديءَ جنت هو جنهن جو نالو،
    موئن دڙي جان ويو ڀُري آ.

    وِک وِک تي هي وِڇوڙو،
    مِينهن وانگي ويو وَسي آ.

    پهاڙن جي دامن ۾ آباد ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ اسٽاپ پُڻ نظرن مان گذرن ٿا، حسام آباد کان اڳيان ٿيون ٿا ته ڪپي گلي، سگهڙا اسٽاپ اچن ٿا، گاڏي گرم ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ پاڻي لڳايو وڃي ٿو، اڳتي وڌون ٿا ۽ پوءِ هڪڙي هوٽل اڳيان گاڏي اچي بيهي ٿي، هي وچ رستي جي مشهور هوٽل “پارس” جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. هوٽل جيئن ٻهراڙين ۾ هونديون آهن. ايئن ئي آهي ڪا خاص ناهي، پر چون ٿا مانسهره ۽ ناران جي فاصلي جي پوري وچ تي آهي، تنهن ڪري ماڻهو هتي بريڪ ضرور هڻندا آهن. پوءِ ڪي ماني کائيندا آهن، ڪي چانهه پيئندا آهن. اڃا جن وٽ پنهنجون گاڏيون هونديون آهن، اُهي گاڏي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، پر هتي هوٽل تي لهندا ضرور. اسان به ماني کاڌي ۽ چانهه به پيتي، بل ڏئي روانا ٿياسين. سنڌي ۾ چوندا آهن: “اَن آهي ته ايمان آهي” سو ماڻهو جو جڏهن پيٽ ڀربو آهي پوءِ ئي ڪنهن ٻئي طرف سوچيندو آهي. حافظ محمد نظاماڻي جو شعر پيو ياد اچي:
    هتي ڏينهن سارا جي سجدا ڏيان پيو، ته ماني جو مُلهه ڏَس مونکي ڪير ڏيندو،
    هي آدم جو پُٽ آ ملائڪ نه آهي، جڏهن پيٽ ڀربس تڏهن اک پٽيندو.
    يا شيخ اياز به ايئن ئي چيو آهي ته:
    “ڍئو بنا ڍوليا!، ناهه ساڃاهه سونهن جي”


    بليدي مان بُگٽي

    دوست جيڪي خاموش خاموش منظر ڏسندا آيا، تن مان هاڻي پهرين اسحاق گانو ڳائڻ شروع ٿئي ٿو، عابد ٽوڪيندي چوي ٿو “ميرالي ماٺ ڪر” ۽ پوءِ آهستي آهستي ۽ پوءِ زور زور سان هڪ مان ٻيو، ٻي مان ٽيون ڳائڻ شروع ٿا ٿين. هاڻي اعجاز اڪيلو ٿو ڳائي، سنڌي، اردو، پشتو، انگريزي، سرائيڪي ۽ پنجابي، تڏهن گاڏي ۾ ٽهڪڙو مَچي وڃي ٿو. سڀئي داد واري انداز ۾ چئون ٿا واه بگٽي تنهنجي لئه، ڇا ڳالهه آهي بُگٽي جي، اصل ۾ نالو اعجاز جعفري هو، پر ڪجهه دوست ڪنهن وقت جعفري بجاءِ بليدي پيا چوَن ۽ مون وري ٺوڪي بليدي مان بُگٽي ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاسٽل تي رکيل اُهو نالو اهڙو پَڪو ٿي ويو هو، جو هن وقت پاڪستان ۾ ڪرنٽ اِشو اهو ئي هو “بُگٽي بمقابله مشرف” تنهنڪري هاڻي سڀئي دوست کيس صرف بُگٽي ئي سڏين. افسوس جو هن وقت جڏهن هي سفرنامون لکجي رهيو آهي، “اڪبر بُگٽي کي لاقانونيت جي راڄ ۾ انتهائي بي رحماڻي انداز سان قتل ڪيو ويو، ۽ آخر ۾ لاش به وارثن حوالي نه ڪيو ويو. هڪڙو سياسي اڳواڻ هو، سرڪاري عهدن تي به رهيو ته اسيمبلي ميمبر پُڻ ۽ هاڻي صرف قومپرست هو ۽ هن جڏهن حق پني وٺڻ بجاءِ ڇني وٺڻ وارو رستو اختيار ڪيو ته اهو رستو جنرل مشرف کي منظور نه هو ۽ هن سان جنگ جوٽيائين ڪجهه عرصي اندر ئي آهستي آهستي ساٿين سميت کيس ابدي ننڊ سمهاريو ويو. گهٽ هنن سان به نه ٿيو ٻُڌڻ ۾ آيو ته چڱي تعداد ۾ وڏي رينڪ جا ڪُجهه فوجي ۽ ٻيا سپاهي پُڻ بگٽي جي بارود جي بَک ٿي ويا. خير بگٽي ڪن لاءِ چڱو ته ڪن لاءِ خراب به هوندو، پر مجموعي طرح ۽ آخري گهڙين کي اهميت هوندي آهي، سو هن آخري ميدان اياز جي هن شعر جي پيروي ڪندي ملهايو:
    آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهو کي، پر ايئن نه مرنداسين،
    ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين، ڪا آڳ لڳائي وينداسين.
    ڪاش اسان جا سنڌي قومپرست اڳواڻ پُڻ اياز جي انهيءَ شعر جي پيروي ڪندي پنهنجي قولن تي پورا لهن ۽ هميشه حق پني نه ڇني وٺڻ گهرجن، جو درس ڏيندا رهيا آهن، ڏسجي ته ڪڏهن ٿا حق ڇِني وٺن!!
    لڳي ته ڪو نه ٿو، ڪو وقت هيو جو قومپرستن جو تقريرون ٻُڌي جوش ۾ اچي ويندا هياسين بدن جا وار اُڀا ٿي ويندا هُيا، ته بس هاڻي اِجهو ڪي اِجهو اسان تان ڏُکيا ڏينهن ويا، اسان پنهنجي سمورن وسائيلن جا پاڻ مالڪ ٿا ٿيون ۽ پوءِ سنڌ ۾ خوشحالي ئي خوشحالي هوندي، پر هاڻي عمر جي ٽي حصي ۾ پهچڻ کان پوءِ ڄڻ ته اُميد نه رهي آهي يارن ۾، ته ڪو ٻوٽو ٻاريندا.


    وادي ڪاغان

    وادي ڪاغان

    هن وقت اسين وادي ڪاغان جي سبز اوچين پهاڙين اندر سفر ڪري رهيا آهيون، جن پهاڙين ۾ نظارن کي ڏسي چئِي سگهجي ٿو ته اُهي لوڪ ڪهاڻيون، پَريَن ۽ دِيوَن جون جيڪي ٻالڪپڻ ۾ ٻُڍڙن جي واتان ٻُڌندا هئاسين. انهن ڪهاڻين ۾ جن وادين جو ذڪر هوندو هو، بلڪل هي اُهي ئي واديون آهن. آئون سمجهان ٿو ته ماڻهو ڪيترو به پريشان ۽ مسئلن ۾ گهيريل هجي، هڪ وار هِتان گُذر ڪري وڃي، ڄڻ سارا ٿَڪ ۽ مونجهارا دونهين جيئن اُڏي هوا ۾ گُم ٿي وڃن. هوا ۾ به ڇا ته تازگي ۽ مَهَڪ آهي، سُبحان الله. ان وادي ۾ اهڙو هڪڙو به ڳوٺ نظر نه آيو، جيئن اسان جي سنڌ جا ڳوٺ آهن، وڏا ڳوٺ ۽ پکڙيل پوٺا، ڳوٺن کي چوڌاري ڦريل ڍنگهرن جا لوڙها. هتي آسمان کي ڇُهندڙ پهاڙن تي اهو به ناهي، ڪٿي ڪٿي ڪجهه وڌيڪ گهر نظر آيا ٿي نه ته هڪ هڪ يا ٻه ٻه گهر ۽ گهرن کي به ڪا ديوار ۽ نه ئي ڪو لوڙهو وغيره. ايئن ئي پهاڙ جي ڪجهه ايراضي سڌي ڪري اُن تي گهر اڏيو ڇڏين. پر ڪِٿي ڪِٿي بِلڪل چوٽيءَ تي خوبصورت بنگلن نما گهر ٺهيل نظر آيا، تڏهن حيرت ٿي پي ته آخر انهن گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل ڪيتري نه ڏکيائين سان مٿي پهتو هوندو، جتي ڪو رستو به صحيح معنيٰ ۾ نه آهي.
    واديءَ ڪاغان ۾ گهڻو ڪري سيد، مغل، اعواڻ، ڪشميري، گجر ۽ ميواتي ذاتين جا ماڻهو ۽ ڳوٺ آباد آهن. هن وادي ۾ ميدان يا ٻنين جو تصور به غلط ٿو نظر اچي. اُن هوندي به جبلن تي چاڙهين نما ڪجهه ڪجهه ٽڪرا کيڙي انهن ۾ ڪي ڀاڄيون پوکيون وينديون آهن. سياري جي مُند ۾ سبز چانهه ۽ قهوو هتي جي خاص سوغات آهي.


    پيلا گل، پهاڙ ۽ ابراهيم منشي

    هاڻي سج به اوچن پهاڙن پويان لهندي ۽ پنهنجي روشني وڃائيندي نظر اچي رهيو آهي، ايتري ۾ اسان واري وين اوچتو هلندي هلندي خراب ٿي پئي. ڪلچ تار ٽٽي وئي، سوچيوسين جيستائين تار ٺهي، چڙهي وياسين پهاڙن تي پيلي رنگ جا گل ايئن وڇايل هئا، ڄڻ ڄانڀي ۽ سرنهن جي پوک پوکيل هجي، سرنهن جا پڻ اهڙا پيلا گل هوندا آهن ۽ اهڙن ئي گلن کان متاثر ٿي شايد ابراهيم منشي گهڙي پل لاءِ قيد جي پيڙا وساري دل جي ڪنهن گوشي ۾ اميد کي ساري چئي ويٺو هو ته:
    سرنهن پيلا جهليندي گل، اُنهن کيتن ۾ ملنداسين،
    ڪتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين.
    پيلا گل پٽي واپس آياسين، گاڏي جو ڪلچ ٺاهيو ويو، پر وري آئل ئي ختم ٿي ويو. ڪنڊيڪٽر لطيف عباسي ٻي ايندڙ وين ۾ چڙهي ويو، ناران مان آئل وٺي آيو. مونکي ته هاڻي لطيف سرڪار جو هي بيت پيو چپن تي رقس ڪري:
    لَڙيو سِج لَڪن تان راسيون رَتائين،
    مونکي ماريائين، آيل اونداهي ڪري.
    (شاهه)
    اسين تيستائين وادي ڪاغان جو پورو پورو لطف ماڻي رهيا آهيون. هيٺ شور سان وهندڙ ڪنهار درياءَ جون لهرون پٿرن سان ٽڪرائجن ته عجيب آواز محسوس ٿين ۽ هاڻي ته سُريلِي موسيقي جو سَما لڳي رهيون آهن، اُهي ڇوليون. ڪنهار نديءَ کي “نين ســـُک” يا نيڻ ٺار پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. چون ٿا ته مغل بادشاهه جهانگير جي پَٽَ راڻي نورجهان ڪشمير مان واپس ورندي، جڏهن هن نديءَ وٽ پهتي تڏهن پنهنجي اُٻريل اکين کي ڇنڊو هڻڻ لاءِ ڪنهار جي ڪپ تي اچي ويٺي. جڏهن راڻي جي اٿيل اکين کي ڇنڊي مان آسيس پهتي، تڏهن هوءَ نديءَ کي نين سـُـک يا نيڻ ٺار ڪوٺڻ لڳي، جنهن ڪري اڄ ڏينهن تائين هن نديءَ کي ڪنهار سان گڏ نين سـُــک پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. هن نديءَ کي لـُو لـُوسر، سيف الملوڪ ۽ دوُ دوُ پتسر ڍنڍن کان پاڻي ملندو آهي. هن نديءَ ڪوهستان جي مٿانهين علائقن کان نڪري مظفر آباد وٽ جهلم نديءَ سان وڃي ملي ٿي.
    رات پنهنجا وار پکيڙي چُڪي آهي، ناران مان آئل آيو، لڳايو، بِسم الله ڪري ويٺاسين. وري گاڏي ايئر لاڪ ٿي ويئي. هاڻي آسرو لاهي ڇڏيو سون. انهيءَ انتظار ۾ اسان پنهنجا انتهائي قيمتي پنج ڪلاڪ وڃائي چُڪا آهيون. هاڻي ڊرائيور سان ڳالهايوسين، چوي اڌ پئسا آئون ٿو ڀريان اڌ پئسا اوهين ڀريو، چيوسين اسين ڇو ڀريون؟ اوهان کي پهچائڻو آهي، جو ڪرائي ۾ اوهين آيا آهيو پوءِ ٻي ڪنهن گاڏي ۾ ويهاريو يا پئسا واپس ڪريو، اوهان جي مرضي آهي. اڃان بحث هلندڙ ئي آهي، تيستائين هڪڙو ٽرڪ ڊرائيور آيو انهيءَ پنهنجي ڪاريگري ڏيکارڻ لاءِ وين کي واپس ڪاهي پيو وڃي، جنهن وقت وين جون بتيون ئي ڏسڻ کان اوجهل ٿي ويون، تڏهن ڇوڪرن سوچيو ته سائين هاڻي پاڻ وارو سامان سڀ ڪجهه ويو هليو. سڀني کي ڪيئي وسوسا ۽ انومان ورائي ويا. سڀڪو پنهنجي پنهنجي تجربي آڌار ٻُڌائي پيو ته پاڻ غلطي ڪئي آهي، جو ايئن وين کي پري وڃڻ ڏنو آهي. اهو به پرديس ۾، سوبه رات جي وقت. خير پوءِ نيٺ ڪجهه پئسا اسان ڀريا ۽ ڪجهه سائين ڀريا، هڪڙي جيپ ڪئي ۽ ٻي به جيپ ڪئي، سامان سمورو انهن ۾ شفٽ ڪيو. هاڻي باقي رهيل سفر جيپن ۾ ڪرڻ شروع ڪيو، هاڻي واري سفر ۾ ڪابه دلچسپي ۽ ڪي به مسڪراهٽون نه هيون، بس سڀني کي اها اُڻ تُڻ هئي ته ڪيڏي مهل ٿا پهچون، ڇو ته ڪجهه دوستن سوچيو هو ته اگر پنڌ نڪرون ها ته به ڪلاڪ ۾ پهچي وڃون ها، پر اها اڃان به وڏي غلطي هجي ها، ڇو ته جيڪو لَڪ هاڻي جيپ ذريعي ڪراس ڪيو آهي، جنهن کي ڏسندي ئي ڊپ پيو ٿئي. پهاڙ تان تيز وهندڙ چشمو جنهن جو پاڻي روڊ تان انتهائي تيزي سان گذري هيٺ ڪنهار درياءُ ۾ وڃي ٿي ڪريو اهو پاڻي به گوڏي جيڏو محسوس ٿيو. آئون سمجهان ٿو اهڙي پاڻي ۾ ڪير پير پائڻ جي همت نه ڪري ها. اهي جيپون آهن، جيڪي ٻنهي سائيڊن کان پاڻي جا ڦوهارا اُٿاري سوسٽ ڪري گذري وڃن ٿيون. بس هاڻي ناران جون بتيون نظر اچڻ لڳيون آهن ۽ پهاڙ ٿورو پرڀرو ٿيڻ لڳا آهن. ڪجهه ئي گهڙين ۾ اچي اُن منزل تي پهتاسين. جنهن لاءِ صبح کان ئي سفر ۾ هئاسين.


    وادي نـاران

    وادي نـاران

    ناران ۾ پهتاسين، حالانڪه اسان کي پهرين يوٿ هاسٽل تي رڪجڻو هو پر جيپن وارا فل اسپيڊ ۾ کڻي اچي شهر ۾ لاٿائون. شهر ۾ پهچڻ سان ئي ڪجهه جيپن وارا ۽ ڪٿان هوٽلن وارا ڦرندي نظر آيا، اسان مان ڪجهه ڇوڪرا جنهن ۾ آئون، شيخ، حسان، ابراهيم، ضياءُ، راجيش اوهي ويٺاسين هوٽل ۾ ماني جو آرڊر ڏنو، باقي ٻين دوستن جن ۾، ڪاشف، عابد، راشد، اعجاز، اسحاق، وجه ۽ سائين انعام اُهي ساڳي ئي جيپن ۾ روانا ٿيا يوٿ هاسٽل تي سامان رکڻ لاءِ. هاڻي محسوس پيو ٿئي ته سياري جي موسم آهي. توڻي جو مهينو جولاءِ جو آهي، پر اهو سڀ واديءِ ناران جو ڪرشمو آهي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سائين وارا موٽي آيا، سامان اچي هوٽل تي لاٿائون، چيائون ته يوٿ هاسٽل زلزلي اچڻ کان پوءِ ڏري پئي آهي، تنهن ڪري هاڻي هن ۾ رهائش کان منع ڪئي وئي آهي. هاڻي ته مجبورن هوٽل ئي وٺڻي پئي، هيءَ هوٽل جنهن ۾ ماني کائي رهيا هئاسين لاهوري هوٽل، جنهن جو مالڪ صفا هٿ نه پيو ڪڍي، آئون اوهان کي رهائش ٿو ڏيان، پر سائين انعام هر هر واضح ڪري ته بس اسان کي صرف رات جا ٻه ٽي ڪلاڪ گذارڻا آهن، ڀلي ڪا سادي هوٽل ئي هجي، ڇو ته ناران جي رهائش تمام گهڻو مهانگي آهي. هاڻي اسان ماني کائي ورتي، هاڻي اسين هوٽل مالڪ جي پويان پويان هلندي شهر جو ڪجهه حصو لتاڙي اڳيان پهتاسين هڪڙي هوٽل ۾ وٺي آيو، جنهن ۾ لائيٽ به نه هئي، هوٽل اندر ڏاڍي خوبصورت قسم جي لڳي رهي هئي، هوٽل جي شڪل ڏسي اندازو لڳايوسين ته گهٽ ۾ گهٽ هزار کان پندرهن سؤ في ڪمرو هوندو، اسان کي ٽي ڪمرا پيا کپن هوٽل مالڪ ٽي ڪمرا ڏنا. بيڊ صرف ٻه هئا، هاڻي سڀئي ڇوڪرا چوَن اسين بيڊ تي سمهون، آئون اهڙي ڪابه ڳالهه نه پيو ڪريان، اوچتو سائين انعام ڪمري ۾ داخل ٿيو چيائين ته بيڊن تي صرف ٽي ڇوڪرا سمهندا باقي ٽي هيٺ، هيٺ لاءِ به ميٽرڪس گهرايا ويا آهن. جي بيڊ تي سمهندا انهن ۾ ڪاشف ميراڻي، شعيب شيخ ۽ مور ساگر باقي ڇوڪرن کي هيٺ ميٽرڪس لڳائي ڏنا ويا. سڄي روم ۾ ڪارپينٽ لڳرايل آهي، ڪمرا تمام سهڻي نموني ڊيڪوريٽ ٿيل آهن. هن هوٽل کي “سمرلينڊ هوٽل” جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن روم ۾ اسين رهون پيا اهو 107 نمبر آهي. هاڻي سڀئي پنهنجي پنهنجي بستري تي سمهڻ لڳا ۽ پنهنجي موبائل سيٽ جي روشني ذريعي سڀئي هوٽل جو جائزو وٺن ٿا ته ڪٿي هي هوٽل به زلزلي جو شڪار ته نه ٿي آهي، پر اهڙي ڪا به ڳالهه نظر نه آئي. شايد نئين تعمير ٿيل آهي جو اڃان ديوارن تي ٿيل رنگ تازو پيو محسوس ٿئي ۽ تازي ٿيل رنگ جي بوءَ پئي محسوس ٿئي. جولاءِ ۾ جنوريءَ جو مزو هتي اچي ورتو آهي. سڀڪو پيو چاهي ته مٿان اوڍڻ لاءِ ڪوئي ڪمبل يا سوڙ هجي ته واهه واهه پر جنهن وٽ پنهنجو ثمر ساڻ هو انهيءَ کي اهو ئي اوڍڻ جي ڪم آيو. سارو ڏينهن سفر جي ڪري ٿيل ٿڪاوٽ سبب ڪوبه جاڳڻ يا ڪچهري ڪرڻ جي موڊ ۾ بلڪل نه هو، ٿوري ئي دير ۾ سڀئي ننڊ کي ٻکين پئي سُمهي رهن ٿا.
    صبح ست وڳي اُٿون ٿا ۽ تياري ڪريون ٿا، پر هڪڙو واهه جو مزو ٿي وڃي ٿو، پاڻي اهڙو ٿڌو ڄڻ برف مليل هُجي، جيڪو باٿ روم مان نڪري هٿ ڇنڊيندو ڀڳو اچي. ڪجهه ڇوڪرن ته هٿ مُنهن ڌوئڻ جي همت به نه ساري، ۽ گهڻا وهنجڻ به وساري ويٺا. اسان واري روم مان پهرين آئون وهنتس پوءِ مون کي ڏسي ميراڻي ۽ اعجاز عرف بُگٽي پُڻ وهنتا. جيڪي نه وهنتا اُنهن کي گهڻو ئي ٽوڪيوسين پر پوءِ به همراه چون اسين پاڻي کي هٿ به نه لاهينداسين، راشد ته جيترو سڀني کان وزن ۾ ڳرو ۽ ٿلهو اوترو ڊڄڻو ۽ ڪمزور. هڪڙي ڳالهه ته سردي ۾ اگر وهنجي ٻاهر نڪرجي ٿو ته سيءُ گهٽ لڳندو آهي ۽ بنا وهنجڻ جي جيڪو ٻاهر هوا تي نڪري ٿو اُن تي سردي وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿي ۽ هن ڀيري به ايئن ٿيو. اسين جيڪي وهنتاسين اُنهن صرف ڪپڙا پاتا نه سوئٽر نه جيڪٽ ۽ جيڪي نه وهنتا، اُهي سڀني سازن سميت ٻاهر نڪتا. سمرلينڊ هوٽل ۾ ٻاهر رسيپشن وٽ، جهيلين (ڍنڍن) جا فوٽو لڳل آهن، جهيل سيف الملوڪ، جهيل لولوسر، غار، آنسو جهيل، جهيل دودي پت، اسان جو ٽارگيٽ جهيل سيف الملوڪ هئي ۽ ٻاهر جيپ وارو انتظار ۾ هو، جو جيپ واري سان رات ئي طئه ڪري ڇڏيو هو. هتي اڪثر ڪري ايئن ئي ڪرڻو پوندو آهي. رات جو ئي ڪنهن نه ڪنهن جيپ واري سان ڳالهائي ڇڏڻو پوندو آهي. صبح اُٿڻ کان پهرين جيپ وارو حاضر بيٺو هوندو آهي پر اسان کي هڪ نه ٻن جيپن جي ضرورت هئي، ٻي جيپ جو به هوٽل وارو مالڪ بندوبست ڪري ٿو ڏي.


    درويش ۽ قومپرستي

    سائين انعام ٻُڌايو ته انهيءَ هوٽل جي مالڪ جو نالو “درويش”، آهي ۽ هي به هتان جو قومپرست آهي ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اسين ٺهي ويا آهيون. تنهنڪري پاڻ سان رهائش ۾ به وڏي رعايت ڪئي اٿس، جو ٽنهي ڪمرن جا ڪُل 1000 روپيا ورتا اٿس. جڏهن ته پندرهن سؤ هزار ته صرف هڪڙي ڪمري جو ورتو ويندو آهي، پر سائين انعام واري قومپرستي ڪم ڪري ڏيکاريو. اصل ۾ قومپرست ماڻهو وڏا ڪم جا هوندا آهن، مٿئين قيادت (اڳواڻ) کان هٽي ڪري، اسان مان يعني ڪارڪن باقي قومپرست پارٽين جا جيڪي اڳواڻ آهن، اُنهن جا ٻه روپ آهن هڪڙو ظاهري ٻيو لڪل، جيڪو لڪل روپ آهي، اهو ظاهري روپ تي وڌيڪ حاوي هوندو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ ڀوڳيندي ئي رهي آهي. شاعر غلام رسول ٽالپر پڻ سچ چيو آهي ته:
    ڪونه سڄڻ ڪو سَنڌ ڏِسان ٿو،
    ويڪو رهبر رَند ڏِسان ٿو،
    دڳ تي دوکا، ڌُنڌ ڏِسان ٿو،
    لِڪ ۾ ٿو هِت حق وڪامي!
    هر ڪو پر هِت پَڪ وِڪامي!.
    صبح جو ناشتو به ساڳئي درويش جي هوٽل جي لان ۾ ڪريون ٿا، هڪڙو پٺاڻ اچي ٿو، شهد لي لو بهائي، خالص شهد (ماکي) جو هوڪو ڏي ٿو هڪڙو ڇوڪرو سڏ ٿو ڪريس ۽ پوءِ ماکي جي سڃاڻپ جي لاءِ سڀڪو پنهنجي پنهنجي تجويز ٿو ڏي. پهرين ماچيس جي تيلي ٻوڙي ٻارين ٿا، تيلي نٿي ٻري ۽ شڪ ٿو پوي، ماکي کي سُڃاڻڻ جي هڪڙي اها نشاني آهي ته اگر تيلي ٻوڙي ٻاري وڃي ته اها ٻري وڃي ته سمجهجي ماکي اصل آهي ٻيو تجربو ٿو ڪيو وڃي، ماکي مان ٿورو ڦڙو ڪپڙي تي ڪيرايو وڃي ٿو، اهو تجربو ايئن آهي ته اهو ماکي جو ڦڙو بال وانگر ڊوڙندو بغير ڪپڙي تي لڳڻ جي هيٺ ڪري ته پوءِ ماکي اصل آهي، پر انهيءَ ٻي تجربي مان به ماکي جي اصليت ظاهر نه ٿي سگهي، جنهن کان پوءِ ماکي واري به سمجهو ته هي ڇوڪرا اهڙا بي وقوف ناهن جهڙا مون سمجهيا ٿي. خير پوءِ مجبورن کيس ٻه سؤ واري برني سؤ سؤ روپين ۾ ڏيڻي پئي ۽ ڪافي ڇوڪرن سوکڙي طور ماکي ورتي.
    ناشتو ڪري ٻاهر نڪتاسين، ڪجهه شهر جو چَڪر لڳايوسين ناران شهر ڄڻ ڳوٺ ٿو لڳي، بلڪل ايئن يا ڪنهن ڳوٺ جو ننڍو شهر ٿو محسوس ٿئي، سمنڊ جي سطح کان 8700 فوٽ جي اوچائي تي اڏيل ناران شهر ۾ جڳهيون ۽ هوٽلون خوبصورت ٺهيل آهن. بلڪ ايئن جيڪي فلمن يا فوٽن ۾ سبز پهاڙن جي دامن تي ڳاڙهين کپريل وارين ڇتن سان اڏيل جهوپڙين نما جڳهيون ڏسندا هئاسين، بلڪل اُهي ئي منظر سامهون آهن. بازار کان ٿورو ٻاهر ٿا نڪرون.
    دريا ڪنهار، ڇوليون هڻندو گذري رهيو آهي، اسان مان به ڪجهه پير پاڻي ۾ پائي اندر هڪڙي وڏي پٿر تي، ڪي ويهي، ڪي بيهي، واري واري سان فوٽو ڪڍرائين ٿا ۽ پوءِ جلد ئي واپس اچون ٿا، هوٽل اڳيان جتي جيپون انتظار ۾ تيار بيٺيون آهن. ڇهه ڇهه سؤ روپيه ۾ ڪرايل جيپن ۾ ڇهه ڇهه ڄڻا ويهون ٿا، هڪ جيپ ۾ ست ڄڻا سوار ٿين ٿا. ٿورو اڳيان هلي پُل تي اچي اُتان کان جيپون مُڙن ٿيون هڪڙي پٿريلي رستي ڏانهن. هاڻي جيئن پوءِ تيئن اهڙو ئي پٿريلو ۽ ڏکيو رستو پار ڪرڻو آهي. اسان جي سموري سفر ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو ههڙو خراب رستو آيو آهي ۽ انهيءَ رستي تي هنن فور ويل جيپن کان سواءِ ٻي ڪا سواري ممڪن ئي ناهي، جو جهيل سيف الملوڪ تائين پهچي، هي اهڙو ڏکيو ۽ پُرخطر رستو آهي، اگر ڪو ڪمزور دل سياح شايد ڪجهه فاصلي تي هلي واپسي جو نه سوچي ويهه. مون کي هنن آسمان کي ڇُهندڙ پهاڙين ۽ پر خطر رستي تي هلندي اهو شهزادو سيف الملوڪ ياد پيو اچي، جنهن پري بديع الجمال کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو ڏکيو سفر طئه ڪرڻ کان نه ڪيٻايو هو. اُن جي دل ۽ ذهن تي عشق سوار هو ۽ عشق اُها شيءِ آهي، جيڪا انتهائي ڊڄڻي شخص کي به انتهائي بهادر بنائي ڇڏي ٿي، عشق جي چيچ پڪڙي هلندڙ هڪ منٽ لاءِ به ڪنهن وڏي کان وڏي خطري کان به نه لهرائيندو.
    عاشق زهر پياڪ ويهه پَسي وَهسن گهڻو.
    (شاهه)
    عشق عجب آ تنهنجي راهه،
    وٺي هلين ٿو گڏ ويساهه،
    هَليو جو تنهنجي چيچ پَڪڙي،
    پهتو وڃي سو مقتل گاهه.
    (م-س)
    اسان کي ته ڪوبه عشق نه هو پر شوق ضرور هو ۽ عشق کان پوءِ شوق به ماڻهوءَ کان الائي ڇا ڇا ڪرائي ڇڏي ٿو، سو ايئن به ڪنهن ڊپ يا خوف کي دل جي ويجهو اچڻ ڏيون، انهيءَ کان پهرين، زور زور سان ڳائڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳون ٿا. اردو، سنڌي گانا سڀ مڪس. اسان کي ڏسي افضال جيڪو جيپ جو ڊرائيور هو ۽ سندس پاسي کان ويٺل هڪڙو ٽماٽي جهڙو ڳاڙهو ڇوڪرو ويٺو هو، ڏانهن ڏسي مشڪيو ۽ زور زور سان ڳائڻ لڳي ٿو ۽ جيپ جي اسپيڊ به وڌي پئي وڃي. هڪ ته رستو رسڪ وارو ٻيو ته سڀئي مستي ۾، مون ڪنهن ويلي دعائون گهري پي ورتيون ۽ نيٺ آخر ڏهه هزار ڇهه سؤ فوٽ (10600) جي بُلندي تي پهتاسين.


    جهيل سيف الملوڪ

    جهيل سيف الملوڪ جي ڪناري اچي لٿاسين، چؤطرف وڏا وڏا پهاڙ ۽ انهن جي چوٽين تان ڳرندڙ برف ۽ وچ ۾ وهندڙ صاف شفاف پاڻيءَ جي ندي، عجب ۽ خوبصورت منظر سامهون هو اکين جي، ۽ ذهن تي اهو پرَيَن جو ٽولو به تري آيو، جيڪي پري بديع الجمال سان گڏ وهنجڻ اينديون هيون. اصل ۾ هن ئي جهيل سان هڪڙو لوڪ داستان وابسته آهي، جيڪو ٿورو هن طرح آهي ته:
    “شاهه عاصم نالي هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي سِڪي پِني هڪڙو پُٽ ڄائو هو، جنهن جي خوشيءِ ۾ بادشاهه ڇا ڇا نه ڪيو هوندو. خير پوءِ جوتشيءِ ۽ نجومي پُڻ گهرايا ويا، جن کيس نالو به “سيف الملوڪ” تجويز ڪري ڏنو ۽ ڪجهه ڊيڄاريندڙ اڳ ڪٿيون پُڻ ڪيائون، واقعي به ايئن ٿيو، جڏهن سورهن سالن جو ٿيو تڏهن عشق جي آوي ۾ اڙجي ويو، سو به پري ذات سان، هڪ ڀيري سير تفريح لاءِ نڪتو ۽ دور ڪنهن پهاڙي تي ڪوئي آواز ٻُڌي انهي طرف وڌيو، جيڪا بديع الجمال پري گُنگنائي رهي هئي.
    يه رات
    تمهاري ايڙيوڻ سڳ پھوٽتي
    ڪرنوڻ ڪي خوشبو سڳ معطر هڳ
    نشيب ميڻ بهتا هوا دريا
    اس شهر ڪِ پهلو سڳ هو ڪر گذرڳ گا
    جهاڻ ڪي رات ميرڳ بدن سڳ بڙه ڪر
    روشن هڳ
    ميرڳ اشڪوڻ ڪڳ سوتڳ
    اگر بانجھه نه هوتڳ
    تو ميڻ ڪوئي چراغ سا آنسو
    ڪسي موج ڪي هٿيلي پر رڪھتي
    تمهارڳ زانوئوڻ پر سر رک ڪر
    مرنڳ ڪي آرزو
    ميرڳ عجز بياڻ ڪي نذر هوگئڳ هڳ
    يه رات
    ميري لحد هڳ
    اور يه دھند ميرا ڪفن
    شهزادي بي اختيار ٿي وڃي پريءَ جي ڪُلهن تي هٿ رکيو ۽ پوءِ اُتان کان عشق جي اُماڙي شهزادي جي بادشاهي زندگي کي باهه جو سيڪ ڏيڻ لڳي. هاڻي هن جو سُک چين آرام اُڏامي چُڪو هو، اُن پري جي پويان ۽ آخر هڪ ڏينهن سندس هڪڙي درويش سان ملاقات ٿئي ٿي. اُهو کيس سندس مُنڊي ڏي ٿو ۽ پوءِ هي اُن درويش جو ٻَڌو ٻانهون ٿي رهيو ۽ انهيءَ ئي کيس رَستو ٻُڌايو. انهيءَ پريءَ تائين پهچڻ جو. اُهو رستو ڪيترو پُرخطر ۽ اُهي منظر ڪيترا ڀوائتا هئا، اهڙا سڀ ڀوائتا منظر پار ڪري آخر اچي انهيءَ جهيل تي پهتو، جيڪا هن جي آخري منزل هئي. جتي هن جي پري بديع الجمال سان ملاقات ممڪن هئي. هن کي ڀر ۾ ئي هڪڙي پٿريلي فرش جي ٺهيل جاءِ ملي وئي، جتي طرحين طرحين جا کاڌا هن کي ڪنهن غيب ذريعي ملي ويندا هئا ۽ هيءَ هر مهيني جي چوڏهين تاريخ پريءَ جو ديدار ڪندو هو، جيڪا پنهنجي ساهيڙين سان گڏ انهيءَ جهيل جي پاڻيءَ ۾ تڙ ڪرڻ ايندي هئي. جڏهن سڀ پريون پنهنجا ڪپڙا لاهي پاڻي ۾ لهنديون هيون تڏهن پاڻي ۾ ڄڻ باهه لڳي ويندي هئي. ايئن ڪيئي ڀيرا شهزادي بي قابو ٿي کين ويجهو وڃڻ جو سوچيو، پر وري به درويش جي صلاح کان سواءِ ڪجهه نٿي ڪرڻ چاهيائين ۽ ايئن هڪ ڏينهن خواب ۾ کيس درويش پنهنجو ديدار ڪرائي ٿو ۽ کيس ٻُڌائي ٿو ته جڏهن پريون جهيل ۾ وهنجڻ اينديون آهن ته سڀ کان پهرين بديع الجمال پنهنجا ڪپڙا لاهي ويڙهي رکندي آهي، باقي ساهيڙيون پويان سندس ڪپرن مٿان ڪپڙا رکنديون آهن. تون ڪنهن به طرح بديع الجمال جو لباس قابو ۾ ڪري وٺجانءِ پوءِ پري به ڄڻ تنهنجي قابو ۾ ٿي ويندي ۽ شهزادي سيف الملوڪ ايئن ئي ڪيو، وڃي انهيءَ جاءِ جي ويجهو لِڪي ويٺو جتي پريون پسار ڪنديون هيون. هاڻي هي انتهائي بي چيني ۽ بيقراري جو وڏو سمنڊ سيني ۾ سمائي، اکيون ملڪه پربت جي مٿان آسمان ۾ اٽڪائي ويٺو رهيو ۽ اها گهڙي به آئي جنهن جي اچڻ سان هرسو هڪڙي مدهوش ڪندڙ خوشبوءِ واسو ڪري ويندي آهي.
    جڏهن بديع الجمال پنهنجي چاندي تن ۽ سوني بدن تان ڪپڙا لاٿا ته پوءِ هڪ هڪ ڪري سڀئي پريون ننگيون ٿي پويان لٿيون ۽ جڏهن هڪ ٻئي سان ڇيڙڇاڙ ڪري مستي ۾ ٿي آيون، تڏهن شهزادي انتهائي هوشياري سان بديع الجمال جو لباس کڻي ورتو. جڏهن پريون ٻاهر نڪتيون ته بديع الجمال جو لباس گم هئڻ جي صورت ۾ کين گهٻراهٽ ورائي وئي ۽ حياءُ شرم کان بديع الجمال جي بدن جا رنگ هوائن جي نظر ٿي ويا. اوچتو شهزادو ظاهر ٿيو ۽ پنهنجي چادر ڪلهن تان لاهي پري ڏي وڌايائين، پري انڪار ڪيو ته مون کي منهنجو لباس گهرجي، شهزادي چيو هاڻي ممڪن ناهي، چيائين مون کي حاصل ڪري نٿو سگهين، چيائين بس هڪ وار گلي مل موت منظور آهي، پوءِ پري چادر ويڙهي شهزادي سان هٿ ۾ هٿ ملائي رواني ٿي. پري ٻُڌايو ته بس ڪجهه ئي گهڙين ۾ سفيد ديو ايندو ۽ سڀ ڪجهه تهس نهس ڪري ويندو. اهو مونسان محبت ڪري ٿو، پر آئون ساڻس نفرت ڪريان ٿي. شهزادي چيو ته پوءِ پرواهه ڇاجي، جيڪڏهن پيار جا ٻه پل به مليا ته اڪيلائي جي سموري حياتي کان وڌ هوندا. ايئن ٻئي هٿ ۾ هٿ ڏيئي نڪري پون ٿا ۽ هوڏانهن انتظار ۾ ويٺل سفيد ديوَ کي خبر پئجي ٿي وڃي ته منهنجي پري کي هڪڙي آدم زاد قابو ڪيو آهي، اکين مان اُلا ڀڙڪائيندو جبلن جا سينا چيريندو، ٻنهي پريمين جي پويان جاسوس ڪُتي جيان تلاش ۾ نڪري پوي ٿو. جڏهن کيس مايوسي ملي ته جبلن کي ٻه اڌ ڪري وڌائين جتان پاڻي جو ريلو ايترو ته طوفاني تيزي سان گذري رهيو هو جو ڪجهه ئي گهڙين ۾ سموري ڌرتي کي پاڻي پائي ويندو ۽ جتي به هوندا بچي نه سگهندا، ايئن ئي ٿيو. هي ٻئي پيار جا پکي هٿ ۾ هٿ ڏيئي ڊوڙندا رهيا، ڊوڙندا رهيا، ٿڪجي پيا، پر منزل ڪانه ملي، اوچتو هڪ تيز ريلو آيو جيڪو کين پاڻ سان گڏ وهائي هليو ويو.”
    ڪو درد ٿو ماڻهو کي ٺاهي ڇڏي،
    ڪو درد ٿو پاڻ سان وڃي گڏ وٺي.
    مڃيم غم خوشي ٻئي تنهنجا حِصا!
    او زندگي! ٻُڌائي ڪِٿي آ خوشي؟
    آس پاس جي منظرن ۾ ڄڻ آئون اهو داستان اکين سان ڏسي رهيو هُجان، ڪاٺين جي ٺهيل پُل تان اُڪرون ٿا، راشد جيڪو سڀني کان ڳرو آهي، سندس پير ٿڙهي وڃي ٿو، پر بچي ويو. جهيل جو پاڻي انتهائي تيز رفتاري سان هيٺين طرف وهي رهيو هو، اندر گهرائي ته شايد تمام گهڻي محسوس پي ٿي. ٻي پار پهچون ٿا، ساوڪ ئي ساوڪ ۽ سامهون برف جو ٺهيل پهاڙ جنهن تي سياح سلائڊنگ ڪري رهيا هئا. ڪي گهوڙي تي چڙهي ڍنڍ جو سير ڪري رهيا هئا. اسان به سواءِ سائين انعام جي سڀني برف تي سلائڊنگ ڪئي سين ۽ مون گهوڙي تي پڻ چڙهي فوٽو ڪڍرايو، (پهريون ڀيرو آئون گهوڙي تي تڏهن چڙهيو هئس جڏهن سنت طهر ٿي هئي، اُن وقت منهنجي عمر ايتري هئي جو گهوڙي تي ويهندي ئي مون رڙيون شروع ڪيون هيون ڊپ کان، پوءِ بابا مونکي پنهنجي ڪڇ (هنج) تي کنيو هو، ٻيو ڀيرو هي سيف الملوڪ جهيل تي گهوڙي تي سوار ٿيو آهيان)، هاڻي سڀني دوستن هتي لالا پٺاڻن جي ٻاڪڙا هوٽل اڳيان ڀڳل بئچن تي ويهي پاڻي جهڙي چانهه پيتي، هتي اِهو به چون ٿا ٿورو وقت ٿيو آهي، جو چانهه جو رواج شروع ٿيو آهي، نه ته اڳي چانهه به نه ملندي هئي.


    ملڪه پربت

    سامهون اولهه طرف کان سڀ کان وڏو پهاڙ جنهن کي ملڪه پربت چيو وڃي ٿو انهيءَ کي دوربين ذريعي سڀئي دوست ڏسون ٿا، جنهن جي چوٽيءَ تان برف هيٺ ڳڙي رهي هئي. منظر ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو آهي. ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ خوابن جي واديءَ ۾ سير ڪري رهيا هجون. ملڪه پربت جي اونچائي 17600 فوٽ ٻُڌائي وڃي ٿي، اها اڃا تائين ڪوبه سر ڪري نه سگهيو آهي.
    واپس آياسين، جهيل ۾ ٻيڙي تي سوار هڪ جوڙو نظر آيو، شايد ڪو آفيسر ٿي لڳو، بهرحال، ڳاڙهي لباس ۾ چاندي بدن ۽ کُليل سنهري وار شفاف پاڻي تي ترندڙ ٻيڙيءَ ۾ سچ ته ڄڻ بديع الجمال جي رنگن مان ڪو ٿورڙو ئي سهي رنگ پيو پَسجي. سڀني جون نظرون اُن جوڙي طرف کَڄن ٿيون ۽ هلڻ جي رفتار گهٽائي ڇڏين ٿا. اسين به ٻيڙي واري سان ڳالهايون، پر صرف ٻه منٽ جي پنڌ جا چار سؤ ٻُڌائي رهيا هئا. چيوسين بابا اسان ته بَس ڪئي، اسين ساڳي ئي پُل تان گذرون ٿا. هاڻي سڀئي گڏجي بيهي ٿا سائين انعام سميت گروپ فوٽو ڪڍرايون ٿا، پوءِ ساڳين جيپن ۾ سوار ٿي واپس اچون ٿا. رستي ۾ هڪ هنڌ برف جي ڇِپَ کي هٽائيندڙ همراهه جيپ کي بيهارين ٿا ۽ ڪُجهه ڏيئي وڃڻ جي صدا بُلند ڪن ٿا. کين ڪُجهه روپيا ڏيون ٿا ۽ اڳتي ٿا وڌون، ڪُجهه پنڌ هلي هڪڙو برف جو پهاڙ ٿو گڏجي، جتي به ڪجهه نوجوان برف جون سيڙهيون ٺاهيو ويٺا آهن. اسان ڪجهه وقت لاءِ جيپن کي روڪي انهي برف جي پهاڙ تي فوٽو گرافي ڪريون ٿا ۽ انهن نوجوانن کي ويهه روپيا کن ڏيون ٿا.
    هاڻي واپس ناران ۾ ساڳي هوٽل سمرلينڊ ۾ ڪمري نمبر 107 تي پهچي سامان سهيڙيون ٿا. ڪجهه ئي گهڙين ۾ پيڪنگ ڪري ورتي سين، هڪڙي وين ڪرائي آيا ڇوڪرا، اُن ۾ سوار ٿي واپس مانسهره تائين ساڳين رستي تي نِڪري پئون ٿا.
    ڪلاڪ ڏيڍ جو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ، اڳيان سلائيڊنگ ٿيڻ جي ڪري هڪڙو چيڙ جو وڏو وَڻ روڊ جي وچ تي ڪريل نظر آيو ۽ سڄو روڊ پٿرن سان ڀريل آهي، جنهن کي مشين ۽ بلڊوزر ذريعي هٽايو پيو وڃي، وري به ڪلاڪ روڊ بلاڪ آهي، ڪجهه دير اُتي لڳي ٿي. اتي پاسي ۾ ڪجهه گهر آهن، جن جي اڱڻ تي ڪجهه فروٽ جا وڏا وڻ بيٺل آهن، جن ۾ هن وقت ڪجهه فروٽ موجود آهن، پوءِ هڪ ڇوڪري ڪجهه فروٽ پٽڻ چاهيو، مالڪن صرف ڏٺو پي پر جڏهن آهستي آهستي سڀئي مسافر اهو ڪجهه فروٽ روڙڻ لڳا ته پوءِ هڪڙو جهونو پٺاڻ عرضداڻي انداز ۾ چوي ٿو ته: بابا غريب آهيون، خيال ڪريو، اسان جي روزي اِها ئي آهي. روڊ آجو ٿئي ٿو ۽ ٻنهي طرف کان گاڏين جي وڏي قطار هاڻي آهستي آهستي ڪراسنگ جي مرحلي مان گذري ٿي.
    هن وقت به تقريباً ڏينهن جو پويون پهر آهي. وين پارس هوٽل تي بريڪ ڪري ٿي، ماني کائون ٿا، پوءِ وري به سفر لاءِ نڪري پئون ٿا. رستي ۾ وري به گانا شروع ٿي وڃن ٿا، ڪو ڪِٿان پيو وڃي ڪو ڪِٿان پيو اچي. مڙئي گاڏي ۾ گوڙ لڳو پيو آهي. البت هن ڀيري جنهن ڳالهه جو مونکي ڏُک پهتو سا اِها هئي ته نه ڪنهن اوچن۽ سبز پهاڙن کي ڏسي ٿي سبحان الله چيو نه ئي ڪنهار درياءَ جي موجن تي ڪائي حيراني هئي، تڏهن مون کي بابا ڀٽائيءَ جو هي بيت دل تان گذري اکيون پُسائي ويو.
    “ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت”
    لطيف سرڪار جو ڪوبه شعر ٺلهي ڳالهه ته ناهي هوندي، پر هڪ چِٽي ۽ سَچي حقيقت هوندي آهي.
    78 ڪلوميٽرن جو فاصلو ويڙهي هاڻي ڀُريل بالاڪوٽ مان ٻيهر گذرون پيا، مون وين جي دريءَ مان ڪيمره ٻاهر ڪڍي، ٽُٽل ڀُريل ۽ وِکريل بالا ڪوٽ جا ٻه فضائي فوٽو ورتا، ۽ دل تي تري آيو منهنجو نظم “عيد جي اچي ته پوءِ”:

    عيد جي اچي ته پو اُنهن تي ٿورو سوچجو!

    رهي نه ڇَت سِر مَٿان،
    نه درَ ديوارون ئي بچا،
    پيا خوابَ خيمن ۾ سَڙن،
    اڌورا جن جا سڀ سَفر،
    اُنهن تي ٿورو سوچجو!

    وِکريل ورق ڪتاب جا،
    اُداس ٿيلها ۽ گُڏيون،
    چِٿيل گُل گُلاب جا،
    جهُريل مائرن جا جِگر،
    اُنهن تي ٿورو سوچجو!

    رَهيو نه جنهن جو گهر آهي،
    رَهيو نه جنهن جو وَرَ آهي،
    ونيءَ جا وِکريل وارَ هِن،
    ٽُٽَل چُوڙيِن جا ٽُڪرَ،
    اُنهن تي ٿورو سُوچجو!

    ماڙيون ۽ بنگلا هئا سَندن،
    گاڏين تي ڪندا هئا سَفر،
    کُليل اُڀ جي هيٺان اَڄ،
    سي بي سهارا بي ثمر،
    اُنهن تي ٿورو سوچجو!

    وَٺو جي عيد جا وَڳا،
    ڏِيو جي پيار مان تحفا،
    ڏئي هٿ ۾ هٿ هَلو،
    خوشيون ڪريو ڀلي مگر!
    اُنهن تي ٿورو سوچجو!

    اڌورا جن جا سڀ سَفر،
    پيا خواب خيمن ۾ سَڙن.

    زلزلي کان پوءِ ڪُجهه ڏينهن بعد پهرين عيد آئي هُئي جنهن تي اهو نظم لکيو هئم.
    وين رَستي سان ٽائر گسائيندي فاصلي کي ويڙهيندي هلي، اچي مانسهره پُهتاسين، اَڏي تي لهي گاڏي تلاش ڪئي سين، پر ٻَڌي ۾ گاڏي نه پي هلي. دوستن کي چيم جيستائين گاڏي اچي آئون سامهون واش روم مان ٿي اچان ٿو. پوءِ ڪجهه ٻيا دوست به هليا، واش روم مان ٻاهر نِڪتاسين، هِڪڙو ٿُلهو مَتارو همراه کٽ تي هنڌ وڇايو سُتو پيو هو، چيائين پئسا؟! چيوسين، اسان ته صرف پيشاب ڪيو آهي، اکيون ڦاڙيندي چيائين “پانچ روپيا نڪال” ڪڍي ڏنامانس، پر عجب لڳو، آيس اڏي تي، سائين ٻڌايو ته ٻڌي (يڪي) ڀاڙي ۾ ڪوبه هلڻ لاءِ تيار ناهي، هاڻي هلون ٿا اڳيان قراقرم ڪوچ اڏي تي، آياسين هن وقت رات جا ڏهه ٿيا آهن، ٽڪيٽون ورتيون ٻڌايو ويو ته رات جو ٻارهن وڳي گاڏي هلندي، هوٽل جي ڇت تي وڃي ويهو، ٿيلها کڻي ڪُلهن ۾ ڪياسين چڙهي وياسين هوٽل جي ڇت تي. ڇت سڄي بلڪل کُليل هئي ۽ کجي جي واڻ سان واڻيل کٽون پيون هيون، انهن تي ڪُجهه ليِٽياسين، بدن مان ٿڪ ڪڍيوسين. هتي سڀني دوستن آزادي سان فونن تي پي ڳالهايو، مون به سڀني جا نمبر ڊائل ڪيا، پر ڪنهن جو به نمبر نه ملي سگهيو، ڪجهه دوستن ماني کاڌي ڪجهه دوستن صرف چانهه پيتي، مون هن ڀيري نه ماني کاڌي نه چانهه پيتي. الائي ڪهڙي اُداسي مَن ۾ واسو ڪري وئي هئي، جو کائڻ پيئڻ تي دل نه پي لڳي. ٻن ڪلاڪن جي طويل انتظار کان پوءِ ڪوچ آئي، انهيءَ ۾ ويهڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو هيٺ لٿاسين. برسات آهستي آهستي وسڻ جا ويس ڪري رهي هئي. بس دير ايتري ٿي جو ڪوچ ۾ ويٺاسين ۽ برسات شروع ٿي وئي. اسانجو سمورو سامان مٿي ڇت تي رکي مٿان ٿلهو پردو/چادر چاڙهي رَسيءَ سان ڇڪي ٻڌو ويو. ڏسندي ڏسندي مانسهره جا رَستا واهن جيان وَهڻ لڳا. رات جا ٺيڪ ٻارهن ٿيا، ڪوچ اسٽاپ ڇڏيو. هاڻي حاجي جو ڪراچي کان فون آيو، حال احوال ڪياسين، ٻڌايومانس ته مانسهره مان روانا ٿي چُڪا آهيون. گلگت وڃڻ لاءِ.


    ننڊ به پري پري کان پي ڏٺو

    هڪڙو سفر جو ٿڪ، وري ٻه ڪلاڪ انتظار تنهن ويتر ٿڪائي وڌو هو، هاڻي جو AC ۽ آرامده ڪوچ ملي ته سڀئي دوست هڪ هڪ ٿيندا ننڊ سان ٻکين پئجي ويا. مون کي الائي ڇو ننڊ پنهنجو نه پئي ڪري ۽ تن ۾ تون ئي تون جي ڪا تنوار وڄي رهي آهي، جنهن جو انت نه پار، ڪائي خبر نه چار آهي ته هي ڪهڙي سِڪ آهي، هي ڪهڙي ڇِڪ آهي، هي ڪهڙي ياد آهي، جنهن جي من پڌر تي پير ڌرڻ سان بُک، اُڃ ته گم ٿي وئي پر ننڊ به پري پري کان پي ڏٺو.
    ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ سڀني کي اچيو ٿو سيءُ سٽي. سڀني جي رڙ ڊرائيور تي “استاد AC بند ڪرو” ڪو چوي “او استاد ٻيلي اي سي بند ڪر نه ته اسان جو ويهڻ مشڪل آهي.” سڀني ڇوڪرن هڪٻئي کي ڏسي ڏسي هاڻي هوڪرا هڻڻ لڳا ته ڪنهن داٻي واري آواز سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، پر اُستاد ڄڻ ته ڪنن کان ٻُڌي ئي نه پيو، نيٺ سائين انعام اُٿي وڃي ڊرائيور جي مٿان بيهي کيس چيو، پوءِ اي سي بند ٿيو ۽ ڪجهه آرام ڪيوسين.
    صبح تڏهن اُک کُلي جڏهن هڪڙي صفائي کان وانجهيل بيڪار هوٽل “پاڪستان” اڳيان ڪوچ بريڪ ڪيو. سڀ مسافر لٿا، ناشتوڪرڻ لاءِ، هٿ منهن وغيره ڌوئي ڪُجهه گهڙيون ترسياسين اسان ته صرف چانهه بسڪيٽ کاڌا، چانهه به پيئڻ لائق نه هئي پر پوءِ مڙوئي وياسين. پي، وري هلڻ جي تياري ڪئي، ڊسٽرڪٽ ڪوهستان جي هن داسو ديهه کي ڇڏي اڳتي روانا ٿياسين، هي ته ڪوهستان صرف وڏا پهاڙ ۽ سي به پٿرن جا، ڪا به ساوڪ نظر نه پئي اچي ۽ ٻيو اسان جي سنڌ ۾ ڪاڇي ۾ ڪوهستان آهي، جنهن جي هيلوڪين برساتن کان پوءِ ته گهمڻ جي دعوت به ملي هئي. دوست مصطفيٰ ميمڻ ۽ سائين شيخ عبدالله طرفان، جيڪي ٻئي ٿاڻي بولاخان جا آهن. مصطفيٰ ميمڻ صحافي آهي ۽ شيخ عبدالله سوشل ورڪر آهي، ساڻن تمام سُٺي نيازمندي آهي. مون مصطفيٰ کي چيو اگر صبح مان اچون سويري ۽ شام واپس موٽي سگهنداسين، چيائين، اِتي ئي ويٺو رهه اچڻ جي ڪا ضرورت ناهي، گهمي ٿو ڪوهستان ۽ موٽي ٿو شام جو.


    چيلاس گاڏي خراب، آڙو تي گذارو

    چيلاس پُهتاسين گاڏي خراب ٿي پئي، پوءِ جڳاڙ سُڳاڙ ڪري گاڏي اسٽارٽ ڪئي، اڳيان وري بيهي رهي، هاڻي ڪجهه مسافر ته ٻين ننڍين گاڏين ۾ لفٽ وٺندا ويهندا ويا، پر اسين ته پوري الڳ گاڏي جا ماڻهو آهيون، اسين ڪيئن لفٽ وٺون، پوءِ مجبورن گاڏي وارن سان گڏ.
    سوچيوسين الائي ڪيتري دير لڳي ڪجهه کائي پي وٺون، پر هِتي ته اڃان هوٽلن تي کاڌي پيتي جي ڪابه تياري نه هئي، صرف هڪ جڳهه تي برياني چانور مليا پي، پر انتهائي مهنگا. هي شهر ته ٻهراڙي جي شهرن، جيئن پيرولاشاري، يا رَپ جهڙو شهر آهي، پر مهنگائي ايتري جو پَري ڀَڄ، پوءِ آڙو ٻه ڪلو ورتا، فلحال اُنهن مان گذارو ڪيوسين، بهرحال هي ڪوچ اسان جو هاڻي ته وقت جي حوالي سان الائي ذيان ڪري رَهي آهي. هر ٻه ٽي منٽ کان پوءِ وري بيهي ٿي رهي. هاڻي سڀئي دوست هڪٻئي ڏانهن آڱريون کڻڻ لڳا ته ڪوئي ته آهي پاڻ ۾ پير ڳرو، جو سفر ۾ ڪونه ڪو مسئلو پيو پيش اچي، اصل ۾ سفر ۾ ته انهيءَ شيءِ جي اميد رکي پئي سگهجي، پر سفر ڪرڻ وقت ماڻهو دُعا پڙهي، دُعا نه به پڙهي پوءِ به وات مان گهٽ ۾ گهٽ ڪي به اهڙا بي زيبا الفاظ نه ڪڍجن. اسان ۾ ٽي چار اهڙا دوست هئا، جيڪي هر سفر شروع ٿيڻ سان ايئن ئي چون ته “اب بيچ راستڳ ميڻ يه گاڙي خراب هو، وهاڻ رڪينگڳ بهت مزا آئيگا” هن ڀيري مون به چئي ڏنو ته آخر اوهان جي دُعا به اگهامي وڃي ٿي، آئون سمجهان ٿو، ڪجهه دوستن جي پويان دور ويٺل انتظار ۾ کڄيل دعائن لاءِ هٿ ۽ اوسيئڙي ڀريل اکڙين جي ئي صدقي بچي ٿي وياسين، نه ته گهڻو نقصان ٿي وڃي ها، جيڪي ڪجهه دوستن جا افعال هئا.


    گـلـگـت

    گـلـگـت

    هڪ وين سان ڳالهايوسين ٻه هزار تي راضي ٿيو، جنهن مان اندازو لڳايو ته اڃا گلگت ڪيترو پري آهي. هاڻي ڪوچ ڇڏي وين جو سفر شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌو درياءَ ۽ وڏن پر بيڪار پهاڙن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. پهاڙ ناران، ڪاغان جا، گلگت جا پهاڙ ته صرف ۽ صرف پٿر لسا جن تي ڪا به ساوڪ نظر نٿي اچي. ڪٿي ڪٿي ڪي وڻ لئه نما آهن سي به ڄڻ دونهاٽيل دونهاٽيل نظر پيا اچن. آخر شام ڌاري گلگت پهچي ئي وڃون ٿا، جتي ٻاهر اڏي تي اڳ ۾ ئي يونيورسٽي جي وين موجود هئي. انهيءَ ۾ چڙهي ويٺاسين، جنهن اچي يوٿ هاسٽل پهچايو.
    يوٿ هاسٽل تمام گهڻي ڪشادي ۽ وڻندڙ بِلڊنگ ٺهيل آهي. ڏاڍي صفائي واري ۽ سهڻي ڊزائن تي اڏيل، يوٿ هاسٽل جو چوڪيدار ٻُڌائي ٿو ته توهان ٽيان مهمان آهيو. ڇو ته هي هاسٽل جون ۾ ٺهي راس ٿي آهي ۽ ٻه ڀيرا پهرين هتي مهمان رهي چُڪا آهن. اُهو ٻُڌي خوشي ٿي ته اڃا هن بلڊنگ مان ڪنوارپ ناهي وئي ۽ واقعي به وچ ۾ رکيل ننڍڙو پارڪ جنهن ۾ ڇٻر به هاڻي پي موري ۽ گل به ننڍڙا هئا ۽ هاسٽل جو ڪلر به چمڪي رهيو هو. ٻاهر اڱڻ ۾ ئي سيڙهين جي ڀرسان وڏو شيشو ماڻهو جي قد جيترو لڳل هو. جنهن ۾ ڦڻي آرام سان ڏيئي پي سگهجي ۽ پڻ ڊريس چيڪ ڪري سگهجي پئي، جو شيشي ۾ پيرن کان چوٽيءَ تائين ماڻهو نظر پيو اچي.
    اسان اولهه طرف وارو روم کنيو، جنهن جي شيشي مان به گلگت شهر جو منظر پسي پيو سگهجي ۽ وڏا وڏا پهاڙ نظر اچي رهيا آهن. وهنجي تيار ٿياسين. وين آئي ته روانا ٿياسين شهر گهمڻ لاءِ، شهر هاسٽل کان ٿوري ئي پنڌ تي آهي.
    شهر جا روڊ رستا ڪشاده هئا، هڪڙي چوڪ تي، انڊيا جو جهاز نصب ٿيل هو، جنهن لاءِ چون ٿا پاڪستاني فوج جنگ دوران ڪيرايو هو، هاڻي هتي يادگار طور لڳايو ويو آهي. اڃا رات جا اَٺ مَس ٿيا هئا، شهر آهستي آهستي بند ٿي رهيو هو، وين هڪ پاسي تي بيٺي، اسين ٻه ٻه، ٽي ٽي دوست ٿي گهمڻ لاءِ گلگت جي چائنا بازار ۾ لهي وياسين، پر دوڪان تيزي سان بند ٿي رهيا هئا ۽ فوج وڌندي نظر اچي رهي هئي، خبر پئي ته هتي شعيا سُني فساد زور تي آهي، تنهن ڪري رات جا اٺ ٿيندي ئي بازارون بند ٿي وڃن ٿيون ۽ فوج گشت ڪرڻ لڳي ٿي. هتي اسماعيلي شيعن جي اڪثريت آهي، تنهن ڪري هتي وڏي ويڙهه هلندي رهندي آهي ۽ رَت رَستن تي هاربو رهيو آهي، تنهنڪري به سائين انعام سڀني دوستن کي تاڪيد ڪئي ته ڪٿي به ڪنهن دوڪان تي ڪابه حرڪت نه ڪجو ۽ آرام سان گهمي واپس ٿيو ته ماني کائون. بازار مان گهمي ڦري آياسين. “رمضان هوٽل” تي، چون ٿا سُٺي هوٽل آهي، اسين به وڃي ويٺاسين، ماني هوٽل جي سُٺي هئي، ماني کائي، جوس پي، آياسين. فون ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر فون نه وئي موبائل به ڪم نه پيو ڪري، ڪالهه کان وٺي رابطا ڪٽيل آهن. پويان گهر وارا پريشان ٿيندا هوندا.
    وين هاسٽل تي ڇڏي صبح جو اچڻ جو چئي رواني ٿي وئي. هاسٽل تي پُهتاسين، مونکي ننڊ جون پنڪيون ۽ اجرڪ ڇڪي سمهي پيس، دوستن چيو اچو پتن راند ڪُڏون، مون چيو بس بابا راند جي عمر کائي آيو آهيان. اجرڪ کي پنهنجي تن تي ويڙهي سُمهي پيس.
    صبح اُٿيس شيوَ وغيره ڪئي، هاڻي موسم ۾ ٿڌ پئي محسوس ٿئي جو پهاڙن تي برف پئي ڄمي ۽ چئني طرفن کان ڌُنڌ ڇانيل نظر پيو اچي. سڀئي ڇوڪرا وهنجي تيار ٿيا، ناشتو هتي ئي گُهرائي ڪيو، چوڪيدار کي پراٺن ۽ چانهه جا پئسا ڏنا، وٺي آيو، اُهي اندر هال ۾ ٻه ٽيبلون پيون هنيون، سڀني انهن ٽيبلن تي چؤطرف ڦري ويهي ناشتو ڪيو. چوڪيدار پنهنجي ٻارڙن سان گڏ هن هاسٽل جي هڪڙي روم ۾ رهندو آهي ۽ سارو ڏينهن هاسٽل جي صفائي ۽ پارڪ ۾ ڪم پيا ڪندا آهن. وين آئي، چڙهي روانا ٿياسين، مختلف رستن تان گذرندا رهياسين.


    گلگت ۾ سنڌو درياءَ

    سنڌو دريا جي پُل تان گذرون ٿا، جهڙيون پُلون فلمن ۾ ڏسندا هئاسين اهڙي ئي پُل تان اڄ اسين به گذري رهيا هئاسين. تختن سان جُڙيل ۽ لچڪدار پُل هلڻ سان هيٺ مٿي پئي ٿئي، گذري پار ٿياسين.
    هي درياءَ جيڪو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ سنڌو درياءَ سڏجي ٿو سو اصل ۾ هماليه جي اُتاهن جبلن تان جيڪي تبت ۾ آهن، کان شروع ٿئي ٿو. هتان کان هي دريا هماليه ۽ قراقرم جبلن جي وچ واري وادي مان وهندي اچي گلگت ويجهو پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. هن جي ڊيگهه 2700 ڪلوميٽر آهي. جڏهن هي درياءَ پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو، تڏهن سوڙهو ٿي وڃي ٿو. سنڌو دريا جيئن ئي اڳتي سفر ڪري ٿو ته، انهيءَ ۾ ٻيون به نهرون ۽ نديون شامل ٿي وڃن ٿيون. اولهه مان ڪرم، ڪابل ۽ گومل درياءَ ۽ اوڀر مان جهلم، ستلج، راوي ۽ چناب نديون هِن سان اچي مِلن ٿيون.


    قراقرم يونيورسٽي ۽ اجرڪ

    “قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي گلگت” طرف هاڻي اسان جو رُخ هو، يونيورسٽي پهتاسين. هتي ڪجهه سردي محسوس پي ٿي، تقريباً سڀئي ڇوڪرا سوئٽر وغيره پائي آيا هئا. صرف مون هڪڙي اجرڪ کنئي سا به ڪُلهن ۾ پاتي، هتي دور ديس ۾ اجرڪ پائيندي هڪڙي خوشي ۽ ٻيو فخر پيو محسوس ٿئي. يونيورسٽي جي گيٽ مان اندر ٿياسين، ڄڻ هي ته ماڳ ڏٺل ٿو محسوس ٿئي، صفا ڄڻ اسلاميه ڪاليج بدين گهمي رهيا هئاسين ۽ هي به ڪاليج ئي هو، جنهن کي هاڻي ٿورڙي وقت کان يونيورسٽيءَ جو درجو ڏِنو ويو آهي. تنهنڪري اڃان يونيورسٽي جو مڪمل سامان به مهيا ٿي نه سگهيو آهي. بهرحال اڳتي وڌون ٿا، بورڊ ڀرسان بيٺل شاگردن مان ڪجهه شاگرد اسان سان ملڻ پيا چاهين هڪڙو ته ڪو کِٽ ٿي لڳو اسان کي ڏسندي ئي چيائين “هنس ڪي ملو، ڪيوڻ رو رهي هو” اُهو سڀني سان ڀاڪرين مليو، اڳيان پرنسپال آجيان لاءِ آيو ۽ ليڪچرر ياسر پڻ گڏ هو، ڪمپيوٽر ليب مان گهمي پوءِ هڪڙي حال ۾ وڃي ويهاريائون، جتي بوتلون پياريون ويون. سائين انعام سڀني شاگردن جا تعارف ڪرايا، تڏهن مونکي وري سڀني دوستن چيو، هي مسٽر جي آر مور ۽ سڀئي آهستي مُسڪرائن ٿا، ڪچهري دوران ليڪچرر ناصر، راشد کان پُڇي ٿو توهان سوئٽر پاتو آهي، ڇا اوهان جي طبيعت صحي ناهي؟ ۽ حال ۾ ٽهڪڙو مچي وڃي ٿو. پوءِ يونيورسٽي جا مختلف ڊپارٽمينٽ گهمياسين ۽ استادن سان گڏ گروپ فوٽو به ڪڍرايا، مون کي ته ڪُلهن ۾ پاتل اجرڪ ڏسي ڪجهه شاگردن سڏ ڪري پاڻ ڏانهن گهرائي ورتو، چيائون ته اسان سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرائي. اُنهن سان گروپ فوٽو ڪڍرايو، پوءِ يونيورسٽي کي الوداع چيو ۽ ٻاهر نڪري آياسين، هاڻي وري ڊرائيور وٺي هليو، چينين جو قبرستان گهمڻ لاءِ، رستي ۾ گاڏي هڪڙي غار مان گذري ٿي.
    غار ۾ جيئن ئي داخل ٿيون ٿا گاڏي ڦل لائٽون ٻاري ڇڏي ٿي، ڄڻ گگهه انڌاري مان گذري رهيا هئاسين. غار مان گذرڻ جو اهو پهريون تجربو هو، هڪ ڀيرو وري دوست اعجاز سان مخاطب ٿين ٿا، بُگٽي ڇا اوهين اهڙين غارن ۾ گذاريو ٿا، خوف ڪونه ٿو ٿئي اوهان کي. سڀئي دوست ٽهڪ ڏيئي کِلن ٿا، غار مان گذري ور وڪڙ واري رستي تان ٿيندا آياسين.


    چينين جو قبرستان ۽ سلميٰ...

    چينين جي قبرستان تي وڏو ٽاوَر ٺهيل هو جنهن تي چيني ٻولي ۾ شايد قبرستان جي تاريخ وغيره لکيل هئي. گيٽ ڀرسان بورڊ لڳل هئا، جنهن تي پڻ چيني ۽ انگريزي زبانون لکيل هيون. وڏن وڻن جي گهيري ۾ گهيريل پُراسرار قبرستان گهمندي آياسين. چاچو مليو جنهن وڻن مان گند گاهه صاف پي ڪيو ٻُڌايائين ته 4 اپريل 1978ع تي هي قبرستان قائم ٿيو، هن ۾ ٽوٽل 88 لاش دفن آهن ۽ ويهه قبرون خالي آهن، وڻن بابت پُڇيو، ٻُڌايائين هٿن جي اشارن سان. هي سروءُ جا وڻ آهن، جيڪي سڀ کان ڊگها هئا. هو ڪوئن پائن (چيڙ جا وڻ) آهن، سروءُ جا ڊگها وڻ ڏسندي مون کي “ڀڳل کنڀڙاٽيون” ياد اچي ويو، جنهن ۾ خليل جبران لبنان جهڙي خوبصورت ديس ۾ پنهنجي محبوبه سلميٰ سان صنوبر ۽ سروءُ جي ڊگهن وڻن واري باغ ۾ ملاقات ڪندو هو. الائي ڇو ايئن پيو سوچيان اُهو باغ به اهڙو ئي هوندو، جنهن ۾ خليل جبران پنهنجي محبوبه جي گوڏي تي مٿو رکي چانڊوڪي راتين ۾ پيار جي پالوٽ ڪندو هو.
    چاچي کان پڇيوسين ته ڀلا هاڻي هنن قبرن تي ڪير ايندو آهي، يا وساري ڇڏيو اَٿن، چيائين بلڪل نه هنن جا مائٽ هر سال جي 4 اپريل تي چين کان هتي ايندا آهن ۽ قبرن جي ڀرسان ڪُجهه کائڻ پيئڻ جون شيون جنهن ۾ ماني، سگريٽ، کاڄا ۽ پاڻي رکي ۽ دعائون گهري پنهنجي مذهبي عبادت ڪري واپس موٽي ويندا آهن. چيني قبرستان مان ٻاهر نڪرون ٿا، هاڻي اسان کي ڊرائيور ٻڌائي ٿو ته شهر جي ڀرسان وڏي پهاڙ تي ٻڌ جو مجسمو اُڪريل آهي، اهو ڏيکاري اچان ۽ هاڻي انتهائي ڏکئي ۽ سوڙهي رستي تان گذرندي پهرين ٻُڌ جو ڳوٺ ٿواچي. گاڏي اُتي ڇڏي اسين پنڌ ٿا وڃون جو گاڏي جو اڳيان هلڻ ممڪن نه هو. ٻُڌ جو مجسمو ته پري کان به ڏسجي پيو، پر اُهو ڪمال ويجهي کان وڃي ڏسڻ ٿي چاهيوسين، واقعي ئي ڪمال آهي. ڪٿان به بيهڻ جي جاءِ ۽ نه ئي ايڏيون وڏيون سيڙهيون هونديون جيڪي رکي مجسمو ٺاهيو ويو آهي. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اُتي مجسمو ٺاهڻ واقعي به ڪمال آهي ۽ هيٺ وهندڙ آبشار جنهن جو انتهائي ٿڌو ۽ صاف شفاف پاڻي ايترو خوبصورت ۽ وڻندڙ هو جو دل پي چاهيو ته پاڻيءَ ۾ وهنججي.
    هاڻي آياسين شهر ۾ سڀئي دوست ٽڙي پکڙي پنهنجي منهن گهمڻ لاءِ نڪري پيا. گلگت جون بازارون مونکي نه وڻيون. سينٽرن نما سڀئي بازارون هيون، “هتي جي ماڻهن جو معاشي گذر سفر باغن، ڀاڄين، جانورن جي شڪار، مڇي جي شڪار، ماکي جون مکيون پالڻ ۽ ڪپڙا اُڻڻ تي آهي. هتي سنگ مرمر ۽ ڀوري رَنگ جو پٿر تمام گهڻو ملي ٿو، هتي ريشم جا ڪيڙا پُڻ پاليا وڃن ٿا ۽ مشهور راند پولو پڻ هتان کان ئي شروع ٿي.”
    آئون سائين انعام ۽ ميراڻي گڏ نڪتاسين، سائين انعام ۽ مون کي ننڍڙن جي فرمائش تي رمورٽ واريون گاڏيون وٺڻيون هيون، پر ريٽ پُڇڻ کان پوءِ خبر پئي ته هتي ته انتهائي مهنگائي آهي ۽ ايئن اُتان ڪابه شيءِ مطلب وڏي ته نه ورتي باقي ايئن ته ڪجهه سامان پرينءَ لاءِ به ورتم ۽ ٻارڙن لاءِ به. پٿر جي دوڪان تي چڙهياسين، پر ٻُڙن جو اگهه آسمان تي هو، پوءِ به ڪجهه ميراڻي ورتا باقي اسان صرف سندس وقت پي وڃايو. ٻي هلڪي ڦلڪي شاپنگ ڪئي. اڄ شام ويلي اسان کي هتان روانو ٿيڻو آهي. منجهند جي ماني به ساڳي ئي هوٽل “رمصان ريسٽورنٽ” ۾ کاڌي سين، پوءِ يونيورسٽي جي وين اسان کي اسٽاپ تي کڻي آئي، جتان کان اسان کي هنزه وڃڻو هو، اڏي تان وين کي تيرهن سؤ ڏنا ۽ ويٺاسين.


    وادي هـنـزه

    وادي هـنـزه

    هنزه ڏي ويندڙ رستو شاهراه قراقرم سڏجي ٿو. هي ئي هڪڙو رستو ڪجهه سڌو ۽ سٺو ٺهيل هو، تنهنڪري هاءِ ايس پنهنجي پوري اسپيڊ سان اسان کي خوبصورت منظر پسائيندي هلي. رستي ۾ جگلوگڊا اسٽاپ آيو، جنهن تي گاڏي بريڪ ڪيو، اُتان اسان ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهيل ڦلڪا ورتا، جيڪي وڏي تئي تي پچائي رهيا هئا ۽ اُنهن جي چؤطرف گلن سان ٺهيل بارڊر اندر مسالو ڀري پوءِ بند ڪواب وانگر ويڙهين ٿا، گلگتي زبان ۾ هن کي “ڇبڇو روٽيءَ” چوندا آهن. جيڪا ڏاڍي ٽيسٽي هئي. اڳتي سفر ۽ اسين، جگلو ڳوٺ، ناصرآباد، علي آباد جتي وڃون پيا اُهو ڪريم آباد آهي. هتي صرف ۽ صرف اسماعيلي شيعه رهن ٿا، تنهنڪري ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا اهڙا آهن.
    وادي هنزه ۾ پهچون ٿا ته برسات اسان جو استقبال ٿي ڪري، وين به اڌ چڙهائي تائين چڙهي سگهي، باقي قلعي تي اسان کي پاڻ کي ئي چڙهڻو هو. تيستائين برسات به آهستي آهستي مستيءَ ۾ اچي رهي هئي. اڳيان رستي ۾ ماين کي پٺن تي ڪانبا ٻڌل هئا، ڪانبا ته نه هئا پر انهيءَ انداز سان ڄڻ وڏا ڇٻا يا کارا ٻڌل هئا، چائني اسٽائل، سڀ سامان ويندي گاهه ڪاٺيون به ايئن کڻي پي ويون، پر هتي اسان مردن کي ڪا شيءِ کڻي ويندل نه ڏٺو. شايد هتي عورتون ئي ڪم ڪن ٿيون.


    قلعه بلتت

    قلعه بلتت وڃڻ لاءِ اڳيان جيئن ئي وڏي چڙهائي چڙهي سين تيستائين تقريباً سڀني جا حال هيڻا ٿي چُڪا هئا، پوءِ برسات کان بچڻ جو بهانو ڪري چڙهندا وياسين، اڳيان پاڙو هو، جنهن جي گلين ۾ نوجوان دوشيزائون وڏا ۽ ڪارا وار کولي هلي رهيون هيون. سائين انعام اسان کي اڳ ۾ ئي ٻُڌائي ڇڏيو هو ته هتي سڀئي هڪڙي ئي ڪميونٽي رهندي آهي، تنهنڪري ڪوبه حجاب ناهي، عورتون بازارن ۽ گلين ۾ ايئن ئي هلنديون رهنديون آهن. واقعي به بي حجاب ٿي هلي رهيون هيون. جيئن ئي قلعي جي ويجهو پهتاسين، هڪڙو وڏي مُڇين سان ٽوپلو پاتل همراه اڳيان گيٽ وٽ بيٺو هو. جنهن چيو ته قلعي تي توهان نٿا وڃي سگهو، وقت ختم ٿي چُڪو آهي. چيوسين سائين ايئن نه ڪيو، اسين تمام پري سنڌ حيدرآباد کان آيا آهيون. جواب ڏنائين پوءِ به پاڪستان جا ئي آهيو، آئون ته ٻاهرين مُلڪن کان آيلن کي به نه ڇڏيندس. آسرو لٿو، سائين انعام سندس واقفڪار چوڪيدار زبر خان جو پُڇيو. چيائين اِهو ڪجهه ڏينهن موڪل تي ويل آهي، هاڻي ته بِلڪل به آسرو نه هو، پوءِ قلعي کي ٻاهران ئي گهمي ڦري ڏٺوسين.


    جڏهن هنزه جي حُسن دري مان مُسڪرايو

    هنزه گلگت جو حصو آهي، پر هتي جا ماڻهوءَ انتهائي آرام ۽ ههڙي خوبصورت وادي ۾ آزاد هوا کائيندا ۽ آزاد رهندا آهن. عجب جهڙي ڳالهه اِها به آهي ته هتي ڪابه پوليس يا فوج وغيره ڪانهي، نه ئي هتي جرم آهن ۽ نه ئي ٻيون سماجي برايون. جيڪڏهن ڪنهن کان به غلطي ٿي ڪنهن عورت سان زنا ڪيائين ته انهيءَ لاءِ هتي جا امير وڏي سزا مقرر ڪندا آهن. هنزه ۾ عورتون ڪشيده ڪاري جو تمام خوبصورت ڪم ڪن ٿيون، جيڪو گهڻن ملڪن ۾ مشهور آهي. هنزه جون سرحدون افغانستان، روسي ترڪستان ۽ چيني ترڪستان سان ملن ٿيون. هنزه واپار جي حوالي سان به مشهور آهي. ٻي سٺي ڳالهه اها ته هتي جا ماڻهو خوبصورت هوا ۽ جنت جهڙي وادي ۾ رهڻ سبزيون ۽ ميوات کائڻ جي ڪري ڳاڙها ۽ خوبصورت جوان نظر اچن ٿا. هتي ڪيترائي ميوا جن ۾ ناشپتي، آڙو، وغيره ٿين ٿا، پر هتي جون خوبانيون گهڻو مشهور آهن. گرمين ۾ تازيون خوبانيون کائيندا آهن ۽ سردي جي موسم ۾ اُنهن کي سُڪائي پوءِ استعمال ڪندا آهن. اُنهن جي ڳر ۾ بادام جو مزو هوندو آهي ۽ خوبانيون کي پيهي انهيءَ مان ڪيڪ يا روٽي تيار ڪندا آهن. خوباني جي ڳر مان تيل به ڪڍيو ويندو آهي. جنهن جي استعمال سان صحت تي تمام سُٺو اثر ٿئي ٿو. قلعي بلتت، کي ٻاهران ڦري ڏسي آياسين تمام پراڻو قلعو آهي. هن کي بلتت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هتان کان ڪريم آباد اهڙو ته خوبصورت پيو لڳي، ڄڻ اسين پرين جي ديس ۾ گهمي رهيا هجون. حقيقت نه پر ڄڻ خواب ۾ هُجون، ايئن پيو محسوس ٿئي. اهڙي سمي وري هلڪي هلڪي برسات به وسي رهي آهي. اسان کي هاڻي پُسڻ جو ڪوبه ڊپ نه هو جو اکين کي اهڙا نظارا نصيب ٿيا آهن جو سڀئي خطرا پَر ڪري اُڏامي ويا. قلعي تان به فوٽو ڪڍياسين، جيئن ئي واپس هيٺ لٿاسين ته هڪڙي گهر جي دري ۾ ڪا پَري کُليل وارن سان مُسڪرائي رهي هئي، اها شايد سندس ڀليڪار هئي، ڇو ته ڪنهن دوشيزه جو صرف ڏسڻ به ماڻهو کي لوڏي وجهندو آهي، هي ته وري به مُسڪرائڻ آهي.
    تنهنجي مُرڪ جي،
    ڇا ڳالهه ڪجي.
    ٻوڙي، لوڙي ويا مونکي،
    تنهنجي نيڻن جي،
    ڇا ڳالهه ڪجي.
    ڪيئن ٿو ڪوئي بچي سگهي، هيٺ بازار ۾ آياسين. ڪُجهه شيون ۽ ڪپڙو پُڇايوسين، پر هتي ته هر هنڌ کان وڌيڪ مهنگائي هئي. جنهن ڪري ڪجهه به خريد نه ڪيوسين. خبر پئي ته هتي سال جا صرف چار مهينا ڪاروبار هلندو آهي، تنهنڪري باقي اٺ مهينن جي پورائي لاءِ اهڙا ريٽ هوندا آهن، جو حساب وڃي برابر بيهي. اسان وٽ ته ايتري گنجائش ئي نه هئي، هڪڙي شال چُڪائي سين 23 سؤ پيو چوي. مزي جي ڳالهه ساڳي شال، ساڳي ڪپڙو، ساڳي ڪڙائي مري مان ميراڻي ٽي سؤ روپين ۾ ورتي هئي. خير اسان کي اگهن جي خبر پئجي وئي. گهمي ڦري واپس اڏي تي پهتاسين، گاڏي اڳ ئي تيار بيٺي هئي. هتي جا ماڻهو ته هئا ئي ڪونه، اسين آياسين ۽ ڊرائيور کڻي گاڏي مان هٿ ڪڍيا. هنزه کي وسندڙ برسات ۾ الوداع ڪيوسين، هنزه کان ٻاهر نڪتاسين ڄڻ خواب مان سجاڳ ٿياسين. رستي ۾ گاڏي وري هڪڙي جهوپڙا هوٽل اڳيان اچي بيٺي، هوٽل ۾ اندر ويٺاسين ۽ ڪڙڪ دود پتي چانهه ٺهرائي پيتي سين. سڄي سفر جا ٿڪ لهي ويا. واپس اچي ساڳين اڏي گلگت تي پهتاسين، اتي ٻي وين انتظار ۾ بيٺي هئي. اها ئي وين هئي جنهن ڪالهه اسان کي چيلاس مان کنيو هو. وين ۾ سڀئي ڇوڪرا چڙهيا، مون سوچيو هيٺان پي سي او تان فون ڪري وٺان، پرينءَ جا احال احوال ڪري وٺان متان پريشان ٿئي جو ٻه ٽي ڏينهن کان رابطي ۾ ناهيون. مون فون ڪئي اتفاق سان نمبر ملي ويو پوءِ سڀني سان حال احوال ٿيا. پرينءَ جو آواز جيئن ئي سماعتن تائين پهتو، ڄڻ تازو توانو ٿي ويس، نئون روح ڀرجي ويو ۽ سفر جا سارا ٿڪ لهي ويا. تيستائين دوست وين کڻي ويا هليا. آئون پويان روانو ٿيس، هڪ رات جو وقت پنهنجي ديس کان هزارين ميل پري گلگت ۾ بلڪل اڪيلو ۽ اوپرو ٻيو ته ايترو خوف نه هو اِها پَڪ هئي ته ماريندو ته ڪير ڪونه پر پرس ۽ ڪيمره ڦري ويا ته ڄڻ سڀ ڪجهه ڦرجي ويو. اسپيڊ چڱي خاصي وڌائي ڇڏيم، اچي هاسٽل تي پهتس هڪ ٿڪجي پيس ٻيو ته سڀني گروپ وارن تي خوب ڪاوڙ هئي تنهنڪري ڪنهن سان به ڳالهايم ڪونه، سڌو روم تي پهتس. ٿيلهي ۾ تڙتڪڙ ۾ ڪپڙا سيٽ ڪيم باقي سڀئي ڇوڪرا ٿيلها کڻي هيٺ لهي رهيا هئا، ڪي ته وين ۾ ويهي به چُڪا هئا. آئون به ٿيلهو ڪُلهي ۾ وجهي اچي وين ۾ ويٺس، مون کي اڃا به ڪاوڙ وڌي وئي جو ڪنهن به مون کان اهو به نه پُڇيو ته تون پنڌ جلدي ڪيئن پهتين، خير ڏک ۽ ڪاوڙ جي گڏيل لهرن ۾ لڙهندي اچي شهر ۾ پهتاسين، انهيءَ ئي ساڳي رمضان هوٽل تي رات جي ماني کاڌي. جنهن وقت ماني جي وڏي گول ٽيبل تي سڀئي ڦري ويٺاسين، انهيءَ وقت نيٺ صبر جو پيمانو ڇُلڪڻ لڳو، سڀني کي مخاطب ٿي چيم، توهان مون کي اڪيلو ڪيئن ڇڏي آيا. سڀني تجسس سان نهاريو، ڪٿي؟! ڪٿي! وري اڻڄاڻ پيا ٿيو، سڀني اهڙو سيريئس انداز سان انڪار ڪيو، سمجهي ويس ته واقعي به اهي انهيءَ سڄي وارتا کان اڻواقف هئا. جڏهن ڳالهه ڪري ٻُڌايم ته پوءِ سڀني چيو يار معذرت اِها ته واقعي وڏي غلطي ٿي. اسان مان ڪنهن کي به اهو ذهن ۾ ئي نه رهيو ته ڪو اسان جو هڪڙو ساٿي گهٽ آهي. وري به خير ٿيو جو اڏي کان شهر ڏي آياسين، اگر شهر ڇڏيون ها ته پوءِ وڏو مسئلو ٿئي ها. هتي موبائل سروس به ناهي، شايد ئي ڪو رابطو ٿي سگهي ها. گلگت کي چنڊ اُڀري اچڻ کان پوءِ الوداع ڪري، بشام لاءِ نڪري پياسين.
    سامهون چنڊ هو ۽ هڪ طرف ڌرياءَ جي انتهائي اڇَي اُجري پاڻيءَ جو پٿرن سان ٽڪرائجندڙ سريلو آواز، ٻي طرف آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اوچا پهاڙ، اهڙا منظر ته اڪثر خوابن ۾ ڏسبا آهن ۽ اسين هينئر کليل اکين سان ڏسي رهيا هئاسين. تقريباً رات جو هڪ ٿيو هو، ڇانگله هلز تي اسٽاپ ڪيوسين ۽ ڪجهه دوستن چانهه پيتي، ڊرائيور کي به چانهه پياريسين جو رستي ۾ ڪٿي ڪٿي کيس ننڊ جو جهٽڪو پيو اچي. پاسي ۾ ويٺل سائين انعام ته هونئن ئي ٺهيو گاڏي ۾ ويٺو ته ننڊ گهيري وينديس، راجيش نوٽيس ورتو تنهن سائين انعام کي به هوشيار ڪيو ته ڊرائيور سان ڪچهري ڪر نه ته پوءِ سڀني جي سر جو خير ناهي. رستي ۾ دبير شهر جي ڀر ۾ وهندڙ درياءَ، شهر ننڍڙو پر خوبصورت منظر پي لڳو. اڳيان هلي صبح ٿيڻ وارو هو، هڪڙي جهوپڙا هوٽل تي چانهه پيتي.


    بشام

    بشام شهر به پهتاسين. ساڳي وين واري کي چيوسين ته هن سوات هلڻ لاءِ انڪار ڪيو. اُتان وري ٻي وين ڪئي، تڪڙو ئي نڪري پياسين. ڪلاڪ کن هلياسين، اڳيان رستي تي چينين ڪم پي ڪيو، تنهنڪري روڊ کي ٻنهي طرفن کان بلاڪ ڪريو بيٺا هئا. هيٺ لٿاسين خبر پئي ته اندر جبل مان سرنگهه پيا ٺاهين ۽ جبل اندر بجلي گهر ٿا ٺاهين. بهرحال روزانا ٻه ٽي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪندا آهن، جڏهن بم ڦاڙيندا آهن ۽ انهيءَ عرصي ۾ ڀل ڪو ڪيتري به ايمرجنسي ۾ ڇو نه هجي، پر رستو نه کوليندا، خير اسان نه چاهيندي به ٻه ڪلاڪ انتظار ڪيوسين.
    بشام جي سبز ۽ اوچين پهاڙين تي پري کان نظر ايندڙ گهر، ماڻهو ۽ مال پيا ڏسون. مون دوربين کنئي ۽ موقعي مان فائدو وٺڻ لڳس، پهاڙين جي چوٽين تي گهر ايئن پيا نظر اچن ڄڻ ڪي ٻارڙن جي راند جا ننڍڙا گهر ٺهيل هجن. حيراني ٿي ته اُهي ماڻهو مرڻا پرڻا سماجي سرگرميون ڪيئن ڪندا هوندا. پر خير جيڪو به جتي ۽ جنهن ماحول ۾ رهندڙ آهي، انهيءَ کي ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي آهي. اسان دوربين سان سڀ منظر پاڻ کي ويجهو ڪري ڏٺا، هاڻي گهرن ٻاهران چرندڙ ٻڪريون به نظر اچن پيون، جيڪي هونئن عام نظر سان نه پيون ڏسي سگهجن ۽ اُهي ٻڪريون به ايئن هلي گهمي رهيون آهن، جو ڄڻ پير ٿڙيو ته ويون، پر نه اُهي ڏاڍو مزي سان هيڏانهن هوڏانهن هلي رهيون آهن، ڄڻ ميداني علائقي ۾ چري رهيون هجن.
    مس مس وڃي ٻه ڪلاڪ پورا ٿيا ۽ فڪس ٽائيم تي روڊ کليو اسان سڀني گڏجي چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني ڪم ڪندڙ هجن ها ته ٻه ڪلاڪ جو ٻُڌائي چار ڪلاڪ ته آرام سان حرام ڪن ها، پر هي چيني هئا تنهنڪري پنهنجي ڳالهه تي پورو لٿا.
    هڪڙي ڳالهه جو مون کي عجب ٿيو، جڏهن بالاڪوٽ کان ناران پي وياسين تڏهن دريا ڪنهار ۽ پهاڙين جو ساٿ هو ۽ جڏهن مانسهره کان گلگت پي وياسين تڏهن اوچين پهاڙن جو ساٿ ۽ هڪ پاسي سنڌو دريا جو ساٿ، (جنهن کي بچائڻ لاءِ سنڌي هر وقت ساهه به صدقو ڪرڻ لاءِ تيار آهن). ۽ هاڻي هتي جڏهن بشام کان سوات لاءِ نڪتاسين ته رستي ۾ سوات دريا ۽ سبز پهاڙين جو ساٿ. رستي ۾ ايندڙ ننڍا ننڍا اسٽاپ جنهن ۾ بهله بابا، رحيم آباد، بابي الپوري، تحصيل الپوري ۽ ضلع شانگله آهي، الپوري جي مين بازار سٺي هئي.


    وادي سـوات

    وادي سـوات

    وادي سوات ۾ پهتاسين، ڄڻ زميني جنت ۾ پهتا آهيون. اهڙي ساوڪ ۽ اهڙا منظر ته ناران، ڪاغان توڙي هنزه ۾ به نه هئا جهڙا ساوا وڻ ۽ ميوات جا وڻ هتي وادي سوات ۾ هئا. مينگوره شهر ۾ پهتاسين. جمع جي نماز جو وقت به ٿي ويو، پر افسوس جو هيءَ جمع به جماعت سان نه پڙهي سگهيس، بلڪ پڙهي ئي نه سگهيس، مينگهوره اسٽاپ تان ئي ٻي وين سان ڳالهائي سامان ان وين جي ڇت تي لڳايو ۽ شهر جو سرسري نظارو ڪيو، کائڻ لاءِ ڪنهن بسڪيٽ ورتا ته ڪنهن جوس پيتو، ڪنهن ٻيو ڪجهه ورتو، کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ سڀئي آزاد هئا. هاڻي تڪڙو ئي مالم جبا لاءِ نڪتاسين.


    مينگوره

    مينگوره وادي سوات ڪنهن وقت ۾ گنڌارا تهذيب جو مرڪز هو ۽ جڏهن ڏهين صدي عيسوي ۾ هندو بادشاهن قلعا ٺهرايا هئا ۽ هزاره جي هڪ بزرگ سيد اڪبر شاهه هتي جو اقتدار سنڀاليو هو ۽ سيدو شريف کي ئي پنهنجي گادي جو هنڌ بڻايو هو. سيدو شريف ۽ مينگوره هڪٻئي سان گڏوگڏ آهن. هتي مينگوره ۾ سستائي تمام گهڻي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ وقت نه هئڻ جي ڪري شهر جون بازارون گهمي نه سگهياسين.
    انتهائي اوچائي طرف وين اسپيڊ سان چڙهندي رهي ۽ جبل کي چئني طرفن ڦرندي رهي، جيڪڏهن وين جو ٽائر ڦاٽي پوي يا بريڪ سلپ ٿئي ته سمجهو ڪجهه به نه بچي.
    وادي سوات جي گنگا جبل جي چوٽي تي چون ٿا چندر جي جو تخت هو ۽ اهو به چون ٿا ته جڏهن رام چندر بنواس ڪٽيو هو، تڏهن پُڻ انهيءَ جاءِ تي ڪٽيو هو.


    مالم جبا

    مالم جبا تي پهتاسين، هزارين فوٽ اوچائي تي هيءَ تفريح پوائنٽ ايتري ته خوبصورت هئي، جو جيئن ئي هتي پهتاسين ته هلڪي هلڪي برسات وسڻ شروع ٿي وئي. چئني طرفن وڻندڙ نظارا ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ سبز پهاڙن جون چوٽيون هيون، هتي هڪ وڏي خوبصورت ۽ مهانگي هوٽل آهي، جنهن جي اڳيان ٺهيل خوبصورت پارڪ. هتي وڏي رش هئي، اسان پُڻ صرف هن پارڪ ۾ ئي گهمي ڦري ڦوٽو وغيره ڪڍيا، هتان کان سامهون واري پهاڙ جي چوٽي تي پهچڻ لاءِ اهو شوق ايوبيه گلي تي پورو ڪري آيا هئاسين.
    هاڻي هوٽل جي اندر وڃي ويٺاسين، ڄڻ ڪنهن صدارتي محل اندر لهي ويا هجون، اهڙي رَنگ ۽ ڍَنگ جي سيٽنگ لڳي پئي هئي، هٿ مُنهن ڌوئڻ لاءِ هوٽل ۾ اندر جي طرف هليو وڃبو اندر ليڊيز ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ باٿ روم ٺهيل هئا، پر هن وقت باٿ رومن جو ڪم پي هليو، سنگ مرمر پي لڳايو ويو. هٿ منهن ڌوئي تازا توانا ٿي اچي ويٺاسين. ماني کاڌي، ماني زبردست هئي ۽ سڀني جي اڳيان ٽشو پيپر ۽ منرل واٽر جون بوتلون پيون هيون. ڏاڍو لطف پي آيو ماني کائيندي. بل ڏئي ٻاهر نڪتاسين، ٻاهر اڃا برسات هلي رهي هئي. اسان جي بيگن جي حالت خراب ٿي چُڪي هئي. ڊرائيور کي گهڻو ئي چيوسين ته مٿان پَنِي (پلاسٽڪ) ڏي، پر نه ڏنائين ۽ ٿيلها پُسي ويا. ڊرائيور چرس جو موالي هو، اسين جيستائين پي گهمياسين تيستائين الائي ڪٿي ڪُنڊ پاسي تي وڃي چرس پيئڻ لڳو، جڏهن روانا ٿياسين ٿي تڏهن به کيس ڳولڻ لڳاسين پوءِ وڃي هٿ آيو.


    رڳو ڪلمن پڙهڻ تي زور هو

    وسندڙ برسات ۾ وين ۾ ويٺاسين، ساڳين لاهين ۽ چاڙهين تان فل اسپيڊ ۾ وين کي ڊوڙائيندو ويو، ڊرائيور ڇوڪرو هو ۽ مٿان وري چرس جا ٻه ٽي سگريٽ پيتائين، پوءِ ته اسان سڀني جو رڳو ڪلمن پڙهڻ تي زور هو. اڌ سفر ڪٽي وري وين ڏنائين ڪنڊيڪٽر کي ۽ پاڻ وري سگريٽ دُکايائين، سگريٽ وارن کان مون کي اڳي ئي چڙ ٿئي، مٿان وري چرس. سائين انعام کي چيم سائين پشاور تائين هن سان گڏ هلڻ خطري کان خالي ناهي، مينگوره پهچي ٻي وين سان ٿا ڳالهايون، دير ئي نه لڳي سوات دريا جي ڪناري تي پهتاسين جتي پڪنڪ پوائنٽ ٺهيل آهي. هتي پَکن سان اڏيل جهڳيون جنهن ۾ رکيل کٽون، شايد ڪرائي تي هيون، ڇو ته هن پوائنٽ تي مڇي جو شڪار ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ مڇي ٽانڊن تي پچائي کاڌي ويندي آهي. هتي فيملين وارا به کوڙ ماڻهو نظر آيا ۽ اسان پارن ڇڙهن جا ته هونئن ئي ولر هئا. الائي ڪيترائي ڀيرا ساڳي ڳالهه وري وري پئي ڪرڻي پوي ته ڄڻ خوابن جي دُنيا ۾ گهمي رهيا هجون، اهڙا خوبصورت منظر، دل کي ڪوئي ياد آيو:
    يادن جا طوفان اُٿن ٿا، تون جو ناهين منهنجي ڀر ۾،
    کنڊر خواب هي محل لڳن ٿا، تون جو ناهين منهنجي ڀر ۾.
    فوراً نمبر ملايم، پرينءَ پنهنجي ساهن جي سرگوشين سميت منهنجي مَن ۾ اچي وَسيو، خوب ڪچهري ڪئي سين ۽ هتي پهريون ڀيرو امان سان به ڳالهايم، چيم امان دُعا ڪجائين هاڻي ٻن ڏينهن کان پوءِ موٽي ايندس ۽ وري پرينءَ سان پيار ڪندي موڪلايم، اهو ئي ساڳيو سوال واپس ڪڏهن ايندين، چيم بس هاڻي انتظار جا ڏينهڙا وڃن پيا ويڙهبا، بس هاڻي ڪجهه ئي پهرن ۾ تو تائين پهچندس، موڪلايوسين.
    دوست سڀئي چانهه پي رهيا آهن ۽ مون کي سڏي رهيا آهن. آيس چانهه پيتي، هاڻي روانا ٿياسين، مينگوره شهر جو ديدار ڪندي اڳيان لڳ ئي بريڪوٽ شهر شروع ٿئي ٿو ۽ اڳيان پشاور روڊ تي ڪجهه ٻيا به شهر آهن. شهر کان جيئن روڊ ٻاهر نڪتو، ڄڻ ڪنهن ٻهراڙي ۾ پهچي ويا هجون، ڪٿي ڪچي ۾ لهي ويا هجون، ايتري ته ڌوڙ رستي تي جو شيشا بند ڪياسين ته ساهه مُنجهڻ لڳو، ڪجهه ڪلوميٽر اهڙي حالت ۾ گذارياسين، اڳيان هي جوان جو پٽ پٺاڻ ڊرائيور پنهنجي گهر ڪو ڪم هئس، تنهن وچان سوڙهي رستي تان ڪٽ ڪئي. سائين کي اسان پويان آواز ڏنا، سائين هي پشاور جو مين روڊ نٿو ٿي سگهي، هي ته پاڻ کي ڪيڏانهن ٻهراڙي ۾ پيو وٺيو وڃي. بهرحال ڊپ پوءِ به نه هو، واقعي به هڪ ڳوٺ ٻاهران گاڏي روڪي ۽ ڊوڙي ڪوٽ وٽان هليو ويو، هاڻي سائين انعام کي به شڪ ٿيو تنهنڪري سائين انعام پشاور وارن دوستن کي فون ڪري ٻڌايو ته هن وقت اسين هڪڙي ڳوٺ وٽ پهتا آهيون ۽ اچون پيا، ڪجهه دير کان پوءِ چار پنج ٻيا به همراه ڊرائيور سان گڏ نڪتا جن جي هٿن ۾ لائٽون ۽ شايد لٺيون هيون ۽ گڏ ٿڌي پاڻي جون بوتلون پڻ. ٿڌو پاڻي سڀني پيتو پوءِ نڪتاسين وري سفر تي تڏهن وڃي ڪجهه ڇوڪرا سانت ۾ ٿيا، تيستائين انهيءَ خوف (سسپينس) ۾ هئا ته الائي ڇا ٿيندو. بهرحال ڊرائيور اچيو ٿو وين کي ڀڄائي سڀني گاڏين کي پوئتي ڌڪي پاڻ اڳيان نڪريو پيو وڃي، پويان آهستي آهستي آواز اچڻ لڳا، ابا آهستي هلائي اڃا اسان کي اڳيان به گهمڻو آهي. خير دعائون گهرندا ڪلما پڙهندا اچي پشاور جي وڏن ۽ ويڪرن رستن تي پهتاسين.


    پـشـاور

    پـشـاور

    هاڻي اسين انهيءَ پشاور جي رستن تي هلي رهيا هئاسين جنهن پشاور ۾ ڪلاسيڪل شاعر خوشحال خان خٽڪ اکيون کوليون هيون. جنهن جو پيءُ خٽڪ قبيلي جو سربراهه ٿي رهيو هو. مغل فوجن جي پاران هن کي گهڻيون ڪاميابيون نصيب ٿيون ۽ اورنگزيب جي زماني ۾ ڪنهن غلطي جي ڪري هي بادشاهه جي نظرن ۾ ڪري پيو ۽ هن کي مغل عدالت پشاور ۾ قيد جي سزا ٻُڌائي. پوءِ دهلي ۽ جئه پور جي قيد خانن ۾ رهيو. 57 سالن جي عمر ۾ کيس آزاد ڪيو ويو ۽ هن شاعري پُڻ قيد واري زماني ۾ ڪئي. هن آخري وصعيت ڪئي ته آئون مران ته اُتي دفن ڪجو جتي مغل حمله آورن جا پير به نه پُهچن.
    اسين به جيستائين هاسٽل تي پهچون، تيستائين ڊرائيور سان تلخ ڪلامي ٿي پئي، اصل ۾ صرف جڳهه جو صحيح علم نه هئڻ جي ڪري ئي ايئن ٿيو، خير پوءِ ٻيو ڇوڪرو جيڪو رستي مان چڙهيو هو تنهن ڏس ڏنو ته هاسٽل ته پويان آهي، توهان اڳيان پيا وڃون، پوءِ گاڏي کي پوئتي موڙي آياسين هڪڙي وڏي ايراضي تي پکڙيل هاسٽل ۾ هن هاسٽل جي مشابهت لاهور يونيورسٽيءَ واري هاسٽل سان ملندڙ جلندڙ هئي.
    جيستائين هاسٽل اچي وري به ياد پيا جي اچي ويئي، سوچيم ڇو نه پرينءَ سان حال احوال ڪري وٺجي ۽ فون ڊائل ڪيم، منٽن ۾ هزارين ميلن جو فاصلو طئه ڪري پرينءَ جي ساهن جي سُرهاڻ مونکي معطر ڪري وئي.
    شام جي لالاڻ ۾ تنهنجي بدن ۽
    تنهنجي چپن جي ڳاڙهاڻ ته
    روز ڏسندو آهيان
    پر
    اڄ واهوندي جي واءُ ۾
    تنهنجي ساهن جي سُرهاڻ آئي
    ڇا؟
    هي هوائون ڪوڙ ٿيون ڳالهائن
    يا
    واقعي ئي تون ايڏا وڏا
    ساهه کڻندي آهين!؟
    نيٺ پُڇائي پُڇائي اچي پُهتاسين، جِتي پهچڻ گُهربو هو، اُتي پهچي ئي وياسين. بدين کان عمران جو فون آيو پڇيائين ڪٿي آهيو؟! ٻُڌايو مانس ته هاڻي پشاور يونيورسٽي هاسٽل تي پهتا آهيون.
    سامان وڃي هڪڙي وڏي ڪمري ۾ سائيڊ کان شفٽ ڪيوسين، خبر پئي ته رهائش به اتي ئي آهي، AC روم هو فرش تي قالين وڇيل هو، ويٺاسين ۽ پوءِ سڀ واري واري سان تڙ ڪري هاسٽل تي وياسين، سڀني دوستن پنهنجي پنهنجي ماني کاڌي، ڪن بسڪيٽ کاڌا جنهن کي جيڪو وڻيو پر سڀني جي حالت بُري هئي. سڄي ڏينهن جي سفر دوران ۽ ٻيو ته موالي ڊرائيور سان گڏ سفر ۾ هئاسين سو ساهه سُڪا پيا هئا.
    آياسين روم تي اردو ڳالهائيندڙ دوست شروع ٿي ويا پَتن تي، باقي اسين ٻيا تقريباً سمهي رهياسين، هو الائي ته ڪيتري دير کان پوءِ سُتا هئا.
    صبح ساڍي ستين وڳي کان به پهرين اُٿياسين، تياري ڪئي سين، ڪلاڪ ڏيڍ تياري ۾ لڳو، جيستائين سڀئي دوست تيار ٿي نڪرن، تيستائين مون موقعي مان فائدو وٺندي هاسٽل جي اڳيان خوبصورت پارڪ ۾ ٻه ٽي فوٽوگرافس وٺي لاتا.


    پشاور يونيورسٽي

    پشاور يونيورسٽي ئي سڀ کان پهرين گهمڻ ۾ شامل هئي، يونيورسٽي ۾ ڪيميڪل ليب گهمياسين، دوستن کي هتي وري منهنجو نالو ياد آيو. مسٽر جي آر مور، گهمي ورتوسين تيستائين اسان لاءِ ريفريشمنٽ جو بندوبست پڻ ٿي چُڪو هو. ريفريشمينٽ ڏاڍي مزيدار هئي تقريباً سڀئي ائٽم شامل هئا. آخر ۾ چانهه به پيتي. مونکي لاهور ۽ پشاور جي مهمان نوازي ۾ رات ڏينهن جو فرق محسوس ٿيو. هتي پشاور ۾ جنهن نموني مهمان نوازي ڪئي وئي، ڄڻ اسين هنن جا پنهنجا هجون ۽ هُتي پنجاب ۾ جيڪو رويو رکيو ويو، ڄڻ اسين هنن تي بار هجون يا ٻُڌائڻ بغير اويلا مهمان آيا هجون. ۽ پوءِ رهيل ليب گهمياسين ۽ ايئن وقت ويو ويڙهجي، آخر ۾ سڀني استادن اسان کي ٻاهرين گيٽ تائين گروپ جي شڪل ۾ رخصت ڪيو. يونيورسٽي جي AC وين اسان کي کڻي آئي اڏي تي، رستي ۾ سائين انعام بينڪ ٻاهران لڳل A.T.M مان پئسا ڪڍيا ته ميراڻي به لهي پيو، تنهن به پئسا ڪڍڻ لاءِ جيئن ڪارڊ اندر وڌو ڪارڊ ڦاسي پيو، هڪ ته وقت نه هو ٻيو اهو مسئلو، پر پوءِ جلد ئي خير ٿي ويو نه ته ڏاڍي ڏکيائي ٿئي ها. خير وين کي فُل اسپيڊ ۾ ڀڄائي اچي اڏي تي پهتاسين. اڏي تان ٻي هاءِ ايس ڪرائي تي ڪئي سين رهيل سيٽن جا به پئسا ڀرياسين ته جيئن ٽرين کي پهچي وڃون.


    9 هزار ٻُڏي ويا

    جيئن ئي پشاور کي پوئتي ڇڏي موٽروي تي چڙهياسين تيئن ئي هاءِ ايس 120 اسپيڊ سان هلي رهي هئي. هن روڊ تي ڪيترو به گاڏي کي فل اسپيڊ ۾ هلائي پوءِ به ڄڻ آهستي پئي هلي، يا ڄڻ پاڻي مان پيئي گذري، روڊ تي ٿوري ٿوري فاصلي تي مختلف هدايتن جا بورڊ لڳل آهن. استاد کي عرض واري انداز ۾ چيوسين استاد اڄ جيڪڏهن ٿي سگهي ته هنن هدايتن تان هٿ کڻو ۽ اسان کي پهچايو. پر اهو ته صرف اسانجو خيال هو. ڊرائيور ايئن نه پيو ڪري سگهي. رستي ۾ ئي سائين انعام فون تي نائٽ ڪوچ جو پُڇي ٿو وٺي، چيائون 6:50 وڳي نڪري ويندي، اسان وٽ باقي اڌ ڪلاڪ بچيو هو ۽ فاصلو وڏو پيو هو. هاڻي ٻيا سڀ آسرا لٿا ۽ ڊرائيور کي به چيوسين توهان جي مرضي آهي، جيتري اسپيڊ تي هلو اسين ته نه پهتاسين، وري ٻيو خيال آيو ته جي ڪوچ اڏي تي لهي اُتان ڪوچ ۾ وڃجي ته اڳيان رائيونڊ وٽ پهچي سگهون ٿا. وين واري کي ٻه سؤ روپيه وڌيڪ ڏنا، اچي ڪوچ اڏي تي پهچايائين پر اتان به آسرو نه مليو ۽ ايئن اسان جا صرف اڌ ڪلاڪ جي اندر تقريباً 9 هزار ٻُڏي ويا. پوءِ رسڪ نه کنيوسين، آياسين اسٽيشن تي پهرين ته ڪوشش ڪئي سين ته ڪا ٻي گاڏي ملي وڃي ته به هليا وڃون، پر پهرين گاڏي شاليمار سا به صبح جو 6:00 وڳي نڪرندي، پوءِ سائين انعام ۽ هڪ ٻه ٻيا ڇوڪرا ويا پهرين هوٽل جي تلاش ۾، اسين اسٽيشن تي بيٺا رهياسين، هن وقت سڀني جي جيڪا حالت هئي سا ڏسڻ وٽان هئي، ڄڻ سموري سفر جو ٿڪ اڄ پيو محسوس ٿئي، ڄڻ هيترن ڏينهن ۾ ڪٿي ڪا بوريت نه ٿي سا سموري بوريت اڄ اچي اسان سان گڏي آهي.


    ٻيهر لاهور ۾

    ٻيهر لاهور ۾

    ڪجهه دير کان پوءِ سائين انعام وارا آيا ۽ چيائون هلو هوٽل جو ڪمرو بُڪ ڪرائي آيا آهيون. سڀني سُست جسمن تي وزندار ٿيلها کنيا ۽ ٿيڙ کائيندڙ قدمن سان بي دليا اڳتي وڌندا رهيا. نيٺ اچي انهيءَ هوٽل تي پهتاسين، ماڊرن هوٽل، هوٽل پُراڻي طرز جي ٺهيل آهي، اهڙي ڪا خاص يا مهانگي به ناهي، ڇو ته هڪڙو وڏو روم چار بيڊ پيل ۽ ايئرڪنڊيشنڊ روم پوءِ به چارج صرف 13 سؤ روپيه ڏني، روم نمبر 214 ۾ اچي سامان اُڇليو ۽ سڀ ساڻا ٿي ڪِريا، پر پوءِ جلد ئي سڀ هيٺ لٿا، ماني جو پروگرام ٺاهيو، ماني وري به سڀني چيو ته ساڳئي حافظ هوٽل تي ٿا هلون. اُتي برياني کاڌي، برياني به واهه جي هئي. پوءِ ڪجهه ڇوڪرا آيا هوٽل تي اُنهن کي جلدي لڳي سمهڻ جي ۽ مون کي ته سڀني چيو: “مور تون ڀلي وڃ داتا گنج بخش جي حاضري ڀرڻ جو تنهنجي ڪري ئي اسين سڀ ذليل ٿيا آهيون. جا وائي ڪڍي هئي ته داتا گنج بخش جي مزار تي نه هلياسين ڄڻ لاهور نه گهمي سين، هاڻي تون وڃي گهمي اچ.” آئون سائين انعام، راشد، وجئه ۽ راجيش مزار گهمڻ جي ارادي سان اُن ئي طرف رُخ رکيو.


    داتا گنج بخش جي مزار

    داتا گنج بخش جي مزار سمجهيوسين اِها ويجهي آهي، پنڌ ٿا هلون ماني به کاڌي آهي ٻيو وڏو سفر ڪيو آهي، ويهي ويهي ٿڪجي پيا هئاسين. پنڌ نڪتاسين پوءِ غلط رستي تي الاهي پنڌ هليا وياسين، پر مزار نظر نه آئي نيٺ سامهون ايندڙ ٻن همراهن کان پڇيوسين، انهن ٻُڌايو ته اوهين ته غلط رستي تي هليا آهيو، واپس ورو پوءِ واپس ورياسين، هن همراه جيڪو ڏس ڏنو اِهو به عجيب هو، چئي توهان سؤ قدم پوئتي مُڙو ٻه سؤ قدم ساڄي مُڙو چاليهه قدم کاٻي مُڙي ٻارهن سؤ قدم سڌو وڃو، داتا جي دربار جي سامهون هوندا. خير اسان جي سامهون رڪشا پي آئي اُن کي ڏناسين چاليهه روپيا پهچائي آيو. داتا گنج بخش جي مزار تي. داتا گنج بخش جي مزار ۾ جيئن ئي اندر داخل ٿياسين هڪڙو وڏو انبوهه ماڻهن جو محسوس ڪيوسين، ايتري ته رش هئي ۽ وڏي ايراضي ۾ درگاهه آهي، جنهن جي احاطي ۾ سوين فقير ۽ حاضرين ايندا آهن، جيڪي حاضريون ڀريندا آهن ۽ لنگر چوويهه ڪلاڪ پيو هلندو آهي، گهڻا فقير ته صرف کائڻ پيئڻ ئي ايندا آهن، هتي به وڏي عقيدتمندي محسوس ڪئسين.
    تقريباً 400هه 1010ع ۾ سيد عثمان هجويري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد علي هجويري ۽ پوءِ داتا گنج بخش جي نالي سان مشهور ٿيو. داتا گنج بخش والد جلاب ۽ والده هجويري جا رهندڙ هئا، والد جي وفات کان پوءِ داتا گنج بخش مستقل ننهيال ۾ رهيو ۽ پاڻ پنهنجو پاڻ کي “جلابي ثم الهجويري” تصوف جو انسائيڪلوپيڊيا سڏيو ويندڙ ڪتاب “ڪشف المحجوب” سميت ڏهه کن ڪتابن جو مصنف ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعر لکندڙ حضرت داتا گنج بخش 429هه يا 431هه ۾ لاهور ۾ اچي پنهنجو آستانو اڏرايائين. چون ٿا ته داتا گنج بخش جيڪو شيخ حسين رنجاني کي پنهنجو مرشد مڃيندو هو ۽ هڪ ڏينهن سندس مرشد کيس حڪم ڏنو ته تون لاهور وڃ. داتا گنج بخش جيئن ئي لاهور پهتو ته رات ٿي وئي ۽ کيس رهڻ لاءِ ڪٿي جاءِ نه ملي، ٻاهر کليل آسمان هيٺ ئي رات گذاريائين، صبح ٿيو ڏسي ته ماڻهو هڪڙو جنازو کڻيو پيا اچن پُڇا ڪرڻ تي خبر پيس ته شيخ حسين رنجاني جو جنازو آهي، پوءِ کيس پنهنجي مرشد جو حڪم سمجهه ۾ آيو.
    481 يا 500 جي درميان هن فاني جهان کي الوداع ڪندڙ داتا گنج بخش جي مزار قلعي جي اولهه طرف آهي. مزار پهرين غزنوي حڪمران سلطان ابراهيم بن سلطان محمود غزنوي 451 کان 492 تائين 1099 جي وچ ۾ ٺهرائي. ان کان پوءِ مختلف وقتن تي تعمير ٿيندي رهي آهي.
    درگاهه جي هڪ طرف کان وڏي مسجد تعمير ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ تقريباً 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو هڪ ئي وقت نماز پڙهي سگهن ٿا. اسين مختلف رُخن کان گهمندا اچون پيا. ماڻهو اڱڻ ۾ ايئن سُتا پيا آهن ڄڻ فوٽ پاٿ تي پيا هجن، هڪ طرف نعتون، مولود ۽ ڪٿي وري شاعري ۽ تقرير هئي. هڪڙي ٽولي اهڙي هئي، جنهن ۾ هڪ نوجوان مولوي تقرير پئي ڪئي ۽ شعر پي پڙهيا واهه جو ماڻهن تي گرفت پاتي هئائين. اسان خود ڏهه کان پندرهن منٽ اُتي هڪ ئي جاءِ تي بيهي ٻُڌوسون. آخر ۾ سائين انعام مووي ٿي ڀري، تيستائين پوليس وارو اچي پهتو، تنهن منع ڪري ڇڏي. آياسين مزار تي قل پڙهياسين ۽ دُعا گهري سين، تيستائين هڪڙو همراه شايد ڪو آفيسر يا جاگيردار ٿي لڳو، سڀني زائرين کي پوليس وارا ڌڪا ڏيو پيا هٽائين ۽ گل ڇٽيندا وڃن، مونکي انهيءَ عمل تان اهڙي چِڙ آئي، پر ڇا ڪجي سڄو سسٽم ئي خراب لڳو پيو آهي.
    هتي وڏ گهراڻن جون ٿلهيون متاريون مايون به ٽولين جي صورت ۾ پي آيون ته، انتهائي خوبصورت عورتون به موجود هيون ۽ زيارتون ڪنديون رهيون. اسان کي ته هاڻي ڪافي دير ٿي چُڪي هئي، تنهنڪري سڀني دوستن چيو هاڻي واپس ٿا هلون. ايئن داتا گنج بخش کان به موڪلايوسين. ٻاهر گيٽ تي ننڍڙا ٻارڙا ڀڳڙا کڻيون بيٺا هئا، الائي ڇو هتي به مونکي لڳو انهيءَ ٻار کان کنڊڀڳڙا خريد ڪندس ته شايد خوش ٿيندو سو ڪجهه پيڪيٽ ورتامانس.
    ٻاهر نڪتاسين، چنگچي پڪڙي سين، هاڻي سڀئي دوست پيا چون مور هاڻي ته بس تنهنجي خواهش پوري ٿي ۽ تو لاهور به مُڪمل ڏسي ورتو. چيم ها سائين اِها حقيقت آهي پاڻ سڄي لاهور جو احوال ڏينداسين، پر جي داتا گنج بخش تي نه وڃڻ جو چيوسين ته سڀڪو چوندو، پوءِ اوهان لاهور گهمي ئي ناهي.
    آياسين هوٽل تي، دوست سڀڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ستو پيو هو اسين به اچي سمهي پياسين. صبح سويري سجاڳي ٿي سڀني دوستن کي اٿاريم مون تڙ ڪيو ۽ ڪجهه دوستن ته تڪڙ جي ڪري تڙ به نه ڪيائون، ڇو ته هڪڙي ٽرين هيڏو نقصان ڏيئي گذري وئي. جيڪڏهن هينئر به ايئن ٿو ٿئي ته پوءِ واپسي لاءِ پرس ۾ ايترا ڏوڪڙ ئي ناهن بچيا. سڀ تڪڙ تڪڙ مان اچي اسٽيشن تي پهتاسين، ٽرين به ٿوري وقت ۾ هلڻ واري هئي، سائين انعام ٿوري جو دير ڪئي سڀني کڻي موبائل ڪنن تي رکيا ۽ سڀني جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ لڳي ته پڪ ئي پڪ هي ريل به وئي ۽ هن ڀيري به 9 هزار ويا، پر تيستائين سائين انعام تي نظر پئي، جنهن پري کان ئي اشاري سان چيو توهان جتي اچي چڙهي پؤ پوءِ پيا سيٽنگ ڪنداسين اُن ڪري جو ريل هلڻ شروع ڪيو هو. سڀئي تڪڙا تڪڙا بوگين ۾ چڙهي پياسين. ٿوري دير کان پوءِ سڀني ڇوڪرن کي سائين انعام پنهنجون پنهنجون ٽڪيٽون ڏنيون ۽ سيٽون وٺي ڏنيون. هن ڀيري سڀئي دوست هڪٻئي کان الڳ الڳ ٿي ويٺاسين پر پوءِ به “ڏينهن شينهن” واري ڳالهه ته مرڳو مزو ٿي ويو، جو هڪ ٻئي جي خبرچار لهڻ جي بهاني ٻه ٽي بوگيون ته گهمي رهيا هئاسين. هي شاليمار ٽرين هئي ۽ هن ۾ هڪ سيٽ مٿان هڪ برٿ هو نائٽ ڪوچ وانگر هڪ سيٽ مٿان ٻه ٻه برٿ نه هئا.


    اکين جو قسم پو رُلن ٿيون اکيون

    واپسي جو سفر شيڊول کان هٽيل هو، تنهنڪري ڪنهن وقت بوريت ڪنهن وقت اُداسي جون هوائون لڳي ٿي ويون، ته وري ڪنهن وقت ڪنوارين نگاهن جي نظر به ٿياسين پي.
    هڪڙو عجب ٿيم ته سامهون واري سيٽ تي هڪڙي فيملي سان گڏ هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري مشڪل سان نئون ڏهه سالن جي هوندي تنهن کي ڪو اوچتو ڪان لڳو سو به پٺاڻ جو، جيڪو اسان سڀني ۾ قد جو ننڍڙو هو ۽ انتهائي بيڪار قسم جي ۽ ميري شرٽ پاتل. انهيءَ تي هي به همراه سگريٽ مٿان سگريٽ پيو پيئي ۽ هو ڇوڪري ته اک ئي نه پي ڪڍي، سندس فيملي جنهن سان گڏ مرد به هئا اُنهن جو ٿورو به خيال نه پئي ڪري. تڏهن دل تي تري آيو:
    اکين سان جڏهن ملن ٿيون اکيون،
    اکين جو قسم پو رُلن ٿيون اکيون،
    ٽوڙي ڪن ٿيون هي حِصا حِصا،
    جڏهن ڀي ملي پو ٽُٽَن ٿيون اکيون.
    پر اهو منهنجو خيال هو، هتي نه ئي اُن ڇوڪريءَ کي اهڙو ڪو اثر ٿيندو ۽ نه ئي هن پٺاڻ جي پُٽ کي، هنن ته هونئن ئي مڙئي پي دل پشوري ڪئي ۽ هوءَ اڃان محبت جي ميدان ۾ بالغ به نه هئي.
    آئون وري به پرينءَ سان رابطو بحال رکان ٿو ۽ ٻُڌايانس ٿو ته حيدرآباد پهچي حال احوال ڪنداسين، پر شايد اڄ نه پهچي سگهان، جو حيدرآباد ئي ڏهه يارهن وڳي پهچنداسين ۽ پوءِ بدين جي گاڏي ملڻ مشڪل آهي.
    ٽنڊي آدم کان هڪڙو ننڍڙي عمر جو پر تمام موٽو ۽ چيني اسٽائل وارو، چشمون پاتل ڇوڪرو سوار ٿيو، جنهن جي هٿ ۾ مٺائي جو دٻو هو، مٿي برٿ تي وڃي سُتو، مٺائي وارو دٻو هيٺ ويٺلن تي اچي ڪريو، انهن لڪائي ڇڏيو، جڏهن همراه سجاڳ ٿيو تڏهن لوڻا هڻڻ لڳو ته مٺائي ڪيڏانهن وئي، پوءِ هيٺ ويٺل همراهن کي به لڳو مذاق انهن اهڙو ته تنگ ڪيس پر پوءِ اهو چينائي مهانڊو رکندڙ ٻار به سنڀالي ويو ۽ چرچن جا جواب ڏيندو حيدرآباد تائين کلائيندو آيو.
    حيدرآباد اسٽيشن تي لهي سڀني دوستن هڪٻئي کان ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ ٿوري دير هٿ هوائن ۾ اُڏريا، پوءِ سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي آکيري ڏانهن اُڏامي ويو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465627
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ