12
”مون ته ٽيليفون نه ڪيو هو، باقي گھڻي دير اڳ چيف آفيسر فون نمبر وٺي ويو هو.“
ڪئبن کان ٻاهر نڪتس ته چيف آفيسر مظهر ۽ ڀرواري مالديوين جهاز (Ocean Glory) جو چيف آفيسر راشد ۽ سيڪنڊ انجنيئر طيب سوٽ ڪوٽ ٽاءِ ۾ تيار بيٺا هُئا. مون کي ڏسي مظهر چيو:
”مُبارڪ. مبارڪ. اچي ته ويا. اسان انتظار ڪري اڌُ مُئا ٿي ويا آهيون. فرئنڪلن جي برٿ ڊي پارٽيءَ لاءِ ڪونه هلندين؟ هن هر هر اچڻ لاءِ پئي چيو.“
اسان وري پويان پير کڻي بندرگاهه جي دروازي کان نڪري ٽئڪسي جي ڳولا لاءِ مين روڊ تي اچي بيٺاسين. رستي تي راشد پنهنجي اَن تي ڇڏيل مُڇن کي آڱرين سان استري ڪندي چيو:
”فرئنڪلن ڪرسچن ۽ هتي جي هاءِ سوسائٽيءَ جو آهي هلو ته نمونو ڏسي اچون. ڪيتريون ئي ڇوڪريون به آيون هونديون. ڊانس جو به پروگرام هوندو.“
مظهر خار کائيندي منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو:
”هڪ فرئنڪلن ڪارو انگريز، هڪ هي پنهنجو ڪرنٽو راشد. اچي ٿيا ته خوار آهيون، پر هاڻ هل. پاڻ ٻئي جلدي موٽي اينداسين.“
اوشئن گلوري جهاز جي سيڪنڊ انجنيئر طيب وات ۾ آڱوٺو ۽ آڱر گھيڙي هڪ زور سان سيٽي وڄائي ۽ جنازو کڻندڙ بس جهڙي هڪ ٽئڪسي چرڙاٽ ڪندي اڳتي ينگ وومين ٻُڌ ائسوسيئيشن (Y.W.B.A) بلڊنگ وٽ وڃي بيٺي.
ٽئڪسيءَ واري چيو ته، ”ميٽر تي ڪونه هلندس. عربن تيل بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ بندرانائڪي جي حُڪومت کاڌي تي مهانگائي ڪئي آهي.“
”اڙي دارون پي ٽئڪسي ٿو هلائين،“ سيڪنڊ انجنيئر طيب سنهاليءَ ۾ چيس. ”هل ’ڪال ــ پٽيا‘ جي ٿاڻي تي ته ٺيڪ ڪرائين.“
”ڪال پٽيا جي ٿاڻي تي هلندس. پر،“ ڊرائيور جھومندي چيو، ”رات جو وقت آهي ميٽر تي ڪونه هلندس. پنڌرهن روپيا ٿاڻي تائين جا وٺندُس ڇاڪاڻ ته عربن تيل بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ بندرانائڪي جي حُڪومت .......“
”سخت گڏھ ٿو ڪو ڏسجي.“ طيب ڀڻڪندي چيو، ”هر ڳالهه ۾ عربن تيل بند ڪيو آهي ۽ بندرانائڪي جو ڏوھ!“
ڀر ۾ اچي بيٺل هڪ ٻي ٽئڪسي جي ڊرائيور اسان کي پاڻ ڏي سڏيو. پهرين ٽئڪسيءَ واري کيس ڀاڙو کڻڻ کان منع ڪئي، پر هن ميٽر هيٺ ڪري در کولي اسان کي اندر ويهاريو. منهنجي پاسي وارو درُ ٻه ٽي دفعا بند ڪرڻ جي ڪوشش سان به بند نه ٿيو. ڊرائيور لهي سوتليءَ جي ڌاڳي سان چڱيءَ طرح ٻَڌو.
”اڙي ذليل،“ پهرين ٽئڪسيءَ واري ٻي کي چيو، ”منهنجو ڀاڙو ٿو کڻيو وڃين. حرامي، سوئر، دروازو ته پهرين درست ڪراءِ پوءِ ٻين جي روزي تي لَتَ هڻُ.“
اسان جو ڊرائيور چُپ چاپ ٻڌندو گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ ۾ لڳو رهيو. چوٿون دفعو چاٻي گھُمائڻ سان گاڏيءَ جي انجڻ اسٽارٽ ٿي. هن گاڏي گيئر ۾ وڌي ۽ پوءِ ڪلچ تان پير کڻڻ کان اڳ پهرين ٽئڪسي واري کي ڪچي گار ڏيندي چيو.
”ميٽر پنهنجو ٺيڪ ڪراءِ ڪُتا! نه ته بُک مري ويندي.“ ۽ پهريون ان کان اڳ ڪا ورندي ڏئيس يا عربن ۽ بندرانائڪي کي ڏوهاري ٺهرائي تنهن کان اڳُ اسان جي ٽئڪسي زوڪاٽ ڪندي، ڪولمبو جي رات جي ماٺ کي چيريندي اڳتي هلي وئي.