28
جيتوڻيڪ پويون ٻه شيون اسان جي پاڪستاني (Sailors) سان گھڻو لاڳو نه آهن؛ جن جو سبب مذهبي رڪاوٽون، پاڪستان جهازران ڪمپنين جي قاعدن جي سختي، جهاز جو ماحول ۽ معاشي حالتون آهن. پر ان هوندي به اسان جا ڪيترا شهزادا ٿڙندا رهندا آهن. ٿاٻڙندا رهندا آهن ۽ ايمان جي ڪچي گھر جي ڀتين ۾ سيرون پونديون رهنديون آهن. ڪي ته خاص انهن ٽن ڊبليوئن لاءِ هيءَ نوڪري پسند ڪن ٿا. خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جا جهازي (Sailors) انهن ڳالهين کان ڪافي بدنام آهن ۽ انهن ملڪن جي ناولن ۽ فلمن ۾ پڻ سيلر کي چڱو بدنام ڪيو ويو آهي. پوءِ هاڻ کڻي ڪو پاڻ کي ڪيترو به معتبر رکي پر نالو جو بدنام ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ماڻهن تي جهازين (Sailors) جو سٺو اثر ويٺل ناهي. ان ڪري ڪنهن به ڌارئين سان ملڻ وقت هميشه اهو خيال رهي ٿو ته ڪٿي هن تي خراب اثر ته نه ويٺل آهي. جيئن اسان وٽ پي ڊبليو ڊي ۽ روينيو کاتو معنى ’اڪثر آفيسر رشوت خور‘ سمجھيا وڃن ٿا پوءِ کڻي ڪير نه به هُجي ته به اثر ته خراب ويٺل آهي. جپان ۾ هڪ هوٽل ۾ اسان جي جهاز جو سيڪنڊ آفيسر ۽ ٿرڊ انجنيئر ڪافي پي رهيا هُئا ته ڀر واري ٽيبل تي ٻه ڪاليج جون جپاني ڇوڪريون اچي ويٺيون ۽ کين ڌارئين ملڪن مان آيل ڏسي کانئن پاڪستان بابت خبرون پُڇڻ لڳيون ۽ ڳالهين ڪندي هڪ اوچتو پُڇيو:
“Are you Sailors?”
”نو،“ سيڪنڊ آفيسر معصوم صورت ٺاهي چيو، ”وي آر گُڊ سيلرس“ (We are good Sailors) يعني جهازي آهيون پر اهي نه آهيون جيڪو اسان بابت ماڻهن جو رايو آهي..
(هاڻ جهاز تي انهن جو نالو ئي ”گُڊ سيلرس“ پئجي ويو آهي.) سو انهي قسم جي جرم جو احساس اڪثر سڀني جهازين کي رهي ٿو ــ خاص ڪري جپان، هانگ ڪانگ، سنگاپور، انگلنڊ، جرمني جهڙن ملڪن ۾ (Sailors) کي سُٺي نظرن سان نٿو ڏٺو وڃي. سڄي ملڪ ۾ ته نه پر خاص ڪري انهن ملڪن جي وڏن بندرگاهن ۾. اهڙن هنڌن تي شرابخانا، ڪلب، بار هوٽلون؛ ناچ گھر، مساج گھر، هر قسم جون عورتون جام ملنديون ۽ ڪيترا لاپرواهه جهازي ناسمجهيءَ ۾ پنهنجي صحت خراب ڪري وهندا آهن ۽ هو ٻاهر جي رونق ۽ ڏيک جي ڄارَ ۾ ڦاسي، باد فرنگ (Syphilis) ۽ پرميل (Gonorrhoea) جهڙين خطرناڪ بيمارين جو شڪار ٿي پوندا آهن.
بار گرلس يا وئيشيا جو آسان نشانو (Sailors) هوندو آهي. هو هن جو ٻٽون ڳرو ڏسي ڀر وٺنديون آهن ۽ اسان جو متين موڙهيل ’هيرو‘ ان چال کي انهن جي سچائي ۽ قرب سمجي فدا پيو ٿيندو آهي. پوءِ هر بندرگاهه ۾، جهاز جي ’ڊيوٽي ــ ميس‘ اهڙن قصن ٻُڌڻ جو مرڪز هوندي آهي، جتي روز نيون نيون خبرون (مرچن مسالن ۽ چٽڻيءَ سان گڏُ) ٻُڌايون وينديون آهن.
اسان جي جهاز جو فورٿ انجنيئر شڪيل به (سندس نالو ته ٻيو آهي پر ٻين ڪيترن نالن وانگر سندس نالو به هتي بدلائي پيو لکان)، ڪولمبو ۾ پهچڻ سان سندس ساهيڙيءَ (جنهن سان سندس ملاقات هتي جي هڪ هوٽل شنورا ۾ ٿي)، جو جيسين روزانو ذڪر ۽ تعريف نٿو ڪري تيسين سندس کاڌو هضم نٿو ٿئي، پاڻ هتي ڪولمبو ۾ اڳ به ڪيترا دفعا اچي چُڪو آهي. جهاز اڃا سلون جي سامونڊي حد ۾ ئي نه گھڙيو هو ته سندس زبان تي (Shinora) هوٽل جي تسبي هُئي. پهرين ڏينهن ئي پاڻ سان ڪجھه مُريد وٺي اتي پهتو ۽ جنهن نموني سان ان شنورا بار جي (Definition) وصف پئي ٻُڌائين، ان مان مون اندازو لڳايو ته اهو هڪ اوپيرا هائوس Opera House يا ٿيئٽر نموني جي هوٽل آهي جتي آرٽسٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ تمام سُٺي قسم جي ٽيسٽ جا ماڻهو اچي گڏ ٿين ٿا. جيئن آسٽريليا، روس، مصر ۽ يورپ جي ڪيترن ٿيئٽرن ۾ (WalTz) (موزورت، بيٿوون وغيره جي ميوزڪ پئي هلندي آهي) يا اوپيرا ۽ بيلي ڊانسز هلن، جي عام ماڻهن کي نه سمجھه ۾ اچن ۽ نه مزو ڏين.
هڪ رات مظهر جهاز تي مشغول هو. آئون اڪيلو بور پئي ٿيس سو فلم تي هليو ويس. فلم تان نڪتس ته مٿئين فورٿ انجنيئر شڪيل تي نطر پئي. خوش ٿيس ته هو به اڪيلو آهي. مون کي جوڙُ ملي ويو ۽ گڏجي ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائي هڪ ئي ٽئڪسيءَ ۾ جهاز تي هلنداسين. کانئس سندس ڇپيل پروگرام پڇيم (ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي معذرت سان) ڏاڍو شرمائي، لڄائي، موڙيل جهوريل لفظن ۾ پنهنجي منشا ٻڌائين ته هو پنهنجي دلرُبا، ماه لقا، چند آفتاب چند مهتاب، حسن ۾ لاجواب (ڇا ڳالهه ڪجي!) سلوني ساهيڙيءَ سان شنورا ۾ ملڻ ٿو وڃي، جتي هوءِ روز ايندي آهي. مطلب ته ٻين لفظن ۾ هو مون کي ڪمپني نه ڏئي سگھندو ۽ آئون اهڙي ايمرجنسيءَ ۾ ٻيو فلم جو شو ڏسي سگھان ٿو. مون فلم شو ڏسڻ لاءِ بوريلا جي لڊو سئنيما ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو.
فلم شروع ٿيڻ ۾ ڪي ٿورا منٽ هُئا. ٽئڪسيءَ وارا ان مجبوريءَ مان فائدو وٺڻ لڳا ۽ ميٽر تي هلڻ بدران منهن گھُريو ڀاڙو گھُرڻ لڳا (جيتوڻيڪ سلون جي ٽئڪسين جو ميٽر ٽئڪسيءَ جي انجڻ کان به تکو ڊوڙي ٿو). سئنيما ڪافي پري هُئي (يا ميٽر تي هلڻ جي ضد ۾ ٽئڪسيءَ وارو ’ڪيچين جي وڃڻ‘ جو رستو ڄاڻندي به ڪولمبو جي باقي ويهن واٽن تي ٽئڪسي ڊوڙائڻ لڳو) بهرحال گھڻي ڊيگھه ڪرڻ بدران، حاصل مطلب هي ته سئنيما پهچڻ تي معلوم ٿيو ته فلم شروع ٿي وئي آهي (۽ ان فلم جو هيرو صاحب هڪ خوشيءَ جو، هڪ ڏک جو هڪ انتظار جو ۽ هڪ عدد وڇوڙي جو گانو ڳائي چُڪو آهي) سو فلم لاءِ لهڻ غلط هو. ٽئڪسيءَ کي ڇڏڻ ان کان وڌيڪ غلط ڪم هو جو چؤڌاري ۽ ڏُور ڏُور ڪابه ٽئڪسي، لاري رڪشا يا سائيڪل نظر ڪانه پئي آئي. بس جي انتظار ۾ بيٺل سلوني ماڻهن جي وچ ۾ جهاز جو اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ ريڊيو آفيسر ڪنَ ڪڍيو بيٺا هئا. کين مون ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ لاءِ چيو ۽ ويهڻ سان ڊرائيور کان ماچيس وٺِي ريڊيو آفيسر سگريٽ دُکايو ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر ان وساميل تيليءَ سان ڪن کوٽيندي ٻُڌايو ته هنن جو شنوراــ بار ۾ وڃڻ جو پروگرام آهي.
”آئون جي ڪواب ۾ هڏي نه ٿيان ته آئون به توهان سان هلان؟“ مون پُڇيومان ۽ هلڻ لڳس.