ڏاهپ / اخلاقيات

شرح حُجة الله البالغه

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب شاهه ولي الله رحه جو ”شرح حجة الله البالغه“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب جو ليکڪ مولانا عبيد الله سنڌي آهي ۽ سنڌيڪار مولانا محمد انس راڄپر صاحب آهي. امام شاهه ولي اللهؓ، اسلامي دنيا جو يگانو عالم هو، جنهن سماجي زندگي ۽ اقتصاديات جي بدلجندڙ انواع کي خدا جو شان قرار ڏنو ۽ ان پسمنظر ۾ شريعت جي حڪمن جا اسرار ۽ حڪمتون نروار ڪيون. سندس جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ کي ان سلسلي ۾ اسلامي دنيا جي علمي حلقن ۾ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شاهه ولي اللهؓ جي فڪر جو وڏو شارح رهيو آهي، تنهن حجة الله البالغه جي شرح پڻ لکي هئي. هي ڪتاب ان شرح جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book شرح حُجة الله البالغه

هر هڪ نوع لاءِ ٻن قسمن جا احڪام مخصوص هوندا آهن:

1- [b]ظاهري احڪام:[/b] جيئن رنگ، شڪل، مقدار ۽ آواز وغيره. جيڪو به فرد جنهن به نوع جو هجي، ان ۾ نوع جون هي خاصيتون پوريون جو پوريون موجود هونديون آهن، شرط اهو آهي ته ان جي مادي ۾ ڪو ڏٺو وائٺو نقصان نه ٿيو هجي، جنهن سان هو نوعي خاصيتون پوريون ڪرڻ کان ئي محروم ٿيل هجي.
انسان هڪ اهڙو نوع آهي، جنهن جو قد سڌو هوندو آهي، ڳالهائيندڙ ۽ جسم وارن سان ڍڪيل هوندو آهي ۽ گهوڙو هڪ اهڙو نوع آهي، جنهن جو قد ٽيڏو هوندو آهي ۽ هڻڪندو آهي، کل تي وار هوندا اٿس، اهڙي قسم جي ظاهري خاصيتن کان ڪوبه فرد خالي نه هوندو آهي. هيءُ نوع جا ظاهري احڪام آهن.
2- [b]باطني احڪام:[/b] جيئن سمجهڻ، روزگار جي تلاش بابت الهام، ٻاهرين مصيبتن سان مقابلي جي تياري ڪرڻ وغيره. باطني احڪامن بابت هر هڪ نوع جا پنهنجا پنهنجا قانون هوندا آهن، جن کي نوع جي شريعت سڏبو آهي. ماکيءَ جي مک کي ڏسو ته الله تعاليٰ کيس ڪيئن وحي ڪيو ته وڻن کي تلاش ڪري، انهن جي گلن مان رس چوسي ۽ اهڙا گهر ٺاهي، جنهن ۾ سندس جنس جو هر فرد رهي سگهي ۽ پوءِ ان ۾ ماکي به ٺاهي رکي سگهي. اهڙيءَ طرح جهرڪيءَ کي وحي ڪيائين ته سندس نر ماديءَ سان محبت ڪري، ان کان پوءِ ٻئي گڏجي گهر ٺاهين، ان کان پوءِ آنا لاهي ٻچا ڪڍن. جڏهن ٻچا هلڻ سکي وٺن ته انهن کي اهو ٻڌائن ته پاڻي ڪٿي هوندو آهي ۽ اَن ڪٿي ملندو آهي، کين دوست، دشمن جي تمييز سيکارين، بلا يا شڪاريءَ کان کين ڀڄڻ سيکارين، پنهنجي هم جنس سان نفعي نقصان ۾ جهيڙو ٿئي ته ان سان ڪيئن منهن ڏجي، انهن معنوي احڪامن ۾ هر هڪ نوع جا سمورا فرد هڪ ئي قسم جون تقاضائون رکندا آهن. ڇا ڪو سليم طبيعت وارو انسان انهن احڪامن تي غور ڪرڻ کان پوءِ اهو چئي سگهي ٿو ته اها صورت نوعي جي تقاضا ناهي؟