انجير Figs
[b]انجير کائو ۽ صحت برقرار رکو
[/b]
حديث مُبارڪ ۾ بيان ٿيل آهي ته هڪ دفعي پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ هڪ وڏو ٿالهه انجيرن جو ڀري پيش ڪيو ويو. جنهن کي ڏسي پاڻ سڳورن اصحاب جن کي ارشاد فرمايو ته توهان سڀ اهي انجير کائو، پيٽ ڀري کائو. وڌيڪ فرمايائون ته جيڪڏهن ڪو پڇي ته ڇا ڪو ميوو جنت منجهان زمين تي اچي سگهي ٿو ته بلاشبه انجير جنت جو ميوو آهي. هيءُ ”ميوو“ بواسير کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ سنڌن جو سور پڻ گهٽائڻ ۾ فائدو ڏي ٿو. انجير کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن جو ذڪر نه صرف قرآن پاڪ ۾ آيو آهي بلڪه الله تعاليٰ هن جو قسم به کنيو آهي ۽ مذڪوره سورة جو نالو به هن ميوي جي نالي تي آهي. هن ميوي ۾ پروٽين (لحميات)، سوڊيم، پوٽيشم، مئگنيشم، آئرن، ٽامو، فاسفورس، گندرف ۽ ڪلورين جي موجودگي انساني صحت لاءِ بي انتها فائديمند آهي. حڪيم ڪيترين ئي صدين کان وٺي، هن ميوي کي دائمي قبض، جسم جي سور ۽ بواسير، وغيره لاءِ استعمال ڪندا پيا اچن. ”انجير“ ميوي جي خاصيت آهي ته هن ۾ ريشو بلڪل به نه ٿيندو آهي. ان ڪري هيءُ جلدي هضم ٿي ويندو آهي ۽ معدي ۽ آنڊي تي بار نه وجهندو آهي انڪري آنڊي جو ڪم ڪار بلڪل درست انداز ۾ ٿيندو رهندو آهي. جنهن ڪري مجموعي طور تي نظام هضم جو سرشتو بهتر نموني هلندو رهي سگهي ٿو.
[b]انجير جي غِذائي اهميت ۽ خاصيت (Nutritional Facts)
[/b]انجير کي انگريزي ۾ فِگس (Figs) سڏجي ٿو. بناوت ۾ هي تمام ديده زيب ۽ کائڻ ۾ مٺو، نرم ۽ ملائم، چٻاڙڻ ۾ آسان ۽ ساهه کي ذائيقيدار خوشبو ڏيندڙ انجير اندر ايترا ته ننڍڙا ۽ نرم ٻج موجود هوندا آهن، جو کائڻ دوران بيحد لذت ۽ فرحت بخش آواز سان گڏوگڏ اهڙو ته مترنم آواز پيدا ٿيندو آهي، جو دل چوندي آهي ته اڃان به وڌيڪ انجير کائيندو وڃجي. تازا انجير اُس ۾ به سڪائبا آهن ۽ تجارتي بنيادن تي مصنوعي طريقن سان خشڪ ڪري رکيا ويندا آهن. جن کي سڄو سال استعمال ڪري سگهجي ٿو.
هڪ سو اڻونجهاه گرام (149g) يعني هڪ ڪوپ انجير اندر اسان کي ڪل ٽوٽل ٽي سو ايڪهتر (371) ڪئلوريز ملن ٿا، جن جو وچور هيٺينءَ ريت آهي:
Total Calories 149gm
وٽامن اَي چوڏهن ڏهائي نو 14.9U Vitamin A
وٽامن اِي زيرو ڏهائي پنج ملي گرام 0.5mg Vitamin E
وٽامن ڪي ٽيويهه ڏهائي ٻه ملي گرام 23.2mg Vitamin K
فوليٽ تيرهي ڏهائي چار ملي گرام 13.4mg Foliate
ڪئلشيم ٻه سؤ ايڪيتاليهه ملي گرام 241mg Calcium
پوٽاشيم هڪ هزار تيرهن ملي گرام 1013mg Potassium
مئگنيز زيرو ڏهائي اٺ ملي گرام 0.8mg Magnesium
فولاد ٽي ڏهائي زيرو ملي گرام 3.0mg Iron
فاسفورس نوانوي ڏهائي اٺ ملي گرام 99.8mg Phosphorus
جست زيرو ڏهائي اٺ ملي گرام 0.8mg Zinc
سيلينيم زيرو ڏهائي نو 0.9mcg Selenium
مٿي ڏنل چارٽ منجهان اهو سمجهڻ بلڪل به مشڪل نه آهي نه انجير جهڙي خوبصورت ميوي اندر الله تعاليٰ ڪيترا نه اهم جزا شامل ڪري رکيا آهن. جن جو سڌي توڙي اڻ سڌي طور انساني صحت تي مڪمل ۽ بهترين اثر ثابت ٿيو آهي. انجير رت جي دوري کي نارمل رکڻ سان گڏوگڏ رت جي پريشر (Blood Pressure) کي پڻ ڪنٽرول ڪن ٿا ۽ پريشر وڌي وڃڻ واري صورتحال کي منجهن موجود پوٽاشيم معدنيات رت جي پريشر وڌڻ کان روڪي نارمل ليول تي آڻڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. هڪ مطالعاتي ورڪشاپ جنهن کي ڊائيٽري ايپروچيز ٽو اسٽاپ هائپرٽنشن (Dietary approaches to stop hyper-tension) جو نالو ڏنو ويو. تنهن ۾ ٻه گروپ ٺاهيا ويا. هڪ اهو گروپ جن کي صرف ڀاڄي ۽ ميوو بشمول انجير کارايا ويا ۽ ٻيو گروپ جن جي غذا ۾ ڀاڄيون ۽ ميوو گهٽ ۽ سڻڀ واري غذا وڌيڪ شامل هئي اٺ هفتن بعد جيڪي نتيجا اخذ ڪيا ويا تن ۾ واضع فرق نظر آيو جنهن گروپ ميوو ۽ ڀاڄيون واپرايون انهن ماڻهن جو بلڊپريشر (Blood Pressure) مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نظر آيو. سراسري طور تي (5.5) سيسٽولڪ (Systolic) ۽ دوري کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سان گڏوگڏ وزن کي گهٽائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وزن کي گهٽائڻ جو هيءُ هڪ اهڙو ته سٺو ۽ مٺو انداز آهي. جنهن کي واپرائڻ سان انسان پنهنجي وزن کي تمام آرام سان ڪنٽرول ۾ رکي سگهي ٿو. ڇو ته انجير کي کائڻ سان اسان کي هڪ بهترين غذائي فائبر مهيا ٿئي ٿو. جيڪو سڌيءَ طرح وزن کي وڌائڻ بنا خوراڪ منجهان ضروري ۽ اهم غذائي جزا آسانيءَ سان مهيا ڪري ٿو.
* * *