سفرناما

سفر بخير

هن سفر نامي وسيلي مٺل، ملڪ جي گهڻن ئي ماڳن جو نه رڳو سير ڪرايو آهي، پر مختلف تعليمي ۽ کوجنائي ادارن جي سير وسيلي، هن معلومات جو به ونڊ ڪرايو آهي. عام طور اسان وٽ سفرنامن ۾ معلومات گهٽ، ذاتي تشهير وڌيڪ هوندي آهي، پر مـٺل به الطاف شيخ جي پوئواري ڪندي، سفرنامي کي ذاتي تشهير بدران، معلومات جو وسيلو بڻايو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2433
  • 830
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مٺل جسڪاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر بخير

• لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو...!

پاڻ کان وڌيڪ ٻئي جي خبر ته پري جي ڳالهه، پنهنجي خبر به گهڻن کي نه هوندي آهي. مون کي مون متعلق گهڻين ڳالهين جي خبر نه آهي، ڪيترين ئي ڳالهين جي خبر هوندي به خبر نه آهي، پر ايترو ياد اچي پيو، ته جڏهن پرائمري ۾ پڙهندو هئس، يعني 1970ع واڌو ڪاٽو 2 ۾، درسي ڪتابن ۾ لاهور بابت پڙهيم ۽ ڪا هڪ اڌ تصوير به ڏٺم. پوءِ وري جڏهن ڳوٺ ۾ بجلي آئي، ۽ ٽي وي پهتي، ته 1980ع کان به پوءِ، ٽي ويءَ ۾ خبرن، ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن وسيلي لاهور جا ڪجهه منظر نظر آيا. جڏهن ته اخبارن ۽ رسالن توڙي مختلف ڪتابن ۾ لاهور جو احوال پڙهڻ، ۽ پاڪستاني فلمن ۾ لاهور جون مشهور جايون ڏسڻ جا موقعا پڻ مليا.
لاهور مان لنگهي اڳتي نڪرڻ جا به ڪي ڏهه ٻارنهن موقعا مليا، ته ڪنهن مهل ريل، ڪنهن مهل رڪشا، ته ڪنهن مهل بس ۾ سفر ڪندي به، لاهور کي پنهنجي اکين سان ڏسندي گذري ويس.
گهر ويٺي لاهور جا ججها احوال ”فري وقت“ ۾، سائين حيات علي شاهه بخاريءَ جو ”فري پيريڊ“ ڪالم پڙهندي، سائين روبرو نه هوندي به، ڪنهن مهل کلايو، ڪنهن مهل رنجايو، ته اڪثر حيران به ڪيو، تان جو ويجهڙائيءَ ۾ لاهور کي لتاڙڻ جو موقعو مليو، ته مون به ٿوري وقت ۾ لاهور جو گهڻو حصو لتاڙڻ لاءِ وسان نه گهٽايو...!
اڳ ۾ به آئون، جڏهن به لاهور مان گذري اڳتي وڌي ويس، ته سنڌ مان ريل رستي لاهور پهتس، يا وري جتان به وريس، لاهور مان سنڌ ريل رستي موٽيس. هن دفعي سنڌ مان ريل رستي لاهور پهتس، ته شروع ۾ اهي ساڳيا منظر، اوڻيهه ويهه جي تبديليءَ سان ڏٺم، جيڪي اڳ ۾ به ڏٺل هئا.
لاهور ۾ پهرئين ڏينهن منجهند جو پهتو هئس. اڪيلو نه هئس، ان ڪري سڀني جي رهائش جو انتظام ڪندي، واندڪائي شام جو دير سان ٿي. واندو ٿي، ڪيڏانهن گهمڻ لاءِ نڪرڻ جو سوچيو، ته فائين آرٽس ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٽالپر ڳوٺ ٽنڊوڄام جو نوجوان آرٽسٽ سجاد ٽالپر اچي نڪتو. جنهن سان لاهور سنبرندي ئي رابطو ڪيو هو. اڄ پاڻ فون ڪري پڇيو هئائين. ٻڌايومانس ته اچي پهتو! ۽ پوءِ ڪجهه ٽالپر سان ڪچهري ڪندي، ڪجهه ٻين خفن جي ڪري، ڪيڏانهن به گهمڻ نه وڃي سگهيس. رات گذاري، صبح جو سوير لاهور جي عجائب گهر وڃي نڪتس. لاهور جي عجائب گهر کي اڪثر ماڻهو ميوزيم چوندا آهن، پر ان کي عجائب گهر چوڻ وڌيڪ بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته عجائب گهر گهمڻ لاءِ پهچڻ سان خبر پئي ته پهرين ٽڪيٽ وٺڻ ضروري آهي، جڏهن ٽڪيٽ وٺي پهتس، ته خبر پئي موبائيل فون اندر کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي، جڏهن موبائيل ٻاهر هٿيڪي ڪرڻ جو انتظام ڪري پهتس، ته خبر پئي ڪيميرا لاءِ الڳ ٽڪيٽ وٺڻو پوندو، جڏهن اهو ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿيس ته...
ميوزيم جا ڪجهه حصا ئي گهمي ڦري سگهيس. ڪجهه حصا مرمتي ۽ ٻئي ضروري ڪم سبب بند پيا هئا. ميوزيم ۾ اندر گهمندي ڦرندي هڪ دروازي تي”اندر وڃڻ جو رستو“ لکيل پڙهيم، ان بابت پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اُها ”جاءِ حاجت“ آهي. جيتوڻيڪ مون کي ان جاءِ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي، نه ئي اندر ويس، پر ان جو اتي هجڻ مون کي تمام گهڻو وڻيو. ڇو ته هڪ دفعي راڻيءَ باغ حيدرآباد گهمندي، مون کي اهڙي جاءِ جي ضرورت پئي، ته مون سان اهڙي ٿي، جـهڙي شايد ئي ڪنهن ٻئي سان ٿي هجي. راڻيءَ باغ سان لڳو لڳ عيد گاهه جي ڀر ۾، ”حاجت وارين جاين“ تي پهچندي به منهنجو بچاءُ ايترو ٿيو جو، رڳو ڪپڙا ئي خراب نه ٿيا...
لاهور عجائب گهر جي ڀر ۾ گورنمينٽ پنجاب پبلڪ لائبرري لاهور پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن وسيع لائبرريءَ جي دروازي تان رڳو لؤُڻا هڻي جائزو وٺي سگهيس، ان بابت اتي موجود اڻ واقف کان پڇا به ڪري سگهيس، پر اندر وڃي گهمي نه سگهيس، ڇو ته اسان جي ايندڙ منزل داتا درٻار هئي ۽ ان کان پوءِ وري شاهي قلعو به گهمڻو هو.
داتا درٻار ۾ سيڪيورٽي سخت هجڻ باوجود فقيرن ۽ ملنگن جا ٽولا ائين ئي هئا، جيئن سنڌ جي مشهور درگاهن تي هوندا آهن. درٻار جي احاطي ۾ تعمير ڪرايل خوبصورت مسجد کي ان ڪري تالا لڳل هئا، جو لاهور جا ملنگ اچي آرامي ٿيندا هئا، هاڻ اها مسجد صرف فرض نماز پڙهڻ وقت کلندي آهي، باقي وقت بند هوندي آهي.
شاهي قلعو واقع ئي ”شاهي“ يعني وڏو ۽ وسيع قلعو آهي. اهو قلعو گهمڻ وقت آئون لڳ ڀڳ 70 ماڻهن جي قافلي سان گڏ هئس، پر انهن کان ائين وڇڙي ويس، جو مون کي اندازو ئي نه ٿيو! جتي پاڻ کي اڪيلو سمجهيم، اتي ڀر ۾ ڇٻر جو لان هو، جنهن تي ويهي ساهي به پٽيم ۽ ٻين کي به ڳوليم. ڳولڻ ۾ ايتري دير لڳي، جو لاهور مان موبائيل فون وسيلي ٽنڊوڄام گهر ڀاتين کي به اطلاع ڪيم، ته آئون وڃائجي ويو آهيان!
شاهي قلعي جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!؟ ٻُڌل ۽ پڙهيل ڳالهين ۽ فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڏٺل منظرن جي ڪري، ڪٿي بادشاهه ته ڪٿي راڻي، ڪٿان وزير ته ڪٿان محافظ، ڪٿان شاهي بورچي ته ڪٿان خاص قيدي، منهنجي اکين اڳيان پئي ڦريا... منهنجي اڳيان، پٺيان، ٻنهي پاسن کان، ڪنهن مهل ٿورا ته ڪنهن مهل ڪيترا ئي ماڻهو هئا...
شاهي قلعي ۾ موجود ماڻهن جي هجومن مان نڪري، قلعي کي ويجهو شاهي مسجد پهتس، ته اتي به ماڻهن جون سنگهرون هيون، جيڪي ويون ۽ وريون پئي. نائين نومبر هجڻ ڪري علامه اقبال جو ڏينهن ملهائڻ وارين ٻنهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تقريبن جي چُر پُر به محسوس ٿي. علامه اقبال جي مزار واري پاسي خصوصي سرڪاري تقريب، ۽ ان جي مخالف طرف ڇٻر جي لان تي ڪناتن سان محدود پنڊال ۾ عام تقريب به جاري هئي.
شاهي مسجد مان چڪر هڻي، اسان رخ ڪيو مينارِ پاڪستان ڏانهن، جيڪو پاسي مان رستي تان لنگهندي گهڻا دفعا ڏٺل هو، اهو ويجهو وڃي ڏٺم، اڻ ڏٺل نه لڳو. ان ڪري اتان روانا ٿياسين، ته اسان کي گهمائڻ واري ڪوسٽر جي عملي جي اصرار تي، بيبي پاڪ دامن جي مزار جي وڃي زيارت ڪئيسين.
هڪ ئي هنڌ شاهي قلعو، شاهي مسجد ۽ مينارِ پاڪستان ڏسي، ان احاطي مان ٻاهر نڪتاسين، ته ڊاڪٽر محمود لغاري، زرعي انجنيئرنگ فيڪلٽيءَ جي شاگردن سميت مليو. هُو گهمڻ لاءِ پهتا هئا، اسان گهمي، ڪنهن ٻئي ماڳ ڏانهن روانا پئي ٿياسين. ڪٿان به روانو ٿيڻ وقت اسان سان گڏ ڪجهه سست ساٿين، اسان ۾ موجود چست ساٿين کي بور ۽ بيزار به ڪيو پئي، ته وقت جو قدر نه ڪرڻ سبب، ٿوري وقت ۾ گهڻو گهمڻ واري خواهش ۽ ڪوشش تي به پاڻي ڦيريو پئي. ان ڪري مناسب وقت تائين انتظار ڪرڻ باوجود، جيڪي ساٿي نه پهتا، اسان انهن کي ڇڏي، روانا ٿي وياسين. جڏهن رهجي ويلن رابطو ڪيو، ته انهن کي اسان ڳولي اچي گڏجڻ لاءِ ڏس پتو ڏنو. ان جو اهو فائدو ٿيو، ته ان عمل کان پوءِ، اسان کي گهڻن هنڌن تان نڪرڻ ۾ وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پيو.
بيبي پاڪ دامن جي مزار ڏانهن ويندي ۽ واپس ورندي، ڪي اهڙيون عورتون ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي مخصوص ماڻهن ڏانهن وڌي پئي ويون. انهن مان ڪن شايد امام ضامن ڏورن ۾ ٻڌي نظرانو گهريو، ته ڪن وري گل يا ڪڱڻ وغيره ڏئي پئي نظرانو گهريو. مون ڏانهن ته ڪا به وڌي نه آئي، پر جن تائين پهتيون، انهن مان ڪي پنجاهه، ته ڪن هڪ سئو روپيا ڏئي اڳتي وک کنئي.
ساڳئي ڏينهن تي اسان جي ايندڙ منزل انار ڪلي بازار هئي، جنهن ۾ گهمندي ڦرندي، مون ته ڪجهه به نه ورتو، پر جن مختلف شيون ورتيون ۽ احوال ڏنا، ان مان اندازو ٿيو، ته پاڻ وٽ بازارون سڀ هڪ جـهڙيون آهن.
هاڻ رات پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي، اسين سڀ ٿڪي پيا هئاسين، ان ڪري انارڪلي بازار مان موڪلائي، رهڻ واري جاءِ ڏانهن ورندي، ڪوسٽر عملي کي چيم: ”لڪشمي چوڪ جو دال ڀت مشهور آهي، پنهنجي رستي ۾ هجي ته ضرور بيهجو!“. ان ڀت جي چغلي سائين حيات علي شاهه بخاري هنئي هئي. اسان 70 ڄڻن اهو ڀت کاڌو، سائين حيات علي شاهه بخاريءَ کي ڀت واري ڪميشن ڏني يا نه، مون سائينءَ کي فون ڪري اتي پهچڻ ۽ ڀت کائڻ جي صلاح ڪرڻ سان گڏ، کيس ايترو به چيو ته: ”اوهان لاءِ پارسل (تڪڙي پوسٽ) وسيلي موڪليان يا پاڻ کڻي اچان؟ ته سائين جيڪو جواب ڏنو، اهو جيئن جو تيئن اسان ٻنهيءَ مان ڪنهن کي به ياد نه آهي!
لاهور ۾ ٻيءَ رات گذاري، صبح سوير اسان رخ ڪيو لاهور زُو (لاهور جي راڻيءَ باغ) ڏانهن. هڪ صبح جو ٿڌ هونئن ئي هئي، وري جو برسات شروع ٿي ته... برسات به وٺي پئي، اسان برسات سان به لڪ لڪوٽي پئي ڪئي، ته اتي موجود ماڻهن، پکين ۽ جانورن سان به، ڪنهن مهل اک اک سان پئي ملائي، ته ڪنهن مهل اک اک کان پئي بچائي. هرڻن ۽ هرڻين جا ڇال به وڻيا، ته ماڻهن جي چال به واهه جي هئي! هڪ عمارت جي مختلف حصن ۾ مختلف قسم جا شينهن شير بند هئا، جن مان هڪ شينهن گهڻي گجگوڙ ڪري رهيو هو!
لاهور جي راڻيءَ باغ مان نڪتاسين ته فرمائش ٿي راويءَ پُل، جـهانگير بادشاهه ۽ نورجـهان جا مقبرا ۽ آسپاس گهمڻ جي، راويءَ پُل تي بيهڻ بنا، اها پُل ڏسي، جـهانگير بادشاهه ۽ نورجـهان جا مقبرا ڏسڻ واري جاءِ تي پهتاسين.... بهرحال، اهو ماڳ گهمندي ڦرندي، مون کي اخبارن ۾ ڇپجندڙ قديم آثارن جي مرمت وارا مطالبا ياد آيا! هي تاريخي ماڳ به شايد گهڻن کي وسريل آهن. شاهي قلعي ۾ شاهي بورچيءَ واري دروازي سميت ڪجهه ٻيا حصا، توڙي هنن مقبرن جي آسپاس وارين جاين جي سنڀال پڻ تمام گهڻي ۽ تڪڙي ڪرڻ گهرجي، نه ته ايندڙ نسل لاءِ موجوده نسل جي ڪارڪردگي پنهنجي جاءِ تي، ماضيءَ جي مهارت جا اهي اهڃاڻ، ايندڙ نسل ڏسي - پسي نه سگهندو.
اسان جي ايندڙ منزل شاليمار باغ، گهر ويٺي يا سينيمائن ۾ ڏسندي ته تمام گهڻو خوبصورت لڳو هو، پر روبرو وڻڻ جو سبب ساوا چهچ ڇٻر جا لان، ترتيب ۾ پوکيل ۽ سنڀاليل وڻ ۽ نمائشي ٻوٽا، ۽ شاليمار باغ گهمڻ لاءِ آيل اڪيلا اڪيلا، جوڙا جوڙا ۽ ٽولا هئا...
شاليمار باغ کان پوءِ اسان واگها بارڊر ويندي ۽ ورندي، رستي جي ٻنهي طرفن جو جائزو وٺندا، رات جي پهرين پهر گهميوسين، جديد دؤر جي جديد بازار يعني لاهور جو هائپر اسٽار!
لاهور منهنجي خيال ۾ ملڪ جو خوبصورت، صاف سٿرو شهر آهي. هتي ڪشادا رستا، وڏا وڏا باغيچا، عام ٻٽن وڏن رستن جا وچ توڙي چوڪ، خوبصورت گلن وارن ٻوٽن ۽ ساون وڻن سان تمام وڻندڙ منظر وارا آهن. شهر ۾ صفائيءَ جو بهترين انتظام آهي. ڪيترن ئي رستن جي اڪثر چؤڪن تي صبح جو سوير پکين جي پيٽ قوت لاءِ مختلف ٻج ۽ اناج ڇٽڪاريل نظر آيو. پکين جي رهائش لاءِ ٺهرايل خاص پڃرا به گهڻن هنڌن تي ڏسڻ ۾ آيا.
لاهور گهمڻ ۾ مهانگو آهي پر ميٽرو بس جي سهوليت سبب، عام ماڻهن جي لاءِ هاڻ لاهور گهمڻ سولو ۽ سستو به ٿي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته ميٽرو بس جا روٽ ۽ اسٽاپ عام، مشهور ماڳن جي نسبت سان پڻ قائم ڪيل آهن. ميٽرو بس ۾ چڙهڻ لاءِ صرف 20 روپين جو ٽڪيٽ، جيڪو پهرئين اسٽاپ کان آخري اسٽاپ تائين قانوني طور هلي ٿو. ميٽرو بس مان لهي ٻاهر نڪربو، ته ٻيهر موٽي اچڻ لاءِ وري نئون ٽڪيٽ وٺڻو پوندو، پوءِ به لاهور گهمڻ لاءِ اهو ذريعو گهڻو سستو ٿي پيو آهي.
لاهور ۾ صبح جو نيرن ۽ رات جي مانيءَ لاءِ، اسان جيڪا مناسب هوٽل ڳولي هٿ ڪئي، ان هوٽل تي ڪم ڪندڙ هڪ همراهه مون کي اهي سڀ ماڻهو ياد ڏياري ڇڏيا، جن جو مون ڪڏهن به وات بند نه ڏٺو آهي! ان همراهه کي مون ٻين سان ڳالهائيندي به ڏٺو، پنهنجي منهن اڪيلو ويٺي به ڏٺو، ته ڪم ۾ مصروف به ڏٺو! کيس مون غور سان ڏٺو، پهرين مون لڪ چوريءَ ۾، پوءِ کيس ٻڌائي، سندس رضامنديءَ سان سندس اڪيليون ۽ پاڻ سان گڏ تصويرون به ورتيون. مون کي اهڙي ڪا گهڙي ياد نه آهي، جنهن ويل مون هن جو مٿيون ۽ هيٺيون چپ گڏ، يعني وات بند ڏٺو هجي، نه، منهنجي خيال ۾ مٺي ننڊ سمهڻ وقت به هن جو وات پٽيل، کليل هوندو، ڇو ته مون کيس ٻوهارو ڏيندي به ڏٺو ۽ ٿانءَ ڌوئيندي به ڏٺو، پر سندس وات ايترو کليل هو، جو سندس ڏندن جي گهڻائي بلڪل ظاهر نظر آئي!
جيتوڻيڪ لاهور کي لتاڙڻ لاءِ مون وسان نه گهٽايو، پر صرف ٻن ڏينهن ۾ ان کان وڌيڪ ڀلا ڪيئن ٿي لتاڙي سگهيس!؟ جيترو به مون لاهور ڏٺو، لاهور واه واه لڳو...!