• ٽنڊو ڄام کان ٽنڊو قيصر
خميس 23 آگسٽ 2012ع تي صبح جو سوائين نوين وڳي آئون ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر روانو ٿيس، ۽ واپس موٽندي ڏيڍ ٿي ويو. اهو سفر آئون ننڍي هوندي، پنهنجي وڏڙن سان گڏ مراد شاهه جو ميلو گهمڻ لاءِ پيرين پنڌ ڪندو هئس، وڏو ٿيس ته هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي اولاد سان گڏ به اهو ميلو گهمي آيو آهيان.
اڄ مون سان موٽرسائيڪل ۽ ڪيميرا به ساڻ هئي. موسم انتهائي وڻندڙ هئي، ڇاڪاڻ ته اڄ سج ۽ جهُڙ هڪ ٻئي سان اهڙي کينچل ڪندا رهيا، جنهن ڪري هن علائقي ۾ ڪنهن مهل ڇانءَ ته ڪنهن ويل اُس ٿي نڪتي. ڏکڻ جي ٿڌڙي مٺڙي هوا گهلي پئي. اهڙي ڀلي موسم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته منهنجي هن سفر جي اٽڪل چئن ڪلاڪن ۾، مون کي اڃ به نه لڳي ۽ آئون بنا ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ جي، پنهنجو سفر پورو ڪري گهر موٽي آيس.
ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر تائين مون هميشهه واٽر، شاخ، واهه، سنڌونديءَ مان وهي ايندڙ پاڻيءَ تي باغ ۽ فصل ڏٺا، پر هن ڀيري مون هڪ هڪ ڪري ڳڻيون ته ڪونه، البت ٿوري ٿوري فاصلي تي زمين مان پاڻي ڪڍندڙ ڊيزل انجڻ لڳل ڏٺا. جنهن مان ظاهر آهي ته آبپاشيءَ واري پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ، مهانگو ڊيزل وٺي باغ ۽ فصل بچائي، پيداوار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن تي في ايڪڙ ايترو خرچ ٿي ويندو آهي، جو اڳي وانگر هاري توڙي زميندار کي ايتري بچت جو آسرو نه آهي، جو هو صرف کيتي ٻاڙيءَ تي گذران ڪري سگهن!
هڪ هنڌ مون جنتر جو گاهه پوکيل ڏٺو، جيڪو هاڻي ڌڻين ڪٽي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنتر جي ڀر ۾ خالي پيل زمين ۾ جنتر جون اڌ آليون اڌ سڪل اهڙيون ڪانيون، ڪاٺيون پکڙيل ڏٺيون، جيڪي پڪ سان اتي ڪنهن ٻڪرار يا ريڍار جنتر لُڻي چارايو هوندو.
ٽنڊوڄام کان ٽنڊوقيصر روڊ جي ٻنهي پاسي اڪثر انبن جا باغ آهن. انبن جي مجموعي بيهڪ، صورتحال مطمئن ڪرڻ جـهڙي آهي. البت جڏهن ٽنڊوقيصر کي ويجهو پهتس، ته باءِ پاس موڙ وٽ کاٻي طرف انبن جي باغ واري زمين ۾ وونئڻ ڏسي، اهو باغ ياد اچي ويو، جيڪو ڏهاڪو کن سال اڳ تائين به ٺيڪ ٺاڪ باغ هو، پر پوءِ اهو مختلف بيمارين جي اهڙي ور چڙهيو، جو هاڻي ان ٽڪر ۾ مالڪ جي گهر لاءِ گهربل پنهنجا انب حاصل ڪرڻ لاءِ به انب جو وڻ بيٺل نظر نه آيو!؟
انبن جا ڪجهه باغ اهڙا به هئا جن ۾ ماضيءَ وانگر ڪي ٻيا فصل به پوکيل هئا. ڪٿي ڪٿي انبن ۾ سوڪهڙي واري بيماريءَ جون علامتون، ڪجهه وڻن جا سُڪل ٽار ته ڪو ڪو سڄو وڻ به سُڪل نظر آيو. انهن سُڪل وڻن ۾ ڪجهه وڻن ۾ کنئور به هو ته ڪن ۾ کنؤر جو ٽڪو به نه هو!
انبن کانسواءِ ٻيرن ۽ هڪ اڌ زيتونن جو باغ به هو. هي بيمارين کان محفوظ نظر آيا.
انبن، ٻيرن ۽ زيتونن جي باغن ۾ به گهڻو ڪري وونئڻ يا وري ڪنهن باغ ۾ گاهه جو فصل پوکيل هو.
وونئڻن ۾ منهنجي اندازي موجب صرف بي ٽي ڪاٽن جون مختلف جنسون پوکيل هيون! مقامي جنسون ڄڻ ته اڻ لڀ يا وري بنهه ئي غيرفائديمند ٿي ويون آهن! بي ٽي ڪاٽن ۾ وونئڻن جي پن مروٽ وائرس بيماري، رس چوسيندڙ وونئڻ جا مشهور دشمن جيت حملو ڪري نقصان ڪندا رهندا آهن، پر ٻڌو اٿم ته گوگڙن ۾ سوراخ ڪندڙ ڪينئن کان بچاءَ ٿئي ٿو. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته آئون جڏهن به بي ٽي ڪاٽن وارين جنسن جي وونئڻن واري فصل ۾ لٿو آهيان، بنا ڳولڻ جي به گوگڙن ۾ ڪينئان ڏٺا اٿم!؟
وونئڻن کي جيتن ۽ بيمارين کان بچائڻ جا مختلف جديد ۽ قديم زرعي طور طريقا اوهان ٻڌا، ڏٺا ۽ پڙهيا هوندا. اڄ مون وٽ ڪيميرا هئي، ان ڪري تصويرون ڪڍڻ ڪو مسئلو نه هو. گهمندي ڦرندي هڪ هنڌ منهنجي منهن مقابل ووئنڻن جي ٻني (بند) تي هڪ اُڀي بيٺل ڪاٺيءَ تي نظر پئي، جنهن جي چوٽيءَ ۾ هڪ پير جو پادر ٽنگيل هو....!
آئون ٻهراڙيءَ جو آهيان، ان ڪري مون کي اندازو ته هو، پر اهو پادر ڏسي، اڇا اڇا پير ڪري، اتان اڳتي لنگهي ويس، ته سامهون ان زمين جو مالڪ ۽ فصل پوکيندڙ هاري به ويٺا هئا. انهن سان ڏاڍي ڀلي، دلچسپ ڪچهري، کل ڀوڳ ٿي، جيڪا ڪو عرصو ياد رهندي ۽ رکي رکي ياد ايندي رهندي. ڪچهري گل ڪري اٿڻ مهل مون انهن کان ناراض نه ٿيڻ جي شرط تي پڇيو ته ”وونئڻن جي ٻني تي جُوتو ڇو ٽنگيل آهي!؟“
موٽ ۾ هاريءَ جي مسڪراهٽ ۽ زميندار جي ٽهڪ کانپوءِ منهنجي گناهگار ڪنن تي هيءُ پڙلاءَ پيو: ”وونئڻن کي نظر ۽ موذي مرضن کان بچائڻ لاءِ اهو سنوڻ ساٺ ڪيو آهي!“