منهنجا سپنا !
هر ماڻهو پنهنجي اندر جي اُميدن، خواهشن ۽ تمنائن کي حقيقي رنگ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي. انهن ماڻهن مان مون جهڙا اڻ ڄاتل ماڻهو موقعا هٿن مان وڃائي ڪجهه نه ڪري سگهندا آهن. ائين ئي مون اها فنڪشن واري شام ڀرپور موقعو ڏئي وئي هئي، پر مون ڪجهه نه ڪڇيو. صرف تنهنجو آواز جي سحر ۾ پاڻ وڃائي ويهي رهيو هيس. بس هيٺيان ڪرسي تان ويهي توکي ڏسندو رهجي ويو هيس ۽ تون ٻي ڪنهن جو نالو پڪاريو، ڪئي اديب آيا، مون کي ڪجهه به ياد ڪونهي، صرف تنهنجو مُڌر آواز ٻڌندو رهيس، جنهن ۾ منهنجو نالو گونجندو رهيو. فنڪشن ختم ٿي چڪو هو، تون به وڃي چُڪي هئينءَ. پوءِ ٻي ڏينهن نه پر هر ڏينهن ڪاليج کان موٽندي ئي تنهنجي شهر ۾ وقت گذارڻ لڳس. هر گهٽي، هر روڊ رستو ڄڻ ته تنهنجي آمد جو گس هو. مون کي سُڪون ميسر ٿي ويو هو. تنهنجي ڳولا ۾ به راحت هئي. هڪ ڏينهن توکي ڪوههِ نور سنيما وٽ ڏسي ورتو هئم. ڪجهه اڳيان وڌيو هئس ته تون مُرڪ جا پوپٽ اُڏاريندي سهيلين سان گڏ هڪ گهٽي ۾ مُڙي وئي هئينءَ. مون کي ائين محسوس ٿيو ته تون سهيلين سان گڏجي منهنجي بيڪسيءَ تي مسڪرائي رهي هئينءَ. مون کي وري به فنڪشن واري شام ياد اچي وئي هئي ۽ ذهن ۾ هٿوڙا لڳڻ لڳا هئا. پوءِ ته مان هر وقت ڪوههِ نور سنيما ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ چڪر لڳائڻ لڳو هئس ته من ڪٿي تنهنجو مُک نظر اچي وڃي ۽ توسان پنهنجي دل جو حال بيان ڪيان دوستن مون کي رول ۽ رولاڪ ڪوٺڻ شروع ڪيو پر تنهنجي يادن انهن جا طعنا ذهن مان تڏي ڪڍيا.... بس ياد هئين ته تون ئي تون .... مان ويراڳين جيان تنهنجي شهر جي ڌوڙ پاڻ ئي وسائيندو رهيس.
مان جيڪو تنهنجي بايو ڊيٽا کان ناواقف، تون ڪير آهين؟ ڪٿي رهندي آهين؟ تنهنجا ذاتي مسئلا ۽ معاملا ڪهڙا آهن؟ انهن کان بي خبر هوندي صرف تنهنجي نالي جي سهاري سان ئي تنهنجي شهر ۾ ڀٽڪي رهيو هيس. بس آٿت اهيا هئي ته تون اديبه آهين ۽ مان به اديب آهيان. ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملنداسين... تنهنجي ڪهاڻين جو چرچو هر ٽهيءَ جي ليکڪ جي چپن تي هو. پر منهنجو انهن ڳالهين سان ڪو به تعلق نه هو. بس تعلق هو ته منهنجي من جو تنهنجي من سان....
وري هڪ ڏينهن عيد کان ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن آئون پنهنجي سنگت سان گڏ ٽيلر ماسٽر وٽان ڪپڙا کڻڻ لاءِ ويس پئي ته پريان تون ڪتابن جي دڪان تي بيٺل نظر آئي هئينءَ. تو به مون ڏي ڏٺو هو.ٻنهي جون نظرون مليون هيون پر مون يڪدم نظر ڦيرائي ڇڏي هئي. دوست جو گڏ هئا. مون ويندي وقت پُٺ تي نهاريو هو تون مُرڪي رهي هئينءَ ۽ پوءِ واپس نه ورڻ جو موقعو مليو ۽ نه ئي ڏسڻ جو. پر مون کي ائين محسوس ٿيو ٻه اکيون منهنجي پُٺي کي جانچي رهيون آهن. مون کي ڏسي مرڪي رهيون آهن. پوءِ به اهي اکيون مسلسل منهنجو پيڇو ڪنديون رهيون. اهو ٽيلر ماسٽر جو دڪان، اهو ڪتابن جو دڪان، منهنجي روز اچڻ جي معمول ۾ شامل ٿي ويا هئا. پر تون نظر نه آئي هئينءَ. هفتا گذري ويا، مهينا گذري ويا، پاڻ کي نندن لڳو هئس. پنهنجو پاڻ کي بزدل ۽ بي همت محسوس ڪرڻ لڳو هئس.
سال گذري ويا اڄ به تنهنجي شهر ۾ رولاڪن جيان رُلندو رهان ٿو. تون ادب جي ميدان مان به ٻاهر نڪري وئي آهين. مختلف ماڻهن جون مختلف ڳالهيون آهن پر تنهنجي باري ۾ ڪا به حقيقي خبر مون تائين نٿي رَسي، شايد! مان تنهنجي شهر ۾ ئي رُلندي فنا ٿي وڃان ۽ منهنجا سپنا مون سان گڏ دفن ٿي وڃن ....!!!