ڇيڇڙو
اسان جي پنهنجي تر ته ڇا پر اسان جي ڳوٺ جي چونڊيل ايم پي اي سائين ڪُٺل شاهه جا ڀاڳ ڇا کليا جو سائين ايم پي اي چونڊجڻ سان پهرين ڌڪ ۾ وزيرن جي کيپ کڄڻ سان وزير تعليم ٿي ويو. سائين اليڪشن کان ٿورو اڳ ۾ ئي اپوزيشن جي پارٽي ڇڏي اچي سرڪاري ڌُر ۾ شامل ٿيو هو. ۽ هونئن به لوٽن جي هن ملڪ ۾ لئي آهي. سائين وزير ڇا ٿيو منهنجا به ڀاڳ کلي ويا. ڇاڪاڻ ته آئون پنهنجي تر جو اثر رسوخ رکندڙ وڏيرو هئڻ سان گڏوگڏ اليڪشن ۾ سائين ڪُٺل شاهه جو چيف ورڪر پڻ هئس. چيف ورڪر هئڻ دوران مون سائين ڪُٺل شاهه جو خالي اليڪشن ۾ ورڪ ئي ڪو نه ڪيو پر پنهنجي هڙان ۽ وڙان چڱو چوکو خرچ به ڪري ويٺو هئس. ڇاڪاڻ ته منهنجو والد صاحب مون لاءِ هزارين ايڪڙ زمين ڇڏي راه رباني وٺي ويو هو. جيئن ته آئون سندس اڪيلو پُٽ هئس انڪري سندس لاڏاڻي کان پوءِ سموري ملڪيت جو والي وارث هئس هن دنيا ۾ دولت واري کي هر ماڻهو چاهيندو آهي. انڪري سائين ڪُٺل شاهه جي نظر ۾ منهنجي ڪافي اهميت هئي ۽ سائين ڪُٺل شاهه جي مهابو بلڪل نه هيو. مونکي پنهنجي ڪيل خدمتن جي ڪري تمام گهڻو ڀائيندو هو. ۽ هونئن به سائين بادشاهه وڏي نظر رکندو هو، مونسان گڏ پنهنجي هر ورڪر تي محبت ۽ شفقت جي نظر رکندو هو. ان جو سبب اهو به هئو ته سائين کي اڳتي به اليڪشن ۾ بيهڻو ۽ کٽڻو هو. سائين وزير ٿيڻ شرط ڪيترن ئي ماسترن جي نوڪرين جون بيٽون پيدا ڪيون ۽ سڀ پوسٽون پنهنجي ورڪرن ۾ ورهايون ته جيئن سندس ورڪر اهي نوڪريون وڪڻي اليڪشن جا خرچ ڪڍن. مون کي به سائين ويهه کن ماسترن جي نوڪرين جا آرڊر ڏنا هئا. جيڪي مون ضروتمندن ۽ غريبن ۽ اهل ماڻهن کي ڏيڻ بدران في آرڊر پنجويهه هزار روپين ۾ وڪڻي پنهنجي اليڪشن جي لسٽ ڪڍي هئي. انڪري جو وري ٻي اليڪشن ۾ به سائين جي ورڪ ڪرڻي هئي. سائين ڪُٺل شاهه وزارت کان پهرئين سهراب ڳوٺ وٽ پنهنجي هڪ دوست جي ننڍڙي فليٽ ۾ ٺڪاڻو ٺاهيو هيو.جو ڪراچي جي پُررونق علائقي ۾ هڪ هزار گزن جو بنگلو خريد ڪري ورتو آهي. بقول سائين جن جي ته ايندڙ اليڪشن جو خرچ به ڪڍڻو آهي. سائين ڪُٺل شاهه جا مائٽ غريب هوندا هئا. پر چالاڪ ڏاڍا هئا. سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي پيري مريدي جي آڙ ۾ ڦاسائي من مگ مان هزارين ايڪڙ زمين وٺي ويا. اڳي اسلم جي ايتري اهميت نه هوندي هئي. هزارين ايڪڙ زمين هوندي به وڏا وڏا زميندار سيٺن وٽ قرضي هوندا هئا.انهن جا اهي قرض سالن تائين لهڻ بجاءِ ويتر چڙهندا ويندا هئا. جڏهن کان فصلن جا اگهه ٿيا آهن تڏهن کان زميندار به ڏسڻ جهڙا ٿي پيا آهن. هاڻي قرضي زميندار رڳو پنهنجن افعالن سان هوندا آهن. سائين پنهنجي مائٽن کان به وڌيڪ چالاڪ ۽ دورانديش آهي. ان کي اها خبر آهي ته ملڪيت ڪيئن وڌائجي. بڇڙن افعالن هوندي به سائين ۾ وڃائڻ وارا افعال گهٽ آهن. سائين کي اڃا به امير ٿيڻ جو شوق نه پر مٿي تي ڀوت سوار آهي. انڪري ڪنهن طريقي سان ڪمائڻ واري ڪا به گهٽي سائين ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. سائين جي چوڻ موجب ته ابا سرڪار جا لاها چاڙها رکيا آهن. ڪنهن مهل ڪير اچي هن ملڪ جي سرڪار کي ڪيرائي سگهي ٿو. انڪري ڪيڏي به مهل گهر ڀيڙا ٿيون ان کان پهرين پنهنجي قلمدان واري دور ۾ ايترو ڪمائي وٺجي جو ٻيهر به وزارت ماڻڻ جي حسرت نه رهي. جڏهن کان سائين سهراب ڳوٺ واري ننڍڙي فليٽ کان گزريءَ جي پررونق علائقي ۾ بنگلي وٺي پنهنجو ٺڪاڻو ڪيو آهي. تڏهن کان مون به پنهنجو ٺڪاڻو سائين جي بنگلي کي بنائي ڇڏيو آهي. انڪري جو پنهنجي ڳوٺ وارن جا جائز ۽ ناجائز ڪم به ته ڪرڻا آهن. ڪم وري ڪهڙا، اسان جي بلي ته لڳو ماستري جي بدلي ئي وڃي رهي آهي. وڏن ڪمن جي وچ ۾ ته سائين بادشاهه ڪنهن کي ليکيندو ئي ڪو نه هو. جو وڏا وڏا ڪم هو پاڻ ئي ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪميشن تمام گهڻي ملندي هئي.
سائين کان اهو به چوندي ٻڌو هئم ته ابا اها رشوت وغيره ٿورئي آهي ماڻهو ته اها بخشش ٿا ڏين. جيڪو اسان جي وڏن ورتي ۽ اسان وٺون پيا. وڏن پئسن عيوض روحاني فيض ڏنو ۽ اسان پنهنجي هٿ ۾ آيل ٿورو گهڻو ڪم ڪري ماڻهن کي فيض ڏيون ٿا. ماستري لائين جي ڪيترن ئي ماسترن کان وٺي ڊائريڪٽر جي عهدي تائين جي آفيسرن کي سائين جي بنگلي تي حاضري ڏيندي ڏٺم. هڪ فائدو اهو ضرور ٿيو جو انهن سان منهنجي سُٺي دعا سلام ٿي وئي. ڇو ته انهن کي سائين تائين پهچڻ کان پهرين اپائنٽمينٽ مون کان وٺڻي پوندي هئي. ۽ مان به پنهنجي سهولت ۽ تعلقات جي بنياد تي انهن کي جلدي يا دير سان سائين جن سان ملائيندو هئس. ڇاڪاڻ ته سائين جن ان بنگلي ۾ پرسنل اسسٽنٽ مون کي بنايو هو. حقيقت ته اها آهي جو مون سائين جن جي وزارت سنڀالڻ کان پهرين حقيقت ۾ حيدرآباد به پوري ريت نه ڏٺي هئي پر هتي اچڻ کان پوءِ ڪراچي جي سمورن فيشن ايبل علائقن کان واقف ٿي ويو هئس. آئون جئين ته بنيادي طرح هڪ سنڌي وڏيرو هئس. انڪري مون ۾ عادتون به سموريون سنڌي وڏيرن واريون هيون. لُچ لوفر پالڻ، رن روڳڙي نه ڇڏڻ، رڇ ڪتن جو ويڙهون ڪرائڻ، ملهه ملاکڙو ڪرائڻ، وغيره جهڙا شوق منهنجي نس نس ۾ سمايل هئا. شهر ۾ اچي رڇ ڪتا ويڙهائڻ يا ملاکڙا ڪرائڻ جهڙا شوق نه پئي ڪري سگهيس باقي رنن وارا شوق ته شهر ۾ اچي اڪثر وڏيرا ڪندا آهن.آئون به ان شوق کي پروان چاڙهڻ لاءِ سائين جي ساٿ سان لهي پيس. ان شوق جي ڪري اڪثر فيشن ايبل علائقن ۾ رُلڻ ۽ گهمڻ جو موقعو مليو. مون کي هتي اهو ڏسي حيراني ٿي ته هتي اڪثر معزز ۽ عزتدار ماڻهن جو پيشو ئي ڀڙوت آهي. انڪري آئون به هتي ڪيترن ئي عزتدار ڀڙون کان واقف ٿي ويس جن جو ڪاروبار ئي سنڌي وڏيرن کي عياشي مهيا ڪرڻ آهي. اُهي ان ڏَس ۾ مهانگين علائقن ۾ رهيا پيا آهن. ڇو ته انهن جي گهرن ۾ سونا بيدا ڏيڻ واريون ڪڪڙيون پلجي رهيون هونديون آهن. جيڪي پئسي جي خاطر داءُ آزمائڻ ۾ دير نه ڪنديون آهن. انهي جي ڪري ئي انهن جا مٽ مائٽ نوازشون ماڻي وڏن وڏن عهدن تي رسڻ ۾ دير ئي نه ڪندا آهن. ۽ مون به پنهنجي سنڌ جي وڏيرن کي انهن جي درن تي نوس نوس ڪندي به ڏٺو آهي. جيئن ته سائين ڪُٺل شاهه وزير هو. انڪري اهو اهڙن گهرن ۾ هلي ڪو نه ويندو هو. مال پاڻهي ئي سائين جي بنگلي تي پهچي ويندو هو. مال رڳو سائين جي لاءِ نه ايندو هو پر اُتي موجود خاص خاص ماڻهن لاءِ ايندو هو. آئون به ان خاص ماڻهن ۾ شامل هئس. ان بنگلي جي هڪ ئي اٽيچ باٿ تي قبضو ڪري ڇڏيو هئم. جنهن کي ڏينهن جو آفيس طور ڪم آڻيندو هوس ۽ رات جو عياشي طور استعمال ڪندو هئس. ڏينهن جو ان ڪمري ۾ ڳوٺ وارا واقف ڪار ماڻهن کان علاوه ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقاتون ٿينديون هيون. جن جا ڪم ڪاريون واقفيت ۽ پئسي جي بنياد تي ڪري ڏيڻ پنهنجي ڊيوٽي ۾ سمجهندو هئس. ۽ رات جو وري ڪمري ۾ عزتدار ماڻهن جي عزت پائمال ٿيندو ڏسندو هو. حالانڪه هن علائقي ۾ ڪافي سنڌي وڏيرن جا بنگلا هئا يا ته اقتدار ڪري پاڙيوار هيسيل هئا يا اهي سڀ اسان جهڙا هئا جو ايڏي بدمعاشي ۽ اچ وڃ هوندي به ڪڏهن ڪا شڪايت نه ٿي. منهنجي ماتحت ۾ چاچو شمشو هوندو هو. جيڪو هيٺ کان مٿي تائين سمورا ڪم اڪلائيندو هو. اسان کي ته رڳو يا ته ماڻهن جو ڪم ڪرائي ڏيڻو هوندو هو يا ته ڪجهه ڏوڪڙ ڏيڻا هوندا هئا. جيڪي ڪم کانپوءِ اسان چاچي شمشو جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئاسين. چاچو شمشو ان ڪم جو هوشيار هو. ماڻهن سڃاڻڻ ۽ اگهه مقرر ڪرڻ جو ته اصل ماهر هو. اسان عياشي جي خريداري ڪا به ڊائريڪٽ نه ڪندا هئاسين. چاچو شمشو مٺو چاچو هئڻ سان گڏوگڏ سٺي دلال يا ڀڙوي وارو ڪردار به خوش اصلوبي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو هو ۽ اسان کي ڪا خاص جهنجهٽ ڪرڻي نه پوندي هئي. اڄ به مان شهر مان چڱي چوکي خواري ڪري جڏهن پنهنجي ڪمري جي در وٽ پهتس ته چاچو شمشو ملي ويو. چيائين:
“سائين مان توهان لاءِ مال آندو آهي. ۽ توهان جي ڪمري ۾ ويهاري آيو آهيان. سائين وڏي سان ملڻ آئي هئي، ڪو فائيل وغيره سائين جي ٽيبل تي پهتل اٿس. ان فائيل ۾ ڪجهه صحيون ڪرائڻيون اٿس. سائين وزير جي ميٽنگ ۾ ويل آهي. شايد هفتو کن نه اچي ۽ مون توهان جو خادم ٿيندي هن سان سمورا معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن، بس توهان پنهنجي ان عياشي جي موٽ ۾ سائين جن کان هن جي فائيل وارو ڪم ڪرائي ڏجو.”
چاچي شمشو کان موڪلائي جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيس ته حيرانگي مان ٻاهر موٽڻ وارو ئي هئس ته چاچو شمشو اندر داخل ٿيو. شمشو اندر داخل ٿيندي چيائين ته:
“سائين ٻاهر ڪيڏانهن پيا وڃو، آيل روزي ڇڏبي ٿورئي آهي. هي توهان جي اڄوڪي روزي جي کاڌ خوراڪ آهي.”
آئون وڌيڪ ٻُڏتر ۾ پئجي ويس جو منهنجي سامهون مهان ليکڪه رابيلي ويٺي هئي. اڃان پندرهن ڏينهن اندر ئي هڪ فنڪشن اٽينڊ ڪري آيو هئس. جنهن جي صدارت هوءَ ڪري رهي هئي. اها منهنجي پسنديده ليکڪه هئي. انڪري ان جا سمورا فنڪشن آئون باقائدگي سان اٽينڊ ڪندو آهيان ڇا ته معاشري تي لکندي آهي. پر اڌ وهي جي هن اديبه کي مال جي صورت ۾ ڏسي منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي ۽ مٿي کي چڪر اچڻ لڳا. ڪجهه پاڻ تي قابو ڪندي چاچي شمشو کي چيم:
“اڙي چاچا! تون شايد غلطي کان ڪم وٺي رهيو آهين، هي ته مشهور ليکڪه رابيلي آهي. جنهن جي لکيل ليک آئون ڏاڍي شوق سان پڙهندو آهيان. اڃان پندرهن ڏينهن پهرئين آئون هن جو فنڪشن اٽينڊ ڪري آيو آهيان.”
چاچي شمشو لاپرواهي مان چيو:
“سائين ڪير آهي رابيلي؟ ڪير آهي ليکڪه ۽ ڪير آهي مهان؟ ان جي مون کي ڄاڻ نه آهي، باقي مون توهان ۽ هن محترمه جي وچ وارا سمورا معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن. توهان کي هن محترمه جو ڪم ڪرڻو پوندو. ۽ ان جي موٽ ۾ هي اڄ سڄي رات توهان جي مهمان آهي.”
رابيلي اڳيان وڌندي بنا شرمائڻ جي چيو:
“توهان حيران نه ٿيو، هي پٽيوالو بلڪل صحيح پيو چوي، هي منهنجو فائيل سائين جن جي ٽيبل تي آهي، اهو ڪم توهان کي ڪرائڻو آهي. ۽ ان جي في مان توهان کي هر صورت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه دور ئي ڏيڻ ۽ وٺڻ جو آهي.”
آئون ڪجهه سوچيان ئي سوچيان پاڻ وڌي ڪمري جو در اندران بند ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو مان جڏهن ننڊ مان اٿيس ته جسم ۾ عجيب بي چيني محسوس ڪيم. ڀانئيم ته مون ڪو تازو گوشت نه پر ڪو ڇيڇڙو کاڌو هو.