تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

منظور سولنگي-موهن جي دڙي جو دراوڙ

منظور سولنگي موهن جي دڙي جو اهو دراوڙ آهي جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ موهن جي دڙي جي لوڪن جو درد سدائين تازو رهي ٿو. سندس تحقيق ۽ تخليق جو مرڪز ۽ محور اها عظيم سنڌ ۽ ان جا لوڪ آهن جيڪي موهن جي دڙي واري اوج ۽ عروج وڃائڻ کانپوءِ هزارين سالن کان دربدريءَ واري دڳ تي ڀٽڪي رهيا آهن.
ڪولهين،ڀيلن ۽ ميگهواڙن کي هو سنڌ جي اصلوڪن لوڪن يعني موهن جي دڙي جي دراوڙن طور پنهنجي لکڻين ۾ ياد ڪندو رهي ٿو. پنهنجي ئي وطن ۾ جلاوطن بڻيل ۽ دربدريءَ واري زندگي گذاريندڙ ۽ معاشري ۾گهٽ ذات سمجهيا ويندڙ اهي ماڻهو ئي منظور سولنگي جا ڪردار ۽ سورما آهن، جن سان نه رڳو هو پيار ڪري ٿو پر کين پنهنجي وجود جو هڪ ٽٽل حصو به سمجهي ٿو ۽ موهن جي دڙي واري عروج واري سنڌ جي واپسي ۽ بحالي، انهن ئي ڌڪاريل ۽ وساريل لوڪن جي اڳواڻي ۽ سرواڻي ۾ پسي ٿو. ان خيال جو اظهار هن 2000ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ طويل نظم ”ملينيم سانگ“ ۾ ڪيو آهي.
سنڌ جي قسمتن ۾ تلاطم اچي،
ميد، ماڇي دراوڙ ڪو حاڪم ٿئي
ڀيل ۽ باگڙي من اچي ڪو اڳيان،
سنڌ جا نوجوان ، سنڌ جا نوجوان
درد وند ديس ۽ ان جي دربدر لوڪن جا داستان لکڻ ۽ بيان ڪرڻ وقت منطور سولنگي ڪاڪي ڀيرو مل جي ڪتاب ”قديم سنڌ“جو ڄڻ هر ورق ۽ باب بڻجي پوندو آهي ۽ موجودهه سنڌ جي ڳوٺن، شهرن، رستن ، ماڳن ۽ ماڻهن تي سندس ڄاڻ ۽ مهارت ڏسڻ کانپوءِ ائين لڳندو آهي ته منظور سولنگي قديم ۽ جديد سنڌ جو اهڙو سنگم آهي جنهن جي تخليق ۽ تعلق جا وار موهن جي دڙي کان موجودهه دور ۽ جديد سنڌ کان قديم سنڌ تائين وقت جي واٽن تي وڇايل آهن.
”سنڌ هڪ درد ڪهاڻي آهي“ واري سندس شاعري ۾ ڌرتيءَ جي درد، سور ۽ سوز کي چڱي ريت محسوس ڪري سگهجي ٿو. هو نه رڳو پاڻ سنڌ جي درد کي گهرائي سان محسوس ۽ بيان ڪري ٿو پر پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي جسم مان ڀي سيسراٽيون ڪڍرائي ڇڏي ٿو.
جيتوڻيڪ منظور سولنگي سان ويجهڙائپ جو موقعو روزاني الک جي معرفت مهيا ٿيو، جڏهن 1998ع ۾هن مون کي سب ايڊيٽر طور نوڪري ڏني. پر سندس شاعري سان شناسائي 13 سالن جي ڄمار ۾ ان وقت ٿي،جڏهن منهنجي مامي اختر سنديلي( مرحوم) جي گهر ۾ وڏي آواز ۾ سندس لکيل مشهور گيت ”منهن، ڇپرن، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون،فوج پوليس چوي- ڌاڙيل پيا ڳوليون“ گونجندي ٻڌو هو. سڄي پاڙي ۾ هڪ ئي ٽيپ هئي جنهن ۾ اهو گيت وڄڻ سان مايون ۽ مرد توڙي ٻار ناني جي گهر اچي گڏ ٿيا هئا.”وري هلاءِ، وري هلاءِ، اهو ڪلام وري ٻڌاءِ“ جي فرمائش کان پوءِ ماڻهن کي اهو گيت ايترو ياد ٿي ويو جو هر ڪنهن لکي جهونگارڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪيو. شاعر جي خبر ته نه هئي ته ڪير آهي ڇو جو ناليوارو مصرعو ئي نه هو.
هاءِ اسڪول کان پوءِ ڪاليج پهتاسين ته ڊي ايس ايف جي دوستن جي ويهڪ ڏوڪري ۾ مشوري جي نالي سان مشهور هوٽل ۾ ٿيندي هئي. هوٽل ۾ ساڳيو ئي گيت هلڻ وقت علي محمد بروهي( جيڪو ڊي ايس ايف سنڌ يونيورسٽي جو ان وقت صدر هو) ڪيسٽ جو کوکو گهرائي سڀني ڪارڪنن کي منظور سولنگيءَ جو گيت اڳيان لکيل نالو ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته منظور سولنگي به ڊي ايس ايف ۾ آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي پيو. اڳتي هلي خبر پئي ته منظور سولنگي اهڙو غير روايتي شاعر آهي جنهن پنهنجي ڪنهن به شاعري ۾ ڪڏهن به پنهنجو نالو نه وڌو آهي ڇو ته شاعري ڪرڻ وقت هو شعر جي خيال ۾ ايترو گم هوندو آهي جو هن کان پنهنجي نالي ڳڻائڻ واري ڳالهه وسري ويندي آهي. بلڪل ائين جيئن نارائڻ شيام هڪ شعر ۾ لکيو آهي ته ”ڪير ٿو تنهنجي گهر اچي، جنهن جي آمد لاءِ گهر سينگارڻ ويهي رهينءَ پر توکان پنهنجو سينگار وسري ويو“. جيتوڻيڪ، ”منهن ڇپرن لوڙهن“ وارو گيت 1986 ۾لکيو ويو هو پر اهو گيت پوءِ 10 سالن تائين سنڌ جي هر ادبي،سياسي ۽ شعوري محفل جومهمان خاص رهيو،سولي ۽ عوامي ٻولي ۾ لکيل ان گيت سنڌ جي عام ۽خاص لوڪن کي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هڪ جهڙي انداز ۾ متاثرڪيو.
ان کانپوءِ 1990ع ۾ ڪاوش اخبار آئي ته مون کي ياد آهي ته منهنجو چاچو غلام مصطفيٰ سنديلو ( مرحوم) روزانو کيسي مان هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو ڪڍي شام جو گهر ۽ اوطاق ۾ ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندو هو ته پڙهيل ۽ اڻپڙهيل ماڻهو ٻڌڻ وقت کل ۾ ٻُٽجي ويندا هئا. اهو سلسلو ” سچ وڏو ڏوهاري“ هو. ان وقت ڪاوش جي مقبوليت جو وڏو سبب اهو طنز ۽ مزاح سان ڀرپور سلسلو ” سچ وڏو ڏوهاري هو“ جيڪو ” منهن ڇپرن“ وانگر هر عام ۽خاص ۾ مقبول ٿيو هو ۽ صحافتي تخليق جو نادر نمونو هو. 2000ع ۾ نئين صديءَ جي شروعات تي به هن جيڪو ملينيم سانگ ٺاهيو ۽ ڳايو آهي، ان جهڙو مثال به ويجهڙائي واري سنڌي شاعري ۾نه ٿو ملي.
منظور سولنگي سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن، شاعرن ۽ صحافين مان آهي جنهن جي سوچڻ، سمجهڻ، لکڻ توڙي بيان ڪرڻ جو انداز نرالو آهي، ڀٽائي جي سٽ، ”اک الٽي ڌار“ وانگر ڪنهن وڏي اديب، شاعر ۽ صحافيءَ جو نقل ڪرڻ بدران هو پنهنجي ڏات، ڏانءَ ۽ انداز سان لکندو رهيو آهي.
منظور سولنگي ادب توڙي صحافت ۾ ڪيترائي نوان لفظ، محاورا ۽ انداز متعارف ڪرايا آهن. سنڌ ٽي وي تي ڪم ڪرڻ دوران هن ”شهيد راڻي“، ”ڀٽو -صدين جي صدا“، ( Bhutto-The Man of Millennium)،” مها ٻوڏ“، ”ڀٽائي- سنڌ جو فڪري امام“، جهڙا لفظ، محاورا ۽ عنوان متعارف ڪرايا، جيڪي اڳتي هلي ضرب المثل بڻجي ويا. بينظير ڀٽو جي شهادت واري شام تي ئي ” وادي مهراڻ جي شهيد راڻي“ ۽ پوءِ ”شهيد راڻي جا آخري اڍائي مهينا“، ”شهيد راڻي اسين شرمسار آهيون“، ”پهاڙن سان وڙهندڙ پنکڙي“، ”ڳڙهي خدا بخش- شهيدن جو آستان“، ( منظور سولنگي ٻڌايو ته ميرن جي چوياري وانگر ڳڙهي خدا بخش ۾شهيد ڀٽن جي چوياري قائم ٿي آهي ۽ شهيد زندهه هوندا آهن تنهنڪري ڳڙهي خدا بخش قبرستان نه پر شهيدن جو آستان آهي) 12 مئي جي دهشتگردي خلاف ”ميگا شهر ۾ ميگا دهشتگردي“، ”اين جي اوز جي مايا ڄار ۾ ڦاٿل دانشور“، جهڙيون شاهڪار دستاويزي رپورٽون لکي هن پنهنجي قلم جي ادائيگي وارو فرض ايمانداري سان ادا پئي ڪيو آهي،
بيگم نصرت ڀٽو جي وڇوڙي تي هن پنهنجي رپورٽ ۾کيس ”مادر شهداءِ“ جو خطاب ڏنو جنهن کي گهڻو ئي ساراهيو ويو، پر سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي کان شهيدن جو ڳرو بار برداشت ڪرڻ کان چڙهي ويو،جنهن بعد ۾ اشتهارن وسيلي بيگم نصرت ڀٽو کي ”مادرِ شهداءِ“ بجاءِ ”مادر جمهوريت“ طورمتعارف ڪرايو.
روزاني الک کي ايڊيٽر طور هن بنا بقايا جي پاڪستان جي پهرين اخبار طور متعارف ڪرائيندي نئين روايت وڌي. ملان مکڻ، عيدو ڀاڻائي، موسو ڪتائي جي فرضي نالن سان لکيو. باربار وفاداريون تبديل ڪندڙ سياستدانن لاءِ ” سياسي قلابازيون“ سلسلو به ڏاڍو مشهور ٿيو. جڏهن ته معاشري جي متحرڪ ۽ مشهور ڪردارن صوبيدارکان مڱڻهار، تپيدار کان زميندار، ڪنڊيڪٽر کان سياسي ورڪر، مُلي کان موالي تائين وارن سلسلن به الک اخبار کي مقبوليت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. ڪالمن ۾ هن ” سچ وڏو ڏوهاري“ کانسواءِ ”نئين معنيٰ“، ”اڄ ۽ڪلهه“، ”funny and fantastic“ ، ”peep in past“، ”20هين صديءَ کي سنڌين ڪيئن ڏٺو ؟“ به تخليقي ڪمال جا نادر نمونا هئا.
منظور سولنگي سنڌ جي هڪ اهڙي گهڻ رخي۽ گهڻ پاسائين شخصيت آهي،جنهن کي خالق ڏات ۽ ڏانءُ، تخليق ۽ تحقيق،سمجهڻ ۽ سمجهائڻ،لکڻ، ٻڌائڻ، پرکڻ ۽ پرجهڻ،حفظ ۽ حاضر دماغي، طنز ۽ مزاح، رويي ۽ رجحان بيباڪي ۽ برملائي جهڙين کوڙ سارين صلاحيتن جي نعمتن سان نوازيو آهي.
ڀٽائي جي سٽ هن جي وصفن تي ٺهڪي بيهندي آهي ته
”پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان“
هو ڄاڻڻ لاءِ جيترو اڃارو ۽ تاسارو هوندو آهي اوترو ئي سيکارڻ ، سمجهائڻ ۾سخي مرد آهي. مثالن ۽ دليلن سان سمجهائڻ وارو ڏانءُ ڪو منظور سولنگي کان سکي. سقراط کان ڪنهن پڇيو ته ” تنهنجي نظر ۾ وڏو ماڻهو ڪير آهي“ ته سقراط وراڻيو ”منهنجي نظر۾ وڏو ماڻهو اهو آهي جنهن جي اڳيان ڪو ننڍو ماڻهو ويهي ته ان کي پنهنجي ننڍائيءَ جو احساس نه ٿئي“، ڀٽائي ساڳي ڳالهه هيئن ڪئي ته” ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، اي در اٻوجهن جو“ سو منظور سولنگي گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ باوجود ٻين کي ٻڌندو آهي ۽ انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندوآهي. عام سان عام۽ خاص سان خاص سلوڪ رکڻ سندس شخصيت جون خوبيون آهن، اعليٰ ۽ زرخيز ذهن رکندڙ منظور سولنگي جي سنگت ۽ صحبت جو سڳو به خاص ماڻهن بدران عام ۽ عوامي ماڻهن سان ٻڌل آهي. هو پنهنجي هر وصف ۽ وَڙ ۾ ڪوڙي وڏائي ۽ تقليد جي ليبل کان آجو آهي. سندس علم، ڄاڻ ۽ ڏات حاڪمن ۽ ظالمن جي خوشنودي بدران محڪومن ۽ مسڪينن جي ملڪيت ۽ ميراث آهي. جيڪا انهن جي بحالي، ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ هر وقت بناڪنهن موٽ ۽ معاوضي جي تحريرن، تقريرن ۽ شاعري وسيلي گهوريندي رهي ٿي.
منطورسولنگي بيباڪ ۽ بهادر ماڻهو آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي چٽو هجڻ سان گڏ قلم۽ زبان وسيلي وڙهندي وڙهندي ذاتي طور گهڻو ڪجهه وڃائڻ باوجود ثابت قدم بيٺو آهي.
وڙهي ويل سڀ ڪهين، لاکو لوءِ به لوءِ
پرهه ڦٽيان پوءِ، ڪرڳل ڪندو ڪڇڙي.
(شاهه)
خدا سنڌ جي ٻين ساڃاهه وندن،اهل قلم ، اڪابرن، دانشورن ۽ صحافين کي به هر ذاتي مفاد کان مٿڀرو ٿي سنڌ ۽ ان جي مظلوم لوڪن سان بهادري سان بيهڻ جي اهڙي توفيق ڏي.

تصوير سنديلو
ڪراچي
اپريل 2016