تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

ڪتاب ۾ شامل ڪيل  هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي هڪ جيئري جاڳندي ۽ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ تاريخ آهن. ايندڙ دور ۾ جڏهن تاريخ ڪتابن جي قرطاس مان نڪري واريءَ جي ذرڙن واري چپس تي هميشه لاءِ منتقل ٿيندي ته ان وقت هي ڊاڪيومينٽريز سنڌ جي تاريخ جو هڪ املهه ۽ محقق ماخذ بڻبيون. منظور سولنگي پنهنجي دور جو هڪ ليجنڊ ليکڪ ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي، هُن جي کرائي ۽ بي غرضي ڪنهن کي پسند نه به هجي پر هُن جي سنڌ سان غيرمشروط محبت، فدائيت ۽ جاکوڙ تي ڪي به ٻه رايا ناهن رهيا. هن سڄي زندگي هڪ کاهوڙي Activist جي حيثيت ۾ گذاري آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن پاران سنڌ جي وحدت ۽ ان جي اشوز تي آواز ۽ جاڳرتا اٿارڻ واري ويڙهه ۾ هو سدائين پهرين جوڙ جو ملهه رهيو آهي.

Title Cover of book سنڌ ھڪ درد ڪھاڻي آھي

مينهن جي ٻوڙيلن جي ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽرائجي؟

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پيل مينهن سنڌ ۾ جيڪا تباهي آندي آهي ۽ خاص ڪري سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان ۽ بدين جيڪي ڄڻ ته هڪ وڏي ڍنڍ جي صورت ۾ يا درياهه جي پيٽ يا سمنڊ جي حصي ۾ تبديل ٿي ويا آهن، ان تباهيءَ لکين ماڻهن کي تباهه ڪري، هزارين ڳوٺ ۽ ننڍا وڏا شهر برباد ڪري ڇڏيا آهن. انگن اکرن موجب سنڌ ۾ هن سال جيڪو مينهن پيو آهي انهيءَ گذريل پنجاهه سٺ سالن کان رڪارڊ ٿيندڙ مينهن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن بلڪ هن سال جيڪو مينهن پيو آهي اهو سراسري مينهن جي پنجوڻ کان به وڌيڪ مينهن آهي. سنڌ ۾ 2003ع جي سانوڻيءَ ۾ به ڏاڍا مينهن پيا هئا. جن سنڌ ۾ وڏي تباهي آندي هئي پر هن سال وارن مينهن جو ڪوبه مثال نه ٿو ملي. هن سال مٺيءَ ۾ 1150 ملي ميٽر، ميرپورخاص ۾ 676 ملي ميٽر، ڏيپلي ۾ 779 ملي ميٽر، ڇاڇري ۾ 735 ملي ميٽر، ننگرپارڪر ۾ 792 ملي ميٽر، نوابشاهه ۾ 547 ملي ميٽر، بدين ۾ 512 ملي ميٽر، ڇور ۾ 456 ملي ميٽر، پڊعيدن ۾ 381 ملي ميٽر برسات پئي. جنهن ڪري سنڌ ۾ اٽڪل 37 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ٿي ويو. هي پاڻي ايترو آهي جنهن مان پنجن کان وڌيڪ تربيلا ڊئم ڀرجي سگهن ٿا.
تازين برساتن ۾ جيڪي ست ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن، ۽ ٻين ضلعن ۾ جيڪو جزوي نقصان ٿيو آهي، ان ۾ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو دربدر ۽ بي گهر ٿيا آهن ۽ گهرن ڊهڻ، فصلن ٻڏڻ ۽ مال مرڻ توڙي ماڻهن مرڻ جي صورت ۾ کربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. تباهه ٿيل روڊن، رستن، پلين، واهن ۽ سم شاخن يا ريل جي پٽڙين جو نقصان ان کان سواءِ آهي. ماهرن جي اها به راءِ آهي ته جيڪڏهن ايندڙ ٻن مهينن تائين سخت متاثر ستن ضلعن مان پاڻي نڪري به وڃي ته به انهن ضلعن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر يعني روڊ، رستا، پليون سرڪاري عمارتون، واهه ۽ سم نالا ايندڙ ويهن سالن تائين ان حالت ۾ نه اچي سگهندا، جنهن حالت ۾ هو تازين برساتن کان اڳ هئا. زرعي ماهرن وري اهو به شڪ ڏيکاريو آهي ته زمينن ۾ مسلسل پاڻي بيهڻ سبب سم چڙهڻ ۽ لوڻ مٿي اچڻ سبب زمينن کرڻ يا خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن ڪري نه صرف زرعي پيداوار گهٽبي پر لکين ماڻهن جو روزگار به ختم ٿي ويندو.
جيتوڻيڪ تازن مينهن بابت چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ پنجوڻ تي پيل وڌيڪ اهي مينهن بدليل موسمي حالتن جي ڪري آهن ۽ سڄي دنيا ۾ جيڪي موسمي ۽ ماحولياتي تبديليون اچي رهيون آهن ان جي ڪري ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ ٻوڏن، مينهن توڙي ڏڪارن جو خطرو آهي پر سنڌ ۾ هڪ راءِ اها به آهي ته تازن مينهن سبب سنڌ ۾ جيڪو ماهو ۽ موت پيو آهي ۽ جيڪا بي پناهه تباهي ٿي آهي انهيءَ جي گهڻي ڀاڱي ذميواري حڪومت ۽ ان جي ادارن تي به اچي ٿي. تنهن ڪري برسات متاثر يا مينهن جا ماريل اهو سوچي رهيا آهن ته هو پنهنجي پيارن جي موت جي، گهرن ۽ فصلن جي تباهيءَ جي، شهرن ۽ ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ روڊن جي ٻڏي وڃڻ جي يا سمورن علائقن جي ڍنڍ ۾ تبديل ٿيڻ جي ايف آءِ آر ڪنهن جي مٿان داخل ڪرائين؟
سنڌ جا ماڻهو مينهن جي تازين تباهين جو هڪ ذميوار آبپاشي کاتي کي به سمجهن ٿا جنهن جي ڪک مان نڪتل سيڊا جي اها اٿارٽي جيڪا سم نالن جي سارسنڀال جي ذميوار آهي. آبپاشي کاتي ۽ ان جي سيڊا خاص ڪري وچولي کان لاڙ ڏانهن ويندڙ سم نالن جي گذريل ڏهن سالن کان کاٽي نه ڪرائي آهي. جنهن ڪري سم نالا يا ته پورجي ننڍا ٿي ويا آهن يا وري هنڌان هنڌان ڀڳل ۽ ٽٽل آهن. جيڪڏهن سم نالن جي کاٽي ٿيندي رهي ها ۽ جيڪڏهن سم نالن جا ڪنارا وڏا، ويڪرا ۽ مضبوط هجن ها ته مينهن جو پاڻي سم نالن ذريعي نڪرندو رهي ها ۽ نتيجي طور پاڻي گڏ نه ٿئي ها ۽ پوءِ نه فصل ٻڏن ها نه شهر ۽ انهن جا رستا لڙهن ها. پر آبپاشي کاتي ۽ سيڊا سم نالن جي کاٽي به نه ڪرائي، بند به مضبوط نه ڪرايا نتيجي ۾ ڦڙي ڦڙي وسندي تلاءُ بنجندي وئي ۽ آخر ۾ ست ئي ضلعا وڏي ڍنڍ بنجي ويا.
آبپاشي کاتي ۽ سيڊا تي ته سنڌ جي ماڻهن جو اهو الزام به آهي ته سم نالن جو پاڻي کڻندڙ ٽيوب ويلن جي گهڻائي گذريل ڪيترن سالن کان بند آهي پر رڪارڊ ۾ اهي ٽيوب هلايل ڏيکاري، آبپاشي کاتي، سيڊا ۽ واپڊا جا عملدار ملي ڀڳت ڪري انهن جي نالي ۾ ملندڙ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جاڪروڙين رپيا هڙپ ڪري رهيا آهن. آبپاشي کاتي تي سنڌ جي ماڻهن جو ته اهو به ڪيس آهي ته سيڊا جي انتظام ۾ هلندڙ سم نالن جي کاٽيءَ لاءِ قائم ڪيل لوئر سنڌ مڪينيڪل ڊويزن جي 50 کان وڌيڪ مشينن کي ڪيئن ناڪارا بنايو ويو آهي ۽ ٻاهرين ملڪن مان وڏي قومي ناڻي سان خريد ڪيل نين نڪور مشينن جا پرزا وڪڻي، سڄي اداري کي ڪيئن بيڪار بنايو ويو آهي؟
سنڌ جي ماڻهن جو ته آبپاشي ۽ سيڊا کان پوءِ سنڌ جي بلديات واري کاتي مٿان به هڪ ڪيس آهي ته اهو بلديات کاتو، جنهن کي جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف اربين رپين جي فنڊن جا ڏند ۽ ڏاٺون وجهي هڪ کائيندڙ ۽ چٻاڙيندڙ کاتو بنايو ۽ جنهن بلديات کاتي جي هڪ هڪ تعلقي جي ميونسپل ۾ ماهوار هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ پئسا اچن ٿا، انهن ٽي ايم ايز گذريل ڏهن سالن ۾ اربين رپين جا فنڊ هڙپ ڪرڻ باوجود سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪو سٺو روڊ نه ٺهرايو، ڪو ڪم جهڙو پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو نه جوڙايو ۽ صفائيءَ جو ڪو نظام ترتيب نه ڏنو. نتيجي طور تازين برساتن ۾ سنڌ جو هر شهر پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
بلديات کاتي ۾ ته ٽي ايم ايز معرفت صفائيءَ لاءِ ڀنگي رکڻ بجاءِ سياسي سفارشن تي ماڻهو رکيا ويا آهن. جيڪي پگهارون ته کڻن پيا پر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، نتيجي طور تازن مينهن دوران سنڌ جي ڪنهن به ٽي ايم اي مثالي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ستن ڏينهن اندر پنهنجي شهر مان پاڻي نه ڪڍرايو. گذريل ڏهن سالن دوران ٽي ايم ايز ٻيا فنڊ ته هڙپ ڪنديون رهيون پر مڇرن ۽ رولو ڪتن مارڻ وارين دوائن جا به پئسا هڙپ ٿيندا رهيا. ٻئي طرف مڇر ۽ ڪتا شهرين کي کائيندا ۽ چڪيندا رهيا ۽ ميڊيا ۾ مڇر توڙي ڇتي ڪتي جي چڪ ۾ مرندڙ انسانن جون المين جهڙيون خبرون اينديون رهيون.
سنڌ جي ماڻهن جو ڪيس ته سنڌ حڪومت تي به آهي، جنهن انهن مينهن جي ماريل ضلعن ۾ سٺا ڊي سي او، ڊي اِي او ۽ ٻيا عملدار مقرر نه ڪيا، نتيجي طور جڏهن مينهن منهن ڪڍيو ته سفارشن تي ڀرتي ڪيل آفيسر گهٽين ۽ روڊن تي ڪاهي پوڻ بجاءِ آفيسن ۽ گهرن ۾ ٻوٿ ٻڌي ويهي رهيا. برسات جو پاڻي ڪيتريون آباديون لوڙهيندو ۽ رستا ٻوڙيندو رهيو پر ڪوبه عملدار ڪٿي پاڻي ۾ هلندي ۽ ماڻهن کي دلبا ۽ دلاسا ڏيندي نظرنه آيو. سنڌ جي سخت متاثر ستن ضلعن ۾ جيڪڏهن سٺا ڊي سي اوز ۽ سٺا آفيسر مقرر هجن ها ته انهن ضلعن جي عوام جي اهڙي حالت نه ٿئي ها جيڪا هاڻي نظر اچي ٿي.ائين نه آهي ته سنڌ ۾ ڪا سٺن آفيسرن جي کوٽ آهي پر حڪومت جي ان خواهش ۽ تمنا جي کوٽ ضرور آهي، جيڪا اهل آفيسرن جي مقرريءَ لاءِ گهربل آهي.
سنڌ جي ماڻهن کي هڪڙي شڪايت اتان جي اين جي اوز کان به آهي، جيڪي سنڌ جي غربت جي ڍونڍ تي ڦيرا ڏين ٿيون ۽ غريبن جي امداد جي نالي ۾ ملندڙ مال تي پلجي وڏيون ٿين ٿيون. سنڌ ۾ سوين اهڙيون نانءَ ڪٺيون اين جي اوز آهن جيڪي هڪ هڪ فرد جون ذاتي ملڪيتون آهن. اهي اين جي اوز انهن فردن جي ذاتي ۽ خانداني خوشحالي لاءِ ته ڪم اچن ٿيون پر جن ماڻهن ۽ جنهن سماج جي ڀلائيءَ لاءِ هو امداد وٺي اچن ٿا، ان تي نالي ماتر به خرچ نه ٿا ڪن. سنڌ جي انهن اين جي اوز به اسان جي غريب ماڻهن جي ڀلائي لاءِ اربين رپيا وٺي پاڻ هڙپ ڪيا آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪي هڪ يا ٻه درجن به سٺيون اين جي اوز هجن ها ته تازن مينهن ۾ مرندڙ ماڻهو جو انگ گهٽجي سگهي ها ۽ ماڻهن کي آيل ايذاءَ جي شدت ٿوري هلڪي هجي ها.
سنڌ جي ماڻهن کي هڪڙي شڪايت ميڊيا کان به آهي. ڇو ته ميڊيا به رڍن جي ڌڻ وانگي ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ٻئي پٺيان ريس ڪري ڪن مامرن کي گهڻو کڻي ۽ اڇالي ٿي پر اهي معاملا ۽ مسئلا جيڪي هن ملڪ جي مسڪين ۽ ماريل ماڻهن سان لاڳو آهن ۽ اهي مسئلا جيڪي غريبن جي زندگين ۽ نسلن کي داءَ تي لڳائي ٿا ڇڏين، انهن کي مناسب جاءِ ۽ ڪوريج ڏيڻ بجاءِ ميڊيا ڪڏهن راندين، ڪڏهن شادين ۽ ڪڏهن رڳو هلڪين، مٿاڇرين ۽ مشڪرين وارين خبرن کي ڪوريج ڏئي ٿي. ٻن رانديگرن جي شادي کان وڌيڪ اهم ٻن ڳوٺن جي ٻڏڻ جي خبر ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن ميڊيا جي مئنيجر کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي. ساڳيءَ ريت ڪيترائي ميڊيائي ماڻهو عوام جي اهنجن ۽ ماڻهن جي مسئلن کي جاءِ ڏيڻ بجاءِ رڳو پنهنجي خام خيالن ۽ پاڻ پڏائڻ وارين ڪهاڻين کي پيش پيا ڪن ۽ ڪوريج پيا ڏين. ميڊيا تان جيڪڏهن ذاتي فرمائش ۽ مالڪاڻين مرضين جو ٿورو بار لهي پوي ۽ اها جاءِ يا اهو وقت به عوام جي ڪنهن ايذاءَ جي خبر کي ملي ته به شايد عوام جي اهنجن جو انگ يا مقدار گهٽجي پوي.
مٿين سڄي بحث کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍڻ بجا ٿيندو ته جيڪڏهن اسان جي آبپاشي کاتي ۽ سيڊا جي ساک ۾ ايڏا وڏا گهارا نه پون ها ۽ ان کاتي جا عملدار ڪرپشن جي ڪنن ۾ لڙهي ۽ ٻڏي نه وڃن ها ۽ اسان جي نالن ۽ واهن جون کاٽيون وقت تي ٿين ها ته به اسان ائين نه ٻڏون ها جيئن هاڻي ٻڏا آهيون. پر جيڪڏهن اسان جو بلدياتي کاتو بدعنوانيءَ جي بَر ۾ نه ڀٽڪي ها ۽ اسان جون ٽي ايم ايز سڀ جي سڀ فنڊ هڙپ ڪرڻ جو قسم نه کڻن ها ۽ ٿورو به پئسو عوامي ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪن ها ته شايد اسان ائين نه ٻڏون ها جيئن اسان هاڻي ٻڏا آهيون.پر جيڪڏهن اسان جي حڪومت متاثر ضلعن ۾ ڪي سٺا آفيسر مقرر ڪري ها عوام جو درد ۽ خدمت جو جذبو رکندڙ ڊي سي اوز مقرر ڪري ها ته به اسان جي واهر ٿي پوي ها ۽ اسان سان ڏک ايتريون ڏاڍايون نه ڪن ها جيڪي هنن اسان سان هن هيڻي حال ۾ ڪيون آهن. پر جيڪڏهن اسان جون ڪجهه اين جي اوز هن ٻوڏ کي ڏائڻ جي هڪڙي گهر ٽارڻ واري پهاڪي جيان ٽارين ها ۽ هن ڀيري ٻڏل ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو وچن ڪن ها ۽ مليل امداد کي مينهن جي ماريل ماڻهن تائين پهچائڻ جو پهه ڪن ها ته به شايد اسان جا اهنج ايترو ايذاءُ رسائيندڙ نه هجن ها.
۽ آخر ۾ ايترو ته جيڪڏهن هن ڀيري ميڊيا ۽ خاص ڪري اردو ميڊيا به اسان جي ماڻهن تي ايتري مهربان هجي ها جيتري اسان تي برپا ٿيل قيامت جي قيمت آهي ۽ جيڪڏهن ميڊيا اسان جي دردن جي ايتري تصوير پيش ڪري ها جيترو اسان تباهه ۽ تاراج ٿيا آهيون ته شايد سنڌ جي هنن ست ضلعن جي اها حالت نه هجي ها جيڪا هينئر ٻڌائڻ، ڏيکارڻ ۽ بيان ڪرڻ جهڙي به نه آهي.

(آگسٽ 2011 ۾ نشر ٿيل)