ڪھاڻيون

کير جھڙي ڪاري

سرور سيف  سنڌ جي ٻھراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جي سونھن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪھاڻيون پڙهي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪھاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالھيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. سرور سيف جي ڪھاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم  سنڌي عورت  جون آهون ۽ دانھون آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 38
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرور سيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book کير جھڙي ڪاري

پبلشر پاران

اردوءَ جي مشهور ۽ معروف شاعر احمد فراز پنهنجي هڪ نظم جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو هو  نہ ہمارے حالات پرانے ہوتے ہیں اور  نہ ہی اس طرح کی نظمیں ”  “کير جهڙي ڪاري جو پهريون ڇاپو نيل ڪنول پبليڪيشن پاران 1983ع ۾ ڇپايو ويو هو. ليڪن  الميو اهو ساڳيو آهي ته اڄ ستٽيهه سال گذرڻ کانپوءِ به نه ته اسان جا حالات پراڻا ٿيا آهن ۽ ۽ نه ئي سرور سيف جي ڪردارن جا دک،درد ۽ پيڙائون هن جديد دور جي باوجود گهٽجي سگهيون آهن. سو سرور سيف جي ڪهاڻين جوقت ۽ حالتن سان مماثلت جيئن جو تيئن برقرار آهي.“کير جهڙي ڪاري” جي نالي سان هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾  موجود آهي اهو پهرين ڇاپي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه واڌارن ۽ ترميمن سان ٻيهر توهان جي سامهون “سوغات” پبليڪيشن پنوعاقل طرفان پيش ڪيو پيو وڃي. “کير جهڙي ڪاري” جو هي ٻيو جنم،سوغات پبليڪيشن جي پهرين وک آهي. پهرين وک هميشه انقلابي قدم هوندو آهي. پهرين وک جمود کان بغاوت هوندي آهي. پهرين وک هلچل جي شروعات هوندي آهي ليڪن ان ان سان گڏوگڏ پهرين وک تجربي جي کوٽ سبب  ڪجهه ڪمزور ۽ غير متوازن به هوندي آهي. شايد اوڻايون به هجن،نشاندهي ڪندا ته سڌاري جي ڪوشش ڪنداسين ان اميد سان ته سرائيڪي چوڻي “ جا وِک چاوِين، سا وِک اڳتي” جي مصداق “سوغات” پبليڪيشن جون ايندڙ وکون وڌيڪ پختيون ۽ متوازن هونديون!

ساٿ سلامت اوهان جي راين جو اوسيئڙو رهندو.


ڊاڪٽر سجاد سرور
03337138092
drsajjadsarwar@gmail.com