مهاڳ
فن ۽ سماجي ڪارج جو خوبصورت سنگم تي ادب کي عظيم بڻائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪا تخليق فنائتي نموني سان ۽ موهيندڙ اسٽائيل ۾ لکيل ناهي ته پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائي نه سگهندي ۽ جيڪڏهن ماڻهو اها لکڻي نه پڙهن ته سماج ۾ ان جو ڪوبه ڪارج جُڙي نه سگهندو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا لکڻي خوبصورت ۽ موهيندڙ لفظن سان ٽمٽار آهي پر پڙهڻ کان پوءِ ڀي مقصد لڳي ٿي ته اها تخليق سهڻن ٽوهن وانگي آهي جيڪي کوڙ پٽن تي وڇايا پيا هوندا آهن.
اڄ جي سنڌي ادب ۾ ان خوبصورت سنگم جيئي کوٽ آهي.سواءِ ٿورڙن ليکڪن جي باقي اديب ۽ پنهنجين لکڻين ۾ يا ته فن اوتي نه ٿا سگهن يا وري شعور جي وهڪري ۾ بي وس ٿي ۽ لفاظي جي جادوگريءَ واري نشي ۾ ادب جو مقصد ئي وساري ٿا ويهن.جيڪي ليکڪ فن کي نظر انداز ٿا ڪن انهن جي ادب ۾ ڇسي نعري بازي رهجيو وڃي. ۽ جن وٽ فن آهي. اهي زندگي کي مٺي زهر ڏيڻ وارين ادبي لکڻين کي فن جي خوبصورت ڪئپسول ۾ بند ڪري پيش ڪن ٿا. ٻنهي قسمن جا اديب ڄڻ ته انڌا اونڌا ويڄ آهن. جن وٽ اسان جي بيمار معاشري جو ڪوبه علاج ڪونهي. اهڙو ادب پئدا ڪرڻ وارا اديب اڳتي هلي جڏهن ڏسندا آهن ته عوام هن کي نه ٿو پڙهي ۽ هنن جا ڪتاب وڪرو نه ٿين ته پوءِ قوم ۽ عوام کي برو ڀلو چوڻ لڳندا آهن.۽ بعد ۾ مايوس ٿي ويهي رهندا آهن. سرور سيف جيڪو نه رڳو ادبي محاذ تي وڙهي رهيو آهي پر سماجي تبديلين لاءِ عملي جدوجهد پڻ سندس آدرش رهي آهي. سو ظاهرآهي ته ادب ۾ سماجي ڪارج، عظيم مقصد ۽ ترقي پسند ادبي قدرن جو گهڻو قائل ٿو ڏسجي. هاڻي هن کي ڪهاڻي جي فن ڏانهن به اوتروئي زور ڏيڻو پوندو. تڏهن ئي وڃي هو سنڌي ڪهاڻي جو ماسٽر ليکڪ ٿي سگهندو.
سرور سيف ۽ ٻين سڀني نون ڪهاڻيڪارن لاءِاهو مسئلو ضرور آهي ته سندن ڪهاڻيون انهيءَ دور ۾ پڙهيون وڃن ٿيون جنهن دور تي جمال ابڙي ۽ ٻين اهڙن ڪهاڻيڪارن جي ڇاپ لڳل آهي. ساڳيو مسئلو نون سنڌي شاعرن لاءِ به آهي. ڇاڪاڻ ته هنن جا پڙهندڙ ڀٽائي ۽ ٻين وڏن شاعرن کي اڳيئي پڙهي چڪا آهن. ان حقيقت جي باوجود نئين ٽهيءَ جي ليکڪن سنڌي ڪهاڻي ۾ شاعري نواڻ آندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪٿي ڪٿي اها نواڻ بي مقصد ۽ جديديت پرستي لڳندي آهي.
سرور سيف سنڌ جي بهراڙين جو شاعر رهيو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ٻهراڙين جي سونهن، فطرت جو حسن ۽ غربت جي قباحت جا خوبصورت مشاهدا ملن ٿا. هن جون ڪهاڻيون پڙهي مونکي نسيم کرل ۽ بادل جماليءَ جون ڪن شاهڪار ڦوٽو گرافڪ ڪهاڻيون ۽ مشتاق باگاڻي جون سوجهري واريون ڳالهيون ڳنوارن جون ياد پيون اچن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ادب ۾ فوٽوگرافي ڪا تخليق ناهي.فوٽو گرافي آهي. تخليق جي تقاضا اها ناهي ته جيئن ڪو ڏيک ڏسجي تئين هوبهو چٽي ڇڏجي. اها انڌي حقيقت نگاري آهي. ڇسي ريئلزم يا سوشلسٽ ريئلزم جي تقاضا وري به عظمت ۽ ترقي ڏانهن اڳتي وڌڻ واري انساني ارتقائي،تاريخي ۽ جدلياتي جدوجهد کي تيز ڪرڻ واري ريئلزم هي. حقيقتن کي تاريخي پس منظر ۽ ڪائناتي سچاين جي مدد سان پرکڻ ترقي پسندي آهي. ڪرشن کٽواڻي جي ناول “منهنجي مٺڙي سنڌ” جو مکيه ڪردار “سندر” جيڪو دراصل سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو مهان دانشور ۽ سماجوادي سوڀوگيانچنداڻي آهي تنهن هڪ جاءِ تي ان حقيقت جي اپٽار ڪئي آهي ته فوٽوگرافي چترڪاري ناهي نقالي آهي. چترڪار تخليقي عمل کانسواءِ فوٽوگرافر هوندو آهي.
سرور سيف جي ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري سنڌي وڏيرڪن ثقافتي قدرن جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ مظلوم سنڌي عورت جون آهون ۽ دانهون آهن. کير جهڙي اڇي خيران کي ڪاري ڪوٺي ڪهاڙيءَ سان ڳترا ڳترا ڪري درياءَ ۾ اڇلايو وڃي ٿو. احمدو ۽ خيران جي ازلي پيار ۽ امر سنجوڳ کي تشدد ۽ نفرت جو ٻک ڪيو وڃي ٿو. جنهن تي ڪهاڻيڪار شديد رد عمل جو اظهار ڪري ٿو. نازان ۽ علي بخش زال مڙس نه پر ڄڻ عاشق معشوق جڏهن پيارڪن ته وقت ٽڪ ٻڌي بيهي رهي. اٿاء جذبن وارين نازڪ تندن ساناڻيل روح ۽ جسم جو ڳانڍاپو ڄڻ زندگيءَ جو مقصد ان کي بي درديءَ سان تباهه ڪرڻ پريت ڪرڻ وارن ٻن روحن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪرڻ جن کي مري وڃڻ تائين گهوريو وڇوڙو ٿو ماري. اهو سڀ انڪري ڇاڪاڻ ته علي بخش وڏيرڪي سماج ۾ پيٽ ڏيڻ واري ڪوڙهه ورتل رسم تان نابري واري ٿو. نازان جي ڀوڳنا مفت ۾ ان جو ڪو جواز ڪونهي.ڇاڪاڻ ته وڏيرڪي سماج ۾ خود عورت جي وجود جي ضرورت بس ايتري ڄڻ رڍ ٻڪري عورتن جو بارٽر ٽريڊ ته مٺيون، ٻه سڱ ڏئي هڪ وٺڻ هڪ سڱ ڏيئي ٻه وٺڻ ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي ڇرڪائيندڙ موضوع سرور سيف ڏنا آهن. البت ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيڪار جذبات جي وهڪري ۾ لڙهي ڪردارن جي فطري رد عمل تي پنهنجو رد عمل مڙهي ويو آهي..خاص ڪري “اسان جاڳيا آهيون” ڪهاڻي ۾رهزن مولوءَ ۽ هن جي جاڙيجن ساٿين جو وڏيري خلاف ٿي وڃڻ هڪ ڇلانگ لڳي ٿي. ڄڻ ليکڪ جي خواهشن جي تڪميل هئي پر ڪو رهزن ڌاڙيل جيڪڏهن شخصي تضادن وچان پنهنجي بندوق جي نالي يا ڪهاڙيءَ جو منهن ڪنهن غريب کان ڦيرائي وڏيري ڏانهن ڪري ٿو ان سان ڪنهن سماجي سجاڳي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي ۽نه وڏيرڪي سرشتي خلاف انکي عوامي حملو تصور ڪري سگهجي ٿو. ٻي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن ڪردار جي ذهن ۾ اهڙي ڪا حيرت ناڪ تبديلي اچي ان لاءِ ضروي آهي ته هن جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۾ ڪوٺوس ڦيرو اچي مولوءَ جي زندگي وڏيرڪي اثر جي دائري ۾گذري رهي آهي ۽ ان دائري ۾ رهي هو ان دائري ۾ رهي هو ان دائري جي ديوارن کي پوڄيندو رهندو انهن ديوار کي ڪيرائڻ لاءِ هن جي ڪنهن ٻئي دائري ۾ اچڻ ضروري آهي.
سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو تاريخي ترقي پسند ڪردار ادا ڪندي شيخ اياز کان اڄ جي نئين شاعر يا ڪهاڻيڪار تائين سڀني جي ادبي پرورش ڪئي آهي. سرور سيف کي پڻ ادب جي سکيا سنگت جي پليٽ فارم تان ملي آهي. انڪري هن ۾ تنقيد جي سهپ جو مادو ادبي نظرين بابت وسيع نظري ۽ مطالعو گهرو ٿيو آهي. تنظيمون فرد به ٺاهينديون آهن. ۽ فرد وري تنظيمن کي وجود پڻ بخشيندا آهن. سرور سيف هڪ ادبي ڪارڪن طور سنڌي ادبي سنگت جي پڻ ڪافي خدمت ڪئي آهي. جنهن سان هن تخليقي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو آهي.
سرور سيف جون ڪهاڻيون پڙهندڙ جي هٿن ۾ آهن.ادب ۽ تخليقڪارن ٻنهي جو منصف عوام آهي. سنڌي پڙهندڙ ٻين قومن جي پڙهندڙ ۽ ادب دوست ماڻهن جي مقابلي ۾ اڃان پوئتي آهي. اسان کي مطالعي ڪرڻ ۽ ڪتابن پڙهڻ کان زوريءَ پاسي رکيو ويو آهي. مونکي هڪ ڏاهي جي هي لفظ ياد ٿاپون. هن چيو هو نوجوان گهڻو نه پرهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي سنڌي هئڻ جي نالي سان اوهان کي ٻڌايو ويو آهي ته توهان جي ٻوليءَ جو عظيم شاعر ڀٽائي“امي” هو اڻ پڙهيل هو ۽ سنڌي مسلمان هئڻ جي نالي هن توهان کي يقين آهي ته توهان جو پيغمبر “امي” هو. هاڻي جيڪڏهن پڙهڻ ۽ پرجهڻ کان سواءِ ئي توهان مان عظيم شاعر ۽ پيغمبر پيدا ٿي سگهن ٿا ته پوءِ توهان کي پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ سو واقعي اسان جي سئڪولاجي ۾ ڪجهه جهالت به ڀريل آهي. انڪري ي شايد اڄ سنڌي نوجوان جي زندگي ۾ ڪتاب کي ايتري اهميت نه آهي جيتري سندن گرل فرينڊ کي هوندي آهي. سو اسان جو ريڊر گهڻو پڙهيل ناهي. ڀلا جتي ليکڪ ئي گهڻو پڙهيل ناهن اتي انٽيليجنٽ ريڊر ڪيئن پيدا ٿيندو؟ ان مان هڪڙو فائدو ته ضرور آهي ته اسان جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي اسان جو ريڊر سولائيءَ سان عظيم قرار ڏئي ڇڏي ٿو. ۽ هڪ ڪتاب لکي، عظمت جو ٺپو هڻائي اسان به پوئين ڀاڄ شروع ڪيون ٿا. ۽ رورس گيئر ۾ ايڏو تيز ڊوڙون ٿا جو دنيا جو ڪوبه ڪتاب اسان کي ڊڪي پڄي نه ٿو سگهي.ڀٽائي جو رسالو به نه بهرحال جڙتو ۽ ڪاغذي عظمتون ساڻ ڪري اسان پنهنجي سنڌيت واري خول ۾ ته خوش گذاري سگهون ٿا. پر جي حالتن جي ڦير گهير ڪڏهن دنيا جي گهڻن قومي تخليقڪارن وچ ۾ اچي بيهاريو ته پوءِ پنهنجي سموري دانش ڪافور ٿيندي محسوس ٿيندي ۽ شاونزم جي حد تائين پاڻ کي عظيم سمجهڻ واري قوم ان وقت پاڻ کي دنيا جي ڪن اهڙين قديم قومن وچ ۾ محسوس ڪندي جن اڃان ڀٽائي جهڙو شاعر به پئدا نه ڪيو آهي. مان سنڌي قوم جي صلاحتين کان انڪاري ناهيان پر ذهني صلاحيتون ڪتاب ئي مرتبس ڪندا آهن ۽ توهان پاڻ ئي سوچي ڏسو ته توهان جي روزاني زندگي جو ڪيترو سيڪڙو وقت ڪتاب پڙهڻ تي خرچ ٿئي ٿو ۽ توهان جي بجيٽ جو ڪيترو حصو ڪتاب خريدڻ ۽ گهر جي لائبريري تي خرچ ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ اسان وٽ ڪي اهڙا به ماڻهو آهن جن جي زندگيءَ جي ڪمائيءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو ڪتابن تي خرچ ٿيل آهي. اهي سڀ پراڻي ٽهيءَ سان واسطو رکندڙ سنڌي ڪردار آهن. ان تي نئين ٽهيءَ جي ليکڪن ۽ دانشورن کي گهرائيءَ سان سوچڻ گهرجي.
انور پيرزادو