ڪھاڻيون

ڪَکَ هيٺيان لَکُ

اوڪيش ڪمار هاير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسيپال جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو آهي. هن ڪيترن ئي سيمينارن ۾ بھرو ورتو آهي ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. ادب ۾ يوگدان ڏنو آهي. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ D.Vd فلمن ۾ اداڪاري ڪئي اَٿائين. اوڪيش ڪمار سنڌ ۾ ڪيترائي سال ماستري ڪئي آھي. انڪري ٻوليءَ تي ظابطو اٿس. سندس لکڻيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اُترادي ٻوليءَ جو اَثر پڻ ڏسڻ ۾ اَچي ٿو پر اُهي لفظ بہ سولا، وڻندڙ ۽ معياري آهن. ٻولي عام جي ۽ وڻندڙ آهي. جملا سلسليوار ڪتب آندل آهن، مھاوريدار ٻولي ڪتب آندل آهي. تنھنڪري ڪھاڻيون دل کي ڇهندڙ ٿيو لڳن.
Title Cover of book ڪَکَ هيٺيان لَکُ

اَگھيئي ته داڻو، نه ته مڻن کي ٿي موٽ

هڪڙي شهر ۾ خوشيرام نالي شاهوڪار رهندو هو. کيس رهڻ لاءِ هڪ وڏو عاليشان محل جھڙو گھر هو. نوڪرن چاڪرن جي ڪا ڪمي ڪانه هيس. کيس هڪ سهڻي، سلڇڻي، ڌارمڪ خيالن واري پتورتا، سيتا نالي ڌرم پتني هئي. خوشيرام سيٺ ۽ سندس ڌرم پتنيدان پڃ به خوب ڪندا هئا. هر هفتي گُرُوار ڏينهن غريبن، بي سهارن، يتيم ماڻهن لاءِ عام ڀنڊارو ڪندا هئا. نوڪر چاڪر هوندي به روٽي کارائڻ جي شيوا پاڻ ۽ سندس ڌرم پتني ڏاڍي پريم ۽ شرڌا سان ڪندا هئا. ڀوڄن کارائڻ کان پوءِ وستردان ۽ روڪڙدان به غريبن ۾ ڪندا هئا. پر بدنصيبيءَ سان کين ڪابه اولاد نه هئي. اولاد حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پيرن، فقيرن، درگاهن، سنتن، مهاتمائن، ڏيورين جا به ڪافي چڪر ڪاٽيا ۽ ڪافي مانتائون به ڪيائون. ڪنهن کين چيو ته چئن ڌامن جي تيرٿ ياترا ڪريو ته توهان کي اولاد پراپت ٿيندي. پر پوءِ به اولاد کان وانجھيل رهيا. کين معلوم ٿيو ته پاسي واري ڳوٺ ۾ هڪ سُٺو ۽ آزمودگار پنڊت (مهاراج) رهندو آهي. جوتش جو ڪافي جانڪار آهي. ٻئي خوشيرام ۽ سندن ڌرم پتني سيتا اُن جوتشيءَ وٽ آيا. جوتشيءَ سندس جنم پتريون ڏسي، چيو سيٺ صاحب توهانجي جنم پتري ٻڌائي ٿي ته توهان کي اولاد جو سُک نصيب ۾ نه آهي. سيٺ ۽ سندس ڌرم پتني مايوس ٿيا. جوتشيءَ چين، رکو مالڪ تي، مالڪ چاهي ته سڀ ڪجھ ڪري سگھي ٿو. پر منهنجي جوتش وديا جي حساب سان اوهان کي سنتان ڪانه ٿيڻي آهي.
بس پوءِ ته ايشور جو ڀاڻو سمجھي اولاد جي ويوگ ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ لڳا. پر سيٺ خوشيرام جي ڌرم پتنيءَ جو پنهنجي مالڪ ۾ وشواس هو. کيس پڪي اها اُميد هئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن منهنجي گود سائي ٿيندي. پر ٻه چار سال گذرڻ کان پوءِ به ڪو ترورو نظر نه آيو. سيتا جو به هاڻي وشواس ڊڳمگائڻ لڳو. آس لاهي ايشور جي ڀاڻي کي مٺو سمجھي جيون خوش گذارڻ لڳي. اُن شاهوڪار سيٺ خوشيرام جو هڪ پڳ مٽيو يار هو. هڪ ڏينهن اُهو دوست خوشيرام جي گھر آيو. خوش راضيءَ جا حال احوال، اوڀاريون لهواريون ڪرڻ کان پوءِ خوشيرام کي چيائين، يار مان ڏسان ٿو ته اولاد نه ٿيڻ ڪري اوهان دکي ٿا نظر اَچو ۽ سڀاويڪ آهي. منهنجا يار، ايتري ملڪيت جو ڪو ته وارث هئڻ ضروري آهي. توهان کي ماٺو نه لڳي ته منهنجي هڪ صلاح آهي ته توهان ٻي شادي ڪريو. مان سمجھان ٿو ته اوهان جي ڌرم پتني سيتا به اوهان کي اجازت ڏيندي. خوشيرام ڪجھ ٽائيم ته شانت رهيو ۽ دوست کي چيائين، يار اهو ڪڏهن نه ٿيندو. جو مان ٻي شادي ڪريان. سو به پنهنجي سوارٿ لاءِ. نه يار نه. خوشيرام ۽ سندس دوست جي گفتگو خوشيرام جي ڌرم پتنيءَ سيتا ويٺي لڪ چوريءَ ٻڌي. دوست جي وڃڻ کان پوءِ سيتا پنهنجي پتيءَ کي چيو ته اوهان جو دوست اوهان کي چئي رهيو هو، اُهو مون سڀ ٻڌو آهي. اوهان جو دوست سچ چئي رهيو هو. آخر اَسان جي هن ملڪيت جو ڪو ته وارث ٿيندو ۽ اَسان ٻنهي کي اولاد جو سُک ته نصيب ٿيندو. منهنجا پراڻناٿ، مان اوهان کي اجازت پنهنجي خوشيءَ سان ڏيان ٿي ته توهان ٻي شادي ڪريو. مان اُن کي پنهنجي پهاڄ ڪري نه، پر ننڍڙي ڀيڻ سمجھي هن سان گڏ رهنديس. گھٽ ۾ گھٽ هن سُنسان گھر ۾ ڪنهن ٻار جي هلڻ جو ڇم –ڇم جو آواز، روئڻ جو آواز ٻڌڻ لاءِ هي ديوارون ۽ اسان جا ڪن، اُنهيءَ گھڙي لاءِ سڪي رهيا آهن، ته ڪو ته هوندو جيڪو اَما اَما ڪري سڏ ڪندو. صرف ڪلپنا ڪريو ته اُن وقتاسانجي اندر مان خوشيءَ جا آبشار وهي نڪرندا، ۽ شايد ائين لڳندو ته اُجڙيل باغيچي ۾ وري بهار جي موسم آئي آهي. هاڻي توهان کي منهنجو قسم آهي ته توهان ٻي شادي ڪريو. سيٺ خوشيرام چپ چاپ، اَکين ماسن آنسو ڳاڙيندي ويهي پنهنجي ڌرم پتنيءَ جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. جڏهن سندس ڌرم پتنيءَ کيس ڏاڍو زور ڀريو تڏهن سيٺ خوشيرام پنهنجي ڌرم پتنيءَ کي چيو،
هي منهنجي پراڻن کان پياري ڌرم پتني، مان ڪهڙو نه خوش نصيب آهيان جو مون کي تو جھڙي سشيل ڌرم پتني ملي آهي. جھڙو تنهنجو نالو آهي سيتا، اَهڙي ئي تون سيتل من ۽ ٻڌيءَ واري آهين. مان سمجھان ٿو، تون اولاد جي سک پائڻ لاءِ ۽ مون کي سُکي ڏسڻ لاءِ ايتري وڏي قرباني ڏيئي رهي آهي آهين ۽ کُليءَ دل سان مون کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهين. پر منهنجي راڻي، شادي ڪو گُڏي گڏيءَ جو کيل نه آهي. هيءُ ته رشتو جنم جنمانتر کان تنهنجو ۽ منهنجو ڳنڍيل آهي. اولاد جو سک ملڻ يا نه ملڻ اهو سڀ نصيب جو کيل آهي. ورڌاتا جيڪي اَنگ اَکر لکيا آهن تن کي ڪوئي ٺاري يا مٽائي نٿو سگھي. منهنجي راڻي، مان خواب ۾ به ڪڏهن ٻي شاديءَ جو سوچي نٿو سگھان. بس، هيءُ منهنجو آخري فيصلو آهي، ته مان ۽ تون ڀل بنا سنتان مري وڃون. ڪابه پرواه يا شڪوو نه آهي هڪ ٻئي تي. مان سمجھندس ته اَسان جي نصيب ۾ اولاد جو سک نه آهي. شايد ورڌاتا اولاد جو سک لکڻ ڀلجي ويو. هاڻي ايشور جي ڀاڻي کي مٺو سمجھي باقي جيون اَسان اولاد جو موهه ڇڏي، زندگيءَ جا ڏينهن خوشي خوشيءَ سان گذارينداسون. سيٺ خوشيرام سيتا جو هٿ پڪڙي چويس ٿو ته تون مون سان واعدو ڪر ته تون اَڄ کان پوءِ ڪڏهن به مون کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ نه چوندينءَ ۽ ڪڏهن ڪنهنجي بهڪاوي ۾ به نه ايندينءَ. سيتا جي اَکين مان گرم گرم آنسو جڏهن ڳلن تي ڪريا تڏهن ڇرڪ ڀري پنهنجي پتيءَ کي ڀاڪر پائي چيائين ته مان ڀاڳن واري آهيان جو مونکي توهان جھڙو پتي مليو آهي.
سيتا ڌارمڪ ويچارن جي هئڻ ڪري، ماضيءَ کي وساري پنهنجي پاٺ پوڄا، دان پڃ ڪرڻ ۾ مست رهڻ لڳي. پر استريءَ جي ناتي ڪڏهن ڪڏهن من ۾ ماءُ ٿيڻ جي آشا جاڳندي هيس ۽ اندر جي آتما کيس ايشور ۾ وشواس ڏياري سندس گود سائي ٿيڻ جي جوت کي جڳائي رکيو. هڪ ڏينهن سندس پتيءَ کيس چيو ته واپار جي سانگي مان ڪجھ ڏينهن لاءِ ڏيساور وڃان ٿو. مان جلد موٽندس ۽ جيڪو ڀنڊارو اَسان غريب گربي لاءِ ڪندا آهيون، سو ڪندي رهجانءِ. دان پڃ چالو رکجانءِ سيٺ خوشيرام ڏيساور لاءِ غوراب ڀرائي روانو ٿي ويو.
ڪجھ ڏينهن پُڄاڻا نما شام جو برسات سان گڏ زوردار طوفان لڳو ۽ برسات آهستي آهستي گھٽ ٿيڻ لڳي. پر ڪارن بادلن جي گجگوڙ ۽ کنوڻ جو کنوڻ چالو هو. سيتا اهو نظارو پنهنجي محل جي دريءَ کان پلنگ تي ليٽي ليٽي پئي ماڻيو ۽ ايشور جا ڀڄن ڳائيندي ڳائيندي کيس اَک لڳي ويئي. اَچانڪ هن جي ننڊ کُلي ۽ هڪ درد ڀريو آواز هن جي ڪنن تي پيو. ”ڪو آهي پرڀوءَ جو پيارو، جو هن بکئي کي ڀوڄن ڪرائيندو“. وري ساڳيو آواز سيتا جي ڪنن تي پيو. سيتا هڪدم پلنگ تان اُٿي دريءَ کان نهاريو. ڏٺائين ته هڪ سادي فقير جي روپ ۾، بدن تي ڦاٽل ڪپڙا، پيرن اُگھاڙو وري آواز لڳائي رهيو هو، ”آهي ڪو جتي ستي پرڀوءَ جو پيارو، جو هن بکئي کي ڀوڄن ڪرائي.“ سيتا جي من ۾ ديا اَچي ويئي ۽ من ۾ سوچيائين ته نوڪرياڻيءَ کي ننڊ مان اُٿاري چوانس ٿي ته وڃي هن ساڌوءَ کي ڀوڄن ڏئي اَچي. هن نوڪرياڻي کي زور سان سڏ ڪيا پر اُن ڪو جواب نه ڏنو. سو اُٿي سندس ڪمري ۾ آئي. ڏٺائين ته گھري ننڊ ۾ گھوڙا وڪڻي سُتي پيئي هئي. سو ويچار ڪيائين ته هن نوڪرياڻيءَ کي سمهڻ ڏيانس. مان رسوئي گھر مان ڀوڄن کڻي ٿي ساڌوءَ کي ڀوڄن کارايان. سو تڪڙي تڪڙي رسوئي گھر ۾ آئي ته ڪجھ به رسوئي گھر ۾ بچيل کاڌو نه هو. سو ويچار ڪيائين ته ساڌو ويچارو بکيو آهي. هن ڪاري طوفاني رات ۾ ۽ هن خراب موسم ۾ ويچارو ڪيڏانهن ويندو. جيڪڏهن هو بکيو هليو ويندو ته منهنجي مٿان پاپ لڳندو. سو جلدي جلدي محل مان ٻاهر آئي.دربان سيٺياڻيءَ کي هن اڌ رات جو ٻاهر ڏسي ڏڪي ويا. سيٺياڻيءَ کين هٿ سان اشارو ڪري ماٺ ڪري ويهي رهڻ لاءِ چيو. ساڌوءَ کي سڏ ڪري کيس اندر محل ۾ وٺي آئي. کيس آسڻ تي ويهاري پاڻ اٽو ڳوهي ۽ سبزي دال چاڙهڻ لڳي. اهو ساڌو اهو سڀ نظارو ڏسي رهيو هو. پُڇائينس، اي ماتا توهان جي هن محل ۾ ڪير ڪير رهندو آهي. سيتا اُن ساڌوءَ کي جواب ڏنو ته مان ۽ منهنجو پتي هن محل ۾ رهندا آهيون. نوڪر چاڪر به آهن. رسوئي ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻيون به آهن. پر مون اُنهن کي هن اڻمهل اُٿارڻ واجب نه سمجھيو ۽ منهنجو پتي ڏيساور ويل آهي.
سيتا ساڌوءَ جا پير ڌوئي، جيڪي برسات جي ڪري گپ ۾ خراب ٿيا هئا، صاف ڪپڙي سان اُگھي، کيس رسوئي گھر ۾ آسڻ تي ويهاريو. ڀوڄن ٿالهيءَ ۾ کڻي اچي ساڌوءَ اڳيان رکيائين ۽ پاڻ گرم گرم روٽيون پچائي ساڌوءَ کي ڏيندي پئي ويئي. سيتا ڪڏهن به رسوئي گھر ۾ نوڪرياڻين جي ڪارڻ ڪم نه ڪيو هو. روٽي پچائيندي سندس هٿن تي گرم گيهه جا ڇنڊا لڳا. پر سيتا ساڌوءَ کي ايشور جي روپ ۾ ڏسي روٽيون پچائڻ ۾ اَهڙي ته لين ٿي ويئي هئي، جو سڌ ٻڌ ڀلجي ويئي هئي. ساڌو ڏاڍو بکايل هو. پنج روٽيون ته جلدي ۾ کائي ويو. سيتا کائنس پڇيو ساڌو مهاراج روٽي کپي؟ تڏهن اُن ساڌوءَ ٻه ٻيون روٽيون گھُري کاڌيون ۽ سيتا به ڏاڍي پريم ۽ صدق سان ساڌوءَ کي پيٽ ڀري ڀوڄن کارايو. هٿ ڌوئي ساڌو سيتا کي آشيرواد ڏني ته اي ماتا، تو اڄ بکايل ساڌوءَ کي پيٽ ڀري ڀوڄن کارايو آهي. منهنجو پرڀو تنهنجي گود سائي ڪندو. سيتا ساڌوءَ کي پيرين پئي وري آشيرواد گھري. ساڌوءَ چيو، ”سوڀاڳيوتي ڀوه-پُتروتي ڀوه“ الک نرنجن جو نعرو هڻي ساڌو رمندو رهيو.
ڪجھ ڏينهن پُڄاڻا سيٺ خوشيرام ڏيساور جي ياترا پوري ڪري پنهنجي گھر موٽيو. سيتا، ساڌوءَ واري سربستي ڳالهه پنهنجي پتيءَ کي ڪري ٻڌائي. خوشيرام پتنيءَ جي ڳالهه ٻڌي ۽ پنهنجي هٿن سان ساڌوءَ کي ڀوڄن ڪرائڻ لاءِ ڌرم پتني جي خوب ساراهه ڪئي. ۽ چيائين ته تو سچ پچ هڪ استريءَ جو ڌرم نڀايو آهي ۽ اَسان جي گروءَ جي ڏنل وچنن کي عملي جامو پهرايو آهي.
پرڀو مجھي اِتنا ديجئي – جس ۾ ميرا ڪٽنب سهاءِ
مين ڀي بوکا نا مرون – ساڌو ڀي گھر سي خالي نه جاءِ
سيتا پنهنجي پتيءَ کي ٻڌايو ته اي پراڻناٿ، ساڌوءَ جي چهري مان لڳي پيو ته هو ڪو ساڌارڻ ساڌو نه هو. پر مون کي ائين لڳي پيو، ته هو هڪ ڪامل ساڌو هو. ها، سيتا تو جيڪو ڪجھ ڪيو سو تو فرض سمجھي ڪيو ۽ مون کي انهيءَ ڳالهه تي فخر آهي، ته منهنجي ڌرم پتني سيتا نه پر سيتا ئي آهي.
ڪجھ مهينن کان پوءِ سيتا گرڀوتي ٿي. سيٺ خوشيرام ۽ سندس پتنيءَ جي خوشي جو انت نه رهيو ۽ هر هر اُٿندي ويهندي هنن اُنهيءَ پرڀوءَ جا شڪرانا پي مڃيا. اهو ڏينهن به سڀاڳو آيو جو سيتا هڪ سندر ٻالڪ کي جنم ڏنو. خوشيرام پٽ جي نام ڪرڻ ڏينهن سڄي ڳوٺ کي ڀوڄن ڪرايو ۽ غريبن کي دان پڻ ڏنو ۽ اُن ٻالڪ جو نالو ساڌورام رکيو ويو. اُن مالڪ جي ليلا به اَپرمپار آهي. سيتا هر سال هڪ هڪ ٻالڪ کي جنم ڏنو. اهڙيءَ طرح سيتا ستن پٽن کي جنم ڏنو.
هاڻي سيتا کي هڪ آس هئي ته وري اهو ساڌو هڪ دفعو اسان جي اڱڻ ۾ اچي ٻالڪن کي آشيرواد ڏي. نيم انوسار سيٺ خوشيرام هر گُروار جو ڳوٺ جي غريبن، ساڌن سنتن کي ڀنڊارو کارائيندو هو. هڪ ڏينهن ڌرم پتني ۽ سيٺ رسوئي کارائڻ جي شيوا ڪري رهيا هئا. اَچانڪ سيتا انهيءَ ساڌوءَ کي ماڻهن جي پنگت ۾ ويٺو ڏٺو. سيتا يڪدم پنهنجي پتي خوشيرام جي انهيءَ ساڌوءَ سان ملاقات ڪرائي. خوشيرام خوش ٿي کيس پنهنجي محل ۾ وٺي آيو ۽ آسڻ تي ويهاري سندس شيوا ڪرڻ لڳا.
سيتا پنهنجن ستن پٽن کي سڏ ڪيو ۽ ساڌوءَ کي پيرين پوائي ٻارن کي آشيرواد ڏياري.
ساڌوءَ پڇيو، اي ماتا، هي ڪير آهن؟ تنهن تي سيتا هٿ جوڙي چيو، اي ڀڳوان جا پيارا، هي توهان جي آشيرواد جو ڦل آهي. ساڌو مُسڪرائي چوڻ لڳو، هي ته منهنجي اُن پرڀوءَ جي ليلا آهي. سيتا ماتا اُن ساڌوءَ کي هٿ جوڙي وينتي ڪئي ته منهنجي من ۾ شنڪا آهي، ته آَسانکي جوتشيءَ چيو هو ته اَسانکي ستن جنمن ۾ سنتان جو سُک نه لکيل هو. ته پوءِ هي اؤلاد؟ ساڌوءَ چيو، اي ماتا، حقيقت ۾ اوهان کي ستن جنمن تائين اؤلاد جو سُک نه لکيل هو. پر تو اُن طوفاني برساتي رات ۾ مون کي ڀوڄن کارايو ۽ منهنجي اندر جي آتما مان آشيرواد نڪتي ”پتروتي ڀو.“ ساڌو مهاراج، هي ست سنتان؟ اي ماتا مان انهيءَ طوفاني برسات واري رات ڏاڍو بکايل هيس. تو مون کي پنج روٽيون کارائڻ کان پوءِ پڇيو ته ٻيون روٽيون کپن؟ ۽ مون ها چيو هو، تو ٻه روٽيون ٻيون کارايون. اهو انهن ستن روٽين جو ڦل آهي. سيٺ خوشيرام، سندس پتنيءَ ۽ ستن ئي ٻارن ساڌوءَ جي پيرن تي ڪري ڏنڊوت پرڻام ڪري آشيرواد ورتي. ساڌو آشيرواد ڏيئي الک نرنجن ”الک نرنجن“، جو نعرو هڻي رمندو رهيو. ”ايشور جي ليلا نرالي آهي. ايشور پنهنجو لکيو ميٽي ڪونه ٿو سگھي. پر پنهنجن ڀڳتن جا وچن ستيه ڪرڻ لاءِ ورڌاتا جو لکيل بدلائي سگھي ٿو.“