زندگي جو اَموليه سفر
ڌرتي ماتا جي مٿان وزن جو يعني ساهوارن جي عدد جي به مقرر سنکيا ۾ بئلينس رکيو اٿائين ۽ جڏهن مقرر سنکيا جو عدد وڌي ويندو آهي ته پوءِ ڌرتي ماتا جو بئلينس قائم رکڻ لاءِقدرت پنهنجو ڪوپ، ڏمر ورسائي جھڙوڪ ٻوڏ، زلزلا، طوفان، برسات جھڙيون آفتون آڻي، وناش ڪري پنهنجو بئلينس قائم رکندي آهي. تڏهن اَسان ڪلجڳ واسي چوندا آهيون ته ڌڌرتي ماتا تي پاپ جو بار وڌي وڃڻ ڪري قدرتي آفتون اچن ٿيون ڪير سمجھي سگھندو قدرت جي قانون کي. اُن اُپائڻهار جي هستي ۽ مستي نرالي آهي. شريمد ڀڳوت گيتا جي اڀياس ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هي جيڪي به تبديليون ٿين ٿيون سي سڀ انسان جي ڪرمن جو ڦل آهن.
سرجڻهار جي ڪاريگري عجيب آهي. جنهن هي سرشٽيءَ ۾ جل چرپراڻيءَ (پاڻيءَ ۾ رهندڙ ساهوارا)، ٿر پراڻي (زمين تي رهندڙ ساهوارا)، زمين جي اندر پاتال ۾ رهندڙ پراڻي، هوا ۾ رهندڙ سوکيم جيو، هر هڪ کي پنهنجي ڪم ڪرِتَ توري تڪي ڏني آهي ۽ اُنهيءَ ڪرت مطابق هر هڪ ساهوارو پنهنجو پارٽ اسا ڪري ٿو. گھڻن ودوانن، ساڌن سنتن، مهاتمائن کان ٻڌو آهي ته جڏهن اُن ايشور جي موج ٿي تڏهن ان انسان کي خلقيو ۽ پنجن تتون، مٽي، پاڻي، باهه، هوا ۽ آڪاش مان رچنا ڪري انساني پُتلو سوچي سمجھي ٺاهيو ۽ کيس ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾ هڪ سواس وڌيڪ ڏيئي اشرف ال مخلوقات(Top Creation of Nature) جيخطاب سان نوازيو ۽ هن ايشور جي ٺاهيل پرٿويءَ تي موڪليو، جتي هو قدرت جي سونهن کي پرکي، پنهنجو پاڻ سڃاڻي، سچي راه تي هلي ڏنل پارٽ يا ڪردار کي خوب نڀائي اُن جوتي جوت کي سُڃِاڻي، پنهنجو جيون سڦلو بڻائي.
پر انسان پنهنجو پاڻ ڀلائي اُپائڻهار جي اشارن کي نه سمجھي هن ڪوڙي دنيا جي موه ۾ ڦاسي پنهنجو مانش جنم سڦل ڪرڻ بدران اَسڦل بڻائي ڇڏيو آھي. جنهن جا ڪيترائي مثال اسان جي سامهون روزمره جي زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۾ اَچن ٿا. انسان کي انسان لاءِ ڪو پيار، پريم، سڪ نه آهي. نه ڀاءُ کي ڀاءُ لاءِ همدردي، نه پٽ کي ماءُ پيءُ لاءِ عزت، نه زال کي مڙس لاءِ ڪا سچائي، نه ڀاءُ کي ڀيڻ لاءِ پيار. صرف ۽ صرف اِنسان مايا جي موه ۾ اَچي هن ڪوڙي دنيا جي چڪر ۾ ڦاسي، ڪام ڪروڌ، لوڀ، موه ۾ ڦاسي پنهنجو اموليه جنم وڃائي، هن جنم مرڻ جي چڪر ۾ ڦيريون پائي ٿو.
مان به قدرت جي نيمن کان پاڻ کي پري رکي نٿو سگھان ۽ ڪرمن انوسار پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪريان ٿو جنهن جو ورڻن مان هن قلم سان پاٺڪن اڳيان رکان ٿو. شايد هڪ سبق مثال سندن آتما کي ڇهي ۽ حقيقت جو اَحساس ڪرائي.
منهنجو جنم هڪ زميندار پريوار ۾ ٿيو هيو. منهنجو ماءُ پيءُ ڌارمڪ ويچارن وارا هئا. اُنهن مان مليل سنسڪارن به مون کي ڌارمڪ شيوائن طرف مائل ڪيو. اسان جي گھر ڀرسان هڪ جھولي لعل جو مندر هيو، جتي 4 جوتيون اَکنڊ ٻرنديون هيون. اُن مندر جو مهنت ڪاڪو هيمنداس هيو جنهن جي عمر اٽڪل 70-80 سال کن هئي. اُتي مان صبح شام شيوا ڪرڻ ويندو هوس. پڙهائيءَ ۾ منهنجو ننڍپڻ کان ئي شوق هيو. اُن وقت جي ماسترن کي ڏسي مون به من ۾ پرن ڪيو هيو ته آءٌ به وڏو ٿي هڪ سٺو ماستر ٿيندس. مون 12 درجا سائنس ۾ پاس ڪيا ته بابا جن جو سرڳواس ٿيو ته مون پڙهائي ڇڏي ۽ چانورن جو ڪارخانو سنڀاليو، ڇاڪاڻ ته گھر ۾ وڏو هئڻ ڪري بابا سائينءَ جو ڪاروبار سنڀالڻو پيو. منهنجو جيڪو سپنو هيو ماستر ٿيڻ جو سو اڌورو رهجي ويو.
جڏهن منهنجي دوست اوم پرڪاش کي خبر پيئي ته مان اَڳتي پڙهائي نٿو ڪريان. تڏهن هو مون وٽ ڪارخاني تي آيو ۽ چيائين ته پڙهائي ڪيئن ڇڏبي. مون کيس پنهنجي مجبوري ٻڌائي. هن چيو تون بي.ايس.سي (B,Sc) ۾ صرف داخلا وٺ مان ڪاليج مان جيڪو به ڪجھ پڙهي ايندس سو توکي شام جو پڙهائيندس. باقي هفتي ۾ ٻه ڏينهن پريڪٽيڪل لاءِ توکي ڪاليج اچڻو پوندو. تنهنجي حاضري به مان پاڻ ئي ڀرائي ڇڏيندم. اوم پرڪاش جي زور تي مون داخلا (B,Sc) ۾ ورتي. شام جو اوم پرڪاش مون کي روز پڙهائي ويندو هو ۽ رات جو ويهي مان پڙهائي ڪندو هوس. ايشور جي ديا سان ۽ اوم پرڪاش جي محنت سان مون بي.ايس.سي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. اوم پرڪاش مون کي M.Sc پڙهڻ لاءِ حيدرآباد هلڻ جو زور ڀريو. مون چيومانس مان ڌنڌو نٿو ڇڏي سگھان، ڇاڪاڻ ته گھر جو سڄو دارومدار مون تي آهي.
ڇهن اٺن مهنن کان پوءِ اوم پرڪاش مون وٽ اخبار کڻي آيو. چيائين سائنس ٽيچر جي ظاهرات آئي آهي. چيائين تون درخواست ڪر. منهنجي جيئن ته بچپن کان آس هئي ته مان ٽيچر ٺهان. سو درخواست لکي پوسٽ ڪيم ۽ اٺن ڏينهن ۾ Appointment Letter اَچي ويو. مان منجھي پيس ته ڇا ڪريان. اوم پرڪاش سان صلاح ڪئي. چيائين سرڪاري نوڪري آهي. هٿ مان نه وڃاءِ ۽ ماستري ۾ 6 مهنا ته موڪلون هونديون آهن. سو مون ننڍي ڀاءُ کي ڪارخانو سنڀالڻ لاءِ چيو ۽ مان گورنمينٽ مُراد هاءِ اسڪول گمبٽ، خيرپور ميرس ۾ وڃي نوڪري تي چڙهيس 4 ڊسمبر 1974 تي.
2 سالن کان پوءِ منهنجي بدلي رپڙي هاءِ اسڪول ۾ ٿي. هڪ سال کان پوءِ بي.ايڊ ڪرڻ لاءِ سکر گورنمينٽ ڪاليج ۾ سرڪاري خرچ تي موڪليو ويس. جتي مون ڊسڪشن سان بي. ايڊ پاس ڪئي ۽ منهنجي پوسٽنگ ٺري ميرواه ۾ ٿي. سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 1978 ۾ ڪن ڪارڻن سبب هند ۾ آيس. 6 سال پورا اُلهاسنگر، بمبئي ۽ گانڌيڌام ۾ گذاريا. پر جيڪا من ۾ پڙهائڻ جي حب هئي سا وري اڌوري نظر اَچڻ لڳي. ڌنڌي ۾ مالي حالت ٺيڪ ٺيڪ هئي پر دل جو مزو ڪونه پيو اَچي.
هڪ ڏينهن سنڌي پيپر ۾ ظاهرات پڙهيم، سائنس ٽيچر گھرجي سنڌي ماڌيم ۾. نصيب جي ڳالهه ته اوپن انٽرويو هو، اخبار به منهنجي هٿ ۾ هڪ ڏينهن اڳ آئي هئي. مان لعل سائينءَ جي ڪرپا سان اِنٽرويو ۾ سليڪٽ ڪيو ويم ۽ 3 سيپٽمبر 1984 تي مان نوڪريءَ تي ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي هاءِ اسڪول ۾ چڙهيم.
منهنجو سڌانت هو “work is worship”. مون کي ٻارن کي پڙهائڻ ۾ ڏاڍو آنند ايندو هو. منهنجو لڳاءُ به پڙهائڻ سان هيو ۽ مان ٽيوشن جي بلڪل خلاف هيس. پهريائين اٺين درجي ۾ پيرڊ ڏنا ويا. پر منهنجي محنت ۽ ٻارن جو مون سان لڳاءُ ڏسي سرڳواسي پرنسيپال اَبيچنداڻيءَ مون کي ڏهين درجي ۾ حسابن ۽ سائنس جي پيرڊ ڏنا. مون به جيڪو سوچيو هيو، اُهوئي مون کي مليو.
21 سالن جي نوڪريءَ کان پوءِ منهنجي چونڊ پرنسيپال جي روپ ۾ ٿي. جيتوڻيڪ مان سڄي اسٽاف کان جونيئر هوس. پر منهنجي محنت، منهنجا ڌارمڪ ويچار (گڏوگڏ مارڪن جي حساب سان ميرٽ ۾ سڀ کان ٽاپ تي هيس.) ڏسي اسان جي ٽرسٽ مون کي پرنسيپال لاءِ چونڊيو ۽ مان پنهنجو ڪرتيو بخوبي نباهيندو رهيم. پرنسيپال رهندي به مون مئٽرڪ ۾ پيرڊ وٺڻ نه ڇڏيا. جيئن وقت گذرندو ويو، عمر وڌندي ويئي، اَچي رتائرمنٽ جي ڪناري تي پهتس. جڏهن به ڪو سڄڻ پڇندو هيو، سائين بس باقي گھڻا مهنا آهيو هن ڪرسيءَ تي، ته سندن پڇڻ جو ڍنگ ايترو ته اڻ سُهائيندڙ هوندو هو، ڄڻ مان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ وارو آهيان. مون کي به محسوس ٿيندو هيو ته رٽائرمنٽ کان پوءِ ڇا ڪندم. ڪرسيءَ جو نشو به هڪ عجيب نشو آهي.
الوداع پارٽي مئنيجمينٽ جي طرفان هوٽل ۾ ڏني ويئي. اُهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو هڪ يادگار ڏينهن هو. جڏهن اَسان جي مئنيجمينٽ جي پريذيڊنٽ منهنجي ساراه ڪندي منهنجي ڪيل ڪمن جو ذڪر ڪندي چيو ته شري کتريءَ جنهن محنت ۽ لڳن سان اسڪول ۾ ڪم ڪيو آهي سو ساراهه جوڳو آهي. جڏهن ڪ اسڪولن ۾ ٽيوشن جو روڳ ڪئنسر جي مرض وانگر ڦهلجي رهيو هو، تڏهن هن پنهنجي اَيامڪاريءَ ۾ نه پاڻ ٽيوشن ڏني نه ڪنهن ماستر کي ٽيوشن ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ ڏنائين.
ڪوچنگ ڪلاس بنا موليه هلائي ماسترن ۽ ٻارن ۾ چاه پيدا ڪيائين ۽ نتيجو؟ پهريون دفعو 12 ڪلاس جي بورڊ جو 100% رزلٽ آيو. اسان کي اُميد آهي ته رٽائرمينٽ کان پوءِ اَهڙي قسم جون شيوائون ڏيندو رهندو. آخر ۾ مون کي به ٻه لفظ پنهنجي انڀو جا چوڻ لاءِ چيو ويو.
اُن وقت جيڪا منهنجي اندر ۾ هلچل ٿي رهي هئي سا هن قلم سان بيان نٿو ڪري سگھان. مون پنهنجو اڌ جوڀن جنهن اسڪول ۾ گذاريو، اُن کي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو هو. جيتوڻيڪ مون ۾ اڃا به ڏهه پنڌرهن سال شيوا ڪرڻ جي طاقت هئي پر سرڪاري نيم مُطابق 58 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيڻو پيو. مون پنهنجي ٻن منٽن جي ڀاشڻ ۾ ايترو چيو ته مان ڀلي اوهان سڀني کان، هن پد تان، هن اسڪول کي ڇڏي وڃان ٿو، پر منهنجو لڳاءُ مرڻ تائين هن اسڪول سان رهندو. مان پنهنجي سڀني ٽرسٽين جو شڪر گذار آهيان جو هنن مون کي لائق سمجھي پرنسيپال لاءِ چونڊيو. مان شڪر گذار آهيان پنهنجي پوري اسٽاف جو، جن جي سهڪار سان مون 6 سال پرنسيپال جو ڪاريه بخوبي نبهايو. آخر ۾ مان شڪر گذار آهيان اُن اُپائڻهار پرماتما جو جنهن منهنجي تندرستي سٺي رکي. آخر ۾ ڊنر ڪري هرڪو ائين هٿ جوڙي موڪلائڻ لڳو ڄڻ هي منهنجي جيون جو آخري ڏينهن هو.
آخرڪار اُهو 31 مئي جو ڏينهن به آيو،، جنهن ڏينهن مون کي رٽائرڊ ٿيڻو هو. وئڪيشن هجڻ جي باوجود به سڄو اسٽاف حاضر رهيو. مان ڪُرسيءَ تي ويهي پنهنجي آفيس جي ديوارين تي لڳل تصويرن کي پيو نهاريان، ڄڻ ائين محسوس ٿي رهيو هو، اُهي به مون کي الوداع ڄئي رهيون آهن. اوچتو هيڊ ڪلارڪ ٽي پنا ٽائيپ ٿيل صحيح ڪرڻ لاءِ کڻي آيو ۽ چيائين ته هي توهان جو آخري صحيون آهن. اُهي لفظ بار بار پڙاڏي وانگر منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا. مون منهن تي ڪوڙي مُشڪ آڻي چيو، ها بابا ها! هي منهنجون آخري صحيون آهن.
ايتري ۾ جنهن کي چارچ ڏيڻي هئي سا ميڊم به آئي. سندس گڏ ڪجھ ٽرسٽي پڻ آيا.
ڪجھ ڳالهيون ٻوليون ٿيون. اُها ميڊم جنهن کي چارج ڏيڻي هئي، تنهن بار بار گھڙيال ڏانهن پئي نهاريو. مون هن جي اِرادي کي ٻانڦي ورتو. هوءَ هڪ ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجي Duty اُن ڪرسيءَ ۽ آفيس ۾ هڪ بجي منجھند تائين هئي.
آخرڪار اُها گھڙي به آئي، هڪ وڳو. اَسان جي ٽرسٽين چيو سائين هاڻي توهان پنهنجي هٿن سان ميڊم کي ڪرسي تي ويهاريو ۽ آسيس ڪريوس ته جيئن هيءَ به اوهان جي نقشي قدم تي هلي اسڪول جو نالو روشن ڪري. مون پٽيوالي کي سڏ ڪري چيو ته سڄي اِسٽاف کي ڪوٺي اچ. پوءِ اسٽاف اچي ويو. اسان جي مکيه ٽرسٽيءَ 5 منٽن جو هڪ فارمل ڀاشڻ ڏنو ۽ مون به وري سڀني جا شڪرانا مڃيا. مان هڪدم پنهنجي ڪرسي تان اُٿيم ۽ ميڊم کي چيم، اَچو ميڊم ڪرسيءَ تي ويهي چارج سنڀاليو. صرف منهنجي چوڻ جي دير هئي ميڊم اَچي ڪرسيءَ تي ويٺي. سڀني کيس واڌايو ڏنيون ۽ مون به کيس واڌايون ڏنيون.
پوءِ سڀ ماستر گڏجي مون کي اسڪول جي مکيه دروازي تائين ڇڏڻ آيا ۽ مون ائين محسوس ڪيو ته سڀ ائين الوداع ڪري رهيا آهن جيئن دُلهن کي پيڪا ڏوليءَ ۾ ساهري وڃڻ وقت الوداع ڪندا آهن. مائٽ، ماءُ پيءُ، ڌيءَ جي وڇوڙي ڪري روئندا آهن ۽ ڪنوار به پنهنجي پريوار کي ڇڏي وڃڻ ڪري روئندي آهي. پر هتي نظارو ڪجھ الڳ هيو. سڀ ماستر ۽ ماسترياڻيون ٽهڪ ڏيئي کلي الوداع ڪري رهيا هئا ۽ سندن ٽهڪ منهنجي سنمان کي ڌڪو پهچائي رهيا هيا. منهنجي حالت ته اهڙي هئي ”اکين ۾ لڙڪ چپن تي مُرڪ“. مان ڪوڙي مُشڪ آڻي کين ٽا ٽا ڪري موٽرسائيڪل تي چڙهي گھي ڏانهن روانو ٿي ويس.