ڪھاڻيون

ڪَکَ هيٺيان لَکُ

اوڪيش ڪمار هاير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسيپال جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو آهي. هن ڪيترن ئي سيمينارن ۾ بھرو ورتو آهي ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. ادب ۾ يوگدان ڏنو آهي. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ D.Vd فلمن ۾ اداڪاري ڪئي اَٿائين. اوڪيش ڪمار سنڌ ۾ ڪيترائي سال ماستري ڪئي آھي. انڪري ٻوليءَ تي ظابطو اٿس. سندس لکڻيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اُترادي ٻوليءَ جو اَثر پڻ ڏسڻ ۾ اَچي ٿو پر اُهي لفظ بہ سولا، وڻندڙ ۽ معياري آهن. ٻولي عام جي ۽ وڻندڙ آهي. جملا سلسليوار ڪتب آندل آهن، مھاوريدار ٻولي ڪتب آندل آهي. تنھنڪري ڪھاڻيون دل کي ڇهندڙ ٿيو لڳن.
Title Cover of book ڪَکَ هيٺيان لَکُ

ياسميِن

منهنجي گھر ۾ ڌارمڪ ويچار وارا ماتا پتا هئا، انڪري گھر جي ڀرسان ٺهيل لعل سائينءَ جي مندر ۾ صبح ۽ شام کوُهه مان پاڻي ڀري گانيُن کي پيئارڻ، ڪوُنر ڀرڻ، ڇڻڪار ڪرڻ، مندر کي صاف ڪرڻ، پيائوءَ جا مٽڪا ڀرڻ وغيره جھڙي شيوا ڪرڻ ويندو هوس.
مئٽرڪ پاس ڪري شڪارپور ڪاليج ۾ داخلا ورتم. ڪاليج جي زندگي به هڪ عجيب زندگي هئي. جوانيءَ به پنهنجا پير پساريا هئا. اَچانڪ منهنجي اک وڃي هڪ نؤجوان ڇوڪريءَ سان ٽڪرائي، جيڪا منهنجي پاڙي ۾ ئي رهندي هئي. سندس نالو ياسمين. صبح جو جيئن مان ڪاليج لاءِ تيار ٿي موٽرسائيڪل تي نڪرندو هوس، ته هوءَ موٽرسائيڪل جو آواز ٻڌي اچي دريءَ جي وٿيءَ مان مونکي ڏسي، مشڪ سان اَکين ۾ اکيون ملائي پيار جو اِظهار ڪرائيندي هئي. مان به جوانيءَ جي اُن انڌي نشي ۾ ڪاليج هليو ويندو هوس، پر ڪاليج ۾ پڙهائيءَ ۾ ڪو ڌيان نه هوندو هو. منهنجي اکين اڳيان صرف ياسمين گھمندي هئي. اسانجو پيار صرف اکين تائين محدود هو ۽ اهو ٻه سال هليو. مون ٻارهون سائنس پاس ڪيو. جڏهن کيس خبر پيئي ته مون ٻارهون پاس ڪيو آهي تڏهن پنهنجي ننڍي ڀيڻ هٿان هڪ گُلاب جو گُل ۽ هڪ خط موڪليائين. خط کولي پڙهيم،
”منهنجا پراڻن کان پيارا پريتم!
اڄ تنهنجي امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي خبر ٻڌي مان بيحد خوش ٿي آهيان. توکي شايد خبر نه هوندي ته مون توکي جڏهن پهريون ڀيرو ڪاري سلوار ڪرتي ۽ سنڌي ٽوپيءَ سان اکين ۾ سرمو پاتل ڏٺو هو، تڏهن کان مان توکي دل ويٺي هيس. تڏهن مان به اڃا پندرهن سالن جي هيس ۽ لڪي ڇپي ڪري دريءَ جي وڇوٽي مان تنهنجو مشڪندڙ چهرو ڏسي پنهنجي پيار جي پياس لاهيندي هيس. پوءِ جڏهن کان تون موٽرسائيڪل تي ڪاليج ويندو آهين، تڏهن تنهنجو ديدار ڪري پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪندي آهيان. توکي ضرور عجب لڳو هوندو ته مان هڪ عؤرت ذات ٿي ڪري ڪيئن پهل ڪري هيءُ خط لڳي رهي آهيان. مان به سمجھان ٿي ته تنهنجو ۽ منهنجو ميلاپ هڪ نديءَ جي ٻن ڪنارن وانگر آهي جيڪي گڏوگڏ هوندي به ڪڏهن ملي نه سگھندا آهن. ڀلي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ مذهب جي ديوار آهي، جيڪڏهن تون مون سان سچو پيار ڪرين ٿو ته اها مذهب جي ديوار توکي ٽوڙڻي پوندي ۽ توکي مون سان شادي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن تنهنجو جواب نه ۾ آهي ته به خير! ڪا پرواه ڪانهي. مون ته توکي پنهنجي سپنن جو راجا بڻآئي ڇڏيو آهي، صرف تنهنجي پٽ راڻي ٿي سُهاڳ رات جي سيج به پنهنجي من ۾ سجائي رکي آهي. انتظار آهي ته صرف تنهنجي همٿ ڀري هٿ جو. تون مرد آهين، پنهنجي مردانگيءَ کي نه لڄاءِ، مان تنهنجي جواب جو انتظار ڪنديس. جيڪڏهن تنهنجي ها آهي، ته سڀاڻي ڪاليج وڃڻ وقت اَڇي رنگ جي پينٽ ۽ ڳاڙهي رنگ جي قميص پائي گھر مان نڪرڻ وقت 3 دفعا هارن وڄائيندين، ته مان سمجھنديس ته تنهنجي مونسان شادي ڪرڻ جي ها آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪندين ته مان سمجھنديس ته توکي مون سان ڪو پيار نه آهي ۽ مان هميشه لاءِ سفيد رنگ جا ڪپڙا پائي هڪ وڌوا جي زندگي گذارينديس.
تنهنجي ڪنوار- ياسمين.“
خط پڙهندي ئي منهنجي پيرن هيٺيان زمين کسِڪڻ لڳي. سياري جي موسم هوندي به پسينو چهري تان وهڻ لڳو. سوچيان پيو، هيءُ سچ آهي يا مان ڪو سپنو ڏسي رهيو آهيان. سوچيان پيو ته جيڪڏهن اها خبر بابا صاحب کي پوندي ته وڏو زلزلو اچي ويندو. ٿي سگھي ٿو ته ٻن مذهبن جي وچ ۾ فساد به ٿي پوي. ياسمين ۽ منهنجو مذهب الڳ الڳ آهي ۽ سماج به هن ڪاريه ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. جيڪڏهن مون پيار جي نشي ۾ ڪو غلط قدم کنيو ته قيامت اچي ويندي. هٿ ڏڪڻ لڳا. اکين اڳيان اوُنده اچڻ لڳي. سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان. جيتوڻيڪ هيءُ پيار هڪ طرفو هو. مان تڪڙو تڪڙو لعل سائين جي مندر ۾ ويس جتي جو مهنت ڪاڪو هيمنداس هو. مون اُن کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ ياسمين جو لکيل خط پڙهي ٻڌايومانس. ٻُڌي ٿوري دير لاءِ ڪاڪو هيمنداس پڻ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. چيائين، ”ٻه منٽ ويهُه ته مان اندر لعل سائينءَ جي گھاٽ ۾ ويهي عرض رکان ٿو. رکُ لعل سائينءَ تي، ڀلي ڪندو.“
ڪاڪو هيمنداس اندر لعل سائينءَ جي مندر ۾ ويو ۽ لعل سائينءَ جي جوت اڳيان عرض ڪيائين ۽ پندرهن منٽن کان پوءِ ٻاهر آيو، چيائين- ”تون گھٻراءِ نه، جھوُلڻ ڪو نه ڪو رستو ڪڍندو. تون سڀاڻي ڪاليج نه وڃجانءِ“. ڪاڪي کان موڪلائي مان گھر آيس. بابا جن منهنجو لٿل چهرو ڏسي پڇيو، ”پٽ سُک ته آهي! ڇو تون منجھيل ٿو نظر اچين؟“ مون منهن تي ڪوڙي کل آڻي چيو، ”نه بابا، ڪجھ به نه آهي.“ بابا چيو، ”پٽ مان ماڻهن جو ڌنار آهيان، نه ڪِ جانورن جو. مان ماڻهوءَ جو منهن ڏسي پڙهي وٺندو آهيان. سچ ٻڌاءِ، پيءُ به جوان پُٽ جو دوست هوندو آهي. جيڪڏهن ڄاڻ اَڻڄاڻ ۾ ڪا به غلطي ٿي آهي ته اُن غلطيءَ کي سڌارڻ سان ڪو به مسئلو حل ٿي سگھندو آهي.“ مون من ۾ سوچيو ته ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته مان بابا جن کي سموري ۽ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايان.
موُن بابا کي ياسمين جو لکيل خط ڏنو. بابا جن جيستائين خط پڙهن، تيستائين منهنجا هٿ پيير ڏڪڻ لڳا. بابا جن چيو، ”تون سچ ٻڌاءِ ته تون ياسمين سان ڪڏهن ۽ ڪيترا ڀيرا مليو آهين؟“ مون جواب ڏنو، ”بابا، مان قسم کڻي چوان ٿو ته مان ڪڏهن به هُن سان نه مليو آهيان ۽ نه وري ملڻ جي ڪوشش ڪئي اَٿم. ڪاليج ۾ ويندو ۽ ايندو آهيان ته ياسمين دريءَ مان بيهي ڪري مونکي ڏسندي ۽ کلندي آهي ۽ مان به کُيس ڏسي کلندو آهيان.“ بابا سائينءَ کي منهنجيلهجي مان وشواس اچي ويو. بابا جن چيو، ”تون سڀاڻي ڪاليج نه وڃجانءِ، هاڻي روٽي کائي وڃي سُمهي پؤ.“
ساري رات پاسا ورائيندي، ڪڏهن ياسمين جو مشڪندڙ چهرو ته ڪڏهن غلط قدم کڻڻ جو نتيجو، ياسمين جي خط ۾ لکيل مردانگيءَ جي للڪار پڙاڏي وانگر ڪنن ۾ وڄي رهي هئي. منهنجي لاءِ هڪ پاسي اَما، بابا ۽ خاندان جي عزت، ٻئي پاسي ياسمين جو نسوارٿ پيار، ڪريان ته ڪنهن کي قربان ڪريان. آخرڪار من مان هڪ ازغيبي آواز آيو ته اهڙو ڪو قدم کڻ جنهن ۾ ڪنهن کي به قرباني ڏيڻ جي ضرورت نه پوي. مون لعل سائينءَ کي وينتي ڪئي ته تون ڄاڻي ڄاڻڻهار آهين، توکي سڀ ڪجھ معلوم آهي. اسان ٻنهي جي پيار ۾ ڪا به کوٽ نه آهي. اسان ٻنهي جو پيار نج سون وانگر سچو آهي. من ۾ ويچار ڪندي ڪندي ننڊ اَچي ويئي. صبح جو اَما جي سڏ ڪرڻ تي جاڳ ٿي. گھڙيال ۾ ڏٺم 10 ٿيا هئا. سنان ڪري لعل سائينءَ جي مندر ۾ مٿو ٽيڪڻ لاءِ ويس. جيئن موٽان پيو ته برقي ۾ رستي تي ياسمين اچي رستو روڪيو. چيائين، ”ڇو منهنجا پيار پريتم، طبيعت ته ٺيڪ آهي نه! مان صبح کان دريءَ تان بيهي انتظار ڪري ٿڪجي پيئي آهيان ۽ سوچيان پيئي ته اڄ ڇو منهنجو راجا گھر کان ڪاليج لاءِ نه نڪتو آهي. تو اهو ويچار ڪيو ته مون سان ڇا گذري هوندي؟“ مان خاموش رهيس. مشڪندي چيائين، خط پڙهي گھٻرائجي ويو آهين. تون ڪابه چنتا نه ڪر. مان سڀ ڪجھ سوُر تڪليفون برداشت ڪري وٺنديس ۽ تنهنجي مٿان آنچ اَچڻ نه ڏينديس. ها منهنجا راجا! تنهنجو قيامت تائين انتظار ڪنديس. خدا حافظ... مان هلان ٿي، ڪوئي ڏسي نه وٺي....“
مان تڪڙو تڪڙو گھر آيس ۽ من ۾ سوچڻ لڳس ته ياسمين هيءُ پهريون دفعو ايترو ساهس ڪري مون سان ڳالهايو آهي. هيءَ ته پيار جي نشي ۾ مدهوش ٿي ويئي آهي. هنکي زماني جي ڪا پرواه آهي ۽ نه سماج جي. مونکي ئي ڪجھ ڪرڻو پوندو.
بابا جن بي.ايس.سي پڙهڻ لاءِ مون کي حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي ۾داخلا لاءِ موڪليو. مان داخلا وٺي هاسٽل جي في ڀري ڳوٺ واپس آيس، جيئن مان گھربل سامان گھر مان کڻي 2 سالن لاءِ هاسٽل ۾ آرام سان رهي سگھان. وڃڻ جي سڄي تياري ٿي ويئي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. مان دوستن کان موڪلائڻ لاءِ گھر کان ٻاهر هليو ويس.
دوستن کان موڪلائي جڏهن گھر پهتس ته منهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته ياسمين دُلهن جي جوڙي ۾ ٺهي سنڀري منهنجي گھر ۾ منهنجي اَما بابا سان گڏ ويٺي هئي. مان بت بڻجي بيٺو رهيس ۽ ياسمين ڏانهن هڪ ٽڪ نهاريندو رهيس. بابا رڙ ڪري چيو، ”هيڏانهن اچُ، ڏسُ ۽ ٻُڌ، ياسمين ڇا چئي رهي آهي. هوءَ پنهنجو گھر هميشه لاءِ ڇڏي اسان جي ننهن بڻجي رهڻ لاءِ اسان وٽ آئي آهي. هاڻي تون فيصلو ڪر، ته ڇا ڪيون.“ مان ڇا جواب ڏيان. مون کي ته هيءُ به درشيه ڏسي ڄڻ ڏندڻ پئجي ويا. بابا وري چيو، پٽ جواب ڏي!“ مون ڏڪندي ڏڪندي هلڪي ۽ گھگھي آواز ۾ چيو، ”بابا اهو نامُمڪن آهي.“ تڏهن بابا ياسمين کي پيار منجھان سمجھائيندي چيو، ”پٽ تو غلط قدم کنيو آهي. تون سمجھي سگھين ٿي ته انجو نتيجو ڪيڏو نه ڀيانڪ نڪرندو. تون اسان جي ڌيءُ سمان آهين ۽ پاڙو ٿيندو آهي ابو اَمڙ. تون مونکي جيڪڏهن پيءُ سمجھين ٿي ته منهنجي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت کي ڏسُ ۽ مريادا کي نه ٽوڙ.“ ياسمين چپ چاپ اکين مان آنسون وهائيندي ٻڌندي رهي. ٿوري دير لاءِ خاموشي ڇانئجي ويئي. خاموشيءَ کي ٽوڙيندي ياسمين منهنجي پيءُ کي چيو، ”بابا سائين، مان راه ڀٽڪي ويئي هيس ۽ اوهان مونکي هڪ ڌيءُ جو فرض سمجھايو آهي. مان جيڪي قدم کڻي هتي آئي آهيان، اُنهن قدمن سان واپس وڃان ٿي. پر منهنجي هڪ اِلتجا آهي ته جڏهن منهنجو جنازو نڪري تڏهن منهنجي جنازي کي هيءُ اوهانجو پٽ ڪُلهو ڏيندو ۽ منهنجي قبر تي گل چاڙهي دُعا گھرندو.“
تڏهن بابا سائينءَ چيس، ”ڪانئر نه ٿيءُ ياسمين، تون ته هڪ بهادر ڇوڪري آهين، توکي اهڙيون ڳالهيون سوُنهن ڪونه ٿيون.“ بابا سائينءَ ياسمين جي مٿي تي هٿ رکي چيو، ”پٽ، تون واعدو ڪر ته اهڙو ڪو غلط قدم نه کڻندينءَ ۽ مان توسان انجام ٿو ڪريان ته مان تنهنجي شاديءَ ۾توکي پيءَ جي حيثيت ۾ الوداع ڪندس ۽ هيءُ منهنجو نالائق پُٽ، ڀاءُ بڻجي تنهنجي ڏوليءَ کي ڪلهي تي چاڙهي توکي رخصت ڏيندو“. ياسمين اکين ۾ آنسو وهائيندي هلي ويئي.
مان به ٻئي ڏينهن حيدرآباد پڙهائي ڪرڻ لاءِ هليو ويس. سڀ ڪجھ ڀُلائي پنهنجي پڙهائيءَ ۾ لڳي ويس. بابا جن جا خط ايندا هئا ۽ مان به خط لکندو هوس هڪ ڏينهن اَما جو خط آيو ته ياسمين وارا پاڙي مان جڳهه وڪڻي ٻئي ڪنهن هنڌ هليا ويا آهن. ٿوري وقت لاءِ ياسمين جي ياد آئي. پر ما بابا جن کي ڏنل انجام ته مان پڙهائيءَ کان سواءِ ڪجھ به نه سوچيندس، 2 سال پڙهائيءَ جا پورا ڪري فائينل اِمتحان ڏيئي واپس گھر شڪارپور آيس. جيئن ٽانگي مان هيٺ لٿس ته منهنجون نگاهون دريءَ طرف ويون. پر اڄ منهنجي آجيان ڪرڻ لاءِ ڪوئي نه هو. اُداس ٿي پنهنجي گھر اندر ويس ۽ ياسمين جي باري ۾ سوچڻ لڳس. موُن وٽ ڪو پتو ڪا جانڪاري نه آهي، ياسمين کي ڪٿي ڳولهيان؟ چپ چاپ اکيون بند ڪري پُراڻين يادگيرين کي تصور ۾ ڏسڻ لڳس.
گھڻن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن بازار وڃي رهيو هوس ڪنهن ڪم سان، ته اوچتو هڪ برقي پهريل عورت اڳيان اچي بيٺي. پهريائين ته مان ڏڪي ويس. هيڏانهن هوڏانهن نهاري هلڪي آواز ۾ چيائين، ”مان ياسمين جي ننڍي ڀيڻ بلقيس آهيان.“ هڪدم سڃاڻي پُڇيومانس، ”ياسمين ته ٺيڪ آهي نه؟“ غمگين آواز ۾ چيائين، ته ٽي.بي ٿي پيئي آهي. سرڪاري هاسپيٽل جي جنرل وارڊ ۾ ڀرتي آهي.“ مان تڪڙو تڪڙو سرڪاري هاسپيٽل جي ٽي.بي واري جنرل وارڊ ۾ پهتس. منهنجون اکيون ياسمين جي چهري کي ڳولهي رهيون هيون. آخر اچانڪ منهنجي نظر ياسمين جي چهري تي پيئي. مان ڏسي دنگ رهجي ويس. ڇا هيءَ اها ياسمين آهي! جنهن جي چهري ۾ چنڊ جھڙي چمڪ ۽ سورج جھڙي تيج هو. هڪ سَگھاري بدن واري ياسمين، هڪ مرجھايل گُل جيان، هڏن جي پڃري وانگر پلنگ تي مرڻينگ حالت ۾ کُليل اکين سان ڪنهنجو انتظار ڪري رهي هئي. مون کي ڏسندي ئي اکيون هڪ وار ڇنبي هلڪي مُرڪ سان مون ڏانهن نهاريائين ۽ مون کي پاڻ واري پلنگ تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين. مون وهندي پڇيومانس، ”ياسمين، ڪيئن آهين؟ ڇا پنهنجي حالت بڻائي رکي اٿيئي؟“ تمام جھيڻي آواز ۾ چيائين، ”ٺيڪ آهيان، تون آيو آهين مون سان ملڻ، خدا سڀ سُٺو ڪندو. مونکي انهيءَ گھڙيءَ جو انتظار هو. بس هاڻي جيئڻ جو مقصد پورو ٿيو.“
منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي چيائين، “منهنجا دلبر، هن جنم ۾ ته خدا کان دُعا گھُران ٿي ته ٻئي جنم ۾ تنهنجو ساٿ نڀايان ۽ تنهنجي همسفر رهي تنهنجي شيوا ڪريان.“ ائين چئي کڻي اکيون بند ڪيائين، جيڪو منهنجو هٿ جھليو هئائين سوبه ڇڏي ڏنائين. مون زور سان پڪاريو ”ياسمين! ياسمين!!“ پر ڪابه چُرپُر نه. نه ڪوئي جواب. مان يڪدم ڊوڙي ڊيوٽيءَ واري ڊاڪٽر کي وٺي آيس. ڊاڪٽر نبض ڏسي ۽ اکيون کولي ڏسي چيو، ”ادل، هيءَ نينگري الله کي پياري ٿي ويئي.“ ڊاڪٽر جا اهي لفظ ٻڌي مون ياسمين جي شرير سان چنبڙي روئيندي چيو، ”ياسمين، هيءُ تو ڇا ڪيو. مونکي ڪنهنجي سهاري هتي ڇڏي وئينءَ!“
ايشور جي ڀاڻي تي راضي رهڻو آهي. من ۾ ويچار آيو ته ياسمين جي حياتي ايتري هوندي! بيماري ته هڪ بهانو بڻجي آئي. ايتري ۾ ياسمين جا ماءُ پيءُ، مٽ مائٽ اچي ويا. روئيندي پٽيندي لاش کڻائي گھر ويا ٻئي ڏينهن صبح جو جنازو گھر وٽان نڪتو. مان به اُن ۾ شامل ٿيس. سندس چئي انوسار مون به جنازي کي ڪُلهو ڏنو. قبرستان پهچي جنازي کي اڳ ئي کوٽيل قبر ڀرسان لاهي جنازي نماز پڙهي ويئي. مان الڳ مذهب جو هئڻ ڪري جنازي نماز، ۾ شامل نه ٿي سگھيس ۽ هڪ ڪُنڊ ۾ ويهي ياسمين جي ارٿيءَ کي ڏسڻ لڳس. مونکي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته هوءَ چئي رهي آهي ته، ”راجا، مان ته ٺهي سنڀري سهاڳ جي سيج تي سُمهي پيئي آهيان. بس ڪمي آهي صرف تنهنجي ملڻ جي.“ مان ياسمين جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هوس. اَچانڪ منهنجو ڌيان ٽُٽو جڏهن لاش کي قبر ۾ لاهڻ لڳا. مان اڳيان وڌي سندس آخرين ديدار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيس. پوءِ ته هرڪو مٽيءَ جي مُٺ ڀري لاش مٿان وجھندي هلڻ لڳو. مون به مٽيءَ جي مُٺ ڀري سندس مٿان اکيُن مان آنسوُ وها.يندي وڌي. سڄي قبر مٽيءَ سان پوري ۽ قبر مٿان پٿر رکي هرڪو هليو ويو. مان اڪيلو هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. گُلن جو هارُ رومال مان ڪڍي قبر جي مٿان چاڙهيم ۽ هٿ جوڙي ياسمين کان ڀل بخشائڻ جي دُعا گھريم ته، ”اي ايشور منهنجي ياسمين جي آتما کي پنهني چرنن ۾ جڳهه ڏِجانءِ ۽ سندس پريوار کي هن دُک سهڻ جي شڪتي ڏجانءِ.“ 40 ڏينهن سندس قبر تي گُل چاڙهڻ ۽ دُعا ڪرڻ ويندو رهيس.