ٻه لفظ
”هان ڊاٽ“ دنيا جي عظيم حريت پسند ۽ مجاهد قوم، ويٽنامي قوم جي جنگ آزاديءَ جو داستان آهي. ويٽنامين ساندهه ڏهه سال دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي قوت آمريڪا جي اُرهه زوراين جو مقابلو ڪيو ۽ آخرڪار کيس ڳوڏا کوڙڻ ۽ ذلت آميز شڪست تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن ڪتاب ۾ انهيءَ سموري جدوجهد آزادي کي بيان ڪيو ويو آهي. آمريڪا، جديد ترين ۽ خطرناڪ هٿيارن جو مالڪ آهي ۽ فوجي طاقت جي معاملي ۾ سندس مقابلو صرف روس ڪري سگهي ٿو، پر ويٽنامين وٽ صرف جذبو هو. آزاديءَ جي حصول جو جذبو. ڌرتي سان اڻکُٽ پيار. صرف انهيءَ جذبي جي سچائيءَ کين سرخرو ڪيو ۽ سندن آزاديءَ جي لاءِ ڪيل جدوجهد سموري دنيا جي آزادي پسندن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿي.
ڪتاب جي مواد جو خلاصو ته مون پيش ڪيو، باقي ترجمو ڪهڙو آهي، سو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪن جو ڪتاب جو مترجم ناميارو ليکڪ سائين رشيد ڀٽي آهي. سائينءَ جن جو ٿورائتو پڻ آهيان جو پنهنجي ڪاوشن کي ڇپرائڻ جو اعزاز اسان کي بخشيندو اچي. اميد ٿو ڪيان ته اڳتي به سائين رشيد ڀٽي اسان تي مهرباني ڪندو رهندو.
_ عمر ميمڻ
21-4-1984ع