مهاڳ: (مترجم پاران)
1965ع جو ويٽنام، ان وقت جي دنيا جي ڌڙڪندڙ دل، فرانسي بيٺڪيت کان، هڪ ڊگهي جدوجهد بعد جان ڇڏائي، ٻن حصن ۾ ورهايل ويٽنام، پنهنجي ملڪي وطن فروشن ۽ غدارن ۽ آمريڪي سامراجين لاءِ للڪار ٿي پيو، پر هن ڌرتيءَ جي گولي تي هر ڪنهن جي دل جي ڌڙڪن ٿي پيو. ان جي هن مهل تائين وضاحت نه ڪئي وئي آهي، ۽ نه ئي ڪري سگهجي ٿي ته، هڪ اهڙي ملڪ ۽ قوم کي، جنهن پنهنجي پاڙيسرين کي ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ڏنو، ڇالاءِ پرڏيهي حملي آورن، يانڪين، ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو!
ظالم توڙي مظلوم، جنگجو ڇاڙتا ۽ يانڪي توڙي ويٽنامي عوام ۽ ساري دنيا جا ظالم توڙي مظلوم 1965ع ڌاري ويٽنام جي حقيقت ۽ حقيقي صورتحال کان واقف ٿي چڪا هئا: ظالم ۽ استحصالي قوتن، نگوڊين ڊيم جي ڀاڙيتي فوج ۽ يانڪي، محسوس ڪري چڪا هئا، ته سندن ڏينهن اچي پڳا هئا، ۽ ڏکڻ ويٽنام جا غلام ۽ مظلوم اٿي کڙا ٿيا هئا ۽ پنهنجا غلاميءَ جا طوق ٽوڙي، لاهي ڦٽي ڪري رهيا هئا. هي اهو دور ۽ زمانو هو، جڏهن دنيا ۾، جتي به، ڪو ڪنهن سان ملندو هو، پهريون سوال اِهو ڪندو هو: ”يار خبر اٿي، ويٽنام ۾ ڇا ٿيو؟“ ساري دنيا جون نگاهون ۽ ڪن، ڏکڻ ويٽنام ۾، وطن فروش قومي غدار نگوڊين ڊيم جي ڪٺ پتلي حڪومت جي ڇاڙتي ۽ ڀاڙيتي فوج (جنهن جي آمريڪي سامراج ڀرپور حمايت پئي ڪئي) ۽ عوام يا ويٽنامي گوريلن درميان هلندڙ جنگ ۾ کتل هيون. گوريلن يا ويٽ ڪانگن جي وڌندڙ سوڀ، وطن دوستن جا حوصلا بلند ڪري رهي هئي.
ويٽنام کان ٻاهر ساري دنيا پڇي رهي هئي: آمريڪا کي ويٽنام ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪهڙو حق هو؟ لکن جي تعداد ۾ مزدور، پورهيت، شاگرد ۽ جمهوريت پسند عوام آمريڪا خلاف احتجاج ۽ مظاهرا ڪري رهيو هو. آمريڪي اڳرائي، ۽ ويٽنام خلاف ان جي ڀيانڪ جرم خلاف اٿي کڙو ٿيو هو. اهو سڀ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ”آمريڪي سامراج“ خلاف هو، نه ڪي آمريڪي عوام خلاف! ڇو جو خود آمريڪا جو عوام لکن جي تعداد ۾ ان اڳرائي ۽ تشدد خلاف اٿي رستن تي آيو هو، ۽ شرم جو اظهار ڪيو هو، آمريڪي سامراج جي خلاف، جو اُن وقت، ۽ اڄ به، انسانيت جي جسم تي خطرناڪ ناسور جي ڦٽ جيان وڌي رهيو آهي.
ڏکڻ ويٽنام جو حريت پسند عوام، نگوڊين ڊيم جي ڇاڙتي حڪومت جي ڪرايي جي فوج ۽ يانڪين جي هٿيارن ۽ فوجين سان اڪيلي سر منهن ڏئي رهيو هو. پر ڪوڙن ڪرائيدارن جي قوت، ويٽنامي جيتامڙن ، پر سچ جي سپاهين کي مات نه ڪري سگهي_ ۽ آخرڪار آمريڪا کي سرشار ٿي، پنهنجا پٺيءَ ٽپڻا ويٽنام مان کڻڻا پيا، ۽ ڏکڻ ويٽنام به آزاد ٿي، اُتر سان ملي، هڪ آزاد ملڪ ٿي پيو.
ظالمن ۽ مظلومن جي ان جدوجهد کي ئي آنهه ڊڪ هن ناول جو موضوع بڻايو آهي. ڏکڻ ويٽنام جي هڪ واهڻ يا وسنديءَ ”هان ڊئٽ“ تي، جا ويٽ ڪانگن جي قبضي ۾ آهي، سرڪاري فوج حملو ڪري اچي ٿي. اُن واهڻ جا گوريلا، پارٽي، وطن_ دوست ڳوٺاڻا، ڪيئن نه همت ۽ جرات، ايمان ۽ اٽلتا، اتحاد ۽ نظم سان ان حملي کي ناڪام بڻائين ٿا! سڀني جي ايڪي، جذبي ۽ آدرش سان لڳاءَ سبب ڏيڍ ٻه هزار ڇاڙتي فوج ٻاويهن ويٽ ڪانگن کي، هفتي سوا جي گهيري ۽ ڪَئي حملن جي باوجود آڻ مڃڻ تي آماده نٿي ڪري سگهي! هڪ ننڍو واهڻ ۽ ڳوٺڙو، وسندي، پنهنجي ارادي جي پختگي، مقصد سان محبت آدرش ۾ ايمان، ظلم خلاف نفرت، ۽ پاڻ ۾ انساني رشتي ناتي جي آڌار تي اٽل ٿي بيهي ٿو ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي طاقت کي ڀاڄ کائڻ تي مجبور ڪري ٿو. اهائي هن ناول جي ڪهاڻي آهي.
آنهه ڊڪ، ويٽ ڪانگن جي ڪاميابي جي راز کي پنهنجي ڪردارن رستي سمجهايو آهي. ڪردار جي عام رواجي انسان آهن. ”هان ڊئٽ“ جيان هر ڳوٺ، واهڻ وسندي ۽ وطن ۾ ٿي سگهن ٿا. انهن ۾ ٻار به آهن ته ٻڍا ۽ معذور به. نوجوان به آهن ته ڇوڪريون به. ٻڍيون به آهن ته بيواهون به. گوريلا (ويٽ ڪانگ) به آهن، ته پارٽي سيل جا ميمبر به، مذهبي ماڻهو به آهن ۽ ڪمي ڪاسبي ۽ ننڍڙا ڪاروباري به، پر سڀني ۾ هڪ ئي جذبو هڪ ئي جوش ۽ هڪ ئي ولولو آهي. اِن سڀ جو محرڪ آهن! وطن ۽ قوم لاءِ محبت، سچ ۽ صداقت لاءِ چاها، ظلم ۽ تشدد خلاف نفرت. انهن ڳالهين سڀني کي هڪ لڙي ۾ پوئي ڇڏيو آهي. هو هڪ مضبوط ۽ ناقابل تسخير ديوار ٿي پيا آهن. سڀني ۾ خلوص آهي، سچائي آهي، هڪٻئي سان پيار آهي، هڪٻئي ۾ ويساهه آهي، نظم ۽ ضبط آهي. اِن ڪري دشمن جون فوجي ڪاروايون ۽ نفسياتي جنگيون کين ڪمزور ۽ پٺتي نٿيون ڪري سگهن. هو سڀ ڳوٺائي، هڪ ڪٽنب جيان ايڪي ۾ آهن، قومي اتحاد جي علامت آهن.
آنهه ڊڪ، ڀاڙيتن فوجين ۽ يانڪين جي ظلمن ۽ تشدد، ايذاءَ رسانين ۽ پيڙائن جو ذڪر به ڪيو آهي. هن سندن وحشي ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ ڪارنامن کي به ننگو ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن کي سامراج ”امن خاطر ڪوششن“ جو نالو ڏيندو آهي. ان جي برعڪس ناول ۾ ويٽ ڪانگن جي انسانيت، رحم دلي ۽ شرافت واري ڪردار کي اجاڳر ڪيو ويو آهي. آنهه ڊڪ پيش ڪيل ڪردارن رستي، سامراجين جي انهن غلط پرچارن ۽ تبليغن کي غلط ثابت ڪيو آهي، جنهن هيٺ هو چوندا آهن ته ويٽ ڪانگ يا ٻيا ڪميونسٽ يا وطن دوست سامراج دشمن گوريلا ڪٺور، دُرشٽ، بي رحم ۽ سفاڪ ٿين ٿا. پر هن ناول (۽ ساري عالمي پريس ۽ راءِ عام) اهو ثابت ڪيو آهي ته ويٽنام ۾ سفاڪي ۽ ڪٺورپڻو ڪنهن ڏيکاريو؟ نگوڊين ڊيم جي ڇاڙتن ۽ يانڪين يا ويٽ ڪانگ وطن پرستن؟ ”جنگي ڏوهن“ جي سلسلي ۾ عالمي ٽربيونل ۾ مقدمو يانڪين تي هليو هو يا ويٽ ڪانگن تي؟
هن ناول جا ڪردار، جي ويٽ ڪانگ گوريلا به آهن ته پارٽي جا ميمبر به، سڀ ائين ئي محبت، مروت، سڪ، پيار، ايثار، اُنس، راڳ رنگ، ۽ چرچي ______ جا شوقين ۽ دلداده آهن، جيئن ٻهراڙيءَ جا عام ماڻهو هوندا آهن. جتي هو نظم ۽ ضبط جا قائل آهن ته اتي زندهه دلي ۽ خوش مزاجي به سندن سڀاءَ ۾ شامل آهي. هڪ سخت جان ۽ ڪشن ڪشالن ڪڍڻ وارا آهن، ته اتي پيار ڀريِ دل جا ڌڻي به آهن. مطلب ته آنهه ڊڪ هن ناول ۾ پنهنجي ڪردارن رستي، هڪ صحيح ۽ سچي ڪميونسٽ، گوريلي، وطن دوست ۽ سامراج دشمن ڪردار جي عڪاسي ڪئي آهي. هن ناول ۾ نه رڳو نظرين، آدرشن، وطن پرستي يا قوميت جي نعري بازي واري تبليغ نه ٿي ملي، ۽ انهن جي جهلڪ به ملي ٿي، جا هر عوامي زندگيءَ جيان رچيل ۽ شاهوڪار آهي.
ناول ۾ نه رڳو ويٽنام جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگي جي ڀرپور جهلڪ آهي، نازڪ ۽ حساس جذبن ۽ ڪيفيتن ۽ نفسياتي پهلن جي عڪاسي آهي، پر انساني ۽ انسان جي اندر جي سونهن سان گڏوگڏ ملڪ جي سونهن ۽ سرسبزيءَ جو سڀاويڪ ۽ قدرتي اظهار ملي ٿو، پر ويٽنامي قوم جي نفسيات ۽ انساني، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ کي به پياري ۽ دلڪش نموني پيش ڪيو ويو آهي.
1973ع ۾ هي ناول (انگريزيءَ ۾) دوست، همسفر ۽ ساٿي، رسول بخش پليجي وٽان پڙهڻ لاءِ کڻي آيو هوم. ايترو وڻيم جو ان سال ئي ترجمو ڪيم. ضروري سمجهيم ته وطن دوست، قوم پرست ۽ ترقي پسند نئين نسل لاءِ هن جو مطالعو ضروري آهي، هن جي مطالعي سان نه رڳو جدوجهد ۽ اصولن ۽ آدرش ۾ ايمان پختو ٿو ٿئي، پر پڙهندڙ ڪيترين ئي حڪمت عملين سان روشناس ٿئي ٿو. ناول پريس ۾ هو جو ڇاپي لڳڻ ۽ پريس سيل ٿيڻ سبب مسودو گم ٿي يا هيٺ مٿي ٿي ويو. پر اُن جي رف ڪاپي موجود هئي. ڪيترن ئي دوستن جي اصرار تي وري فيئر ڪرائي، ڪتاب پيش ڪجي ٿو، ان اُميد سان ته توقعات پوريون ٿينديون.
آخر ۾، نوجوان رفيق، هادي بخش ڀٽ جا ٿورا مڃڻ واجب ٿو سمجهان، جنهن رف مسودي تان، محنت ۽ جاکوڙ سان (ڇو جو منهنجا اکر اهڙا آهن) هيءَ پريس ڪاپي تيار ڪئي آهي.
رشيد ڀٽي
بئريج روڊ سکر (سنڌ)
آڪٽوبر، 1985ع