يوسف سنڌيءَ سان پهرين ملاقات
ميان مير چانڊيو
سنڌو درياءَ جي پيڃاري واهه جي ڪنڌيءَ واري شهر ”دڙي“ جي رهواسي يوسف سنڌي جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو، ان جون پڙهائي دوران ڪهڙيون سرگرميون هيون، ان جي ته خبر ناهي، ليڪن جڏهن هن جوانيءَ ۾ پير پاتو ته هن جو لاڙو ادب ڏانهن ٿي ويو. هُو جرمن ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار ڪافڪا جيان سنڌي ادب جي پاڇي ۾ رهيو. جنهن ڪري هيستائين ڪيترائي ڪتاب لکي چڪو آهي. گهنڊيدار وارن واري اديب يوسف سنڌيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ته سنڌي ادبي سنگت جي ڪنهن پروگرام ۾ ٿي هئي. اهو ياد ناهي رهيو، ليڪن ساڻس ٻي ملاقات دڙي شهر ۾ ٿي هئي. جتي عبدالغفور الستيءَ سان شام ملهائي پئي ويئي. هوائن جي ان شهر ۾ اُتر رُت جون هوائون ويتر تيز ٿي ويون هيون. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ ان خوابن جهڙي رات آءٌ سندس ئي مهمان هوس، اسان تيستائين ڪچهري ڪئي، جيستائين ڪَتين ڪَرَ موڙيا هئا!
پاڻ ٻڌايو هئائين ته آءٌ ميمڻ خاندان جي غريب گهراڻي ۾ ڄايس، سندس پي محمد هاشم محنت مزدوري ڪري، سندس عيال جو پيٽ پاليندو هو. يوسف سنڌي جي مک تي مُرڪ ته سدائين رهندي آهي، پر جڏهن ٽهڪ ڏيندو آهي ته ايئن ڀاسندو آهي ته ڄڻ ڪچي ڪانهن کي باهه لڳل آهي!
ديو جهڙي قدقامت رکندڙ يوسف سنڌي جي شخصيت سان چند جملن جي تحرير ۾ انصاف ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ ته مشڪل آهي.
ڀل ڪجهه دوستن کي ساڻس شڪايتون ئي هجن، ليڪن ان حقيقت کي مڃڻو ئي پوندو ته سنڌ جو هي کاهوڙي اديب وڏو جفاڪش ۽ رلڻو ملڻو آهي. پاڻ هيستائين ٽيهن جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکي چڪو آهي. جنهن ۾ اڪثريت ترجمن جي آهي، سچائي اشاعت گهر به سندس ئي ڪوشش سان قائم ٿيل آهي. جنهن ۾ هيستائين نون ۽ پراڻن اديبن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
يوسف سنڌي، فقط هڪ اديب جي حيثيت ۾ لکڻ جو ڪم ڪيو آهي. ليڪن ان سان گڏ هو سماجي ڪمن ۾ به سرگرم رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت کي فعال ڪرڻ ۾ به سندس اهم ڪردار رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل به رهيو آهي. ۽ اها به حقيقت آهي ته سندس ئي دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت هڪ مضبوط اداري جي حيثيت ۾ سامهون آئي. يوسف سنڌي جيستائين حيدرآباد لڏي نه ويو هو، تيستائين رولاڪ هو. ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم هجي يا وري سنڌي ادبي سنگت جا مشاعرا يا ڪهاڻي ويهڪون هجن، يوسف هر جاءِ ملندو هو، حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ لاڙ جي ساحلي شهرن ڏانهن منهن به نه ٿو ڪري! حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ شايد سندس مصروفتين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.هاڻي حيدرآباد ۾ جڏهن به ڏٺومانس ته اُهائي بُت باڊي، اهائي مُرڪ اُهوئي ٽيلو! چيومانس يوسف اڃان ته لٿو ئي ناهين، جيتوڻيڪ اڌ صدي جو ٿي ويو آهين؟ بنان ڪنهن جواب جي وڏو ٽهڪ ڏيئي ڇڏيائين، يوسف لاءِ اها دعا آهي ته شال وطن ۽ ٻولي جي واڌاري لاءِ ويتر ڪوششون ڪندو رهي! لکندو رهي، کلندو رهي!