ٻن صدين جو ساٿي يوسف سنڌي
ڊاڪٽر خالق ميمڻ
ها، هي ٻن صدين جو ساٿي آهي،
مطلب ويهين صدي جيڪا گذري وئي
۽ ايڪيهين صدي، جيڪا هلي پئي.
ويهين صديءَ ۾ ٻالڪپڻ ۽ ڦوھ جوانيءَ جا ڏينهن جيڪي پرائمري اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين، گهر، گهٽين کان ويندي پنڃاري ۽ محمودهه واھ جي ڪپن تائين، واڻين جي مندر واري اسڪول کان ويندي بنگلاديش اسڪول ۽ هاءِ اسڪول تائين.
سنگتين ۾ هڪ گول مٽول، ڳاڙهو ٽماٽو، ٿُلهو نينگر جيڪو اسڪول کان نٽائيندو هئو ته مرحوم سائين شفيع محمد ميمڻ گهران کنڀي کڻي ايندو هئس، اُهو سڪيلڌو يوسف سنڌي هئو. ننڍي هوندي پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران صبح جو سائين شفيع ميمڻ ۽ سائين ڪريم بخش مڱڻهار جي حوالي ۽ شام جو حاجي جمن جي رائيس مل ۾ سارين جي کوڙن تي ڳيرن جي وَلَرن جي ڪَڍ، اسان جي سنگت اُن وقت کان وٺي هلندي اچي.
مونکي ننڍپڻ کان وٺي وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا پوکڻ، ڊرائنگ ۽ پينٽنگ ڪرڻ، سائيڪل هلائڻ، لاٽون، بِلور ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ سان گڏوگڏ آکاڻين جا ڪتاب پڙهڻ جو شوق جنون جي حد تائين هو، سو انهن ڪتابن، آکاڻين، ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين جي شوق جي ڪري يوسف سان ياري بنھه گهاٽي ٿي.
يوسف جي گهر جي پاسي ۾ ڦٽل مشين ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو ۽ اسان وري ڪتابن ۽ راند روند بهاني ٻيرن جا به جهول ڀريندا هئاسين.
پرائمريءَ دوران ٻاراڻو ادب، قصا ڪهاڻيون جنهن ۾ الف ليلي، سنڌ باد سيلانيءَ جا ست سفر، گل ڦل، گلن جهڙا ٻارڙا، سنڌي ادبي بورڊ جا ٻاراڻا ڪهاڻين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهي ۽ گڏ ڪري گهر ۾ لائبريري ٺاهي ڇڏي هئي ۽ هم ڪلاسين کي آنو ٻه آنا روزانه مسواڙ تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هئس، ۽ ان وقت گل ڦل ۽ گلن جهڙا ٻارڙا ۾ ’قلمي دوستي‘ ۽ ’هنن سان ملو‘ ۾ پنهنجو تعارف شايع ڪرائي ڪيترن ئي قلمي دوستن سان ڪيترو ئي عرصو خط و ڪتابت جو سلسلو جاري رکيوسين.
ھاءِ اسڪول وياسين ته ڪجھه سمجھه وڌي ۽ پوءِ افسانا، ناول، شعر و شاعري ۽ سفرناما پڙهڻ شروع ڪيا ۽ ان وقت کان وٺي امرجليل ۽ الطاف شيخ منهنجا من پسند ليکڪ رهيا آهن.
جيتوڻيڪ دڙي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ستون ڪلاس پاس ڪري آءٌ بٺورو هاءِ اسڪول هليو ويس، پر يوسف سان ياري جاري و ساري رهي، سو ڏهين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران پاڻ فيصلو ڪيائين ته ڇو نه سموري سنگت گڏجي ڪو پنهنجو ڪتاب ڇپرايون، سو سموري سنگت پنهنجي پنهنجي خرچي گڏ ڪري اُن شرط تي يوسف حوالي ڪئي ته ڪتاب ڇپائي کپائي، سڀني کي پئسا واپس ڪندو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين واپس نه ٿيا ۽ انهي ڳالھه جو ڏک رهندو.
بهرحال ڪنهن دوست لطيفو ته ڪنهن دوست سهڻا سخن ته ڪنهن چونڊ شاعري ڏني، اسان پارن پرايون آکاڻيون چوري ڪري پنهنجي پنهنجي نالي سان ڏنيون، مونکي به يوسف چيو ته تون به ڪجھه لکي ڏي ته ڇپرايو پر مونکي سمجھه ۾ نه آيو ته ڇا لکان، سو ڪجھه ڏينھن جي سوچ ويچار کان پوءِ هڪ پُراڻي لوڪ ڪهاڻين جي ڪتاب مان آکاڻي چورائي پنهنجي نالي سان يوسف جي حوالي ڪيم، جيڪا يوسف به بنا تصديق جي ڪتاب ۾ ڇپائي ڇڏي. ڪتاب جو نالو ’هوشوءَ سندي هام‘ رکيو ويو، هي يوسف جو پهريون ڇپرايل ڪتاب هو ۽ اها منهنجي پهرين ۽ آخري ادبي چوري هئي.
ويهين صدي ختم ٿي وئي، ايڪيهين صدي شروع ٿي وئي، يوسف، يوسف مان يوسف سنڌي ٿي ويو، آءٌ خالقوءَ مان ڊاڪٽر خالق ٿي ويس. پر ساٿ هلندو اچي، ڪتابن جي بهاني، ادبي رهاڻين جي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت جا پروگرام هجن يا سياسي سماجي گڏجاڻيون، يوسف سنڌي سڀن کان اڳڀرو ۽ اسان سندس ٻانھن ٻيلي. منهنجي ڪلينڪ توڻي اسڪول تي جيڪي به ادبي، سياسي ۽ سماجي پروگرام ٿيا، تقريبن يوسف سنڌيءَ جي مرهون منت ٿيا.
يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت ۾ جيترو ڪم ڪيو، شايد ئي ڪنهن ڪيو هجي، سنگت جو ڪتابي سلسلو هجي يا ادبي پروگرام ۽ ايوارڊ تقريبون هجن. سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو آڊيٽوريم هجي ۽ يوسف سنڌي جو ميلو متل نه هجي.
ڪتاب بغل ۾ سڄي سنڌ پيرن هيٺان لتاڙي ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن ڪٿ.
يوسف سنڌيءَ جو ادبي پورهيو ڪنهن کان ڳجهو ناهي، هيلتائين سندس اسي کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ ويهارو کن سندس طبعزاد، ڪهاڻيون ناول سفرناما وغيره، پنجاھ کن ترجما ۽ ڏهاڪو کن ترتيب ڏنل ڪتاب آهن.
يوسف سنڌي ڪيترو وقت مختلف اخبارن سان پڻ سلهاڙيل رهيو، ڪڏهن ڪنهن صفحي جو انچارج، ڪڏهن ڪالم نگار ته ڪڏهن نقاد.
يوسف سنڌي گهڻ پاسائي شخصيت جو مالڪ آهي، هو هڪ محنتي استاد، اديب، نقاد، دانشور، مترجم، پبلشر سان گڏوگڏ يارن جو يار آهي. دوستيءَ جي معاملي ۾ ’ڪنگ ميڪر‘ به آهي، اڪثر دوستن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هوندو آهي ۽ موٽ ۾ اُهي ئي سندس پير ڇڪڻ جي ڪوشش ۾ هوندا آهن ۽ کيس اُن ۾ مزو ايندو آهي.
يوسف هينئر ڪجھه سالن کان حيدرآباد شفٽ ٿي ويو آهي، پر جڏهن به دڙو ايندو آهي ته بيٺڪ مون وٽ ئي هوندي اٿس.
يوسف کي آءٌ ننڍي هوندي يوسف ٿُلهو چوندو هئس ۽ هينئر کيس جوزف انگريزي چوندو آهيان.
يوسف سنڌي اسان جي ڳوٺ دڙو جو نڪ آهي، سڃاڻپ آهي ۽ اسان کي مٿس ۽ سندس دوستيءَتي فخر آهي.
] ڊاڪٽر خالق ميمڻ جي وال تان[