شخصيتون ۽ خاڪا

سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.

Title Cover of book سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

دوستيءَ جو سفر

دوستيءَ جو سفر

رشيد آزاد

اهو ڏينهن مون کي اڄ به ياد آهي، جڏهن آءٌ يونيورسٽيءَ کان موڪل ٿيڻ تي واپس ڳوٺ اچي رهيو هوس، حيدرآباد جي سبزي منڊي لڳ سجاول بس اسٽاپ آهي، جتان اسان سجاول جي ڪوسٽر ۾ چڙهي ميرپوربٺوري ۾ اچي لهندا آهيون. آءٌ ڄامشوري جي بس مان لهي سجاول جي ڪوسٽر ۾ چڙهيس ته سڄي گاڏي ڀري پئي هئي، اهو شام جو وقت هو ۽ پويان گاڏي به هئي الائي نه! سڄي ڪوسٽر ۾ فقط هڪ ئي سيٽ خالي هئي، جنهن تي هڪ ٿورو ٿلهيرڙو همراهه پاسي ۾ ڪتاب رکيو ويٺو هو. منهنجي دل هڪدم اوڏانهن چڪجي وئي۽ آءٌ ان شخص ڏانهن وڌي ويس، ”سائين جيڪڏهن تڪليف نه ٿئي ته ويهڻ لاءِ سيٽ ڏيندئو!“ مون چيو، ”ڇا ڪندين سيٽ کي!“ هن مزاحيه لهجي ۾ وراڻيو، ”سائين ويهندس، ٻيو ڀلا مٿي تي ڪونه کڻندس.“
”ويهي ڇا ڪندين؟“، ” سائين بزرگ! سفر وڏو آهي، اهو بيهي ته نٿو ڪاٽي سگهجي“ مون به مزاحيه لهجو اختيار ڪيو. ”ڪيڏانهن ويندين؟“ هن وري پڇيو، ”بٺوري ويندس“، ”بٺوري وڃي ڇا ڪندين؟“ ”بٺوري کان پوءِ دڙي ويندس“ ”۽ دڙي وڃي ڇا ڪندين؟“ ”دڙي کان پوءِ ڳوٺ ويندس.“ (منهنجو ڳوٺ دڙي شهرکان ٻه ڪلوميٽر پري ٻهراڙيءَ ۾ آهي.) ”ڪير مڙس آهين.“ ”سائين ڏسڻ ۾ ته ماڻهو ٿو لڳان، باقي خبر ناهي، هونئن به ابو امان هميشه چوندا آهن. ماڻهو ٿي ماڻهو..! وڌيڪ مون کي به خبر ناهي، توهان کي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچان.“ ”منهنجو مطلب آهي ذات ڪهڙي اٿوَ؟“ ”سائين ذات پات مان پاڻ ڄاڻون ڪونه باقي نالو عبدالرشيد آزاد آهي. هونئن به توهان مون کي ڪونه سڃاڻو، پرآءٌ توهان کي چڱيءَ طرح سُڃاڻان،“ ”ڪير آهيان آءٌ.“ ”توهان يوسف سنڌي آهيو، دڙي شهر ۾ رهندا آهيو ۽ سنڌ جا ناليوارا اديب آهيو، توهان تمام گهڻا ڪتاب ترجما ڪيا ۽ ڇپايا آهن. سنڌي ادب کي ڦهلائڻ ۾ ۽ ماڻهن جو شعور جي لاٽ ٻارڻ ۾ توهان تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.“
ايئن وڪيلن واري انهيءَ آڏي پڇا کان پوءِ يوسف سنڌيءَ نيٺ مونکي سيٽ ڏني ۽ اسين بٺوري تائين ڪچهري ڪندا آياسين.
اها يوسف سنڌيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات هئي، ان کان اڳ ۾ آءٌ کيس سڃاڻندو ته هوس، پر ڪڏهن به ملاقات نه ٿي هئي. اهو سفر اسان جي دوستيءَ جو پهريون سفر هو. مون کي اها قطعي خبر نه هئي ته اهو ننڍڙو سفر اسان جي دوستيءَ جي طويل سفر جي شروعات ۾ بدلجي ويندو.
تعليم جي حوالي سان دڙو شهر ٺٽي ضلع جو اهم شهر آهي، جنهن ڪيترائي ناليوارا ماڻهو پيدا ڪيا، پر انهن ماڻهن هن ننڍڙي شهر سان وفا نه ڪئي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن ننڍڙي شهر کي هميشه هميشه لاءِ خيرآباد چئي ويا. انهن ماڻهن جا نالا ڏيڻ آءٌ هتي مناسب نٿو سمجهان، ڇو ته اهي انهي لائق ئي ناهن، باقي ڪي ته اهڙا هئا. جن سان يا ته وقت وفا نه ڪئي يا ته زندگيءَ وفا نه ڪئي. انهن ۾ موتي پرڪاش جهڙا املهه ماڻهو به آهن، جيڪي ورهاڱي جي ور چڙهي هميشه هميشه لاءِ پنهنجي جنم ڀوميءَ کان وڇڙي ويا. اڄ به هو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ياد ڪري زارو قطار روئي ٿا پون، اها جنم ڀومي، جتي هنن زندگيءَ جي پهرين صدا بلند ڪئي هئي، جتي هنن پنهنجن پتڪڙن هٿن سان مٿي ۾ مٽي وجهي پنهنجي سينڌ کي سنواريو هو. جتي هنن محموده واهه ۾ وهنجندي هڪ ٻئي کي پيار مان پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا هئا. جتي سندن جوڀن پروان چڙهيو هو، جتي سندن ننڍپڻ جون آسون ۽ اميدون دفن ٿيل آهن، انهيءَ مٽيءَ جي سڳنڌ کي هو ڪيئن ٿا وساري سگهن.
موتي پرڪاش کان ويندي شهيد ذڪريا تائين ۽ ڊاڪٽر رجب علي ”ضياءُ“ کان ويندي يوسف سنڌيءَ تائين، دڙي جي ڌرتيءَ مان املهه هيرا ڦُٽي نڪتا آهن. ڪي ته ويچارا نامعلوميءَ جي انڌي غفا ۾ گم ٿي ويا، ڪي وري پنهنجي معصوميت ۽ مسڪينيءَ ڪري منظر عام تي اچي نه سگهيا، جن ۾ چاچا ايوب منڇري ۽ ٻيا به ڪيترائي هوندا.
بهرحال هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي ويو ۽ يوسف سنڌي اڄ ڏينهن تائين پنهنجي پوري ذميواريءَ سان پاڻ ملهائيندو پيو اچي. يوسف سنڌي هڪ آدرشي انسان آهي، سندن من ۽ ذهن هميشه هن ناسور بڻيل سماج ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين تي پَچندو ۽ پڄرندو رهي ٿو. هو نه صرف سوچي ٿو، پر هميشه لوچيندو به رهي ٿو، پاڻ ڪمال دل ۽ ڪشاده سوچ جو مالڪ آهي، ڪنهن سان هروڀرو دشمني نه رکندو آهي.
پاڻ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت عيسيٰ جو تعليم کان گهڻو متاثر آهي ۽ انهن جي تعليم کي پنهنجي نقطئه نظر سان ڏسندو آهي. منجهس معاف ڪرڻ، درگذر ڪرڻ ۽ سَهپ جي وڏي خوبي آهي. هو پاڻ معاف ڪرڻ ۾ ئي وڏي ۾وڏي خوشي محسوس ڪندو آهي.
دوستيءَ جي حوالي سان يوسف سنڌي هڪ بهترين دوست آهي. دوستيءَ ۾ پاڻ هميشه ڏيڻ ڄاڻندو آهي، وٺڻ نه! اسان جي دوستيءَ کي ڪو ايترو وڏو عرصو نه گذريو آهي، پر ان ٿوري عرصي ۾ ئي هو مون کي نه صرف بهترين دوست، پر بهترين انسان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جيڪو نه صرف سنڌ سان، پر پوري انسان ذات سان محبت ڪندڙ آهي ۽ ان جي آجپي، ڀلائي ۽ خوشحاليءَ جا جذبا رکي ٿو.
مون کي، ادب سان ته اڳ ۾ به ڪافي دلچسپي هئي، پڙهندو به هوس ۽ لکڻ جو به شوق شروع کان ئي هو، پر مون کي ادبي ميدان ۾ آڻڻ ۾ يوسف سنڌيءَ جو اهم ڪردار آهي. آءٌ ايئن چوان ٿو ته جيڪڏهن يوسف سنڌي منهنجي رهنمائيءَ نه ڪري ها ته آءٌ ڪڏهن به لکڻ جهڙو نه ٿيان ها.
]ماهوار ’ادب‘ – نومبر 2002ع[