شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3222
  • 1087
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

اداري پاران

بخشل باغي جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو شاعر پانڌيئڙو آهي. جنهن پنهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ٻاويهه سال شاعريءَ سان عشق واري سفر ۾ مڪمل ڪميٽمينٽ سان ڀرپور نموني گُذاريا آهن. هُو پرائمري تعليم پرائڻ واري دؤر کان وٺي شاعريءَ جي نازڪ، نفيس ۽ رنگين پوپٽن جي پُٺيان پيرين اُگهاڙي کين پڪڙيندي، پڪڙيندي اڄ هتي اچي پُهتو آهي جتي زندگي گهڻن رُخن ۾ ورجهائجي مُنتشر ٿي وڃي ٿي. پر هُن جي زندگيءَ مُختلف حصن ۾ ورهائيجي وڃڻ جي باوجود به سندس روح ۽ خوابن، خيالن جا نفيس ۽ زخمي شاعراڻا هٿ اُنهن پوپٽن کي پڪڙڻ جو ڀرپور ساهس رکن ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو بخشل باغي هيل تائين ست شاعريءَ جا ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي جهول ۾ ڀيٽا ڪري به مُطمئن نه آهي. بلڪه بقول سندس ته هُن پنهنجي اندر جي اظهار کي اظهارڻ جي ڪوشش ڪندي، ڪندي ست ڪتاب تخليق ڪري وڌا آهن. بخشل باغي پنهنجي مزاج ۽ فطرت ۾ هڪ مڪمل قومپرست شاعر آهي. رومانس ۽ انقلاب هُن جي شاعريءَ جا ٻه اهم پهلو آهن، بلڪ رومانس ته هُت جي انقلابي خيالن، خوابن ۽ باغي روح مان سنڌ جي آواز جو پڙاڏو بڻجي سندس ڏات مان گونجي رهيو آهي. جيڪا هُن جي تخليق جو هڪ حسين ۽ مضبوط امتزاج ۽ سرچشمو آهي. ۽ سائين جي ــ ايم سيد جو فڪر ۽ فلسفو هُن جي شاعراڻي شعور ۽ باشعوريءَ جو خلقيندڙ آهي. اِهوئي سبب آهي جو بخشل باغي قومي شاعريءَ جي پهرين ڪتاب ”سپنو سنڌو ديس جو“ کان پوءِ اڄ وري نئين ۽ تازي جوش ۽ جذبي سان ”سنڌو ديس مهان“ جي روپ ۽ رنگ ۾ سنڌ جي قومي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت تخليقي اضافو ڪيو آهي.
بخشل باغي پنهنجي هِن نئين ڪتاب ”سنڌو ديس مهان“ جي شاعريءَ ۾ پنهنجي قومي شعور، فڪر ۽ فهم ۽ تاريخي اداراڪ جي حوالي سان ڏاڍو پڪو ۽ پُختو نظر اچي ٿو.
سِپ پبليڪيشن بخشل باغيءَ جي هن قومي شاعريءَ جي ڪتاب ”سنڌو ديس مَهانُ“ کي 17 جنوري 2011ع تي سن ۾ سائين جي ــ ايم سيد جي 107 جنم ڏڻ تي آڻي فخر ۽ سَرهائي محسوس ڪري رهي آهي.
ستار سُندر
امداد رند