شاعري

سنڌو ديسُ مهَانُ

هي ڪتاب ”سنڌو ديسُ مهانُ“ سنڌ جي خوبصورت شاعر بخشل باغيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3222
  • 1087
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بخشل باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو ديسُ مهَانُ

سنڌوءَ جو پاڻي

تَڪن واٽ پاڻيءَ جي سنڌوءَ ڪنارا،
ڪنارن تي بيٺل مهاڻا اُڃارا.

سنڌوءَ ۾ ٿيون واريءَ جون ڇوليون اُڏامن،
ڏسي ڏيک هر، هر اِهو نيڻ کامن،
يزيدن ڪري قيد، سنڌوءَ جو پاڻي،
ڪيو آهي ويران سنڌوءَ جو دامن،
نه موجون، نه ٻيڙيون ٿيون جُهومن هوا ۾،
اُجاڙيا ويا هن، سنڌوءَ جا ڪنارا،
تڪن واٽ پاڻيءَ جي سنڌوءَ ڪنارا.

صدين کان اهو، سنڌ سان ويل آهي،
متان، چئين ته مورک! رڳو هيل آهي،
لٿي اُڃ جي اهڙي ماڪڙ اچي آ،
اچي جنهن ڪيو، ڀونءَ کي ڀيل آهي،
انهيءَ درد جون پيا ڏسينداڪهاڻيون،
اِهي آسمانن جا سورج، ستارا،
تڪن واٽ پاڻي جي سنڌوءَ ڪنارا.

ٻنيون، کيت، ٻارا، سڀئي هاري، ناري،
رهن ٿا ڏکارا، اُڃي واهه واري،
پکي، جيت ۽ ڍور، ٻيلا وڻن جي،
سُڪي ٺوٺ ٿي، سبز هر ڪائي ٽاري،
پريشان هر هڪ ذرو سنڌ جو آ،
بُکن ۾ اڳي هاڻ اُڃن ۾ گُذارا،
تڪن واٽ پاڻيءَ جي سنڌوءَ ڪنارا.

نا انصاف ٻُڌ هاڻ تون ڪَن کولي،
اُٿيا آهيون، تو کي ڇڏينداسين رولي،
متان، ائين سمجهين، اياڻا اڃا هُون،
اسان گسُ، نجاتي وَتو ”باغي“ ڳولي،
اسان کي متان، سمجهين تون بي سهارا،
تڪن واٽ پاڻيءَ جي سنڌوءَ ڪنارا.