ٿــــــــر
ٽهوڪي ”ڪاسبو“ سائو.
مندر تي مور جو جهُومڻ،
جهُڪيل مورت اڳيان ٻائو.
رڙي ٿو ڪڇ جو رڻ پٽ،
مَٿس سورج تتل ٽامو،
برف جهڙي اڇي واري،
۽ ڪوهيڙي نُما رائو.
مِٺيءَ جي مُند مينهوڳي،
ڪڪر، گيڙو رَتا جوڳي،
”گڍيءَ“ تي ريت جي ڪَڻ، ڪَڻ،
ٽُٽل اتهاس جو ڪائو.
ڀٽن مان ڀالوا ڀُڻڪيو،
سڏي ٿو کُوهه ”مارل“ کي،
ڪٿي آ، ڪوٽ ڪالهو ڪو،
هُيو جو وقت جو ڌوڪو.
ٿيا آثار عاشورا،
سڄو ٿر درد جي آهي،
علامت ٿي پيو اهڙي
نه دنيا ۾ ڪٿي جهڙي،
عجب اسرار ٿا اُڀرن،
اکين ۾ حيرتون ڪيئي،
سفر پنهنجو ڀٽن وچ مان،
مٿان ڪارا ڪڪر برسن،
چُميو ”چيلهار“* کي نيڻن،
گُلابي سُونهن نکري پئي،
۽ ”راڻاسر“ ترائي تي
ڀِنل هئي سانجهڙي سُرمئي.
هئا لهرن مٿان ڪيڏا،
گهٽا جا رنگ سُرمائي،
هوا ۾ کيپ اَڻ پيتا،
لڳو ٿر ڪنهن جي پرڇائي،
رَتا ڪئي رنگ ”روحل“ ۾،
کڙي هر جام مان انڊلٺ،
هئي هر ڍُڪ ۾ راحت،
صديون محسوس ٿيون پل ۾
صبح جي هير ٿڌڙيءَ ۾،
اکين تي کيپ خوابن جا،
لڳو ساغر جيان سورج،
اَمر لمحا شرابن جا.
ويو پئي روڊ ڏامر جو،
ڀٽن جي وچ مان ڊُڪندو،
هُيو ٿر جو سفر سُندر،
پکين جيان پئي ويو اُڏندو.
اِها ٿر ياترا هئي يا،
هُيو ڪو خواب کاهوڙي،
ڏٺوسين جاڳندي جيڪو،
اکين جي ٿي پيو مُوڙي.
اڙي او ٿر! ڀٽن وارا،
اڙي ٿوهر! ٿڪن وارا،
اُڃارا او اَڪن وارا!
سدا وسندو رهين تون شل،
مِٺو امرت نُما ٿئي جل،
وڏا سانڍين خزانا ٿو،
رکين ڪيڏا زمانا ٿو.
•
چيلهار، ٿر جو هڪ ڳوٺ