شخصيتون ۽ خاڪا

ڪرامت علي

ھي ڪتاب علائقائي امن، انساني حقن ۽ محنت ڪشن جي لاءِ جدوجھد ڪندڙ ڪرامت علي جي شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي. ڪرامت علي گذريل پنجن ڏهاڪن کان مزدورن جي حقن ۽ سماجي انصاف، امن، اتحاد سان گڏ انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھيو.

Title Cover of book Karamat Ali

ڪرامت علي ھڪ سچو پورھيت اڳواڻ: اسحاق سومرو

ڪرامت علي پاڪستان جي کاٻي ڌرسان تعلق رکندڙ، مزدور جي حقن، خطي ۾ امن ۽ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙ، هر وقت سرگرم ۽ سفر ۾ رهندڙ هڪ متحرڪ ڪردارھو. سندس والدين ملتان ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. سندس والده ۽ ڀينر هوم بيسڊ ورڪر هيون. هن خاندان ابتدائي ڏينهن ۾ ڏکي زندگي گذاري. والده جو تعلق اوڀر پنجاب جي گرداسپور واري علائقي سان هو. سندس والد شيعو ۽ والده سني فرقي سان لاڳاپيل هئا. ڪرامت علي کي والد صلح جي ۽ والده وري مزاحمت جي تربيت ڏني.
ڪرامت علي جي زندگيءَ جو احوال، ترقي پسند دانشور ڊاڪٽرجعفر احمد ڪيترائي ڪلاڪ ڊگھي رڪارڊ ٿيل ڳالهه ٻولهه کي اردوءَ ۾ ’راه گذر تو ديکهو‘ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل هڪ متحرڪ ترقي پسند ۽ عوام دوست ويزن سان قائم ڪيل تحقيقي اداري ’انسٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ سوشل ريسرچ‘ پاران شايع ڪرايو ويو. هن ڪتاب ۾ ڪرامت عليءَ جي 60 سالن کان جاري جدوجهد، تجربن، مشاهدن توڙي ملڪي سياست جي لاهن چاڙهن جو احوال سٺي نموني سان قلمبند ڪيل آهي. انٽرويوءَ جي شڪل ۾ ترتيب ڏنل هي ڪتاب ڪرامت صاحب جي سوانح حيات ته نه آهي، پر هن جي تجربن ۽ مشاهدن جو تفصيل سان احاطو ٿيل آهي. جڏهن ته ڪتاب ۾ سندس ذاتي زندگيءَ جو جزوي ذڪر ڪيل آهي.
ڪرامت عليءَ جي سياسي زندگي جي شروعات ڪاليج واري زماني کان ٿئي ٿي، جيڪو ايوب خان جو سٺ وارو ڏهاڪو هو. انهيءَ دوران سندس سياسي تربيت، جيل جي صعوبتن کيس سياسي ورڪر ۽ مزدور دوست بڻائي ڇڏيو. ملتان جي پبلڪ لائبريريءَ ۾ ويهي پڙهيل خاص طور تي ترقي پسند ادبي، سياسي ڪتابن سندس سوچ تي گھرو اثر ڇڏيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو سٺ وارو ڏهاڪو هونئن به اهم سمجهيو ويندو آهي. انهي دور ۾ شاگرد جدوجهدون، مزدوريونين جو ٺهڻ، شهري آزاديءَ لاءِ جاکوڙ، 1967 ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو قيام ان ڏهاڪي جا وڏا واقعا هئا، جن اڳتي هلي ملڪي سياست ۾ خاص طور تي کاٻي ڌر جي اثر کي نمايان ڪيو.
ڪراچي جي ايس ايم سائنس ڪاليج ۾ تعليم دوران اتان جي نامياري استاد انيتا غلام عليءَ جي سوچ جو مٿس گهرو اثر ٿيو. جيڪا پاڻ به سياسي طور تي سرگرم رهندي هئي. انهيءَ وچ ۾ هن پاڻ فيڪٽري مزدور طور عملي زندگي شروع ڪئي، ان سان گڏ ليبر يونين جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصوورتو. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ روپوشي ۽ ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت گرفتاريءَ کيس سياست جي ميدان ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو.
ڪرامت عليءَ تي لکيل هن ڪتاب ۾ 1962ع کان 1979ع تائين جي سترهن سالن جي ملڪي سياسي وايومنڊل جو سربستو احوال ملي ٿو. جنهن ۾ جمهوريت تي راتاهن، ڊڪٽيٽرن طرفان فوجي راڄ ذريعي عوام تي آمراڻي حڪومت ڪرڻ جو احوال پڻ تفصيل سان ملي ٿو. اهڙين بدترين حالتن ۾ ڪرامت علي ۽ سندس ساٿين جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ڪرامت عليءَ چواڻي ته 1970 ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو ته کاٻي ڌر جيڪا خاص طور تي مائوسٽ فڪر جي هئي، انهن اليڪشن حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته هوانقلاب آڻڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن ان اليڪشن ۾ ڪامريڊ حصو وٺن ها ته پيپلز پارٽيءَ کان 30 کان 40 ڄڻن کي ٽڪيٽون ملن ها ۽ اليڪشن به کٽي پي سگهيا. ڪرامت عليءَ جي انٽرويوءَ تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ يادن، مشاهدن، تجربن، جيڪي ويجھي ماضيءَ جي تاريخ آهن، کي سندس ئي زباني پيش ڪيو ويو آهي. هي هڪ زباني تاريخ آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ ٻڌائي وئي آهي.
ڪرامت عليءَ 1979ع ۾ انٽرنيشنل مارڪسٽ گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن ورڪرز ايسوسيئشن قائم ڪئي، جنهن جو مقصد ليبر موومينٽ کي معاشري ۾ بنيادي تبديليءَ جي ڪم سان ڳنڍيو وڃي، جتي اهڙو معاشرو هجي جنهن ۾ محنت ڪرڻ وارن کي پنهنجي پورهئي جو صحيح معاوضو ملي. انهن جا مڙئي بنيادي حق ۽ سهولتون، معاشي ۽ سماجي تحفظ فراهم هجي، جيڪا انصاف واري معاشري جي مکيه گهرج آهي. ڪرامت علي 1983ع ۾ هالينڊ جي ’انسٽيٽيوٽ آف سوشل اسٽڊيز‘ مان ’ليبر اينڊ ڊولپمينٽ‘ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هن مزدورن لاءِ ’پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبرايجيوڪيشن اينڊ ريسرچ‘ (پائلر) جهڙو شاندار ادارو قائم ڪيو، جيڪو ٽن ڏهاڪن کان مزدورن جي حقن، انهن جي لاءِ قانون سازي، سندن سياسي ۽ سماجي مسئلن تي خطي جي ٻين ملڪن هندستان، بنگلاديش، نيپال ۽ ڀوٽان مان دانشور ۽ ماهر گھرائي وڏيون ڪانفرنسون منقعد ڪرايون، جن ذريعي اهو پيغام ڏنو ته خطي ۾ جنگوازم ۾ اسان جي مسئلن جو حل نه آهي، امن ۽ نيوڪليئرفري زون ئي پائيدار امن لاءِ ضروري آهي.
ڪرامت علي نامياري سياسي اڳواڻ ميرغوث بخش بزنجي سان ويجهو رهيو. صادقين سان گڏ ڪم ڪيائين، کائنس کان تمام گھڻو سکيو. فيض احمد فيض، حبيب جالب، پروفيسر ڪرار حسين، ٽوني بين، سوڀو گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر اختر حميد خان، جسٽس دوراب پٽيل، ايم بي نقوي، بي ايم ڪٽي، عثمان بلوچ، مرزا ابراهيم، نبي احمد، راحت سعيد، غلام ڪبريا، فرحت سعيد سان به سندس ويجهي قربت رهي، جن وٽان کيس تاريخ، مارڪسزم، ڪميونسٽ موومينٽ، روسي انقلاب متعلق پڙهڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو. پائلر جي پليٽ فارم تان ڪرامت علي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۽ خاص طور تي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ امن ۽ جنگين کان پاڪ ماحول لاءِ پڻ جاکوڙيندو رهيو. هن هندستان جي نامياري سوشل ورڪر، سياستدان نرملاديش پانڊي، جيڪا راجيه سڀا جي ميمبر هئي، سان ٻنهي ملڪن ۾ دوستي ۽ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. نرملاديش سکن خلاف فسادن، بابري مسجد جي شهادت ۽ ايٽمي ڌماڪن جي مخالفت ڪئي، ڪيترائي دفعا پاڪستان پڻ آئي. هن وصيت ڪئي ته ان جي رک کي پاڪستان جي دريائن ۾ وهايو وڃي. ڪرامت علي سندس وصيت کي پوروڪندي نرملا جي رک کي ساڌ ٻيلي وٽ سنڌو جي لهرن حوالي ڪيو.
ڪرامت علي مارڪسي خيالن ۾ پڪو ۽ پختو ھو. سندس چواڻي ته اسان کي پنهنجي سماج کي سمجهڻ لاءِ، ان جو تجزيو ڪرڻ لاءِ مارڪسزم کان ڀرپور رهنمائي وٺڻ کپي. جمهوريت جو استحڪام تمام ضروري آهي. سماجي انصاف، غربت جو خاتمو، شرف انسانيت جي بحالي ۽ ان کي روشن خياليءَ سان همڪنار ڪرڻ لاءِ لازمي عقليت پسندي ۽ سائنسي طرز فڪر ڀري هئڻ کپي.
ڪرامت علي جو شروع کان ئي کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيم ’نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (ايس اين ايس ايف) سان تعلق هو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي ذيلي تنظيم جمعيت جو راڄ هوندو هو. يونيورسٽيءَ جي ڪنوينشن دوران جمعيت جي شاگردن ڪرامت عليءَ جو گهيرو ڪري کيس وڏي پٿر سان قتل ڪرڻ پئي چاهيو ته ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ’ايس اين ايس ايف‘ جي سرگرم ميمبرياڻين مهناز رحمان ۽ نسرين ٽالپر (ڌي مير علي احمد ٽالپر) رڙيون ڪري حملي آورن کي ڀڄائي ڪڍيو، جنهن سان ڪرامت عليءَ جي جان بچي وئي.
ڪرامت علي چوندو ھو ته ”مارڪسزم ڪو عقيدو نه آهي. اسان وٽ وڏي مصيبت آهي ته، اسان يا ته ڪنهن به شيءِ کي بلڪل نه مڃون يا هر شيءِ کي عقيدو بڻائي ڇڏيون، عقيدي تي غور ڪرڻ جي ضرورت ئي نه هوندي آهي، اکيون بند ڪري يقين ڪيو ويندو آهي. هتي به مارڪسزم کي عقيدي وانگر ورتو ويو، وري ان جا فرقا بڻجي ويا وري ان جا مُلا ٺهي ويا. جڏهن ته ماڪسزم پنهنجي اردگرد کي سمجهڻ لاءِ هڪ مناسب ۽ ڪارآمد سائنٽفڪ ٽول آهي، جنهن کان رهنمائي ورتي وڃي.“
ڪرامت عليءَ جي پهرين شادي سندس ڪاليج ۾ گڏ پڙهندڙ ’اصغري جيلاني‘ سان 1970 ۾ ٿي، ٻي شادي مشهور ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرمانيءَ سان 1976 ۾ ٿي. شيما ڪرماني پڻ کاٻي ڌر جي انهن ڏينهن ۾ سرگرم ڪارڪن هئي، جنهن سان گڏ ڪرامت عليءَ ڪجهه عرصو لنڊن ۾ پڻ گذاريو. ڪرامت علي دنيا جي ڪيترن ملڪن جن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، ڪوپن هيگن،فرانس، ۾عالمي ڪانفرنسن، سيمينارن، ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي. هن جي فلسطين جي گوريلا ۽ هوائي جهاز کي اغوا ڪندڙ خاتون ليليٰ خالد سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن کيس پنهنجو هاءِ جيڪنگ تي لکيل ڪتاب آٽوگراف سان ڏنو، جنهن تي کيس لنڊن جي ايئرپورٽ تي ڇهن ڪلاڪن تائين روڪي رکيو ويو، رڳو ان ڪري ته وٽانئس ليليٰ خالد جو آٽوگراف مليل ڪتاب برآمد ٿيو هو. ڪرامت علي 78 سالن جي عمر ۾ پارڪنساز جھڙي موذي بيماريءَ سبب ڪراچيءَ جي ھڪ نجي اسپتال ۾ گذاري ويو.