ارپنا
آهه نور حسين لغاري
ڪري ڪوچ ويا، سڀئي سنسار مون،
پير پيغمبر اولياءَ جن پنهنجا پنٿ ڪيا،
گياني، ڌياني، گُرهستي، سامي پنڌ پيا،
سڀئي غائب ٿيا، تو ڇا سمجهيو پاڻ کي!
شاهه
نور جي وڇوڙي کانپوءِ درد سري، فڪرات، ذهني ۽ جسماني ازيتن جو شڪار آهيان، فڪراتن جي بحر بي ساحل م غوطه زني ڪندي، دل پُر درد آهي، عمر جي ايام ڪاري جو سج به لڙي چڪو آهي. تڏهن به طَمَعَ سندو تس ڀرجيو ڀرجي ڪين ڪي، نه معلوم ته ڪيئن پيو جيان پاڻ کي آٿت ڏيندي قلم کنيو اٿم. نه کڻڻ جو ڏانءُ اٿم ۽ نه ئي ڪو اديب يا محقق آهيا. ضعيف الحال هوندي استاد بخاري جون هي سٽون ڪنن ۾ پڙلاءُ جيان گونجن ٿيون.
کٽن زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي،
کٽن بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي،
ڏکئي مان ڏکيو عشق اکرن جو آهي،
رکي دوستي دوستي ڪيئن ڇڏجي
استاد بخاري
نور منهنجو موڀي ۽ پڳدار پٽ هو. والد جي ناتي جيڪي سندس سان محبتي حجتون ۽ پيچ گنڍيل هئا، سي اوچتو ڇڄي ڪڻان ڪڻان ٿي ويا. جيئن سيد چوي ٿو ته:
ڪڻان منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
ڳاهي ڳاهه فراق جي ڪيا ڌارون ڌار،
نه ڄاڻان ٻيهار، ته ڪير ملندو ڪنهن سين
شاهه
محبتي پيچ خواب مثل، ڄڻ گهڙي کن جو کيل هئا. سچ پچ نور جي صورت ۽ سيرت توڙي فضيلتون لکڻ لاءِ ڪيئي ڪتاب گهرجن، پر ساري ساجن ڪيتريون! نور هڪ رهه گذر مسافر، رب پاڪ ڏانهن راهي ٿي ويو. سڄي گهر عزيزن ۽ دوستن کي وداع چئي هتان هالاڻو ڪري ويو.
اناالله وانااليه راجعون
نور نوڪري جي تلاش ۾ انٽرويو ڏيڻ لاءِ ڪراچي ويو هو. اتفاقي حادثي ۾ 2009-09-05 برو ڇنڇر بمطابق 14 رمضان 1:20 وڳي منجهند جو شهيد ٿي ويو.
جيئن ئي نور جي شهادت جو اطلاع والدين کي فون ذريعي ڪيو ويو عين ان وقت سڀ گهر جا ڀاتي هوش ۽ حواس وڃائي ويٺا، ڪيهاٽ، ڪرلاٽ ۽ روڄ راڙو برپا ٿي ويو. اوڙي پاڙي، مائٽن ۽ دوستن لاءِ قيامت صغرا هئي، هر ڪو صاحب اولاد انهيءَ پيڙاءَ کي ڄاڻي ٿو. امر الاهي هو، توبهه ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا به ڳلي نه رهي خداوند ڪريم کيس جنت الفردوس عطا ڪري ۽ شال جيئندن جو خير هجي آمين.
نور لکي مڙس ۽ لڏڻ انسان هو. هم خيال ۽ هڪ جيڏن جي دلين تي جاسوسي ڪندي، ڪا دل اهڙي هٿ اچي ويندي هئس جنهن ۾ دوستي جي دونهين دکي سگهندي ته ويريم ئي ڪا نه ڪندو هو. جهٽ پٽ پنهنجي پهلو مان چڻنگ هڻي ڇڏيندو هوس. جنهن کي به دوستي جي دام ۾ ڦاسايو، سو وري نڪري ڪو نه سگهندو هو. دل ايڏي ته ڪشادي هئس، جو گهيري ۾ هوند سڄو جهان ماپي وڃي. دوستن ۽ يارن سان گڏ کلندي ۽ مشڪندي هلندو هو. سچ پچ سراپا محبت ۽ خلوص هو. سڄي جهان جي حصي ۾ جيڪا وفا، خلوص، دوستي، مهر ۽ محبت اچڻي وڃي هئي، سا خدا هڪ نور جي ”خمير“ ٺاهڻ ۾ ئي خرچ ڪري ڇڏي هئي. اهو ئي سبب هو جو جڏهن مورو شهر، سيال محلا وارڊ نمبر 19 مان جنازو اٿيو ته گويا نور جو ڪو نه هو. بلڪه دوستيءَ ۽ دلبري جو جنازو هو. محبت ۽ وفا جو جنازو هو. پيار ۽ پريت جي سڀني ريتن ۽ رسمن جو اهو لاش هو. نور جي گهر کان امام بارگاهه حسيني مورو تائين رات جو 2 وڳي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا. ان جنازي کي دوستن ۽ عزيزن اوڇنگارون ڏئي ڪلهن تي کنيو. امام بارگاهه ۾ غازي جي الم پاڪ جو طواف ڪرائي جنازه نماز پڙهي وئي. يار شاهه واري مقام ۾ نور جي جسد خاڪي کي لحد ۾ لاهي دفن ڪيو ويو.
انهي کانپوءِ مهر و وفا جي وستي ئي ويران ٿي وئي. ڄڻ دوستي جا اهي دستور محبت جا اهي طور طريقه ئي هليا ويا. جن جون سرخيون نور دل جي رت ڦڙن سان ويهي رتيون هيون.
اثنا عشري ناتي حسين عه جي در جو غلام هو. مورو شهر جي عزاداري واري تنظيم ۾ مجلس عامله جو رڪن هو. غم حسين رضه طاري هئس ۽ عزاداري جي لحاظ کان نوحه خوان پڻ هو. گهڻو ڪري ٻنهي جهانن جي بازي کٽي ويو.
ڪيچي آخر وڃي ڪيچ رسيو، سانگي نيٺ وڃي ساڻيهه پهتو،
سوڳوارن ۾ پيءُ، ماءُ، ڀائر، ڀينرون، وني ۽ سندس ننڍڙو پٽ حسنين عرف ”جاني“ آهن.
هنڌاهي ئي ماڳ، جت نه رهيا جوءِ ۾.
فقير الله بچايو لغاري
سبجيڪٽ اسپيشلسٽ
فون: 3094511-0302