مختلف موضوع

دادلو درياهه

هي ڪتاب ”دادلو درياهه“ سنڌو درياهه بابت هڪ منفرد ڪتاب آهي، جنهن جو ليکڪ فقير الله بچايو لغاري آهي. هو لکي ٿو:
”درياهه تي لکندي هانءَ ٿو هڄي، وياڪل نيڻن سان درياهه ڏانهن پيو نهاريان. ان درياهه جي ميري گپ جهڙي پاڻي جو واس وٺڻ ٿو چاهيان. ان درياهه سان منهنجو ازل جو انگ ۽ سنگ آهي، تنهن لاءِ رڳو پنهنجي محبوب دادلي درياهه جي پچار ڪري، پنهنجي من کي سرچائڻ لاءِ هي ڪجهه لکي رهيو آهيان.
درياهه شاهه جي جيتري ساراهه ڪجي، مداح پڙهجي سا ٿوري آهي. ڏاڍي سڪ ۽ صدق سان من ۾ شل! شاهن جي شاهه جي تات رهي. “
Title Cover of book دادلو درياهه

باب پندرهون : ڳوٺ لغاري بجراڻي اڌ صدي اڳ ۽ پوءِ

ڏينهان ڏورڻ ڏٿ سين، راتيان ڪن رهڻا،
عمر تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري
سيد لطيف

ڳوٺ کي درياهه پاتي 35 سال گذري ويا آهن. سهڻي سندر اباڻي ڳوٺ ۽ ڳوٺ واسين کي وسارئي به نه ٿا وسري سگهن. اڄ به ان جي ياد منهنجي وجود جي اٿاهه اونهاين ۾ هڪ عجيب سڪ پيدا ٿي ڪري، هن ڳوٺ جو ڪمال به ڏٺم ته زوال به ڏٺم ۽ پسيم، لڳ ڀڳ 50 ورهين جي ڄمار تائين جا انيڪ عڪس پسي سگهن ٿا. ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ مونکي ساهت جي مورخن جو سنگ مليو، جن مان گهڻو ئي پرايم پر اڃا تائين پريم نه گهٽيو آهي. ڪڏهن ته وري اداسائي ۾ من جو پکيڙو اڏامندو اڏامندو دادلي جي ڌڌڪن ۽ ڪپرن وارن نظارن، شڪار ڪرڻ واري جوءِ ڏانهن هليو ٿو وڃي. انهن يادن قلم کڻايو آهي. ڄاڻان ٿو ته بنهه بڪواس لکي اٿم ۽ لکي پيار پوندس. دادلي جي ڪپر جا رهواسي، سانگيئڙا، مالوند، هر هاري جهنگ ۾ گذر سفر ڪرڻ وارن جو هي ڳوٺ لغاري بجراڻي آباد هو. خدا ڄاڻي انهي وسندڙ بستي تي الائجي ڪهڙو ڏمر ٿيو جو دادلي درياهه جي بي رحم موجن بک بڻجي ويو. هن وقت به ڳوٺ آهي، ليڪن سڄي ڪيٽي ۾ تڙيل پکڙيل آهي.
ڳوٺ لغاري بجراڻي ديهه خيرو ديرو، تعلقه مورو ضلع نوشهرو فيروز گچيرو پراڻو کان ٻه ڪوهه اولهه ۾ واقع سنڌو ڪنڌي آباد هو. هن ڳوٺ ۾ به ڪيترين ئي ذاتين وارا رهائش پذير هئا. ليڪن وقتن پڄاڻان گذر سفر جي ڪمي هئڻ سبب لڏيندا ويا. ڪي ڌريون درياهه پاتي کان اڳ لڏي ويون، ڪي درياهه پائڻ کان پوءِ لڏي ويا. هن وقت صرف لغاري بجراڻي ۽ احمداڻي لغاري ۽ ڪجهه پڃارن جا گهر آهن. درياهه پاتي کان اڳ سيدن جو هڪ گهر سيد ڏنل شاهه جو هو. هي سيد فقير مزاج ۽ ڌاڳو ڦيڻو ڪندڙ سيد هو. کيس ٻه فرزند ٿيا. 1. سيد لعل محمد شاهه، 2. سيد گنبل شاهه، سيد لعل محمد شاهه، سنڌي فائينل پاس ڪري تپيدار بڻيو. 1956ع ڌاري لڏي موري جي شهر ۾ اچي ويٺا. 2. سيد گنبل شاهه خاص ڪري لغارين سان پيري مريدي وارو ناتو نڀائيندو آيو. تمام سادڙو ٽهڪندڙ، پرين مڙس هو، ڪيئي سال گذريا آهن، جو وصال ڪري ويو آهي. لانگاهه، ڊکڻ، حجام ، ڪوري، هُليا، موچي، ڪنڀر، ماڇي به درياه پاتي کان اڳ لڏي ويا. لانگاهن ۾ حاجي مراد لانگاهه ڀلو ڏورڻو ڏوري لڏي وڃي پڪي تي ويٺو. ڊکڻن موسن ڊکڻ، جيڪو پينگهن، هندورن ۽ کٽن ٺاهڻ جو پنجاهه ڪوهي جو مشهور ڊکڻ هو. جيئندل ڊکڻ هر ٺاهڻ جو پنجاهه ڪوهي ۾ مشهور هو. سندن وڏا لغارين جي ڳوٺ ۾ هئا. پوءِ موسن، جيندل ۽ احمد وارا لڏي وڃي موري شهر ويٺا. حجامن ۾ قاسم حجام ۽ سندس وڏا لغارين ۾ حجامت به ڪندا هئا ته ڀت خيراتون به رڌيندا هئا. قاسم حجام ڦٽ ڦرڙي جي علاج جو قوي ماهر هو، هن وقت به سندس پٽ محرم راڄ سنڀاليندو اچي. قاسم شڪار جو خفتي به هو. بعد ۾ لڏي وڃي گچيرو پراڻو ۾ ويٺا، ڪوري به گهڻا هئا. کٿا ۽ کيس ٺاهيندا هئا، پر ڌنڌي ۾ اُپراسي گهٽ هئڻ سبب گچيري وڃي ويٺا ڪورين ۾ مسو ڪوري، مسڪين فقير صفت ڀلڙو مڙس هو.هليا به گهڻا هئا، پر پوءِ لڏي وڃي سڌوجا جي ڀرسان ويٺا. ميهر هليو چور خان به هو ته چڱو به هو. پنهنجو وارو وڄائي ويو. ڪنڀر صالح شاهه وارا اڳ ته لغارين جي ڳوٺ ۾ مٽي جا ٿانو ٺاهيندا هئا پر پوءِ لڏي وڃي مينهي جي ڳوٺ گچيرو کان اولهه وڃي ويٺا. جتي اڄ تائين آويون پچائيندا رهن ٿا ۽ سندن ٺهيل ٺڪر جا ٿانو به پنجاهه ڪوهي ۾ مشهور آهن. موچين ۾ مٺو موچي ويٺو رهيو. اوتارو به ٺاهيائين ۽ محبتي ۽ فقير هو پارکو به هو، ڳوٺ لغارين ۾ ئي وصال ڪيائين.
لغارين جي ڳوٺ ۾ ماڇين جو راڄ به گهڻو هو. ليڪن اهي به گهڻا درياهه پاتي کان اڳ لڏي وڃي پڪي تي ويٺا پانڌي ماڇي مڙني ماڇين جو مهندار هو. اڃا به سومر ماڇي ۽ سندس پٽ محبوب ماڇي واهڙ ڪپر تي آباد آهن.
ميراثي درياهه پاتي کانپوءِ لڏي وڃي چوٽيهه هزار موري جي ڀر ۾ زمينون وٺي ڳوٺ ٻڌي ويهي ويا. ادريس ميراسي صالڻ ميراسي، ايوب ميراسي ۽ الهه بخش ميراسي وارا واهه جو ڀلا مڙس هئا. ايوب ميراسي دهل وڄائي راڄ ستار ۾ شادين جا شادمانه وڄائيندو هو. هن وقت به بهارو ميراسي ”رانجهاڻي“ ڊاڪٽر علي نواز ميراسي ”رانجهاڻي“ خوش مزاج ۽ مڇي ماني وارا آهن شل خوش رهن.
پڃارا اڃا تائين واهڙ ڪنڌي تي ويٺل آهن، شل خوش رهن. پڃارا اڃا تائين واهڙ ڪنڌي تي ويٺل آهن. ڪي لڏي ويا. ويٺلن ۾ آچر پڃارو، عثمان پڃارو، رجب پڃارو، مسڪين مارو ۽ هر هاري هئا. ڪوس به ڪندا هئا. آچر راڄ جي شادين ۾ ڦنڊرون قهي لاپو وٺندو هو. عثمان پڃارو، فقير سراپا سچ هو. گهڻو ڪري ٻوڏن ۽ برساتن ۾ چارا ۽ رستا ڊهي ويندا هئا اهي پيو ٺاهيندو هو. يا واهڙ جا ٻوڏ ۾ گهيڙ لٽجي ويندا هئا. اهي به ٺاهيندو هو. ڇپر ٻاڌو به اول نمبر جو هو. بنا چوڻ جي راڄ ستار جا ڇپر ٻڌائيندو هو. هن وقت به انور پڃارو، قاسم پڃارو، رکيل پڃارو حسن پڃارو جوٽ جوٽيو پيا اچن. شل وڌو وڌ هجن.