موضوع نمبر 5 مينهن جا راز
”جنهن (الله) هڪ خاص مقدار ۾ آسمان مان پاڻي لاٿو، انهيءَ جي ذريعي مئل زمين کي جيئرو ڪيو. اهڙي طرح توهان به ڪڍيا ويندؤ.“
هيءَ آيت فضائي طبعيات جي نقطه نظر کان انتهائي اهم آهي. پنجاهه سال اڳ رهڻ وارو ماڻهو هن آيت ۾ ڪا غير معمولي ڳالهه نه ڏسي سگھيو.
اڻويهين صدي جي مادي پرستن جي لاءِ مينهن جو مطلب پاڻيءَ جي ڦڙن جو اوچتو ڪري پوڻ هو. اهي مينهن جي لاءِ دعا گھرڻ وارن تي ٺٺوليون ڪندا هئا ۽ انهن جي دعوى اها هئي ته اهي بنا ڪنهن دير جي مينهن پيدا ڪري سگھن ٿا. انهن کي خبر نه هئي ته مينهن وسائڻ آسان ڪم نه آهي. ڇو ته ملحد ماڻهن جي خيالن تي جرح نه ٿيندي هئي. هيٺ ڏنل سوالن جو ڪوبه جواب نه ڏنو ويندو هو.
1. پاڻي جا ڦڙا، جنهن کي گيس وارو پاڻي سمجھيو ويندو هو، ڪهڙي طرح پنهنجي اصلي حالت ۾ اهڙين جڳهن تي، جهڙوڪه سائبيريا جي فضا ۾ جتي گرمي پد ڄمڻ پد کان به چاليهه ڊگرين کان هيٺ تائين به قائم رهي سگھندو هو؟ اهو هڪ برف جي سر بڻجي انهن ماڻهن جي مٿان ڇونه وسيو جيڪي ان قسم جون ڪوڙيون دعوائون ڪندا هئا.
2. مينهن جي ڦڙن هڪ خاص سائيز جو روپ ڌاري ورتو. اهي قطرا ڪهڙي طرح توازن سان زمين تي ڪريا؟ اهڙو ڪهڙو بنياد هو جنهن سان اهو آرامده ۽ دل کي خوش ڪندڙ مينهن ڦڙين ۾ بدلجي ويو؟
3. هڪ ڪڪر ڪهڙي طرح اڏامي ويندو آهي؟ ڪهڙي طرح ۽ ڪيئن ڪڪرن ۾ لوڻ به شامل ٿي ويندو آهي، جڏهن ته پاڻي جي ٽهڪڻ پد تي به اهو لوڻ پاڻي ۾ شامل ٿي اڏامي نٿو سگھي؟
رڳو گذريل ويهن سالن ۾ عقلي طور، جيتوڻيڪ رڳو ڪنهن حد تائين، انهن حيرت ۾ وجھندڙ سوالن جا جواب حاصل ٿي سگھيا آهن. اچو ته وري انهيءَ آيت ڪريمه کي پڙهي ان سان لاڳاپيل ڳالهين ڏانهن اچون.
الف – الله تعالى مينهن کي انهيءَ مادي حقيقت سان مشابهت ڏني آهي، جيئن مردي کي ٻيهر جيئرو ڪرڻ. ان ڪري ئي سندس ارشاد آهي ته ”انسانن کي به ائين ئي زمين مان ڪڍيو ويندو جيئن آسمان مان پاڻي هڪ خاص مقدار ۾ لاٿو ويندو آهي.“
ب – مينهن جي باري ۾ قرآن احتياط سان متناسب مقدار ۾ پاڻي جي لاهڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ لفظ ”بقدر“ استعمال ڪيو آهي. هي لفظ هڪ خاص سوچيل سمجھيل ماپ کي، رياضي جي نظم سان تعبير ڪري ٿو.
ٻ – قرآن موجب ”مينهن مئل زمين ۾ حياتي پيدا ڪري ٿو.“ اهو بيان جيڪو آيت جو مرڪزي نقطو آهي، ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. انهيءَ ڪري ئي فرمايو ته اسان مئل زمين کي زندگي ڏيون ٿا. اهو نه چيو ويو ته انهيءَ سان ٻوٽا پيدا ڪريون ٿا. انهيءَ فرمان جي اندروني معنى ٿوري دير ۾ بيان ڪنداسين. اهڙي طرح هيءَ آيت ڪريمه گڏيل طور تي پنهنجي اندر اهڙا راز رکي ٿي، جيڪي سائنس جي دنيا ۾ عظيم ماپي تي عجوبي جو درجو رکن ٿا.
اچو ته هاڻي مينهن جي معجزي کي سائنسي نقطي نظر سان ڏسون. سڀ کان جديد سائنسي تحقيق پاڻي، ڪڪرن ۽ مينهن جي باري ۾ اهڙين ڪيترين ئي حقيقتن تي روشني وڌي آهي، جيڪي هن کان اڳ اڻڄاتل هيون. اهي نتيجا هڪ طرح سان هن آيت جي معجزاتي تعبير کي ظاهر ڪن ٿا، جن جو تت هيٺين ريت آهي.
1. هڪ تحقيق ۾ آمريڪا جي سائنسدان ونسٽن جي شيفر (Schafer) ٻڌايو آهي ته پاڻي جا ڦڙا، جڏهن اهي تمام ننڍڙا ۽ خالص هجن ته ڪاٽو چاليهه ڊگري تائين به نٿا ڄمن پر جيڪڏهن پاڻي ناخالص ۽ وڏي مقدار ۾ به هجي ته ٻڙي ڊگري تي به ڄمي ويندو آهي.
ڪڪر جي هڪ خاص مادي بناوت آهي جيڪو ٻاڦ سان ٺهي ٿو، پر جلد ئي پاڻيءَ جي ننڍڙن ڦڙن ۾ بدلجي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري اهو عام پاڻيءَ کان مختلف هوندو آهي. فضائي ڪڪر ڄمندو نه آهي ۽ نه ئي ڪاٽو سينٽي گريڊ (ڄمڻ پد کان هيٺ) زمين تي ڪرندو آهي.
2. پاڻيءَ جا ننڍڙا ڦڙا لوڻ يا ڪائناتي ڌوڙ جي چوڦير گڏ ٿي ڪڪر بڻجندا آهن. اهي گڏ ٿي ڪري مينهن پيدا ڪندا آهن. نه رڳو اهو ته اڃا تائين ڪائناتي ڌوڙ (Cosmic Dust) جي اصل بنياد جي ڄاڻ حاصل نه ٿي سگھي آهي پر اها به خبر نه پئجي سگھي آهي ته ڌوڙ جا ذرڙا ڪهڙي طرح ڪڪرن ۾ پنهنجي بيهڪ قائم رکندا آهن. بهرحال اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته سمنڊ ۾ کارو پاڻي، بخارن جي عمل ۾ شامل ٿي، لوڻ جي ڦڙن کي ٻاڦ ۾ شامل ڪري ڇڏي ٿو.
3. ڪڪر جي جوڙجڪ ۾ اندازاً هڪ مڪعب سينٽي ميٽر ۾ پاڻي جا ننڍڙا ڦڙا هڪ ارب جي تعداد ۾ هوندا آهن. مينهن جا ڦڙا ڪڪر ۾ 50 کان 500 في مڪعب سينٽي ميٽر هوندا آهن. اها انتهائي غور ۽ ڌيان طلب ڳالهه آهي ته 1950ع تائين برگرمين فنڊيسن (Findeisen) جو مينهن جي ڦڙن تي نظريو ئي اهم سمجھيو ويندو هو. انهيءَ موجب پاڻيءَ جا ننڍڙا ڦڙا پهريان هڪ گھاٽائي وارو مرڪز (Condensation Nuclei) جوڙين ٿا، جنهن کان پوءِ مينهن جا ڦڙا ان سان مربوط ٿي وڃن ٿا.
4. موجوده دؤر جي تحقيق موجب وقت جي نسبت سان ڪڪر جا ڦڙا مختلف حالتن جي ڪري ظاهر ٿيندا آهن. پاڻي جو هڪ ڦڙو نيوڪليائي حالت (Nuclear State) بڻجي ڪاٽو چاليهه ڊگري کان گھٽ واري حالت کي به برداشت ڪري سگھي ٿو ۽ مينهن کي هڪ تمام پيچيده مساوات سان پيدا ڪري ٿو جيڪا هن طرح آهي:
r :
مينهن جي پيدائش ۾ اهي ننڍڙا ذرڙا پهريان گھاٽائي واري مرڪز جي چوگرد گڏ ٿيندا آهن. پوءِ پاڻي جا ڦڙا وڏا ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ۽ انهن جي سطح ان وقت وڌڻ شروع ٿي ويندي آهي جڏهن اهي زمين جي ويجھو پهچندا آهن. واڌ جي انهيءَ عمل ۽ مينهن ڦڙي تي هوا جي رڳڙ جي نتيجي ۾ ان جي رفتار ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي ويندي آهي. نتيجي ۾ مينهن آرام سان زمين تي پهچندو آهي. اهو متوازن طريقو الله تعالى جو معجزو آهي. زمين تائين پهچندي پهچندي مينهن ڦڙن جي رفتار پيراشوٽ (Parachute) جي عمل وانگر گھٽجي ويندي آهي. لهڻ ۽ توازن جي اها رياضياتي مساوات هن طرح آهي:
dr EW
dt 4P4
اچو ته انهن سائنسي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ هن آيت ڪريمه جو پهريون حصو ٻيهر پڙهون.
”اهو (الله) آسمان کان پاڻيءَ کي هڪ خاص مقدار ۾ لاهي ٿو.“
اهو سڀ ڪجھه ظاهر ڪري ٿو ته مينهن جو نازل ٿيڻ هڪ تمام نازڪ معاملو آهي جنهن ۾ ڪيترا ئي حساب ڪتاب رکيل آهن. جيڪڏهن هن کي آيت ڪريمه جي آخري حصي سان ملايو وڃي ته هي سائنسي معجزو مردي کي جيئرو ڪرڻ وانگر اهميت رکي ٿو.
اڄڪلهه جي فضائي طبعيات (Atmospheric Physics) به انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو آهي ته مينهن جو راز هڪ حيرت ۾ وجھندڙ معجزو آهي. ٻيا به ڪيترائي ڪتاب انهيءَ موضوع تي لکيا ويا آهن. جن کي ذوق هجي تن کي گھرجي ته اهي ان سلسلي ۾ رابرٽ بائيرز جي ڪتاب Elements of Cloud Physics جو مطالعو ڪن.
هاڻي اسان آيت ڪريمه جي ٻئي حصي ”انهيءَ سان اسان مئل زمين کي جيئرو ڪندا آهيون.“ ڏانهن اچون ٿا.
الف – جڏهن زمين خشڪ هوندي آهي ته انهيءَ جي هيٺان هڪ مئل دنيا لڪيل هوندي آهي. اصل ۾ زمين جيئري هوندي آهي پر انهيءَ جي زندگي مينهن جي ڪري جاڳي پوندي آهي. ان معاملي ۾ سائنس ڇاٿي چوي؟ زميني مٽيءَ جي هڪ گرام ۾ کربن جي تعداد ۾ جراثيم هوندا آهن. جڏهن هڪ ڊگھي عرصي تائين مينهن نه پوندو آهي ته جراثيم (Bacteria) بي حرڪت هوندا آهن. مطلب ته اهي هڪ غير حياتياتي جيني ڪوڊ (Genetic Code) رکندا آهن. يعني اهي تمام ننڍڙا جسم (Microbes) مينهن پوڻ تي جيئرا ٿي نائٽروجني عمل (Nitrogen Fixation) جي مدد سان هڪ وڏي پيداواري مهم شروع ڪري ڏيندا آهن. اهو عمل هزارين ننڍڙن جسمن يعني جاندار شين جهڙوڪه جانورن يا ٻوٽن جي پيداوار جو سبب بڻجندو آهي. اهو ائين آهي جيئن هڪ زمين هيٺ مئل شهر ۾ زندگي اچي وڃي. ان سان ڀاڻ ٺهندو آهي ۽ اڻ ڳڻين ٻوٽن جا ٻج جيئرا ٿي پوندا آهن ۽ زمين ۾ پنهنجي پاڙن سان اهڙا ته رستا کوليندا آهن جهڙوڪر هڪ شهر جون گھٽيون. ان کان پوءِ ننڍڙا جيت جڻيا ۽ ڪوليون پنهنجا گهر جوڙڻ لاءِ اهڙي ته کوٽائي ڪندا آهن جيئن هڪ وڏي شهر ۾ ٿيندو آهي. اهڙي طرح ”مئل زمين“ جي جيئري ٿيڻ جو اهو عمل جاري ٿي پوندو آهي.
ب – مينهن سان زندگي ڏيڻ جو ڪهڙو راز آهي؟ مينهن انهيءَ حياتياتي سلسلي کي ڪيئن طاقت ڏئي ٿو؟ آيت ڪريمه جو هيءُ حصو مينهن ۽ پاڻيءَ سان زندگيءَ جي لاڳاپي کي ظاهر ڪري ٿو.
جيئرين شين جا بنيادي ڪيميائي جزا هائيڊروجن جي هڪ پل هوندا آهن، جنهن سان هڪ عضوي جي زندگي قائم رهندي آهي ۽ انهن کي هائيڊروجن ٻنڌڻ (Hydrogen Bond) به چوندا آهن. اهو هائيڊروجن گھڻو ڪري بدلجي نوان ٻنڌڻ ٺاهيندو آهي ۽ اهڙي طرح قوت کي بدلائيندو رهندو آهي. اهو هائيڊروجن جو متبادل، رڳو پاڻي جي وهڪري سان پيدا ٿيندڙ هائيڊروجن سان ممڪن ٿي سگھي ٿو، انهيءَ ڪري پاڻي زندگيءَ جي لاءِ اڻٽر آهي.
اهو اصول سڀني جيئرين شين جي لاءِ صحيح آهي. پاڻيءَ کان انڪاري عضوو هڪ سڪل پڃري وانگر آهي. جيتوڻيڪ اهو DNA ۽ جينياتي فارمولي (Genetic Code) کي محفوظ رکيون ايندو آهي، تنهن هوندي به انهيءَ مان نه ته وڌيڪ ڪا تخليق ٿي سگھي ٿي ۽ نه ئي اهو پنهنجي جاءِ تان چري سگھندو آهي. جڏهن پاڻي ايندو آهي ته انهيءَ کي پنهنجي H ۽ OH آئن سان هائيڊروجن ميسر ڪندو آهي. ايئن پوءِ حياتياتي فارمولا اوچتو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. اهو خوردبين سان نظر ايندڙ جاندارن ۾ خاص طرح سان نظر ايندو آهي. وڌيڪ ترقي يافته وڏن زنده جانورن يا ٻوٽن ۾ اها سگھه واپس نٿي آڻي سگھجي، پوءِ ڀلي پاڻي پهچي به وڃي. ڇو جو تاندورن (Tissues) جا تهه پاڻي نه هجڻ جي ڪري تباهه ٿي ويندا آهن. ”مئل زمين جي جيئري وڃڻ“ ۾ انهن ئي عظيم حياتياتي قانونن جو بيان آهي. جيڪڏهن گذريل ٽن صدين ۾ اسان قرآن کي صحيح طرح سمجھيو هجي ها ته اسان اڻ ڳڻين سائنسي کوجنائن جي ڊوڙ ۾ سڀني کان اڳتي هجون ها.
هاڻي اسان آيت ڪريمه جي آخري حصي ”اهڙي طرح توهان به اٿاريا ويندؤ“ تي اچون ٿا. اسان جو ٻيهر جيئرو ٿيڻ الله تعالى جي حڪم موجب اسان جي زندگيءَ جي قانونن وانگر آهي، جيڪي زمين ۾ باقي رهن ٿا. هتي اهو اعلان ڪيو پيو وڃي ته جهڙي طرح مينهن مئل زمين مان نامياتي ڪوڊ کي ڪم آڻي ٿو ۽ زمين ۾ يڪدم زندگي ڊوڙڻ شروع ڪري ٿي، اهڙي طرح الله تعالى جي انهيءَ حڪم يا مرضيءَ سان انساني ڪوڊ به هڪ ڪمپيوٽر جي رفتار سان ٻيهر زنده ٿي پوندو ته ”جيئرا ٿي پئو ۽ اٿي پئو.“ جهڙي طرح الله تعالى مينهن جي ذريعي زمين جي هيٺ موجود زندگيءَ کي جاڳائي ٿو، اهڙي طرح هو جڏهن گھرندو اسان کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيندو.
حضرت آدمؑ جي وقت کان لڳ ڀڳ ڏهه ارب انسان دنيا ۾ رهي چڪا آهن. هر انسان جو ڪوڊ هڪ مائيڪرون (سائيز ۾ هڪ ميٽر جي ڏهه لکهوڻي حصي) جي برابر آهي. جيڪڏهن انهن سڀني کي گڏ ڪيو وڃي ته انهن سان هڪڙو گلاس به ڀرجي نه سگھندو. جيڪڏهن الله تعالى سڀني انسانن جي پيدائشي ڪوڊ (Genetic Code) کي زمين تي پکيڙي حڪم ڏئي ”ٿي پئو“ ته اک ڇنڀ ۾ سمورا انسان پيدا ٿي پوندا.
اِهي اُهي تشبيهون آهن، جيڪي الله تعالى پنهنجي هن آيت ڪريمه ۾ بيان فرمايون آهن. اهي انهن ماڻهن جي لاءِ آهن جيڪي کليل ذهن رکن ٿا ۽ تعليم يافته آهن. اصل ۾ هتي اهو اعلان ڪيو پيو وڃي ته جهڙي طرح مينهن جي هڪڙي ڦڙي سان مئل ۽ بي جان زمين کي زندگي عطا ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح اسان جي لاءِ توهان جي حياتياتي پيدائشي ڪوڊ (Biological Genetic Code) کي ٻيهر زندگي ڏيڻ ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي.