مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 45 زمين جي ڦاٽي پوڻ واريون جايون

وَ الۡاَرۡضِ ذَاتِ الصَّدۡعِ ﴿ۙ۱۲﴾ اِنَّہٗ لَقَوۡلٌ فَصۡلٌ ﴿ۙ۱۳﴾(الطارق: ١٢ ۽ ١٣)
”۽ قسم آهي ڦاٽي پوڻ واري زمين جو. اها هڪ فيصلو ڪندڙ ڳالهه آهي.“

عربي لفظ صدع جي معنى ڦاڙڻ يا ڦاٽڻ واري آهي. انهيءَ جي اصل معنى جي متبادل جيڪا معنى آهي سا آهي ڦوٽ وجھڻ.
اچو ته سڀ کان پهريان اسان مختصر طور زمين جي بناوٽ جو مطالعو ڪريون. اها حيران ڪندڙ ڳالهه محسوس ٿئي ٿي ته جتيوڻيڪ اسان فضائي ويڪر جي پري پري وارن ستارن ۽ ڪهڪشائن جي باري ۾ گھڻي حد تائين معلومات رکون ٿا، پر پوءِ به اڃا تائين زمين جي اندر انهيءَ جي قالب تائين وارين خاصيتن جي باري ۾ صفا گھٽ سائنسي معلومات حاصل ٿي سگھي آهي. اسان جي پيرن هيٺان اندر 6378 ڪلوميٽر زمين جي ڍانچي تائين ڪيتري ۽ ڪهڙي قسم جا تهه موجود آهن؟ زمين جي مرڪز تائين ڪهڙا ڪهڙا واقعا ٿيندا آهن؟ تمام گھرائيءَ ۾ ڪهڙي قسم جون شيون آهن؟ اهوسڀ ڪجھه اسان به قطعي طور تي نه ڄاڻي سگهيا آهيون، پر ڪجھه معلومات جي بنياد تي ۽ اڻ سڌين شاهدين کي نظر ۾ رکندي، ڪجهه قياس کي ويجھا اندازا ضرور لڳائي سگھون ٿا. زمين جي مٿين تهه جي باري ۾ جيڪي کوجنائون آهن، انهن جي باري ۾ اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته انهيءَ جي ٿولهه 30 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ نه آهي ۽ اهو هيٺين طريقي سان آهي.
سڀ کان مٿين سطح، جنهن تي اسان رهون ٿا، مٽي، پاڻي ۽ ٻرندڙ جبلن واري مادي ۽ گرمي ۽ دٻاءَ سان تبديل ٿيل ڇِپُن جي انهيءَ حصي تي مشتمل آهي، جنهن کي زمين جو ڇوڏو (Crust) چئي سگھجي ٿو. سڀ کان وڏي جبل ڏانهن ڏسو ته ان جي ٿولهه (اوچائي) وڌ کان وڌ 40 ڪلوميٽر ٿيندي. ٻئي پاسي زمين جي گهڻو اندر مرڪز ۾ لوهه ۽ نڪل تي ٻڌل هڪ سخت ڍانچو موجود آهي. انهيءَ جي قطر جو اندازو 2400 ڪلوميٽر لڳايو ويو آهي. انهيءَ ڍانچي ۽ زمين جي مٿين ڇوڏي جي وچ ۾ جيڪا بناوت آهي، انهيءَ جي باري ۾ حتمي طور ڪجھه به نٿو چئي سگھجي ۽ انهيءَ موضوع تي چڱو بحث ٿي چڪو آهي پر ٻرندڙ جبلن جي ذريعي، جيڪي انهيءَ باري ۾ سمجھه ۽ شعور جو بنياد بڻيا آهن، اهو سمجهيو ويندو آهي ته زمين جي وچ واري سطح ٻن حصن تي مشتمل آهي. اندروني آخري ڍانچي جي اوسي پاسي ٻاهريون ڍانچو آهي جيڪو لوهه ۽ نڪل جو پٽڙي حالت ۾ گھاٻيٽو آهي جنهن جي ٿولهه 2300 ڪلوميٽر آهي ۽ جيڪو زمين جي سطح کان 3000 ڪلوميٽر هيٺ آهي.
انهيءَ پٽڙي تهه ۽ زميني ڇوڏي جي وچ ۾ ٻه جدا تهه آهن. مٿيون تهه 600 ڪلوميٽرن جي گھرائي تائين ۽ هيٺيون تهه 3000 ڪلوميٽرن تائين هليو ويندو آهي. اهو تهه جنهن ۾ طاقتور حرڪي ڪرنٽ وهندو رهندو آهي، پگھريل ڇپن ۽ زميني ڇوڏي کي پاڻ ۾ ملائي رکندو آهي. اهو پگھريل گھاٻيٽو هڪ اهڙو ته گھاٽو پٽڙو مادو هوندو آهي جنهن تي زمين جو ڇوڏو تري رهيو آهي. يعني انهيءَ ڇوڏي کي انهيءَ ڪام سان مشابهت ڏئي سگھجي ٿي جيڪا زمين ۾ گھاٽي گھاٻيٽي واري سمنڊ جي تهه تي انتهائي سست رفتاريءَ سان حرڪت ڪري رهي هجي. پر جيئن جيئن اهو ڇوڏو حرڪت ڪندو آهي ته اهو گڏيل طور تي مضبوط ۽ ڪمزور دٻاءَ وارن علائقن ۾ بدلبو رهندو آهي. اهي عام طور تي گھاٽين زميني ليڪن وانگر هوندا آهن جن جي ڪنارن تي جبلن جا سلسلا بڻجي ويندا آهن.
گرمي ۽ چقمقي اثرن هيٺ زمين جي قالب ۽ زميني ڇوڏي جي وچ ۾ تمام گرم پٽڙي گند ڪچري جي عمل سان وڏا کنڊ ۽ سمنڊ وجود ۾ ايندا آهن. انهيءَ گند ڪچري جي ڪمپيوٽر جهڙي عمل جي ذريعي ئي زمين جي موجوده شڪل نڪتي آهي. ڪو وقت اهڙو به هو جو زمين جي کنڊن جا مٿاڇرا پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا. گرميءَ جي پسرڻ سبب پيدا ٿيندڙ چڪر، ايٽلانٽڪ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ ڦوٽ پيدا ڪئي. پوءِ اها ڦوٽ ٻنهي پاسي پکڙبي وئي ۽ وڏن کنڊن کي هڪ ٻئي کان جدا ۽ پري ڪندي وئي. انهيءَ عمل واري مفروضي بابت تفصيل سڀ کان پهريان الفرڊ واگنر (Alfred Wagner) پيش ڪئي، جنهن کي ڪيترن ئي سالن تائين سخت تنقيد کي به منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ کي وڏي کنڊ جو وهڪرو (Continental Drift) چوندا آهن، جنهن جي ابتدا ماضيءَ ۾ 20 ڪروڙ سال اڳ سمجھي وڃي ٿي. اهو جدائيءَ جو عمل پنج ڪروڙ سال اڳ مڪمل ٿيو جنهن ۾ زمين جي گولي موجوده شڪل اختيار ڪري ورتي پر هاڻي به اهو وهڪرو ۽ جدائيءَ واروعمل 5 سينٽي ميٽر في صدي جي حساب سان جاري آهي ۽ وڏن کنڊن کي جدا ڪرڻ واري اها ڦوٽ به اڃا تائين موجود آهي.
ائين زمين جو مٿاڇرو پڻ ڪيترين ئي جاين کان ڦاٽل يا ڦوٽ پيل آهي. جيئن ته ٻين مضمونن جي سلسلي ۾ ڏسي سگھجي ٿو، قرآن ڪريم اڄ کان چوڏهن صديون اڳ ئي انهيءَ عظيم عجوبي جو ذڪر اِن اعلان جي ذريعي ڪري ڇڏيو هو ته ”قسم آهي ڦاٽي پوندڙ زمين جو.“ اچو ته هاڻي انهيءَ آيت سڳوريءَ جي معجزي کي زمين جي نقشي تي ڏسون.
پهريون ۽ سڀ کان وڏو ڦاٽ (Mid – Atlantic Ridge) ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي اتر ۾ گرين لينڊ جي اوسي پاسي کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڏکڻ ۾ پوري ايٽلانٽڪ تائين پکڙجي وڃي ٿو. ٻيو زميني ڦاٽ اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي پئسفڪ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان گڏ گڏ هلندو آهي. اهو ڏکڻ ايشيا کان شروع ٿي هماليه جبلن هيٺان گذرندو ترڪي وڃي پهچي ٿو.
ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا ڦاٽ آهن. اهي سڀئي ڦاٽ زلزلن وارا علائقا ڳڻيا ويندا آهن. جيڪڏهن اسان انهن جي بناوت تي غور ڪريون ته اسان کي قرآن جو هڪ ٻيو معجزو نظر ايندو.
جيڪڏهن شيون ايئن ئي هجن ها جيئن بدقسمت بي دين ماڻهن سمجھيو آهي ته زمين جي گولي تي اهي ڦاٽ زمين جي اندر رجيل گرم مادي جي دٻاءَ هيٺ وڌيڪ وڏا ٿي زمين کي ئي وسيع ۽ زبردست ٻرندڙ جبلن جا ڪنارا بنائي ڇڏين ها. اهو به هڪ سبب آهي ته هڪ ڊگھي عرصي تائين ويگنر جو نظريو قبول نه ڪيو ويو. اصل ۾ ٿيندو هيئن آهي ته اهو ٻرندڙ جبل مان نڪرندڙ لاوو ، جيڪو مٿانهين کان هڪ کوهه مان اُٻڙڻ وانگر نڪرندو آهي، گڏ ٿي ڍيري جي شڪل ۾ سخت حالت ۾ اچي ويندو آهي ۽ ائين زمين جي سطح تي ڦاٽ وارو علائقو بڻجي ويندو آهي ۽ اهڙي قسم جا جابلو سلسلا ٺهي پوندا آهن ۽ هڪ خدائي سئيءَ جي خوبصورت ڀرت وانگر ڦاٽ جي ٻنهي پاسي خوبصورت ڪنار بڻجي ويندا آهن. حقيقت ۾ انهيءَ قسم جو فرمان سورت النحل جي آيت نمبر 15 ۾ هن طرح ڏنو ويو آهي ”هُن زمين ۾ جبلن جون ميخون ٺوڪي ڇڏيون ته جيئن زمين توهان کي هڪ پاسي لڙڪائي نه ڇڏي.“ ٻين لفظن ۾ جبل زلزن جي عمل کي اعتدال تي آڻين ٿا. سورتِ الانبياء جي آيت نمبر 31 به انهيءَ ئي حقيقت کي بيان ڪري ٿي. ٻئي پاسي زمين جي کل جو هڪ تهه ٻئي تهه جي هيٺان لنگهي ويندو آهي جنهن کي ارضياتي تهه جو ٻئي تهه هيٺان کسڪاءُ وارو علائقو سڏيندا آهن. مثال طور جڏهن پئسفڪ سمنڊ جي ڏکڻ اولهه ۾ آمريڪا جي ڪناري تي هڪ ڦاٽ ۾ سامونڊي کل جو تهه، زميني کل جي تهه سان مليو، جنهن کي پرووين چليين پليٽ (Peruvian Chilean Plate) سڏيندا آهن، ته ان جي نتيجي ۾ هندستاني جبلن جو سلسلو انهيءَ علائقي سان ٺهي ويو.
اهڙي طرح سمنڊ جي وچ ۾ ئي ڪارنس جي شڪل جو اڀرندڙ مادو تهه تهه ٿي ڄمندو ويو ۽ ديو قامت پليٽن جا ڍير ٺهندا ويا جيڪي هڪ ٻئي کان آهستي آهستي هٽندا به ويا. انهيءَ ڦاٽ جي بنجڻ جو هڪ ٻيو طريقو اهو عمل آهي جنهن جي ذريعي مشهور ٽونگا (Tonga) کاهي يا کڏ ٺهي ٿي. اهو ائين ٿيو ته جڏهن سامونڊي پليٽ ٻڏي وئي ته انهيءَ جي پاسي کان هڪ اونهائي ٺهي پئي.
زميني سطح ۾ ڦوٽن ۽ انهن جي چرپر جي ڪري پليٽ ٽيٽرونڪس (Plate Tetronics) جو نظريو سامهون آيو. انهيءَ هيٺ عمل ڪندڙ ڦوٽن زمين تي ان جي خشڪي ۽ سمنڊن سميت 95 ڪلوميٽر اونهائي تائين پليٽن (Plates) کي ٺاهيو آهي. انهيءَ جو لازمي ۽ منطقي نتيجو اهو آهي ته اهي پليٽون پاڻ به لڳاتار حرڪت ۾ آهن. (انهيءَ بابت تفصيل موضوع نمبر 8 ۾ ڏسو)
ارضياتي تاريخ انهيءَ نظريي کي هن طرح سگھارو ڪري ٿي ته چرپر ڪندڙ وهندڙ وڏن کنڊن جي انهن ڦوٽن جي ڪنارن تي، هڪ ٻئي سان ملڻ جي ڪري جبلن جا سلسلا وجود ۾ اچن ٿا. يورال جبل اُن وقت ٺهيا جڏهن وڏو کنڊ يورپ ايشيا وڏي کنڊ سان اچي مليو. اِن کان علاوه ڏکڻ اوڀر ايشيا جي وڏي پيماني تي سرڪڻ واري عمل جي ڪري سمنڊ جي تهه ۾ اهڙا گھنج پئجي ويا جن جي ڪري انڊونيشيا جي ٻيٽن جي هڪ ڪڙي بڻجي پئي. اڄڪلهه ايٽلانٽڪ سمنڊ جي وچ واري جبل ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ ٺهندڙ پليٽن جون تصويرون وڏين وڏين انسائيڪلوپيڊيائن ۾ ڇاپجي چڪيون آهن، جيڪي هن آيت سڳوريءَ جو جيئرو جاڳندو ثبوت پيش ڪنديون رهن ٿيون. هن آيت سڳوري کي پوري تفصيل ۽ گرافن ۽ اسڪرين جي مدد سان وري وري ثابت ڪيو پيو وڃي.
هن آيت جو هڪ اهم پاسو اهو به آهي جنهن سان سورت الطارق جي باري ۾ خدائي پيغام ڏنو پيو وڃي. سورت الطارق جي آيت 1 کان 3 ۾ الله تعالىﷻ اسان کي فضائي ويڪر جي اسرارن ۽ ڪهڪشائن جي باري ۾ ڄاڻ عطا فرمائي ٿو. ان کانپوءِ آيت نمبر 4 کان وٺي 10 تائين اسان جو ڌيان انسان جي تخليق ڏانهن ڇڪائن ٿيون. اڳتي آيت نمبر 11 ۾ آسمانن جي عمل ۽ رد عمل بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. اهڙي طرح زمين جي ڦوٽن جي باري ۾ پڻ ٻڌايو ويو آهي. ان کان پوءِ، جيئن ته هن کان اڳ به ٻڌايو ويو آهي، فضائي ويڪر ۾ چقمقي ڇڪ جو تمام اهم نظام اسان جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هاڻي وري موجوده موضوع ۾ هن آيت سڳوريءَ جي نازڪ ترين باريڪين کي ڏسو. طاقتور ڪرنٽ جو وهڪرو، جيڪو زمين اندر لاوي ۾ هوندو آهي، زمين جي مٿاڇري جي ڦاٽن جو حيران ڪندڙ عمل ۽ زمين جي اندروني چقمقي قوتن جي موجودگي الله تعالىﷻ جي عظيم نظام جي يادگيري ڏياري ٿي. زمين جي ڦاٽي پوڻ جو عمل پاڻ ئي رد عمل جي اصول جي ياد ڏياري ٿو. مطلب ته زمين ۾ پيدا ٿيندڙ ڦوٽ، زمين جي ڇوڏي جي پليٽن کي جدا جدا ڪرڻ جو ڪم ڏئي ٿي ۽ بلڪل انهيءَ وقت انهن کي پاڻ ۾ ملائي، هڪٻئي مٿان تهن جي صورت ۾ ڄمائڻ واري عمل ڏانهن آڻي ٿي. ڪيترن ئي سائنسدانن جي نظر ۾، ننڍڙا ۽ وڏا جبل، جن کي اسان زمين جا سوراخ چئي سگھون ٿا، پاڻ به انهن زميني ڦوٽن ۽ انهن جي رد عمل، زمين جي گھنجيل هجڻ ۽ ان جي سطحن جو تهه در تهه هئڻ جي ڪري ٺهن ٿا. جيڪي ماڻهو قرآن کي رڳو مٿاڇرو پڙهن ٿا اهي سمجھن ٿا ته قرآن ۾ لفظن جي چونڊ شايد شاعراڻي خوبصورتي پيدا ڪرڻ لاءِ ئي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان جا سمورا لفظ سائنسي گڻ رکن ٿا. جيئن هن سورت سڳوريءَ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو رجع ۽ الصدع جي لفظن کي استعمال مان به ظاهر آهي.
وڌيڪ اهو ته زميني بناوت جا اهي سلسلا جيڪي ڦوٽِن جي ڪري ٺهندا آهن، پاڻ به رخن جي هڪجيترن چقمقي ميدانن جي عمل ۽ رد عمل جي ڪري وجود ۾ ايندا آهن. ايتري تائين جو اهو به مڃيو ويو آهي ته زمين جي چقمقي قطبن ۽ چقمقي قوتن جا رخ پراڻن زمانن ۾ مختلف قسم جا هئا. ڇو جو پٽڙي حالت ۾ نڪل ۽ لوهه جي ڌاتن جي زمين هيٺ لڳاتار وهڪري جي ڪري مختلف وقفن سان چقمقي ميدان ٺهندا رهيا آهن. زمين جا چقمقي ميدان هميشه لاءِ اتر ۽ ڏکڻ قطبن واري پاسي ئي وهندو رهڻ جي ڪري، اڃا تائين تسلي جوڳي طريقي سان بيان نه ٿي سگھيا آهن. اصل ۾ اهو انهيءَ ڪري آهي جو زمين جي اندروني ڍانچي کي سخت ۽ نه تبديل ٿيڻ جوڳو مڃيو ويو آهي ۽ ان جي اوسي پاسي لاوي جو هڪ سمنڊ به تصور ڪيو ويو آهي.
پڪ سان انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي قرآن جي سائنس کي مڪمل طور سمجھن ٿا، اهو باور ڪرائڻ ۾ ڪابه جھجھڪ نه آهي ته اهي چقمقي وهڪرا ۽ عمل ۽ رد عمل جا ڪيترائي توازن، جن سائنس جا حواس خطا ڪري ڇڏيا آهن، زمين جي باري ۾ الله تعالىﷻ جي سپر ڪمپيوٽر واري نظام ۾ پهريان کان ئي لکيل آهن. انهيءَ موزونيت کي چٽائيءَ سان سورت الحجر جي آيت نمبر 19 ۾ به بيان ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ انهيءَ آيت ۾ زمين جي ڦوٽن ڏانهن ڌيان ڏيارڻ جو سبب اهو آهي ته جيئن اسان جو ڌيان تمام وڏي زيرزمين آتشي چقمقي کينوئڙي (Fire Ball) جي توازن جي واپس ۽ اونڌي ٿيڻ ڏانهن ڇڪائي سگھجي. زميني واقعن جي عمل ۽ رد عمل واريون کوجنائون هيٺين سوالن تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏين ٿيون ۽ پوءِ وري دل سان انصاف ڪندي قدرت جي انهيءَ عظيم خالق جي اڳيان سجدو ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون.
(الف) زمين جا اهي عظيم ڦاٽ ڪهڙي طرح هڪ ٻئي کي متوازن ڪن ٿا؟ اهو ڪهڙو سبب آهي جو لاوو، جنهن تي تمام گھڻو دٻاءُ آهي، هڪ وڏي باهه جي ٻاهر نڪري اچڻ واري عمل سان زمين کي هڪ پاسي لاڙي ڇو نٿو ڇڏي؟
(ب) اهو ڪهڙو سبب آهي جو زمين هيٺ وهندڙ لاوي جي گھاٻيٽي جي حقيقي ۽ چقمقي چرپر زميني مٿاڇري کي ايترو آرام ڏيندڙ ۽ رهڻ لائق بڻائي رکيو آهي.
(ٻ) اهو ڪيئن ممڪن آهي جو اهڙن سخت قسم جي عمل ۽ رد عمل سان ترتيب ڏنل زميني ڦوٽِن جي ٺهڻ دوران حيرت ۾ وجهندڙ حد تائين خوبصورت ساحلي تلاءَ بڻجي ويا آهن ۽ اهو ڪهڙي طرح لکين صدين کان بنا ڪنهن عيب جي انهن تبديلين کي برداشت ڪندا رهيا آهن.
(ڀ) اهو ڪيئن ممڪن ٿيو ته زمين جي انهيءَ چقمقي ميدان سان خاص طرفن جي جاميٽري وارا علائقا ظاهر ٿيا جن کي ايلن ريڊي ايشن بيلٽ (Allen Radiation Belts) سڏيندا آهن. اها بناوٽ زمين کي خطرناڪ آسماني شعاعن ۽ فضائي ويڪر مان ايندڙ چقمقي طوفانن کان بچائي ٿي. سڀ کان اهم سوال هيءُ آهي ته انهن سڀني جو توازن ڪيئن قائم آهي؟