مذهب

قرآني آيتون ۽ سائنسي حقيقتون

ڪتاب بابت ليکڪ لکي ٿو ته موجوده دؤر ۾ طبعيات (Physics) ۽ فلڪي طبعيات(Astrophysics) تي ڇاپيل مواد تي نظر وجھندي مون سائنس جي مڃيل حقيقتن کي قرآن جي سائنسي معجزن سان گڏ پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سيد محمد فيروز شاه گيلاني لکي ٿو ته دنيا ۾ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ اهڙن مذهبن جي حڪمراني هوندي جيڪو سائنس کان ڀلو ۽ مٿاهون هوندو ۽ سائنس جنهن جي برتري کي مڃيندي اهو مذهب اسلام ۽ قرآن هوندو. “
Title Cover of book قرآني آيتون  ۽ سائنسي حقيقتون

موضوع نمبر 15ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ ٽي اونداهيون

خَلَقَکُمۡ مِّنۡ نَّفۡسٍ وَّاحِدَۃٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنۡہَا زَوۡجَہَا وَ اَنۡزَلَ لَکُمۡ مِّنَ الۡاَنۡعَامِ ثَمٰنِیَۃَ اَزۡوَاجٍ ؕ یَخۡلُقُکُمۡ فِیۡ بُطُوۡنِ اُمَّہٰتِکُمۡ خَلۡقًا مِّنۡۢ بَعۡدِ خَلۡقٍ فِیۡ ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ؕ ذٰلِکُمُ اللّٰہُ رَبُّکُمۡ لَہُ الۡمُلۡکُ ؕ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ۚ فَاَنّٰی تُصۡرَفُوۡنَ ﴿۶﴾(الزمر:٦)
”انهيءَ ئي توهان کي هڪ جيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ اهو ئي آهي جنهن انهيءَ جيءَ جو جوڙو بڻايو. ۽ انهيءَ ئي توهان جي لاءِ چوپاين مان اٺ قسم نر ۽ ماديون پيدا ڪيا. اهو توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ ٽن ٽن اونداهن پردن جي اندر توهان کي هڪ کان پوءِ ٻي شڪل ڏيندو وڃي ٿو. اهو ئي الله توهان جو رب آهي، بادشاهي انهيءَ جي ئي آهي. اُن کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. پوءِ توهان ڪيڏانهن ڦيرايا پيا وڃو؟“

”اهو توهان کي سلسليوار ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ موجود ٽن اونداهين ۾ پيدا ڪري ٿو. هڪ شروعات (Zygote) کان ٻئي مرحلي ڏانهن ....“
جيئن ته آيت پاڪ جي اِن حصي ۾ هڪ تمام اهم حياتياتي راز کي بيان ڪيو پيو وڃي. مان هن آيت پاڪ جي انهيءَ حصي کي ڪجھه وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
جيئن ته آيت جو هيءُ حصو هڪ انسان جي بڻاوت جي لاءِ ماءُ جي پيٽ ۾ ٽن مختلف اونداهين جو ذڪر ڪري ٿو. انهيءَ ڪري اهو انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته هڪ زرخيز ٿيل بيضي جو جيو گھرڙو يا (Zygote) ٽن اونداهين حالتن يا صورتن مان گذرندو آهي. پندرهن صديون اڳ، اڃا به هڪ صدي پهريان تائين اهو سمجھيو ويندو هو ته هڪ انسان جي پيدائش جو عمل رڳو ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ڳنڀيرڻ ۾ ٿيندو آهي يعني رڳو هڪڙي اونداهي حالت ۾.
هن آيت ڪريمه کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾، ماءُ جي ڳنڀيرڻ ۾ انسان جي ٺهڻ کي آهستي آهستي ٿيندڙ عملي سلسلي جي باري ۾ جديد طبي سائنسي ڄاڻ جو تت پيش ڪرڻ گھرندس.
هڪ بيضي وارو جيو گھرڙو (Ovum) ماءُ جي بيضيداني (Ovary) ۾ وڌندو ويجھندو آهي. ان کان پوءِ اهو سڌو سنئون ڳنڀيرڻ ۾ نه ڪرندو آهي، پر اهو پهريان پيلوڪ ڪيوٽي (Pelvic Cavity) ۾ ايندو آهي. ماءُ جي ڳنڀيرڻ جي مٿانهين پاسي کان سڄي پاسي ڏانهن ٻه ننڍڙيون ناليون هونديون آهن جن کي فلپين ٽيوب يا يوٽرين ٽيوب (Uterine Tube) سڏيو ويندو آهي. پيلوڪ ڪيوٽي جي پاسن کان انهن نالين جا ڇيڙا گلن وانگر کليل هوندا آهن. اهڙي طرح اهي بيضيداني (Overy) کي گھيريون بيٺا هوندا آهن. جيئن ئي بيضو پيلوڪ ڪيوٽي ۾ ڪرندو آهي ته انهن نالين جا گلن وانگر کليل منهن ان کي پڪڙي هڪ پاڻيءَ ڇڪڻ واري پچڪاري جهڙي نالي ۾ اندر ويڙهي ڇڏيندا آهن ۽ انهيءَ ناليءَ ذريعي ڳنڀيرڻ جي ٻئي ڇيڙي کان ان ۾ داخل ڪري ڇڏيندا آهن. بيضي وارو جيو گھرڙو انهيءَ ناليءَ ۾ زرخيزي حاصل ڪندو آهي. هڪ خاص مدت کان پوءِ اهو انهيءَ ناليءَ جي ڊيگھه مان گذاريو ويندو آهي ۽ ڳنڀيرڻ جي اندر هڪ ليسدار جھليءَ جي مٿانهين سطح، جنهن کي ولي (Villy) سڏيو ويندو آهي، جيڪا وارن جهڙي سطح سان هڪجهڙائي رکندڙ هوندي آهي، بيضي واري جيو گھرڙي جي نقطي نظر کان ان جو مثال ڪنهن ٻيلي ۾ هڪ وڻ جي هيٺان هڪ خاص جاءِ سان ڏئي سگھجي ٿو؛ زائگوٽ جيو گھرڙي جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ ۽ پوءِ لڳاتار اها ورهاست يا ڀڃ ڊاهه جو عمل جنهن کي ڪليويج چوندا آهن، جي عمل کي انهيءَ ماحول ۾ جاري رکندا آهن ۽ پوءِ غير جيو گھرڙن جي ڪيپسول ۾ ڍڪي ٿيڻ جو عمل ٿيندو آهي. يعني (Zona Pellucida) پستانن جي بيضن جي اوسي پاسي مڙهيل جهلي جي شڪل ۾ هوندو آهي. هاڻي اها حقيقت چڱيءَ طرح چٽي ٿي وڃي ٿي ته شروعاتي اميدن جي برخلاف انسان جي بناوت ماءُ جي پيٽ ۾ رڳو هڪ مرحلي ۾ نه، پر ڪيترن ئي مرحلن مان گذري پوري ٿيندي آهي.
هاڻي اسان هن آيت ڪريمه جي انتهائي اهم معنى سمجھائي سگھون ٿا هاڻي اسان ماءُ جي ڳنڀيرڻ ۾ ٽن مرحليوار اونداهن حصن يا طبقن جي، علم حياتيات جي روشني ۾ نشاندهي ڪنداسين.

[b]الف – پهريون اونداهون علائقو (طبقو)
[/b]هيءُ پهريون مرحلو آهي جڏهن بيضي وارو جيو گھرڙو ڳنڀيرڻ جي ٻن نالين يا فلوپين ٽيوب (Salpinx) ۾ زرخيزي حاصل ڪندو آهي. زميني زندگيءَ جي شروعات جو تجربو هن پيدائشي جيو گھرڙي (Zygote) تي هن پهرئين اونداهي طبقي ۾ ٿيندو آهي.
اصل ۾ هڪ بيضي وارو جيو گھرڙو ڪهڙي طرح هن نالي ۾ زرخيز ٿيندو آهي؟ هن وقت تائين ان جي تشريح نه ٿي سگھي آهي. جيئن ته مان هن کان اڳ ٻين آيتن جي تشريح جي سلسلي ۾ بيان ڪري چڪو آهيان ته جيو گھرڙي جو زرخيز ٿيڻ به هڪ نه وسهڻ جوڳو رياضياتي معجزو آهي. اهو رڳو الله تعالى جي مرضيءَ سان ئي ٿيندو آهي جو هن نالي يا ٽيوب ۾ اهو واقعو ظاهر ٿيندو آهي. اها جاءِ يا علائقو ماءُ جي ڳنڀيرڻ ۾ انتهائي منفرد ۽ نازڪ جاءِ هوندي آهي. وڌيڪ اهو ته انهيءَ جاءِ تي مڪمل طور سازگار ماحول ۾ پيءُ ۽ ماءُ جي طرف کان جيني فارمولا (Genetic Code) هڪ ٻئي سان اختلاف ڪندا آهن ۽ انهيءَ ئي جاءِ تي هڪ پيدا ٿيڻ واري انسان جي جسماني بناوت جي شروعات ٿيندي آهي. هن آيت ڪريمه ۾ سمايل معنى جي روشنيءَ ۾ پهرين شڪل انهيءَ اونداهي علائقي يا طبقي کان شروع ٿيندي آهي.
اهو سنهڙو جيو گھرڙو ئي آهي جنهن ۾ هر شيءِ تيار ٿيندي آهي. اسان جي ايندڙ بالغ ۽ مڪمل زندگي جا تفصيل به انهيءَ ئي جاءِ تي مقرر ٿي ويندا آهن. هن جاءِ کان اڳتي اهو ٻئي اونداهي علائقي يا طبقي ۾ پهچايو ويندو آهي ته جيئن اهو هڪ مقرر ڪيل جسماني بناوت جي پورائي ڪري سگھي ۽ اهڙي طرح اهو قدرت جي عطا ڪيل فارمولي کي انهيءَ مواد جي مدد سان پورو ڪري ٿو، جيڪو اُن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ماءُ جي ڳنڀيرڻ ۾ موجود ٿيندو آهي ۽ جنهن جي پهچ اڻ کٽ آهي.
هن جاءِ تي مان ٽيسٽ ٽيوب ٻارن جي باري ۾ انهيءَ ڄاڻ تي مختصر طور تبصرو ڪرڻ گھرندس جيڪا ڪيترن ئي ماڻهن غلط طرح سان پکيڙي آهي.
ماءُ جي ڳنڀيرڻيءَ ۾ اها نالي يا ٽيوب جيڪا پيدائش يا زرخيزي (Fertilization) جي لاءِ انتهائي اهم هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سوڄ يا ڦٽ جي ڪري بند ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري زرخيزي نه ٿي سگھندو آهي. تنهن ڪري زرخيزي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيضي واري جيو گھرڙي کي ماءُ جي پيٽرو واري حصي کان ڌار ڪري انهيءَ کي پيءُ جي پيدائشي جيو گھرڙن سان ليبارٽرين ۾ ملايو ويندو آهي. طب جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ کي ”ٽيسٽ ٽيوب بيبي“ وارو قدرت جو مظهر سڏيو ويندو آهي ۽ حقيقت ۾ ”ٽيسٽ ٽيوب بيبي“ جو ٿي پوڻ هن آيت ڪريمه جي ذريعي ٻڌايل هن معجزي جو انڪار نه ڪري سگھڻ جهڙو ثبوت پڻ آهي، جنهن سان انسانيت کي پهرين اونداهي جاءِ يا طبقي سان روشناس ڪرايو ويو آهي.
ڪجھه بي دينن ”ٽيسٽ ٽيوب بيبي“ جي نظريي کي غلط طور تي پيش ڪري، انهيءَ سوچ کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جنين يا چئن مهينن تائين ڪچي ٻار (Embryo) کي ليبارٽري ۾ ئي تيار ڪيو ويندو آهي. اها هڪ مڪمل طور تي غلط ڳالهه آهي ته اهو بيضي وارو جيو گھرڙو، جيڪو ٻاهر زرخيز (Fertilized) ڪيوويندو آهي، انهيءَ کي ٻيهر ماءُ جي ڳنڀيرڻ ۾ رکيو ويندو آهي جتان اهو پيدائش جي شروعاتي عمل کي جاري رکي سگھندو آهي.
پنهنجي اصل موضوع ڏانهن واپس ايندي اسان ڏسون ٿا ته اهو ٻار جيڪو ماءُ جي ڳنڀيرڻ جي نالي يا ٽيوب ۾ زرخيزي حاصل ڪندو آهي، اهو هاڻي ٻين اونداهن علائقن يا طبقن ۾ پهچي ويندو آهي.

[b]ب – ٻيو اونداهو علائقو يا طبقو
[/b]زرخيز ٿيل بيضي جو جيو گھرڙو ڳنڀيرڻ جي ليسدار جھليءَ ۾ پهچي ٿو، جنهن کي (Endometrium) به چوندا آهن، هي ٻيو اونداهون علائقو يا طبقو آهي جيڪو هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. اهو انهيءَ ۾ هڪ طرح سان پاڙ هڻي ويندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي اتي مناسب جاءِ تي بيهڪ وٺرائيندو آهي. اها جاءِ يا حصو هڪ سرنگھه ۾ هوندو آهي، جيڪا ٻار جو کاڌو ماءُ جي جسم مان مهيا ڪرڻ لاءِ ذميوار هوندي آهي.
زائگوٽ انهيءَ جاءِ تي ورهاست جو عمل شروع ڪري ڏيندو آهي. اها شروعاتي ورهاست انتهائي اهميت واري هوندي آهي. انهيءَ ڪري جنين يعني ٻچي جي شروعات (Embryo) جي پهرين مرحلي ۾، سڀني عضون جي جوڙجڪ جي شروعات به انهيءَ ٻئي اونداهي علائقي ۾ شروع ٿيندي آهي. حقيقت ۾ ڦر آڻيندڙ بيضي جي تخليق جي شروعات (Genesis) جو اهو پهريون مرحلو هوندو آهي، جڏهن ته جيو گھرڙن جي شروعاتي ورهاست انهيءَ ٻئي مرحلي جي جوڙجڪ ڪندا آهن. جينياتي واقعن ۾ زبردست اهميت وارو عمل، يعني مختلف انساني خاصيتن جو پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃڻ، انهيءَ پهرين مرحلي ٿيندو آهي، جڏهن ته مختلف عضون جي بنيادي ڍانچي جي جوڙجڪ ٻئي مرحلي ۾ يا علائقي ۾ شروع ٿيندي آهي.
ٻئي جينياتي (Organogenesis) علائقي يا مرحلي ۾ سموري انساني جسم جي شڪل جيوگھرڙن جي هڪ ڊرنڀ وانگر هوندي آهي. انهيءَ مرحلي تي ان کي رت جي دڳ جهڙن تاندورن سان ڀيٽي سگھجي ٿو ۽ حقيقت ۾ قرآن انهيءَ مرحلي کي ٻين آيتن ۾ ”رت جي دڳ“ واري مرحلي جو نالو ڏنو آهي. اسان انهيءَ موضوع تي، ايندڙ آيتن جي تشريح جي موقعي تي اينداسين.
انساني جسم جي انهيءَ تاندوري يا ٽشوءَ جي واڌي ويجھه جي هڪڙي مرحلي تي ٻيو اونداهو علائقو ايندو آهي. شروعاتي جسم ايمبريو (Embryo)، جيڪو شروع ۾ هڪ ئي تاندوري جهڙو لڳندو آهي، انهيءَ جي لاءِ نئون مرحلو شروع ٿي ويندو آهي جيڪو اونداهيءَ جو ٻيو حصو يا علائقو هوندو آهي.

[b]ٻ – اونداهيءَ جو ٽيون علائقو يا طبقو
[/b]هتي هڪ ننڍڙي ڳنڍڙي يعني امينوٽڪ سيڪ (Aminotic Sac) انسان جي شروعاتي شڪل يا ايمبريو جي اوسي پاسي هڪ خاص پاڻيٺ جي صورت ۾ پيدا ٿي ويندي آهي. پوءِ اسان جا عضوا ۽ ٻيو حياتياتي نظام انهيءَ ننڍڙي ڳنڍڙيءَ جي اندر ارتقا جا مرحلا طئي ڪندو آهي؛ هيءُ ٽيون اونداهو علائقو هوندو آهي. اهڙي طرح انسان جي بناوت جو سلسلو ماءُ جي پيٽ ۾ ٽن مختلف علائقن ۾ هڪ ٽه- پاسائين ڪهاڻي بيان ڪندو آهي. سڀني ظاهري شاهدين سان انهن ٽن اونداهين کي جدا جدا محسوس ڪرڻ ناممڪن آهي، پر جيڪڏهن اسان هڪ جيو گھرڙي جي شڪل ٺاهي، انهن ٽنهي اونداهن علائقن کي ڳولڻ لاءِ نڪري پئون ته اسان کي جلد ئي خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي طرح اهي ٽئي هڪ ٻئي کان مختلف ۽ جدا جدا آهن. هڪ ابتدائي جيو گھرڙي جي نقطي نظر کان پهريون اونداهو مرحلو هڪ ديو قامت ۽ اونداهي سرنگھه جي ياد ڏياري ٿو، جڏهن ته ٻيو اونداهو علائقو هڪ ڪاري ۽ روشنيءَ کان خالي ٻيلي وانگر آهي ۽ ٽئين اونداهي علائقي جو مثال هڪ انتهائي ڪاري سمنڊ جي تري وانگر آهي.
اهڙي طرح هيءَ آيت ڪريمه انهن سڀني سائنسي حقيقتن کي ظاهر ڪري ٿي جن جي مدد سان هاڻي ويجھڙائيءَ ۾ اهڙيون کوجنائون ٿيون آهن، جي بلڪل صحيح انداز ۾ حياتياتي معجزو بيان ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ انساني جسم جي ارتقا کي جينياتي طور مڪمل صورت ۾ ظاهر ڪن ٿيون. ان کانسواءِ هيءَ آيت هڪ للڪار سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ٿي ته ”توهان ان کي ڪهڙي طرح ڪوڙو چئي سگھو ٿا؟“ هيءَ پڪ سان قرآن جي عظمت جي نشاندهي آهي ته هن آيت ماءُ جي پيٽ ۾ انسان جي بناوت جي هڪ اهڙي ڪهاڻي پندرهن صديون اڳ اهڙي طرح کولي بيان ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ان وقت ارتقائي مرحلن جي باري ۾ ڪنهن به قسم جي ڄاڻ موجود نه هئي. انسان جي هڪڙي مرحلي کان ٻئي مرحلي ۾ منتقلي پنهنجو پاڻ ئي پيدائش جي عمل جو هڪ نه سمجھه ۾ ايندڙ راز آهي. هڪ شروعاتي جيو گھرڙي جو ٻئي اونداهي مرحلي ۾ منتقل ٿيڻ ۽ پوءِ اتان کان عضون واري مرحلي ۾ هڪ ننڍڙي ڳنڍڙي جهڙي اونداهيءَ جاءِ ۾ منتقل ٿيڻ هڪ طرح سان هڪ ڪمپيوٽر جو پروگرام محسوس ٿئي ٿو، سو ڪهڙي طرح هڪ مرحلي پوري ٿيڻ کان پوءِ پاڻمرادو ٻئي مرحلي ڏانهن ارتقا شروع ٿي وڃي ٿي. آيت ڪريمه جو هڪ مرحلي کان ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃڻ وارو بيان هڪ انڪار نه ڪري سگھڻ جهڙي حقيقت جو اظهار آهي.