شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

خوش مزاج ۽ مرڪڻو؛ قادر سيال

خوش مزاج ۽ مرڪڻو؛ قادر سيال
قادر سيال جهڏائي جي شاعري ۾ سموري سنڌ جا درد شامل آهن. هي شاعري سان گڏ قادر سيال ڪالم نويس به آهي. شال هي سنڌ جو هي سُريلو ڏات ڌڻي سنڌ جي لاءِ ائين شاعري جا شبنم گلابي گلڙا تخليق ڪري شاعرن جي صف ۾ بيهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي هڪ ادب ۾ نئون باب رقم ڪندو رهي.
مون قادر سيال کي خوش مزاج ۽ سدائين مرڪندي ڏٺو آهي. حساس دل رکندڙ ماڻهو ئي هڪ سهڻو ۽ سٺو شاعر ٿي سگهي ٿو. انهي جو سبب اهو آهي ته هو ٻين جا درد پنهنجن ڪلهن تي کڻي ٿو. قادر جا غزل، نظم ۽ وايون تمام سٺا ۽ جاندار آهن. دعا ته قادر شال سنڌ جيڏي جند ماڻي.
جهان عالم سميجو
شاعري ان کي چئبو آهي جيڪا پڙهندڙ جي هانءَ ۾ هٿ وجهي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري، پڙهندڙ کي ائين محسوس ڪرائي ڄڻ شاعر ان جي اندر جي ڳالهه ڪئي آهي. اهڙي شاعري جديد سنڌي ادب جي آڪاش جو هي ستارو اسان جو دوست قادر سيال جهڏائي به ڪري ٿو، هن نوجوان تخليقڪار جا شاعري ۾ پهريان پنڌ ضرور آهن پر اهي پير هن جا ڏاڍا پڪا ۽ پختا آهن. مسلسل لکڻ سان هن نوجوان جي شاعري سنڌي ادب ۾ سٺي جڳهه ولارڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

شوڪت نهال راڄڙ