شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

پئي وڌي خودڪشي ديس ۾

پئي وڌي خودڪشي ديس ۾
ڪيڏو مجبور آ آدمي ديس ۾

روز ڪسجن ٿا ماڻهو اکين جي اڳيان
ڏاڍي سستي آ هت زندگي ديس ۾

مارڪٽ جو رڳو سلسلو پيو هلي
هيل موسم هي ڪهڙي لٿي ديس ۾

دل جي خواهش اها، دل جي مسرت اها
بس گلن جي ڏسون تازگي ديس ۾

نياز نوڙت محبت دلين ۾ رهي
ڪا نه ڪنهن سان هجي دشمني ديس ۾

ساز ٻيو نه کپي، راڳ ٻيو نه کپي
طبل امن جو وڄي هر گھڙي ديس ۾

سنڌ منهنجي مقدس نگاهن تي آ
آهي جنت جيان هر گھٽي ديس ۾

ديپ ٻاري وفائن جا قادر سيال
پيا ڪنداسين سدا روشني ديس ۾

****