شاعري

آسن جو آسمان

نئون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب قادر سيال جهڏائي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. قادر سيال جهڏائي ڀلوڙ شاعر هجڻ سان گڏ بهترين نثرنويس پڻ آهي. قادر سيال جهڏائي گھڻي عرصي کان شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”آسن جو آسمان“ شاندار قلمي پورهيو آهي. قادر سيال جي شاعريءَ ۾ جتي عشق اڌما ڏئي ٿو اتي ڌرتيءَ جي درد جو جوالامکي بنجي ٻري پيو.
Title Cover of book آسن جو آسمان

تنهنجا مون سان نيڻ ملي پيا

تنهنجا مون سان نيڻ ملي پيا
ٽانڊا بڻجي ڳوٺ دکي پيا

هڪڙي ناري ڪاري ڪئي ويئي
مارڻ لاءِ ڪئين راڄ اٿي پيا

آٿت اهڙي ماءُ ڏني ڪا
ٻار بکايل نيٺ سمهي پيا

مرڪيو تنهنجو ڇا هو چهرو
باغن ۾ سڀ گل جهڪي پيا

تون ڇا ڄاڻي رخصت ٽاڻي
ڪيڏا اکين مان لڙڪ ڪري پيا

"قادر" ڇت تي داڻا اڇليا
اُڀ تان پنڇي سارا لهي پيا

****