اي سنڌ امان!
زرد ڳل جي مٿان اي سنڌ امان!
رَتُ ويٺو رُئان اي سنڌ امان!
هيءَ اخبار جا پئي آهي،
ڇا پڙهي ڇا پڙهان اي سنڌ امان!
هيءُ جهيڙا جهٽا، ڦرون، ڌاڙا،
الامان الامان اي سنڌ امان!
سُورَ جي سَٽَ، سِٽَ ڪنءَ بڻجي،
ڇا پني تي لکان اي سنڌ امان!
روز ڪُونڌر ڪُسن ڪلاچيءَ ۾،
آءٌ ڪنءَ چُپ رهان اي سنڌ امان!
ساڳيا جيل هي وڏيرن جا،
قائم آهن اڃا اي سنڌ امان!
۽ انهن منجهه واڙيل هاري،
ڍور ڄڻ بي زبان اي سنڌ امان!
۽ لڄا لُٽَ هارياڻين جي،
وارثن جي اڳيان اي سنڌ امان!
هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي،
آءٌ ڦٿڪان لُڇان اي سنڌ امان!
رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اُٿلي،
ڏوهه ڪنهن کي ڏيان اي سنڌ امان!
هيءَ سموري زمين منهنجي هئي،
هِي سڄو آسمان اي سنڌ امان!
ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد،
آءٌ ڪاڏي وڃان اي سنڌ امان!
تنهنجي هوندي به آءٌ انءَ ڀاسان،
بي وطن بي نشان اي سنڌ امان!
سڀ مڃن مير پير کي، ۽ آءٌ،
صرف توکي مڃان اي سنڌ امان!
تون ئي تون ٿي نظر اچين مون کي،
آءٌ جا ڏي ڏسان اي سنڌ امان!
باک جيسين بکي ۽ لاک لڳي،
ديپ سان ٿو جلان اي سنڌ امان!
تيستائين ته پرهه پنڇيءَ سان،
لات پيو ٿو لنوان اي سنڌ امان!