مَهريءَ وارا!
مَهريءَ وارا موڙ مَهارُون
مَڪَ پڪي آهي ڄارين تي
پيرون جهڙا جهُوڙا جهائين
گهوريا ورهه وڇوڙا سائين
ٽاريءَ ٽاريءَ ڦُلَ ٽڙن ٿا
مڌر مڌر ڄڻ سُرَ ڇِڙن ٿا
ڏي ٿي مٺڙا مُند ميارون
گهايل کي ڇو ايڏو گهائين!
مُور نه هوندين مُور نه هوندين
تارن کان تون دُور نه هوندين
پهتيون تارن تاءِ پُڪارون
هاءِ نه پهتيون تو تائين!
آس پکيئڙا اُڏري ويندا
نيل گگن کان اُڪري ويندا
گذري وينديون مست بهارون
پرچي پير پرين شل پائين!
چانڊوڪيءَ ۾ چنگ ٻُرن ٿا
هر هر تنهنجا هور هُرن ٿا
هيءِ هيءِ هينئڙو ڦارون ڦارون
پَتِ رکي شل پار پُڄائين!
جيڏيون سرتيون جوڙي جوڙي
اُڌمن آهيان آءٌ اُلوڙي
ڪيئن لڪايان لڙڪن لارُون
اڱڻ اچي شل عرض اَگهائين!