فقير عبدالله ٿھيم

Author Name

مذھبي مُفڪر ۽ ليکڪ فقير عبداللہ ٿھيم، جو جنم 12 مئي 1969ع تي ٽنڊي آدم ڀرسان ڳوٺ پيرو فقير شورو ۾ محمد بخش ٿھيم جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺان پرايائين ۽ وڌيڪ تعليم  شاھ عبداللطيف ھاءِ اسڪول ۽ نيشنل علي ڳڙھ ڪاليج ٽنڊي آدم مان حاصل ڪيائين. اسڪول جي زماني کان ئي لکڻ پڙھڻ ۾ دلچسپي ھُئڻ جي ڪري ”گُل ڦل“ رسالي کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، شعر و شاعريءَ ۾ سندس استاد محترم ”ناظم منگي“ ھُئا ۽ سندس تخلص ”عزيز“ آھي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان پرائمري اسڪول جا اُستاد آھن. 

ٽنڊي آدم جي بزرگ شخصيت فقير منٺار رح جي صحبت ۾ رھڻ جي ڪري تصوف ڏانھن سندن لاڙو ٿيو. سلسلہ قادريہ راشديہ جي بُزرگ حضرت محمد حسن عباسي رح جي ھٿ تي بيعت ٿيا، سلسلي جا اذڪار و افڪار سائين محمد حسن رح جي زير تربيت رھي مڪمل ڪيائون ۽ اجازت حاصل ڪيائون، ھيئنر سالڪن کي سلسلہ قادريہ جا اسباق ڪرائين ٿا.

فقير عبداللہ ٿھيم ڪافي ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا، جيڪي پڻ سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رکيا ويندا.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي فقير عبدالله ٿھيم جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


فقير عبدالله ٿھيم جا ڪتاب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ، ليکڪ : فقير عبدالله ٿھيم

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شرح اسماءُ الحُسنيٰ
ليکڪ : فقير عبدالله ٿھيم
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ