لياقت عزيز

Author Name

پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ٽنڊو محمد خان ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۴۹ع تي ڄائو، سندس والد جو نالو خميسو خان سولنگي آهي. ٽنڊو محمد خان مان ئي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪيائين. هو جڏهن اٺين درجي ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ پڙهندو هو ته هُن ميونسپل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ واري احتجاج ۾ شامل ٿي عملي جدوجهد واري زندگيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو. ان احتجاج جي بدولت ميونسپل اسڪول ٽنڊو محمد خان کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو. لياقت عزيز سولنگي سنڌ جو سچار، بي ڊپو ۽ سياست جي ڄاڻ رکندڙ، دانشور، اديب، تعليمدان، سماج سڌارڪ، ٽريڊ يونينسٽ، سنڌ دوست فرد رهيو. هُن ٽريڊ يونين واري سياست جي شروعات فوجي شگر ملز ٽنڊو محمد خان جي مزدورن جي يونين قائم ڪري ان کان ڪئي. فوجي شگرملز ٽنڊو محمد خان جڏهن قائم ٿي تہ ان ۾ صرف ٻاهريان ماڻهو ملازم طور ڀرتي ڪيا ويا. لياقت عزيز سولنگي ڪجهه دوستن سان گڏجي شگرملز ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائي. فوجي شگرملز يونين جي قيام بعد هن ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، ٻيڙي ورڪرز يونين، ٽانگا ورڪرز يونين جي قيام ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جيڪي سموريون يونينون پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سان سلهاڙيل هيون. پاڪستان ورڪرز فيڊريشن، ان وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پورهيت ونگ هئي.
هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان ئي وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ لياقت عزيز سولنگي ليڪچرار طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. ۱۹۷۷ع کان وٺي هن ٽيهه سالن کان وڌيڪ عرصو حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. تعليمي خدمتن جي لحاظ کان هو جتي به رهيو، هن کي قوم جي شاگردن جي مستقبل جو وڏو اونو رهندو هو. ان حد تائين جو تعليم جي حصول خاطر هن پنهنجي اولاد سان بہ ڪا سوديبازي نہ ڪئي ۽ کين پنهنجي مدد پاڻ تحت شفاف تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُتساهيو. هن پوليٽيڪل سائنس تي ۸ تدريسي ڪتاب لکيا، جيڪي آر ايڇ احمد برادرس پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. لياقت عزيز سولنگي بهترين علم دوست، سماج سڌارڪ، دانشور، اديب ۽ ڪالم نويس هو. سندس ڪالمن جو هڪ مجموعو ”قومي غدار ۽ حساب ڪتاب“ نيو فيلڊس پبليڪيشن ۱۹۹۷ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جيڪي ڪالم هُن ”ڪُڇان تہ ڪافر ٿيان“ جي عنوان سان مختلف سنڌي اخبارن ۾ لکيا. هو سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچرار ايسوسيئيشن (سپلا) جو باني ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. کيس ڪاليجي استادن جو هر مسئلو زباني ياد هوندو هو. اهو ئي سندس بهترين حافظي جو مثال هو. هن ڪاليجي استادن جي مسئلن جي حل لاءِ جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن دوران کيس ڪيترائي ڀيرا پابند سلاسل بہ ڪيو ويو.
هن پنهنجي ڪالمن وسيلي سنڌ جي مختلف مسئلن تي خاص طور تعليمي مامرن تي پنھنجو تجربو ۽ نقطہ نظر تمام شاندار نموني پيش ڪيو. ڇاڪاڻ جو تنظيمي اڳواڻ طور تي سنڌ جي ڪاليجي استادن ۽ تعليم سان وابستہ مسئلا بيان ڪرڻ جو وٽس سهڻو ڏانءُ هو. پروفيسر لياقت عزيز هڪ سُٺو مقرر پڻ رهيو، هُن وٽ ماڻهن کي سمجهائڻ ۽ قائل ڪرڻ جو فن بہ بيمثال هو، هن نہ رڳو وطن دوستي وارو شاندار ڪرادار ادا ڪيو پر هن چاليھہ سالن تائين سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي. هو ادارن جو اڏيندڙ پڻ هو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌ افيئرز جو بانيڪار هو. هن ٽنڊو محمد خان ۾ گرلز ڪاليج جي قيام لاءِ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ان ئي گرلز ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏيارڻ لاءِ اڳيان اڳيان رهيو، جنهن خدمتن جي بدولت کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي تعليم کاتي مان ۱۹ هين گريڊ ۾ ريٽائرمينٽ ورتي، ريٽائرمينٽ کانپوءِ بہ هن لکڻ ۽ پڙهڻ سان پنهنجو ناتو ڳنڍي رکيو. عمر جي آخري عرصي ۾ هو دماغي بيماري سبب ڇھہ سال سخت علالت ۾ رهڻ بعد ۳۰ سيپٽمبر ۲۰۱۸ع تي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي لياقت عزيز جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


لياقت عزيز جا ڪتاب

قومي غدارَ ۽ حساب ڪتاب، مصنف : لياقت عزيز

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
قومي غدارَ ۽ حساب ڪتاب
مصنف : لياقت عزيز
نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار، مصنف : لياقت عزيز

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار
مصنف : لياقت عزيز
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ