نسيم کرل

Author Name

نسيم کرل سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. سندس پورو نالو نسيم احمد کرل هو. پاڻ ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر ۾ 29 جون 1939ع تي جنم ورتو. نسيم کرل پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان 1948ع ۾ پاس ڪيائين. ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول هاء اسڪول، خيرپور مان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان 1969ع ۾ گريجويشن ڪيائين.
نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ جتي اپر ڪلاس سوسائٽيء جي ماڻهن جي نفسيات جي ترجماني ڪئي آهي. اتي ئي وچئين طبقي جي ماڻهن جي مسئلن جي بہ خوب چترڪاري ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ جاگيرداري سماج هٿان پيڙهيل هيٺاهين طبقي جي ڏکن ۽ اهنجن کي بہ بيان ڪيو آهي. سندس افسانن جي ڇپيل ڪتابن ۾ 1.شبنم شبنم ڪنول ڪنول 2. چوٽيهون در  3. ڊمي ۽  4. نسيم کرل جون ڪهاڻيون شامل آھن. نسيم کرل جي فن ۽ شخصيت تي سھڻي جو نسيم کرل نمبر پڻ ڇپايو ويو ھو. نسيم کرل کي ذاتي دشمني سبب 14 جولاء 1978ع تي شھيد ڪيو ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي نسيم کرل جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


نسيم کرل جا ڪتاب

نسيم کرل جون ڪھاڻيون، ليکڪ : نسيم کرل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
نسيم کرل جون ڪھاڻيون
ليکڪ : نسيم کرل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ