حيدر دريا زئور

Author Name

پورو نالو: غلام حيدر ولد عرس زئور 
لوڪ لقب: فقير حيدر 
ادبي نالو: حيدر دريا
جنم: 02  فيبروري 1961ع ۾ ڳوٺ احمد خان زئور، تڏھن ضلعو ٺٽو ھو۔ ھاڻ ضلعو سجول، تعلقو ميرپور بٺورو 
پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احمد خان زئور مان ورتائين۔ انٽر سجاول ڪاليج ۽ بي۔اي سنڌ يونورسٽي مان ڪاليج سائڊ کان حاصل ڪيائين۔ 

پاڻ رٽائرڊ پرائمري ٽيچر آھن 1980۔81ع کان شاعري ڪري ادبي دنيا ۾ پير پاتائين۔ ڪجھ وقت لاءِ راڳ رنگ۾ بہ رھيا جنھن ۾ يڪتاري تي پنھنجي استاد۔ پير الھبچايو شاه پاڳارو درگاھ شاھ محمد شاھ سان گڏ سنڌ جي مختلف درگاھن تي صوفي رنگ ۾ ڳائيندا ھئا۔ 2021ع تائين نثر ۾ سندس ڇھ ڪتاب ڇپجي چڪا آھن۔ جن ۾ پنج ناول ۽ ھڪ ڪھاڻين جو مجوعو آھي۔ سندس ڇپيل ڪتابن جا نالا ھن طرح آھن:

1. لفظن جي خواھش (ناول) سال۔ 2010ع
2. رشتن جي آزادي (ناول) سال۔ 2012ع
3. يار (ناول) سال۔ 2013ع
4. ڳاڙھا لفظ (ڪھاڻيون) سال 2017ع
5. صحرا سمھي نٿو۔( ناول) عبدالواحد آريسر تي لکيل۔ سال 2019ع
6. نئون ماڻھو ( ناول) جنوري ۔2021ع 

اھڙي طرح شاعري، ڪھاڻيون ۽ ناول لکڻ وارو تسلسل قائم رکيو اچن۔ ھن وقت شاھ عبدالطيف ڀٽائي، صوفي شاھ عنايت سان گڏ تصوف ۽ رومانس تي ڪم ڪري رھيا آھن۔ سندس چوڻ مطابق تہ جي حياتيءَ وفا ڪئي تہ اھي ٽي ناول سنڌي ادب جي جهولي ۾ وجهبا۔

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي حيدر دريا زئور جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


حيدر دريا زئور جا ڪتاب

لفظن جي خواهش، ليکڪ : حيدر دريا زئور

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
لفظن جي خواهش
ليکڪ : حيدر دريا زئور
رشتن جي آزادي، ليکڪ : حيدر دريا زئور

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رشتن جي آزادي
ليکڪ : حيدر دريا زئور
يار، ليکڪ : حيدر دريا زئور

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
يار
ليکڪ : حيدر دريا زئور
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ