عبدالرزاق سومري 5 سيپٽمبر 1927ع تي لاڙڪاڻي ضلع جي رتيديري شھر ۾ جناب دودا خان جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد 1938ع ۾ رتوديرو ميونسپل ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ھيو. 1946ع ۾ ممبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين جڏهن تہ انٽر 1948ع ۾ ايس ايم ڪاليج ڪراچي ۽ بي.اي سي.اينڊ.ايس ڪاليج شڪارپور مان 1950ع ۾ پاس ڪيائين. ايل ايل بي، ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي (اڳوڻي ايس. سي.شاهاڻي لا ڪاليج) اپريل 1953ع ۾ پاس ڪيائين.
تعليم جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 1948 کان 1950ع تائين مانجهند اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۽ 1950ع کان 1952ع تائين اين جي وي (N J V) هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت ۾ ملازمت ڪيائين. شاگردي واري دور ۾ مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو ان دور ۾ 1942ع جي ڪُئٽ انڊيا موومينٽ جي سلسلي ۾ جلوس نڪرندا هئا. رتوديرو سياست جو مرڪز هيو. وڏا وڏا رهنما اتي دورا ڪرڻ ويندا هئا. بي ايم هاءِ اسڪول رتوديرو جا شاگرد جلوس ڪڍندا هئا.
اهڙي طرح عبدالرزاق سومرو بہ پھريون ڀيرو ان ڪانگريسي تحريڪ ۾ شريڪ ٿيا. ٻي تحريڪ 1947ع دوران ايس-ايم ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال ڊاڪٽر امير حسين صديقي کي هٽائڻ لاءِ هلائي وئي جيڪو ڪلاسن ۾ وڃي سنڌين جي خلاف غلط جملا ڳالھائيندو هيو. ڪاليج ۾ اڪثريت سنڌي شاگردن جي هئي. ان دور ۾ سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن شاگردن جي وڏي تنظيم هئي. محترم عبدالرزاق سومرو بہ مرڪزي اڳواڻن ۾ شامل هو. عبدالرزاق سومرو 1951ع دوران جناح ڪورٽس اسٽوڊنٽ يونين ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. جناح ڪورٽس هاسٽل جو پراڻو نالو "ليزلي ولسن مسلم هاسٽل” هيو. تيونس جي صدر حبيب بورقيہ ڪنھن زماني ۾ جلاوطني واري زندگي گذارڻ دوران جڏهن پاڪستان آيو تہ سومري صاحب اسٽوڊنٽ يونين جي طرفان سندس مان ۾ دعوت رکي جنھن ۾ کيس سياسي حلقن مان وڏي پذيرائي حاصل ٿي.
سومرو صاحب شاگردي واري دور ۾ خاڪسار تحريڪ سان پڻ جڙيل رهيو خاڪسار تحريڪ ۽ ان جي قائد علامہ مشرقي سان سندس ويجهو تعلق رهيو. جڏهن 1946ع ۾ علامہ مشرقي صاحب سنڌ جو دورو ڪيو تہ سومري صاحب لاڙڪاڻي، ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ ٿيل جلسن ۾ ساڻس گڏوگڏ رهيو. ڪراچيءَ ۾ (رام باغ) بعد ۾ آرام باغ ۾ سندس جلسي کي ناڪام بنائڻ لاءِ مسلم ليگي رهنما يوسف هارون جي ننڍي ڀاءُ سعيد هارون ۽ ورڪرن مخالف نعرا هڻي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نہ ٿي سگهيا. سومرو صاحب 1952 تائين خاڪسار تحريڪ ۾ جذبي ۽ جنون جي حد تائين لاڳاپيل رهيا. 1953ع ۾ لاڙڪاڻي سنڌ جي نامياري قانوندان عبدالفتاح ميمڻ سان گڏ وڪالت شروع ڪيائون ۽ ڪجهه وقت بعد اڪيلي سر وڪالت جو آغاز ڪيائون.
پاڻ فوجداري مقدمن جي ذهين ۽ ڪامياب وڪيلن ۾ شمار ٿين ٿا. نہ صرف لاڙڪاڻي ۽ سنڌ صوبي پر پوري ملڪ جي وڪيل برادري کين انتهائي احترام جي نظر سان ڏسندي آھي. سومرو صاحب 1975ع، 1976ع ۽ 1977ع جي دوران 3 ڀيرا ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. 1974ع کان 1979ع تائين سنڌ بار ڪائونسل ۽ 1979ع کان 1987ع تائين پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. سومرو صاحب لاڙڪاڻي جو پھريون وڪيل آهي جنھن کي اهو اعزاز حاصل آهي. پاڻ رتوديرو ميونسپل جو ميمبر ۽ بعد ۾ چيئرمين پڻ چونڊيو ويو ۽ ان حيثيت ۾ 1959ع کان 1964ع تائين پنھنجي علائقي جي ڀرپور خدمت ڪيائين. جڏهن پاڻ رتوديرو ٽائون ڪاميٽي جا چيئرمين هئا تہ ان دور ۾ چونڊيل نمائندن کي پگهارون، الائونس، گاڏي يا پيٽرول جي سهولت نہ هئي نہ ئي حڪومت جي طرفان بجيٽ ملندي هئي. ميونسپل جي آمدني جو ذريعو مقامي سطح تي ناڪن جي ٽيڪس ما ملندڙ پئسن مان صفائي، ترقياتي ڪم ٿيندا ھيا ۽ ملازمن کي پگهارون ڏنيون وينديون هيون.
ون يونٽ قائم ٿيڻ بعد خيرپور ڊويزن قائم ٿي. 5 ضلعا لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاهہ، خيرپورميرس ۽ جيڪب آباد، ڊويزن ۾ شامل ٿيا. سومرو صاحب ڊويزنل ڪائونسلر بہ چونڊيو ويو ۽ "لا ائنڊ آرڊر” ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. پاڻ ملڪ جي انھن ڪجهہ ئي شخصيتن ۾ شمار ٿين ٿا جيڪي جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽي جو قيام وڌو تہ پارٽي سان وابستہ رهيا. ۽ سڄي زندگي سياسي سفر پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ڀٽي خاندان سان وفاداري ۾ گذاريو. 30 نومبر 1967ع جي ڏينھن ڊاڪٽر مبشر حسن صاحب جي جاءِ تي لاهور ۾ پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو ويو تہ پاڻ بہ ڊڪليئريشن ڪاميٽي (Declaration committee) جا ميمبر ٿيا. 1973ع کان 1977ع تائين لاڙڪاڻو ضلعو پيپلزپارٽي ۾ نائب صدر جي حيثيت سان تنظيمي خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا. 1998ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو. ڀٽي صاحب سنڌ ۾ مختلف سياسي شخصيتن ۽ وڪيلن کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت لاء هڪ ڪاميٽي ٺاهي جنھن ۾ عبدالوحيد ڪٽپر، چاڪر علي جوڻيجو ۽ سومرو صاحب بہ شامل هئا مختلف موقعن تي پيپلزپارٽي جي تحريڪن ۾ جيل جي تڪليفن کي پڻ برداشت ڪيائون. پھريان جڏهن جنرل ضياء الحق 1977 ع ۾ اليڪشن ملتوي ڪئي تہ عبدالوحيد ڪٽپر، چاڪر علي جوڻيجو صاحب، حاجي منور عباسي، نيڪ محمد ڀٽو سان گڏ سومري صاحب کي بہ گرفتار ڪري سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو گهڻائي مھينا جيل ۾ گذاريائين.
4 اپريل 1979ع جي صبح تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهيءَ تي چاڙهي شھيد ڪيو ويو ۽ 5 اپريل 1979ع تي لاڙڪاڻي ۾ غائبانا جنازي نماز ادا ڪئي وئي نماز کان پوءِ عبدالغفور ڀرڳڙي، چاڪر علي جوڻيجو ۽ سومري صاحب کي گرفتار ڪري لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ موڪليو ويو 14 آگسٽ 1983ع جي ڏينھن ٻين سياسي ڪارڪن سان گڏ ليوڪس پارڪ سکر ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪئي ان رات لاڙڪاڻي ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 4 مهينا قيد ۾ رهيو.
بينظير ڀٽو صاحبہ جڏهن پاڪستان جي وزيراعظم جو عھدو سنڀاليو تہ سومري صاحب کي 1989ع ۾ عمان جو سفير مقرر ڪيو، ان عھدي تي 1990ع تائين رھيو. ٻيو ڀيرو پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت سنڀالي تہ سيپٽمبر 1994ع کان نومبر 1996ع تائين متحدہ عرب امارتن جو سفير ٿي رهيو. پارٽي جي حڪومت ختم ٿي تہ عھدي تان استعيفا ڏئي پنھنجي ملڪ ۽ شهر واپس اچي سرگرميون جاري رکيائين. کيس ملڪي نمائندگي جو اعزاز پڻ حاصل آهي 1964ع جي دوران عوامي جمهوريہ چين ۽ 1974ع جي دوران سردار فاروق احمد لغاري ۽ ٻين نمائندن سان گڏ 3 مهينا اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي مختلف سب ڪاميٽين ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. 1989ع ۾ ڪينيا جي شھر نيروبي ۾ ٿيل ايشين آفريڪن ليگل ڪنسلٽيٽوِ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪيائين.
ان کان سواءِ يورپ، ڏور اوڀر، مڊل ايسٽ، هالينڊ، بيلجم، جرمني ۽ ٻين ملڪن جي سياسي نظام جي حوالي سان مطالعاتي دورا بہ ڪيائين. چين جي باني چيئرمين ماؤزي تنگ، وزيراعظم چو اين لائي، آمريڪي صدر جارج بش، وزيراعظم برطانيہ مسٽر مارگريٽ ٿيچر، ايران جي شھنشاھ رضا شاه پھلوي، شيخ زيد بن سلطان، ڪرنل قذافي، ياسر عرفات ۽ شاھہ فيصل سميت ڪيترن ئي اڳواڻن سان ملاقاتن جو اعزاز حاصل ڪيائين.
سندس يادگيرين جا ٻہ ڪتاب (1) "يادن جي ڳڙکيء مان". (2)"جيئن جيئن ورق ورن" شايع ٿي چڪا آھن جن جو مرتب ناميارو ليکڪ ۽ ڪالم نگار استاد خالد چانڊيو آھي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدالرزاق سومرو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن