عبدﷲ ’آس‘ هنڱورجو

Author Name

عبدﷲ ولد مُحمد سانوڻ هنڱورجو، ادبي نالو عبدالله آس هنڱورجو، ھُن 23 فيبروري 1989 تي ڳوٺ ٻُگهار تعلقہ مٺي ضلع ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم سندس ئي ڳوٺ ٻُگهار مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ 2005 ۾ گورنمينٽ هاءَ اسڪول نارت ڪالوني مِٺيءَ مانِ، انٽر 2007 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان، بي اي 2012 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۽ ايم اي 2014 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پھرين پوزيشن حاصل ڪري پاس ڪئي. ھُو پيشي جي لحاظ کان غير سرڪاري ادارن ۾ نوڪري ڪري ٿو. سندس بابا سائين سانوڻ هنڱورجو لوڪ ادب جو ڏاهو، لطيف سرڪار ۽ ڀڳت ڪبير بابت گهڻيري ڄاڻ رکندڙ ھُئڻ ڪري گهر ۾ بابا سائين جا ججهي تعداد ۾ موجود ڪتابن کي پڙھندي ۽ ڦلهوريندي 2010 ۾ شاعري جي باقائدہ شروعات ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد امر ساهڙ آھي. سندس پھريون غزل عوامي آواز سنڊي مئگزين ۾ ڇپيو هو. سندس شاعري سنڌ جي تقريبن سمورن مئگزينن، رسالن، اخبارن ۾ ڇپيل آھي. سندس شاعريءَ جو هڪڙو ڪتاب ”اکين منجهہ آڙنگ“ 2021ع ۾ سامروٽي پبليڪشن ٿرپارڪر ڇپيو آھي.
عبدالله آس هنڱورجي کي استاد سوڍي جوڳي، برڪت فقير، عباس فقير، نروڌا مالني، روي ڏيپلائي، ماسٽر ولي، اڪبر ڏيپلائي سميت ٻين ڪافي سنڌ جي فنڪارن ڳايو آھي، ھُو سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جو 2018 کان 2019 تائين سيڪريٽري پُڻ رهي چُڪو آھي، کيس بھترين شاعر جو ڪلياڻ ايوارڊ پُڻ مليل آھي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي عبدﷲ ’آس‘ هنڱورجو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


عبدﷲ ’آس‘ هنڱورجو جا ڪتاب

اکين منجهہ آڙنگ، مصنف : عبدﷲ ’آس‘ هنڱورجو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اکين منجهہ آڙنگ
مصنف : عبدﷲ ’آس‘ هنڱورجو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ