مرزا سڪندر علي بيگ

Author Name

ناميارو اديب ۽ محقق مرزا سڪندر علي بيگ ’جرار‘، حيدرآباد ۾ ٽنڊي آغا پاڙي جي علمي ادبي مرزا گهراڻي ۾، 5 جنوري  1940ع، جمعي جي ڏينھن تي پيدا ٿيو. قرآني تعليم پنھنجي ڏاڏي مرزا امام علي بيگ کان ورتائين. سندس والد مرزا عباس علي بيگ پڻ سنڌ جو نامور اديب، محقق ۽ تاريخدان هو. سڪندر مرزا ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان بي. اي پاس ڪئي ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ملازمت اختيار ڪئي. علمي ادبي ماحول ۾ هن ننڍي هوندي کان ئي مضمون ۽ شعر و شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ اڪثر طرحي مشاعرن ۾ پنھنجي والد سان گڏ وڃي شعر پڙهندو هو. 1960ع کان سنڌ جي تاريخ بابت سندس تحقيقي مقالا نئين زندگي، مھراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجڻ لڳا. تعليم دوران 66-1965ع ۾ سٽي ڪاليج مئگزن جو ايڊيٽر رهيو، جنھن ۾ شاعريءَ جي شعبي جو بہ نگران هو.
سڪندر علي مرزا عربيءَ جي تعليم مولانا حيدر علي جواديءَ کان ورتي، خانہء فرهنگ ايران مان 1970ع ۾ فارسيءَ جي مڪمل تعليم حاصل ڪري سنَد ورتائين ۽ ان کانپوءِ مولانا محمد اسماعيل زريءَ کان علم صرف، علم نحو، علم معاني، علم بيان ۽ علم بديع وغيرہ جي تعليم ورتائين.
شاعريءَ جي شروعات پنھنجي والد مرزا عباس علي بيگ جي چوڻ تي ڪيائين. سندس پھريون استاد خاندان جو بزرگ مرزا علي بخش ’ڪوثر‘ هو. ان جي وفات کانپوءِ مرزا سڪندر، عروض جي فن ۾ ايڏو تہ ماهر هو، جو خاندان جا ننڍا توڙي وڏا کانئس پنھنجن شعرن ۾ اصلاح ڪرائيندا هئا.
سندس عروضي فن ۾ مھارت کي مدنظر رکندي، مخدوم طالب الموليٰ کيس سنڌي علم عروض تي هڪ جامع ڪتاب لکڻ لاءِ چيو، جنھن کانپوءِ سڪندر علي مرزا ’سنڌيءَ جو عروض‘ جي نالي سان هڪ تفصيلي ڪتاب لکيو، جيڪو 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. اهو ڪتاب سنڌي ايم. اي جي ڪورس تي بہ رکيل آهي.
سڪندر علي مرزا پنھنجي ناني مرزا ٻڍل بيگ وانگر سنڌيءَ ۾ لاجواب مرثيا چيا آهن. سندس تصنيفون هي آهن:
(1) سنڌيءَ جو عروض (1986ع)، (2) سنڌي فصاحت و بلاغت (1975ع)، (3) شعر جي اصلاح جا طريقا (1976ع)، (4) قافيو ۽ رديف، (5) رهنمائي فارسي (1978ع)، (6) ڪليات سڪندر (1980ع)، (7) ديوان سڪندر، (8) رياض جرار، (9) نقوش عصمت (ترجمو: 2001ع)، (10) فضيلتِ زيارت عاشورا (2005ع)، (11) حلية المتقين (ترجمو: 2006ع)، (12) وظائف چھارہ معصومين عليہ السلام، (13) اوراد پنجگانہ (پنجن وقتن جي نماز کانپوءِ پڙهجندڙ دعائن جو مجموعو) وغيرہ.
سڪندر علي مرزا شروع ۾ ’سڪندر‘ تخلص اختيار ڪيو، پر پوءِ ’جرار‘ تخلص اختيار ڪيائين. مرثيہ گوئيءَ کانسواءِ مرثيہ خوانيءَ ۾ بہ ماهر هو. 1983ع کان علامہ سيد امتياز علي زيدي امروهويءَ جي صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ دنياوي زندگي ترڪ ڪري ورد وظيفن ۽ خدا جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سڪندر علي مرزا، 73 سالن جي ڄمار ۾ جمعي جي ڏينھن 12 جمادي الثاني 1433هہ/ 4 مئي 2012ع تي وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مرزا سڪندر علي بيگ جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


مرزا سڪندر علي بيگ جا ڪتاب

سنڌيءَ جو عروض، مصنف : مرزا سڪندر علي بيگ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
سنڌيءَ جو عروض
مصنف : مرزا سڪندر علي بيگ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ